Saturday, April 21, 2012

هتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا - الطاف شيخ


هتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا
الطاف شيخ
سڄي ملائيشيا ۾ ساٺ، سوڻ، وهم وسوسا تمام گهڻا آهن. ڪيتريون ڳالهيون آهن جن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي پر ماحول ڪري ڪيترا ئي ملئي مسلمان به انهن وهمن ۾ يقين ڪن ٿا. جيئن ملائيشيا بابت هڪ پراڻي سفرنامي ۾ پنهنجن ٻن دوست ڪئپٽنن جو ذڪر ڪيو اٿم ته هو ٻئي وڏين ڏاڙهين سان مولوي ٿي ڪري، گڏ فوٽو نه پيا ڪڍرائين. چون ته؛ ”ٽن جو انگ نڀاڳو آهي، ڪنهن چوٿين کي به سڏي پاڻ سان گڏ بيهاريون.“


اسان وٽ به ٽن جي انگ کي خراب سمجهن ۽ چوندا ته؛ ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن. هتي ملائيشيا ۾ به اهو عام آهي ته؛ ٽي ڄڻا گڏ بيهي فوٽو ڪڍرائيندا ته هڪڙو مري ويندو. بهرحال هاڻ مڙيئي ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي ذاڪر نائڪ جهڙن ايشيائي ۽ يورپي نو مسلم عالمن جا ليڪچر ٻڌي، ملئي اهڙن وهمن مان نڪرندا وڃن ۽ انهن کي اجايو ۽ غير اسلامي سمجهڻ لڳا آهن. نه ته اڄ کان چاليهه سال کن اڳ، جڏهن منهنجو هنن پٽن تي اچڻ شروع ٿيو هو، ملئي ماڻهن ۾ به ڏاڍا وهم وسوسا هئا، خاص ڪري ڳوٺن جي اڻ پڙهيل ماڻهن ۾. ايتريقدر جو بنگال وانگر جادو ۽ ٽوڻو ڦيڻو به جام هو. جنهن جو ذڪر مون ملائيشيا جي شروع وارن سفرنامن ۾ ڪيو آهي ته هتي جون ڳوٺاڻيون زالون، مردن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪهڙا جادو ڪن ٿيون. پر هاڻ جيئن جيئن مذهب جي ڄاڻ وڌي رهي آهي، تيئن تيئن ملئي ماڻهن کي، جيڪي مسلمان آهن، احساس ٿي رهيو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون اجايون آهن ۽ اسلام ۾ ان جي سخت منع آهي. هر ڳالهه رب جي هٿ ۾ آهي ۽ هر شيءِ هن کان ئي گهرجي. ٽوڻن ڦيڻن يا ساٺن سوڻن ذريعي ڪجهه به حاصل ٿي نه ٿو سگهي. پر اڄ به ملائيشيا جي اڌ کان مٿي آدمشماري (چيني ۽ انڊين)، انهن ساٺن سوڻن ۽ وهمن وسوسن ۾ يقين رکي ٿي، جن جي ڪجهه دلچسپ ڳالهين جو پاڻ هتي ذڪر ڪنداسين.
چيني ماڻهو انگن کي وڏي اهميت ڏين ٿا. چينين لاءِ 8 جو انگ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو هنن لاءِ ڀلارو نمبر آهي ۽ 4 بيحد نڀاڳو ۽ موت برابر آهي. چيني ماڻهو، چئن جي انگ کان ايترو ته ڀڄن ٿا جو ڪيترين عمارتن ۾ چوٿين ماڙ يا چوٿين نمبر فليٽ جو نمبر 3A لکيل ملندو. ڪنهن جي گهر جو نمبر 44 هوندو ته ان جي ٻاهران 43A لکيل نظر ايندو. ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن جي چتاءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته؛ ملائيشيا ۾ جيڪڏهن توهان جي ڪنهن چينيءَ سان دوستي ٿئي ته هن کي تحفي ۾ ڪڏهن به چار شيون نه ڏجو. ڪنهن دٻي ۾ چار ڪيڪ هجن ته هڪ ڪڍي ڏجو. هونءَ چيني ماڻهن لاءِ سٺو تحفو چاڪليٽ ۽ مٺائي آهي.
چينين لاءِ هڪ ته 8 جو انگ خوش نصيبي جي علامت آهي، ٻيو 7 جو. اهي ڪارون جن جي نمبر ۾ 8 جو انگ اچي ٿو، جيئن ته 8888، 888، 88، 8، 668 يا 168 وغيره ته انهن جا مالڪ ڀاڳن وارا سمجهيا وڃن ٿا. ستن جو انگ به چينين وٽ وڏي اهميت رکي ٿو، جيئن اسان وٽ 5 جو. هڪ چينيءَ ٻڌايو ته؛ ستن جو انگ ان ڪري اهم آهي جو، ان ۾ انسان جي زندگيءَ ۾ مختلف ڳالهيون رونما ٿين ٿيون. ٻار ستن مهينن جو ٿئي ٿو ته هن کي ڏند اچن ٿا، هو ستن سالن جو ٿئي ٿو ته هن جا کير-ڏند ٽٽي نوان اچن ٿا، 14 يعني ست ضربيان ٻه، سالن جو ٿئي ٿو ته بالغ ٿئي ٿو. عورت کي Menopause تڏهن اچي ٿو، جڏهن هوءَ 49 يعني ست ضربيان ست، سالن جي ٿئي ٿي. اٺن ۽ ستن بعد، ٻيا انگ جن کي چيني بهتر سمجهن ٿا، سي آهن؛ ڇهه ۽ نَوَ.
ڪيترن ماڻهن ۾ ٽنگن لوڏڻ جي عادت ٿئي ٿي. هو ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ٽنگون لوڏڻ شروع ڪن ٿا. هتي ملائيشيا جي چينين ۾ توڙي ملئي مسلمانن ۾ اهو وهم آهي ته ٽنگون لوڏڻ (Goyang Kaki) سان توهان جي ڀاڳ ۾ آيل دولت وهيو وڃي. ٽنگون لوڏڻ سان، توهان پنهنجي خوشحالي (مال ملڪيت) ڇاڻيو ڇڏيو.
چيني ماڻهو، پنهنجي نرڙ تي ڪڏهن وار نه لڙڪائيندو. هو ڪوشش ڪري، وارن کي سڌي ڦڻي ڏئي پٺيان موڙي ڇڏيندا، جيئن ڪو به وار نرڙ تي نه اچي. چينين جي اعتقاد موجب، نرڙ کي وارن سان بلاڪ ڪرڻ تي، توهان ڏي دولت جو اچڻ بلاڪ ٿيو وڃي، يعني رڪجيو وڃي.
چيني ماڻهو پنهنجي بيڊروم ۾ بستر جي سامهون ڪڏهن به آرسي نه هڻندا. هنن کي اهو وهم آهي ته سمهڻ وقت، توهان جو روح آرسيءَ اندر وڃي سگهي ٿو ۽ صبح جو اٿڻ وقت اهو توهان جي جسم ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري. چيني ماڻهو رات جو واڪ ڪرڻ مهل، سيٽي وڄائڻ کي خراب سمجهن ٿا. هنن جو اهو عقيدو آهي ته؛ سيٽيءَ تي ڌاريا روح ڪشش محسوس ڪن ٿا ۽ هو توهان سان گڏ توهان جي گهر ۾ گهڙي سگهن ٿا.
چينين جو چوڻ آهي ته؛ مرد ماڻهوءَ کي گهر ۾ ڪڏهن به عورت وارو ڪم نه ڪرڻ کپي. هو ٻاهر آفيس يا هوٽل ۾ ڀلي ٻهاري ڏئي، ٿانوَ ڌوئي، ماني پچائي پر گهر ۾ هرگز نه، ڇو جو گهر ۾ زنانا ڪم ڪرڻ سان دولت جو اچڻ بند ٿيو وڃي.
ڏٺو وڃي ته چينين کي پئسو ڪمائڻ جو وڏو فڪر رهي ٿو. هر ان ڳالهه کان پرهيز ڪندو، جنهن بابت ٻڌندو ته ان سان پئسي ڏوڪڙ اچڻ جو سلسلو بند ٿيڻ يا گهٽجڻ جو انديشو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾، چيني ماڻهو باقي ٻين قومن کان وڌيڪ امير آهن. پر ان ۾ سندن وهمن، وسوسن ۽ ساٺن سوڻن جو هٿ نه پر سندن محنت ۽ پئسي بچائڻ جو راز آهي. چيني ماڻهو، ملئي ماڻهن وانگر هٿ-ڦاڙ نه آهن. هو سادگيءَ ۾ رهي پئسو بچائين ٿا. پئسي جو ڏيکاءُ نٿا ڪن. سخت محنت ڪن ٿا. چينين لاءِ مشهور آهي ته؛ هو آچر واري ڏينهن به ڪم ڪن ٿا. هو سال ۾ فقط چينين جي نئين سال تي ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا ۽ گهمن ڦرن ٿا.
چينيءَ لاءِ ڪانگ پکي نڀاڳو پکي آهي. خاص ڪري هڪ ئي وقت، جيڪڏهن ٻه ڪانگ کيس گهوري ڏسن ٿا. واٽ ويندي ڪنهن چينيءَ کي ڪنهن وڻ يا ڇت تي ويٺل ڪانگن جو جوڙو هن ڏي گهوريندو نظر ايندو ته هو ان کي پنهنجي لاءِ نڀاڳ جو ڏينهن سمجهندو ۽ ان ڏينهن تي هو ضروري ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ کان به گريز ڪندو. بئنڪ مان پئسا ڪڍڻ لاءِ چيڪ تي به صحيح نه ڪندو.
اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي عورت، هتي جي ماڻهن ۾ موجود ڪجهه وهمن جي ڳالهه ڪري رهي هئي. جن جو هو به سمجهن ٿا ته انهن جو نه مذهب سان واسطو آهي ۽ نه انهن کي سائنس ثابت ڪيو آهي. پر هو ان بابت هر وقت ذڪر ڪندا رهن ٿا.
”ان قسم جا وهم يا وسوسا ائين آهن“، هن ملئي عورت چيو؛ ”جيئن اسان وٽ رات جو ننهن يا مڇون ڪٽڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو.“
اهو سوڻ اسان وٽ هند سنڌ ۾ به آهي. هن ملئي عورت ان بابت اهو دليل ڏنو ته رات جو ننهن يا وار ڪٽڻ ان ڪري خراب سمجهيا وڃن ٿا جو رات جو روشني گهٽ هجڻ ڪري اهو خوف رهي ٿو ته ڪٽيل ننهن يا وار ڪنهن کاڌي يا پاڻيءَ سان ملي، ڪنهن جي پيٽ ۾ هليا وڃن ۽ نقصانڪار ثابت ٿين.
ڪڏهن ٻار ضد ڪن ٿا، انهن کي ان ڪم کان روڪڻ لاءِ مائٽ اهو ئي چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان گناهه ٿئي ٿو يا جيئن هتي ملائيشيا ۾ چيني توڙي ملئي ماڻهو، اهو ئي چون ٿا ته رات جو جيڪو ننهن ڪٽيندو يا وار ڪتريندو ان وٽ ڪڏهن به پئسو نه ايندو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه رات جو به حجام دڪان کوليو ويٺا آهن ۽ غريب ٿيڻ بدران امير ٿيندا رهن.
ان قسم جا ڪجهه ٻيا وهم (Taboos) جيڪي هن ملئي عورت ان ڏينهن ٻڌايا، هن ريت آهن.
·        انڊلٺ ڏي آڱر نه کڻجي، نه ته آڱر ۾ ناسور ٿي پوندو. اها ڳالهه ٻڌي آئون اهڙو ته ڊڄندي هئس جو جيئن ئي مينهن بعد مون کي آسمان تي انڊلٺ نظر ايندي هئي ته پنهنجو هٿ يڪدم کڻي کيسي ۾ وجهندي هئس.“ هن ٻڌايو.
·        چيني توڙي ملئي ماڻهو، ٻارن کي وهاڻي مٿان ويهڻ کان منع ڪرڻ وقت چوندا آهن ته؛ ائين ڪرڻ سان توهان کي هيٺ ڦرڙيون ٿي پونديون. ”آئون جڏهن ننڍي هئس ته ان ڳالهه کي صحيح سمجهڻ خاطر، سڄو ڏينهن وهاڻي تي ويٺيس، پر ڏٺم ته مون کي ته ڪجهه به نه ٿيو“، هن ملئي عورت ٻڌايو ۽ پوءِ کلندي چيو؛ ”وڏي ٿي پوءِ مون محسوس ڪيو ته وهاڻو اها شيءِ آهي جنهن تي اسان مٿو رکي سمهون ٿا، ان تي ويهڻ سان بدبودار ٿي سگهي ٿو.“
ملائيشيا ۾ مائرون ٻارن کي گهر اندر کليل ڇٽي کڻي اچڻ کان منع ڪن ٿيون. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي ٻارهو ئي مينهن پيو وسي ۽ جيئن ٻاهر نڪرڻ لاءِ جتي پائڻ ضروري آهي، تيئن مينهن ۾ پسڻ کان بچڻ لاءِ، ڇٽي کڻڻ ضروري آهي. هر هڪ کي پنهنجي ڇٽي ٿئي. ٻار اسڪول وڃن ته به ڇٽي کڻي وڃن. گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ، هر ڪو پنهنجي ڇٽي بند ڪري، ڇنڊي، پوءِ اندر گهڙي. ڪيترا ٻار کليل ڇٽيءَ سان گهر اندر گهڙي پون ٿا، جن کي سندن مائرون هر وقت اهو ڊپ ڏينديون رهنديون آهن ته جيڪڏهن ڇٽي بند ڪري نه گهڙندائو ته نانگ گهر ۾ گهڙي پوندا. ملئي عورت ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هر ماءُ اهو ئي سمجهي ٿي ته ان ڳالهه ۾ ڪا حقيقت ناهي ته به هو ٻارن سان اها ئي ڳالهه ڪن ٿيون، جيئن ڏنگا ٻار نانگ کان ڊڄي سندن چيو مڃين. ڇو جو کليل ڇٽيءَ جون لوهي تارون ٻارن کي لڳي سگهن ٿيون يا اهي گهر جي ڀاتين جي ڪپڙن ۾ اٽڪي، کين ڦاڙي سگهن ٿيون.
اهڙيءَ ريت ملائيشيا ۾ اهو وهم (Taboo) به آهي ته ڪنهن به ڪنواري ڇوڪريءَ کي رڌڻي ۾ ڳائڻ نه کپي. ائين ڪرڻ سان هن جي شادي دير سان ٿيڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا. منهنجي آفيس جي مٿين ملئي خاتون آفيسرياڻيءَ ٻڌايو ته؛ ڳائڻ مهل وات مان اڪثر ٿڪون يا پڪ ڳڙندي رهي ٿي، جيڪا کاڌي جي ديڳڙي ۾ يا پليٽن کي لڳي سگهي ٿي. سو ڳائڻ کان جهلڻ لاءِ ڇوڪرين کي اڪثر شادي دير سان يا نه ٿيڻ جو ڊپ ڏنو وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح ملائيشيا ۾ ڪجهه اهڙا وهم آهن جن جو تعلق، ماڻهن جي سوچ يا تجربي سان آهي. جيئن اسان وٽ ڪانگ، ڀت تي ويهي کيانتو ڏيندو ته چوندا آهيون؛ پڪ ڪو مهمان اچي رهيو آهي. پوءِ جيڪڏهن واقعي ڪو مهمان اچي ويو ته کيانتو ٻڌڻ وارو يڪدم چوندو ته؛ ”ڏٺانوَ! مون ته ان ئي وقت چيو ته اڄ پڪ مهمان ايندو.“
بهرحال اهو ڪم ڏهن ۾ ڪو هڪ دفعو صحيح ثابت ٿئي ٿو، باقي ڀيرا مهمان نه اچڻ تي هر ڪو ڳالهه لنوائيو وڃي يا شام تائين هر هڪ کان ڳالهه وسريو وڃي ته اڄ صبح جو ڪانگ ڪو کيانتو ڏنو هو. ان قسم جا وهم هتي جي ملئي ۽ چيني ماڻهن ۾ ڏاڍا آهن، جيئن ته:
·        رات جي پوئين پهر، جيڪڏهن ڪو ڪتو اونائي ته معنيٰ؛ ڪٿي ڪو ماڻهو مري ويو آهي.
·        جيڪڏهن ڪو ٻار بنا سبب جي روئيندو رهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته؛ کيس جن ڀوت ڊيڄاري رهيا آهن.
·        چنڊ ڏي آڱر سان ڪڏهن به اشارو نه ڪجي. ائين ڪرڻ واري جي ڪنن جون پاپڙيون ڪري سگهن ٿيون.
·        ڪميءَ کي ڪڏهن به پڃري ۾ بند نه ڪجي. ائين ڪرڻ واري کي، ڌنڌي ۾ سخت نقصان رسي ٿو ۽ سٺي ڀاڳ کان هٿ ڌوئي ويهي ٿو... وغيره وغيره.
گهر جي ٺاهڻ ۾ ملئي مسلمان نه پر ملائيشيا جا چيني ماڻهو ڏاڍو حساس آهن ته ان جو رخ ڪهڙي طرف هجي، ڪمرا ڪيئن هجن وغيره. ان آرٽ ۽ ڊيزائين کي چيني ماڻهو ”فينگ شوئي“ سڏين ٿا. فينگ شوئي (Feng Shui) ۾ ٻن قسمن جا اثر چيا وڃن ٿا. هڪ مثبت (Positive) ۽ ٻيو منفي (Negative) وهم آهي. فينگ شوئي جي تعليمات مطابق، گهر ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ جيڪي ضروري قدم آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
·        گهر ۾ موجود هر ڏاڪڻ ۾، ڏاڪن جو تعداد ٻڌي هجڻ ضروري آهي.
·        گهر ۾ ڪا به آرسي اهڙي هنڌ تي نه هڻجي جنهن ۾ گهر جي ڪا دري يا در نظر اچي. ٻي صورت ۾ ٻاهران لنگهندڙ جن ڀوت، آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسي، اندر گهڙي سگهي ٿو.
·        گهر ۾ ڪا به ميز اهڙي هنڌ نه رکجي، جتي ويهڻ سان پٺ در ڏي ٿئي.
·        ڊائننگ روم جي مٿان، باٿ روم هرگز نه ٺاهجي.
·        گاڏي بيهارڻ واري پورچ مٿان، ڪڏهن به ماسٽر بيڊروم نه اڏائجي.
·        گهر جي مهاڙ ڪڏهن به اتر طرف نه ڪجي. وغيره.

No comments:

Post a Comment