Monday, April 16, 2012

سريمبان جون يادون - الطاف شيخ

سريمبان جون يادون
الطاف شيخ
لنگي ڳوٺ ۾ ڪجهه دير ترسي، هتي جي پهرئين گائنا ڪالاجسٽ ڊاڪٽر محمد سعيد جي فيمليءَ جي ڪجهه مائٽن سان ملڻ بعد، اسان جي ٻي منزل بانگي شهر هو، جتي پڻ منهنجي هڪ پراڻي دوست ۽ شاگرد ڪئپٽن رزالي يعقوب ۽ ان جي ٻارن ٻچن سان ملڻو هو.
بانگي شهر سلينگور رياست ۾ آهي، جنهن رياست جي گاديءَ جو شهر ’شاهه عالم‘ آهي. سمجهو ته ڪوالالمپور به سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي، جيئن اسلام آباد پنجاب صوبي ۾ آهي. بانگي ٽائون جيتوڻيڪ سلينگور رياست ۾ آهي، پر سندس جاگرافيائي پوزيشن نينگري سيمبيلان رياست جي بارڊر وٽ آهي. ملائيشيا جي هيءَ رياست، ملاڪا ۽ سلينگور رياستن جي وچ ۾ آهي ۽ ملاڪا کان بانگي يا ڪوالالمپور وڃڻ لاءِ ”نينگري سيمبيلان“ رياست مان لنگهڻو پوي ٿو. ملائيشيا جي هن رياست جو نالو، جيتوڻيڪ ڌارين ماڻهن لاءِ اوپرو ۽ عجيب لڳي ٿو، پر مڪاني ماڻهن يا ملئي زبان ڄاڻندڙن لاءِ بيحد سولو ۽ آسان آهي. هي ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ پنجون صوبو ٺاهي ان جو نالو ئي ”پنجون صوبو“ رکجي. ملئي زبان ۾ ملڪ کي نگارا ۽ رياست کي Negri (نيگري) سڏجي ٿو ۽ Sembilan (سيمبيلان) معنيٰ نائون (نمبر).
ملئي زبان ۾ هڪ کان ڏهين تائين انگ هن ريت آهن: ساتو، دُئا، تِيگا، ايمپت، لِيما، اَنام، تُوجو، لاپان، سيمبيلان، سَي پُلو.


نينگري سيمبيلان رياست جي گاديءَ وارو شهر Sremban (سريمبان) آهي. سريمبان ملائيشيا جو هڪ اهم شهر آهي، جتان ڪوالالمپور کان سنگاپور ويندڙ ريل گاڏي سريمبان ۾ ترسي ٿي. ريل جي ڪم لاءِ انگريزن ڏکڻ- هندستان جي تاملن کي لڳايو. سريمبان وارو علائقو رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک کان به مشهور آهي، جنهن ۾ پڻ تامل (انڊين) ڪم ڪن ٿا. ان ڪري توهان کي سريمبان ۽ ان جي اوس پاس جي ڳوٺن ۾ انڊين تمام گهڻا ملندا. ٻي جنگ عظيم جي ڏينهن جا گڏيل پنجاب صوبي جا به ڪيترا ئي سک، هندو ۽ مسلمان نظر اچن ٿا.
اسان هاءِ وي وٺي، بانگي وڃي رهيا هئاسين. سريمبان وٽان لنگهڻ وقت، هاءِ وي جي ٻنهي پاسي پيٽرول پمپ، انهن جي ڀرسان وڏيون ريسٽورنٽون ۽ انهن جي اڳيان بيٺل انيڪ رنگن ۽ ماڊلن جون ڪارون ۽ ٽوئرسٽ بسون ڏسي، اسان به سوچيو ته؛ هتي ٿوري دير لاءِ ساهي پٽجي، ڪار ۾ پيٽرول ڀرائجي ۽ ڪافي پيئجي. مون کي پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن آئون ملاڪا کان ڪوالالمپور ايندي ويندي، هتي ساهي پٽيندو هوس ۽ هڪ هنڌ ويهي چانهه يا ڪافي پيئڻ بدران مگ هٿ ۾ کڻي سڄي ريسٽورنٽ ۾ اندر ۽ ٻاهر ڦرندو رهندو هوس. پوءِ هتي آيل ملئي فئملين، يونيورسٽين جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۽ ٻاهرين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن مان ڪن سان ملئي ۽ انگريزي ۾ کيڪار کڙي ڪري کانئن خبرون چارون پڇندو هوس. ههڙن هنڌن تي مون کي به ڪيترا ئي دلچسپ ماڻهو ۽ سندن دلچسپ ڪهاڻيون مليون، جن مان ڪي ڪي ضرورت موجب پنهنجن سفرنامن ۾ قلمبند ڪيون اٿم. مشهور انگريزي ڪهاڻيڪار سمر سيٽ ماهم جون به ڪيتريون ڪهاڻيون اهي آهن جيڪي هن سنگاپور جي مشهور ۽ آڳاٽي هوٽل ريفلز ۾ ويهندي، مختلف جهازين ۽ ٽوئرسٽن کان ٻڌيون. اڄ مون کي ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻو نه هو پر مون کي پنهنجي ميزبانن ميرپورخاص جي ڊاڪٽر عطا ٽالپر ۽ ٽنڊوڄام جي پروفيسر سعيد ٽالپر سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻا هئا. ڪار مان لهڻ سان، سعيد هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳو. مون سمجهيو ته هي جوان ڪن سهڻين ڇوڪرين جي جهڳٽي جي ڳولا ۾ آهي، جتي هلي هنن جي ڀر ۾ ڪافي پيئجي. پر پوءِ آئون سمجهي ويس ۽ بورڊ تي لکيل Tandas ڏي اشارو ڪيومانس ۽ ساڻس گڏ آئون به وڌيس. لبوق چينا ۾ ڊاڪٽر محمد سعيد جي گهر گهڻي جيوس پيئڻ ۽ ڊاڪٽر عطا جي ”ڪاسائين جي ڪولڊ اسٽور“ جهڙي ٿڌي ڪار ۾ سفر ڪرڻ بعد، مون کي به پنهنجا مثانا خالي ڪرڻ جي ضرورت هئي.
”توهان ٽوائليٽ مان ٿي اچو ته آئون تيسين دخل تان ڪافيءَ جون پرچيون ٺهرائي ٿو اچان.“ ڊاڪٽر عطا چيو. آئون سمجهي ويس ته مير صاحب روايتي مهمان نوازي جي روايت کي قائم رکندي، اسان کي هڪ رنگٽ به خرچ ڪرڻ نه ڏيندو.
ملئي زبان ۾ Toilet کي Tandas سڏجي ٿو. اسان وٽ به ان سان ملندڙ جلندڙ نالو ”سنڊاس“ عام آهي. ويجهو پهچڻ تي هڪ طرف مردن جا ٽئاليٽ هئا، جن تي انگريزي کان علاوه ملئي زبان ۾ Lelaki لکيل هو ۽ ٻئي پاسي Perempuan لکيل هو. ملائيشيا ۾ ڪن هنڌن تي عورتن جي ٽئاليٽ جي ٻاهران پريمپئان بدران Wanita به لکيل رهي ٿو. ٻنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي آهي، جيئن پاڻ وٽ به بسين يا ٻين هنڌن تي ڪٿي ’عورتون ڪي لئي‘ لکيل هوندو آهي ته ڪٿي ”خواتين ڪي لئي“.
ڊاڪٽر عطا ۽ سعيد کان پڇيم ته؛ ”ڪڏهن هن شهر سريمبان ۾ وڃڻ ٿيو آهي؟“
”نه. بس هتان، ٻاهران ئي، بس اسٽاپ تان، چانهه پي، اڳتي ڪوالالمپور هليا ويندا آهيون.“ هنن ٻڌايو.
”سريمبان هڪ نرالو شهر آهي. خاص ڪري ملاڪا، ڪوالالمپور، شاهه عالم کان الڳ ٿلڳ لڳي ٿو. هن شهر جي عمارتن جو نمونو، مڪاني ملئي توڙي پوءِ جي آيلن جو اسٽائيل، رسم رواج بنهه مختلف لڳي ٿو. شاديءَ واري ڏينهن هتي جي ڪنوار جو ويس وڳو ۽ مٿي تي ٻڌل پڳڙي نموني جو دوپٽو به سڄي ملائيشيا ۾ هتي نرالو آهي. ملاڪا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران، منهنجي آفيس جي عملي ۾ ڪيترا ئي انڊين سريمبان جا هئا، جن جي مائٽن مٽن جي اڪثر شادين تي منهنجو وڃڻ ٿيندو هو. ڪجهه هتي جا پنجابي سيٽلر به منهنجا واقفڪار هئا، جن جون خبرون مون پنهنجن اسيءَ جي ڏهي وارن سفرنامن ۾ لکيون آهن. پينانگ ۽ اپوح جي انجنيئرنگ تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ منهنجو هر ٻئي ٽئي مهيني وڃڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ٻارن سان گڏ ته پنهنجي ڪار ۾ ويندو هوس ۽ ڪڏهن اڪيلو ويندو هوس ته ريل گاڏيءَ ذريعي سفر ڪندو هوس. واپسيءَ تي هميشه سريمبان ريلوي اسٽيشن تي لهندو هوس. جتان مون کي ملاڪا وٺي هلڻ لاءِ منهنجي زال، ڪار کڻي ايندي هئي. ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران پهرين ولائتي Chain ريسٽورنٽA&W  کلي هئي.
اسان مان جيڪو پهرين ايندو هو، اهو ان ريسٽورنٽ ۾ ويهي چانهه، ڪافي يا آئس ڪريم کائيندو هو. اسان هر وقت اهو چوندا هئاسين ته ان اِي اينڊ ڊبليو کان ته مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي يا مسٽر ڊونٽ کُلي ها ته سٺو. بهرحال هاڻ ته ملائيشيا جو هر شهر، دنيا جي ڪيترن ئي قسمن جي فاسٽ فوڊ ۽ چين ريسٽورنٽن سان ڀريو پيو آهي. اسان جي طرف جا ماڻهو، هيڏانهن ملائيشيا جا ڪوالالمپور، پتالنگ جايا، شاهه عالم ۽ سريمبان جهڙا ماڊرن ۽ هر سهوليت سان ٽمٽار شهر ڏسي، سمجهن ٿا ته اهي ڪي آڳاٽا آهن. يعني هو هنن شهرن کي لنڊن، روم، استنبول ۽ قاهري وانگر جهونا ۽ تاريخي شهر سمجهن ٿا، جن وقت جي گذرڻ سان هيءَ ترقي ڪئي آهي، پر ائين هرگز نه آهي. هيءُ شهر ته ڪي سؤ ڏيڍ سؤ سال مس پراڻا آهن، جن جو 1843ع تائين، جڏهن ته سنڌ تي سومرن، سمن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن ٽالپرن بعد انگريزن راڄ شروع ڪيو ته به ملائيشيا جي انهن شهرن جو نالو نشان نه هو. سنگاپور کي جنم وٺندي، مڙيئي 25 سال کن ٿي چڪا هئا، جيڪو ان وقت سيوهڻ ۽ درٻيلي کان به ننڍڙو ڳوٺ هو. ڇو جو 1819ع ۾، جڏهن انگريزن هي ٻيٽ ملئي حاڪم کان ڦلن مٺ ۾ خريد ڪيو هو ته اهو ويران ۽ غيرآباد هو. ان جهڙا اڄ به اوسي پاسي ۾ سوين ٻيٽ آهن، جيڪي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپين جي ملڪيت آهن. اهي سڀ، سهوليتون نه هجڻ ڪري، ويران آهن. بس، ڪڏهن ڪڏهن هتان هتان جا سامونڊي قذاق وڃي لڪندا آهن. سنگاپور جو به 1819ع کان اڳ، اهو حال هو.
اهڙيءَ طرح هن سريمبان شهر جو به اڄ وجود نه هجي ها، جيڪڏهن ان جي آس پاس قلعي (Tin) جي کاڻين جي ايجاد نه ٿئي ها. گذريل صديءَ جي شروعات ۾ هتان وهندڙ سُنگائي اُجانگ (Sungai Ujong) وٽ قلعي ڌاتو جي کوٽائي ۽ وڪري خاطر چيني، ملئي، انڊين ويندي عرب اچي رهيا ۽ هن شهر جو نالو، نديءَ جي نالي تان سُنگائي اُجانگ ٿيو، جيڪو پوءِ بعد ۾ بدلائي سريمبان رکيو ويو. هاڻ سنگائي اجانگ جي نالي سان، هن شهر ۾ فقط هڪ گهٽيءَ جو نالو آهي.
مٽي ۽ ڌوڙ مان جو قلعي نڪري آئي ته مڪاني ملئي وڏيرن جي ٻيگهي مچي وئي. قلعي جي کوٽائي ڪندڙن ۽ وڪڻندڙن کان ويا ٽئڪس جي نالي اوڳڙ وڌائيندا. آخر ٻن وڏيرن داتو ڪيلانا ۽ داتو شاهه بندر جي اچي پاڻ ۾ چڪري لڳي. هر هڪ چوي ته انهن کاڻين جو مالڪ آئون! چند قدم اڳيان ملاڪا ۽ سنگاپور تي انگريزن جو اڳهين قبضو هو ۽ هو هميشه مڪاني وڏيرن، راجائن ۽ سردارن جي وچ ۾ جهڳڙي جي انتظار ۾ رهيا ٿي. داتو ڪيلانا مدد لاءِ انگريزن وٽ پهتو. جن داتو شاهه بندر کي شڪست ڏئي، کيس سنگاپور ۾ نظربند ڪيو. هن لڙائيءَ جي بدلي ۾، انگريزن داتو ڪيلانا کي صلاحڪار طور، هڪ انگريز ريزيڊنٽ رکڻ لاءِ پابند ڪيو. ٻين لفظن ۾ داتو ڪيلانا کي اهو ميسيج ڏنو ويو ته ڪرڻو اهو اٿئي جيڪو انگريز چاهيندا. ور نه ته تنهنجو حشر به داتو شاهبندر وارو ٿيندو. انگريزن مڪاني ماڻهن کي، فقط مذهب ۽ رسم رواج جي ادائگي جي آزادي ڏني، باقي ٻيو سڀ سندن حڪم موجب هلڻ لڳو.
سريمبان ۾ انگريزن جو پهريون ريزيڊنٽ ڪئپٽن مُري (Murray) روڊ تي آهي. هاڻ هي روڊ داتو سيامانگ گاگاپ سڏجي ٿو. سريمبان جو شهر، ڪوالالمپور وانگر سمنڊ جي ڪناري کان ڪافي پري (اٽڪل 30 ڪلو ميٽر) آهي. ڀرسان جيڪي ٽڪرين جون قطارون آهن، اهي ٽيٽي ونگسا (Titiwangsa) سڏجن ٿيون. ان نالي ڪوالالمپور ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي. ملائيشيا جي هر رياست کي پنهنجو ايئرپورٽ آهي. پر پيرلس ۽ نينگري سريمبان اهي رياستون آهن، جن کي ايئرپورٽ نه آهي. سريمبان ۾ باءِ ايئر اچڻ لاءِ ڪوالالمپور وارو ايئرپورٽ (KLIA) استعمال ڪرڻو پوي ٿو ۽ مزي جي ڳالهه اها ته هن ايئرپورٽ کان سريمبان، ڪوالالمپور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجهو آهي.
سريمبان جي جنرل اسپتال، جيڪا انگريزن 1930 ۾ ٺهرائي، اڄ ڪلهه تئانڪو جعفر اسپتال سڏجي ٿي، جيڪو هن رياست جو سلطان هو. هن ۾ 800 کن بسترا آهن. ان کان علاوه هڪ ٻي 80 بسترن واري اسپتال، ڪولمبيا ايشيا ميڊيڪل سينٽر نالي آهي، جيڪا 1999 ۾ ٺهي. سريمبان جي سڀ کان پراڻي سئنيما ’گولڊن سٽي‘ آهي. پر هن ڀيري ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ان کي ڊاهي سپر مارڪيٽ ۽ پلازا ٺاهيو پيو وڃي.
سريمبان جي ريلوي اسٽيشن، انگريزن 1904ع ۽ 1910ع جي وچ ۾ ٺهرائي. فرينچن، پورچوگالين يا ڊچن ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو. پر انگريزن ايشيا توڙي آفريڪا ۾ جتي جتي سندن حڪومت رهي، اتي ريل گاڏي هلائي ۽ خوبصورت ريلوي اسٽيشنون ٺهرايون. سڀ کان پهرين، ننڍي کنڊ ۾ ٺهرايون. ڪراچيءَ واري سٽي اسٽيشن 1855ع ۾ ٺهرائي. ان بعد ڪراچي ڪئنٽ (صدر) واري اسٽيشن 1896ع ۾ ٺهرائي. لاهور واري 1859ع جي ٺهرايل آهي ۽ سيالڪوٽ واري 1880ع ۾ ٺهرائي وئي. سڀ کان پهرين 1853ع ۾ ممبئي ريلوي اسٽيشن ٺهرائي، جنهن بعد 1854ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٺهرائي. ان بابت تفصيل سان پنهنجي انڊيا وارن سفرنامن: ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر“ ۾ لکي چڪو آهيان.

No comments:

Post a Comment