Thursday, April 12, 2012

ملائيشيا سلائي سکڻ لاءِ بهترين ملڪ آهي - الطاف شيخ

 ملائيشيا سلائي سکڻ لاءِ بهترين ملڪ آهي
الطاف شيخ
ڪوالالمپور ۾ وقت نه ملڻ ڪري آئون پنهنجي ملئي دوست ابراهيم معروف جي ٻارن (ٻن ڌيئن ايمي ۽ جنيتا ۽ پهرين زال فاطمه) سان ملي نه سگهيس. ايمي ۽ سندس مڙس جيڪي ٻه چار مهينا اڳ اسان وٽ ڪراچي ۾ رهي آيا هئا، اهي آخري ڏينهن تائين مون کي گهر گهرائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا هئا. هنن هروڀرو مانيءَ جو اهتمام ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ آئون کين اهو ئي چوندو رهيس ته ”مون کي جيئن ئي ٽائيم ملندو ته آئون اڌ ڪلاڪ لاءِ اچي توهان جي خبر چار لهي ويندس ۽ ماني بدران چانهه پيئڻ پسند ڪندس.“ هونءَ به ائميءَ کي ته ڏسي چڪو هوس، پر سندس ڀيڻ جنيتا کي مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هوءَ نائين ڪلاس ۾ مارئي منهنجي ڌيءَ سان گڏ هئي. ان وقت ڪنهن کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن هوءَ ڪوالالمپور جي مشهور وڪيل (بئريسٽر) ٿيندي. پئان (مسز) فاطمه سان به ڪراچي مان فون تي ڳالهه ٻولهه ته ٿيندي رهي ٿي، پر ڏٺي ورهيه ٿي ويا هئا.


بهرحال هاڻ ملاڪا ۾ اچي ابراهيم سان ملڻ ضروري سمجهيم. ابراهيم مون کي ملاڪا ۾ پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ رهڻ لاءِ چيو هو، جنهن ۾ آئون پهرين به رهي چڪو آهيان، جڏهن ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس.
”انچڪ (مسٽر) ابراهيم! وقت صفا نه اٿم. بس رڳو توسان ملي اڳتي وڃڻو اٿم. چانهه به مسجد تاناح پنهنجي ڌيءَ جي ماسترياڻي صفيه جي گهر پيئندس. جيڪڏهن تون سنگائي اڊانگ جي مين روڊ تي ان سنڌي هندو پارواڻي جي دڪان تائين اچي وڃين ته منهنجو وقت بچي پوندو.“ ملاڪا مان نڪرڻ وقت مون ڊاڪٽر عطا ٽالپر جي گهران ابراهيم معروف کي فون ڪيو.
انگريزن جي ڏينهن کان هي پارواڻي جو دڪان مشهور آهي. انگريزن جي ڏينهن کان هن دڪان تي فوجين جا يونيفارم ۽ اسپورٽس جو سامان وڪامي ٿو. راندين جو سامان هو اڄ به سيالڪوٽ کان گهرائي ٿو. سندس تفصيلي احوال ملائيشيا جي پهرين سفرنامي ”مڪلي کان ملاڪا“ ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهيان. ڪنهن سان ملڻو هوندو آهي ته پارواڻي جي دڪان جو ڏس ڏيندا آهيون.
ابراهيم منهنجي مجبوري سمجهي ويو ته آئون جلدي ۾ آهيان. ”چڱو ڀلا ڪٿي آهين ۽ ڪيڏي مهل نڪرين ٿو؟“ ابراهيم پڇيو.
”بس هينئر نڪرون ٿا. مسجد تينگڪرا وٽ سعيد ٽالپر جو گهر آهي، ان کي کڻي تنهنجي ڳوٺ سنگائي اڊانگ وٽان لنگهان ٿو.“ مون ٻڌايو.
”چڱو ڀلا هينئن ڪر،“ ابرهيم چيو، ”آئون مسجد تينگڪرا جي آسپاس ئي آهيان. تون سعيد کي وٺي نڪر ته آئون مسجد تينگڪرا پهچي ٿو وڃان.“
بهرحال اسان جي ملاقات مسجد تينگڪرا ۾ ٿي وئي. ڊاڪٽر عطا ٽالپر ۽ سعيد ٽالپر کي پڻ ابراهيم سان ملايم. پورٽ ڊڪسن ۽ سريمبان جهڙن شهرن کان ملاڪا شهر ۾ گهڙڻ لاءِ هن مسجد وٽان لنگهڻو پوي ٿو. هن تاريخي ۽ ملاڪا جي جهوني مسجد بابت شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان. هڪ ڳالهه ان ۾ لکڻ رهجي وئي هئي ته هن مسجد جي آڳنڌ ۾ علامه شيخ عبداللطيف تامبي دفن ٿيل آهي. مسجد جي مين گيٽ جي اندرين پاسي علامه جي جنم ۽ وفات جي تاريخ جي تختي ڏسي مون کي ياد آيو ۽ مون ڊاڪٽر عطا ٽالپر ۽ سعيد ٽالپر کي هن عالم، بزنيس مين ۽ سخي مرد بابت ٻڌايو. علامه حاجي عبداللطيف جا وڏا انڊيا جي ڏاکڻي حصي کان واپار وڙي خاطر ملاڪا ۾ اچي رهيا. پاڻ 1288 هجري (1872 عيسوي) ۾ ملاڪا رياست جي ڳوٺ ڪمپونگ تيلوڪ ماس ۾ حاجي محمد نور دين جي گهر ۾ ڄائو، جيڪو شهر ۾ حاجي تامبي جي نالي سان مشهور هو.
علامه جيتوڻيڪ ملاڪا ۾ ڄائو، پر سندس ننڍپڻ سنگاپور ۾ گذريو، جتي سندس پيءُ جو ڪپڙي جو دڪان هو. سندس پيءُ حاجي تامبي به مذهبي ماڻهو هو ۽ حج ڪري آيو هو، ان کي پنهنجي پٽ کي ديني تعليم ڏيارڻ جو تمام گهڻو الڪو هو. انهن ڏينهن ۾ دين جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن پاسي جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي مڪي يا مديني موڪليندا هئا يا وري ننڍي کنڊ جي ڪنهن مدرسي ڏي. اڄ به ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي ڏکڻ واري حصي (جيڪو ملائيشيا جي اتراهن رياستن ڪيداح، پيرلس ۽ پيراق سان ملي ٿو) جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي انڊيا ۽ پاڪستان جي مدرسن ڏي موڪلين ٿا.
ڪراچيءَ جون اڄڪلهه حالتون بهتر نه آهن ته به توهان کي گس پنڌ تي ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جا نوجوان ملندا، جن کان پڇڻ تي هو توهان کي ٻڌائيندا ته هو مدرسه بنوري، نيو ٽائون، گلشن اقبال يا ڪورنگي جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن سالن لاءِ آيا آهن. علامه شيخ حاجي عبداللطيف کي به سندس پيءُ حاجي محمد نور دين (حاجي تامبي) کي دين بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ 1880ع ۾ مڪي موڪليو، جڏهن هو فقط اٺن سالن جو هو. هو يڪا 20 سال اتي رهي 1900ع ۾ ملاڪا موٽيو. مڪي ۾ هن جي استادن ۾ ملئي به هئا، جهڙوڪ شيخ محمد بن اسماعيل الفتاني، شيخ وان علي بن عبدالرحمان الڪيلنتاني ڪُتان، شيخ عبدالقادر بن شيخ شبير احمد خاطب وغيره.
مڪي مان ملاڪا موٽڻ بعد علامه شيخ عبداللطيف پنهنجي تبليغ جو مرڪز سنگاپور بنايو. هو پنهنجي گهر ۾ ۽ ڪپڙي جي دڪان تي واعظ ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ اهو سلسلو هن پينانگ ۽ انڊونيشيا جي شهرن ميڊان، سُور بايا ۽ بنڊنگ ۾ به جاري رکيو. اسلام جي تبيلغ سان گڏ هن پنهنجي روزگار جي ذريعي (ڪپڙي وڪڻڻ جي ڌنڌي) کي به جاري رکيو. اهو سوچي ته دين تي ليڪچر ڏيڻ سان گڏ علم پکيڙڻ لاءِ ڪتاب به ضروري آهن، هن سنگاپور ۾ لطيفيا پريس نالي هڪ ڇپائي جي ڪمپني کولي. هن ڪمپني جي برانچ هن مسجد وٽ ملاڪا ۾ به کولي ۽ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيو.
علامه شيخ حاجي عبداللطيف هن تر جي هڪ تمام مشهور ديني هستي مڃي وڃي ٿي، جنهن ڪيترن ئي کي اسلام جي ڄاڻ ڏني ۽ قرآن شريف، تفسير، فقه ۽ حديث پڙهايو. ملاڪا جا ڪيترائي ملئي مولوي ۽ عالم هن جا شاگرد ٿي رهيا. علامه عبداللطيف هڪ ڪامياب بزنيس مئن ۽ سخي مرد پڻ هو ۽ هن ڪيترن ئي غريبن ۽ ضرورتمندن جي دل کولي مدد ڪئي. سندس تعلق شافعي مڪتبِ فڪر سان هو. سندس لکيل ڇهه ست ڪتابن مان هڪ ٻه هن ريت آهن:
Tazk iratuz Sunnatil basyar bi
Ahkami Itsna- 1924
Dalailul khairat
Qiblah Dalail Al- Hairan

وغيره. سندس وفات جمع ڏينهن 17 رجب 1358 هجري سال بمطابق سيپٽمبر 1939ع تي ٿي ۽ هتي هن مسجد جي اڱڻ ۾ ئي دفن آهي. توهان جو جي ملاڪا اچڻ ٿئي ته هتي جي هيءَ جهوني مسجد جيڪا ٻاهران اسان جي مسجدن کان بلڪل مختلف چيني ۽ ٻڌن جي مندرن جهڙي لڳي ٿي ضرور ڏسجو. هونءَ به ملاڪا ماڊرن ۽ جهونين مسجدن جو شهر آهي.
ڊاڪٽر عطا کي چيم ته اسان جو يار ابراهيم وڏي ڪم جو ماڻهو اٿئي. سندس هن تر ۾ وڏو اثر رسوخ آهي.
”ڪيئن ڀلا؟“ عطا کلڻ لڳو.
”ان ڪري جو ابراهيم فوج ۾ رهيو آهي، اڪيڊمي ۾ پڙهايو اٿس ۽ هتي ٽيچر جي وڏي عزت آهي. ان کان علاوه ابراهيم مذهبي عالم ۽ استاد آهي. ان کان علاوه ابراهيم پنهنجو وقت ڏئي هر ضرورتمند جي جائز مدد ڪري ٿو. ان ڪري ابراهيم جنهن کي به ڪنهن ڪم لاءِ چوي ٿو ته هو انڪار ڪرڻ بدران ان ڪم جي پوئيواري ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو.“
”ڀلا ڇا پروگرام آهي؟ شام تائين ترسي پئو ۽ مون وٽ لنچ کائي وڃو.“ ابراهيم چيو.
”نه يار. ڪجهه به نه. چانهه به نه. چانهه مسجد تاناح ۾ صفيه جي گهر پيئڻي آهي، جنهن لاءِ هن کي فون ڪري چڪو آهيان ۽ ماني ڪئپٽن رزالي وٽ بانگي شهر ۾ کائڻي آهي.“ مون ابراهيم کي پنهنجو پروگرام ٻڌايو ۽ هو گذريل ٽيهن سالن کان منهنجي طبيعت ۽ طوفاني دورن کان واقف آهي. ان ڪري هن وڌيڪ ضد ڪرڻ بدران پنهنجو انگريزي تڪيو ڪلام دهرايو: ائز يو وِش (As you wish).
اسان اٿي کڙا ٿياسين "Marikita Bertolak Gembira" (هاڻ کڻي موڪلايون). مون هٿ ملايو ۽ اڳتي جو سفر جاري ڪيو.
”هلو ته توهان کي هڪ ٻي دلچسپ شخصيت سان ملرايان.“ مون عطا ۽ سعيد کي چيو. صفيه عمر ۾ مون جيڏي يا ٿي سگهي ٿو ٻه ٽي سال ننڍي هجي. سلائي جا اسڪول يا ماسترياڻيون ته اسان جي ملڪ ۾ به کوڙ آهن پر سڄي دنيا ۾ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جا مشهور آهن، جتي اسٽوڊنٽس کي صحيح طرح سلائي سيکاري وڃي ٿي ۽ نه فقط چولا ۽ سٿڻون پر هر شيءِ ڪوٽ، پينٽ، صدري کان اسڪرٽ بلائوز تائين سيکاريو وڃي ٿو ۽ شاگرد کي سرٽيفڪيٽ تڏهن ڏنو وڃي ٿو، جڏهن هو يا هوءَ باقاعدي هر شيءِ ٺاهي ڏيکاري ۽ امتحان پاس ڪري. هن پاسي ان ڪم جون ماهر چينياڻيون آهن. صفيه جهڙيون ملئي ٽيلر ماسٽر ڪي ورلي ملنديون.
”صفيه تون ڪيئن ٽيلر ماسٽر ٿي آهين ۽ انگريزي به سٺي ڳالهائين ٿي؟“ اسان پڇيو هوس.
”ان ڪري جو منهنجو ننڍپڻ سنگاپور ۽ چينين جي پاڙي ۾ گذريو ۽ آئون انگريزي اسڪول مان پڙهيس.“ صفيه ٻڌايو.
صفيه نه فقط اسان جي وڏي ڌيءَ مريم جيجل جي ٽي سال کن ٽيچر رهي پر اسان جي فئملي فرينڊ به رهي ۽ اڄ تائين هن سان ۽ هن جي سڀني ڀائرن ڀينرن سان سٺي دوستي هلندي اچي. سندس نپايل پٽ جنهن اسان اڳيان پرائمري، ان بعد مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي ۽ پوءِ ڊاڪٽري اهو به ڪڏهوڪو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي.
مسجد تاناح شهر پهتاسين ته صفيه جي گهر جو رستو هٿ نه پيو اچي. اهو شهر جنهن مان ٻه مين روڊ لنگهندا هئا، ان ۾ رستن جو ڄار نظر آيو. پنج ڇهه سالن ۾ مسجد تاناح شهر جو نقشو ئي بدليل نظر آيو. ”عطا ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي. شهر مان لنگهندڙ روڊ تي هڪ هوٽل وٽ کاٻي پاسي جيڪو رستو مڙيو ٿي، اهو صفيه جي ڪمپونگ آير ليمائو ڏي ويو ٿي“، مون عطا کي پنهنجي نااهلي کان آگاهه ڪندي چيو، ”هاڻ ته نه اهو روڊ ٿو نظر اچي ۽ نه اها هوٽل“.
”مڙيئي خير آهي.“ ڊاڪٽر عطا چيو؛ ”پاڻ GPS ذريعي ڳولي ٿا وٺونس.“
صفيه در تي ئي بيٺي هئي. اسان جي پهچڻ سان خبرن ۾ شروع ٿي وئي. ڊاڪٽر عطا کي چيم ته، ”هاڻ تون ئي منهن ڏينس. تو به ملاڪا شهر جا ڪيترا ئي ماڻهو ڏٺا هوندا پر ڪو به اهڙو صفيه جهڙو ماڻهو نه ڏٺو هوندو جيڪو نان اسٽاپ ڳالهائي ۽ هر ٽاپڪ تي ڳالهائي.“
صفيه کي چيم؛ ”اسين جلدي ۾ آهيون، چانهه پيار ته اسان رمندا رهون.“
”مسٽر الطاف هر وقت چِپات، چِپات (جلدي، جلدي)“.
”مئڊم اڃا ٻن ٽن گهرن ۾ وڃڻو آهي بانگي شهر ۾ ڪئپٽن رزالي جي گهر تائين. ڪئپٽن رزاليءَ کي ته سڃاڻين نه؟ عائشه جو مڙس.“ مون صفيه کي چيو ۽ جواب ۾ هن ڊاڪٽر عطا کي چيو؛ ”هن جو دوست وڏو ماڻهو آهي. منهنجي پٽ چيو ته ’ماما! فرحان پڙهڻ لاءِ ولايت ٿو وڃي، آئون ڇو نه؟‘ مون چيومانس ’پٽ هن وٽ پئسو آهي تو وٽ دماغ آهي.‘ بِتل (صحيح ٿي چوان)“ ڊاڪٽر عطا وائڙن وانگر صفيه کي ڏسندو رهيو. صفيه جي ڳالهه سمجهي مون عطا کي Explain ڪيو:
”اسان جي دوست جي پٽ جي STPM (انٽر) جي امتحان ۾ سٺيون مارڪون نه هجڻ ڪري هن کي هن پاسي ملائيشيا يا سنگاپور ۾ ميڊيڪل ۾ داخلا نه ملي سو هن کي سندس پيءُ ازبڪستان يا وچ ايشيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليو. صفيه جي پٽ جون سٺيون مارڪون هجڻ ڪري هن کي ڪوالالمپور ۾ داخلا ملي وئي، پر هڪ ٻار جي حيثيت سان هن ٻاهر جي پڙهائي کي وڏي ڳالهه سمجهي پنهنجي ماءُ صفيه سان تيسو ڪيو ۽ صفيه به ڪجهه ڪجهه ان ڪامپليڪس ۾ اچي وئي ته هنن وٽ ايڏو پئسو ناهي نه ته هوءَ به پنهنجي پٽ کي ساڳي ملڪ ۾ موڪلي ها.“
”صفيه مڙيئي خير آهي، قدرت جيڪي ڪري ٿي اهو بهتر ئي ڪري ٿي.“ مون صفيه کي ان ٽاپڪ تان لهڻ خاطر چيو. اجايو بلڊ پريشر وڌي رهيو هوس. کيس اها ڳالهه نه ٻڌايم جنهن کان هوءَ اڻ واقف هئي، پر ٻاهر نڪري ڊاڪٽر عطا کي ٻڌايم ته صفيه مون واري دوست تي اجايو چڙون ٿي ڪري. غريب جو ڌنڌو ڌاڙي به ڪو خاص نه پيو هلي. هن کي شوق هو ته پٽ ڊاڪٽر ٿئي، جنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا نه ملي ته خرچ ڪري ٻاهر موڪليائينس. پر افسوس جي اها ڳالهه ته ان پاسي جي ملڪن جي پڙهائيءَ جو حال ناهي. سال ٻن بعد ملائيشيا حڪومت پنهنجي اعلان ۾ دنيا جي جن تعليمي ادارن جي ڊگريءَ کي رد ڪيو ان ۾ اهو ڪاليج به اچي ويو ۽ هن جي ورتل تعليم (ڊگري) هاڻ هتي تسليم نٿي ڪئي وڃي. صفيه کي اها ڳالهه ٻڌايان ها ته هوءَ خوش ٿي کڳيون هڻي ها.
بهرحال پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا جي حڪومت تعليم جي معاملي ۾ معيار تمام بلند رکيو آهي. حڪومت طرفان هر سال اعلان ڪيو ويندو آهي ته دنيا جا فلاڻا ڪاليج/ يونيورسٽيون تسليم ڪيون ويون آهن، جن کان علاوه ٻين يونيورسٽين جي ڊگرين کي هي قبول نٿا ڪن. اهو سلسلو آئون 80 واري ڏهي کان ڏسندو اچان. ملائيشيا جي هڪ سفرنامي ۾ پنهنجي نيول اڪيڊمي جي گارڊ بابت لکي چڪو آهيان ته هن غريب بنا معلومات حاصل ڪرڻ جي پنهنجي پٽ کي انگلينڊ جي ڪنهن ڪاليج مان پڙهايو، جنهن ڪاليج جو نالو ته وڏو هو پر تعليمي معيار ٺڙڪو قسم جو هو ۽ اهو ڪاليج هتي تسليم شده نه هو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ملائيشيا ۾ اچي جڏهن نوڪريءَ لاءِ Apply ڪيو ته خبر پيس ته ان جي ڊگري جي هتي ڪا اهميت ناهي. اسان جي گارڊ گهڻو ئي پڪاريو پر داد رسي نه ٿيس. نيٺ سال کن ڌڪا کائي پوءِ انڊيا جي ان يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليائينس، جيڪا ملائيشيا ۾ Recognized  آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪشمير کان ڪلڪتي تائين ۽ دهلي کان ديرادون تائين انڊيا جا انيڪ تعليمي ادارا ملائيشيا ۾ قبول ڪيا وڃن ٿا. انهي مقابلي ۾ ملا؟يشيا ۾ پاڪستان جو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪاليج يا يونيورسٽي معياري سمجهيو وڃي ٿو.
صفيه جلدي جلدي ماني لڳائي. بلڪ ڪجهه ماني مي گورينگ، ناسي ايام، روٽي چنائي جا ڊش اڳهين ٽيبل تي رکيا هئا. مون هٿ ٻڌي چيومانس ته فقط چانهه ٺاهه ته پي ڀڄون. ماني لاءِ ڪئپٽن رزاليءَ کي چيو اٿم ۽ هو انتظار پيو ڪري. بهرحال چانهه سان گڏ اسان فراءِ ٿيل ’مي‘ کاڌي. Mee  سنهڙيون چانورن جي اٽي جون سِويون ٿين ٿيون، جن ۾ مڇي يا مرغي ۽ ڀاڄين جا ذرڙا وجهي پوءِ فراءِ ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري انهن کي Goreng سڏجي ٿو. گورينگ ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”فراء“ِ آهي. مي گورينگ کان علاوه اَيام (مرغي) گورينگ، اِڪان (مڇي) گورينگ، ناسي (ڀت) گورينگ پڻ هتي جا عام ڊش آهن.
ڊاڪٽر عطا ۽ سعيد ٽالپر کي مون ٻڌايو ته؛ ”صفيه هاڻ نه سلائي جو ڪم سيکاري ٿي ۽ نه دڪان هلائي ٿي پر هن شهر جي ڇوڪرين جو وڏو تعداد هن جون شاگردياڻيون آهن. دڙڪا به ڏاڍا ڏيندي هئي. ويندي اسان مائٽن کي به. پر ڇوڪرين کي درزڪو ڪم اهڙو سيکاري ڇڏيندي هئي جو هو ڀلي وڃي درزڪو دڪان کولين. هينئر به منهنجي ڌيءَ جي چوڻ تي صفيه کي سلام ڪرڻ لاءِ اچڻو پيو آهي.“
ڊاڪٽر عطا کي پهرين ئي اهو ٻڌائي آيو هوس ته صفيه وٽ هلون پيا، پر صفيه اها ڳالهه ضرور ٻڌائيندءِ ته منهنجي ڌيءَ تمام سست هئي، سو هاڻ جيئن ئي سلائي جي ڳالهه نڪتي ته صفيه يڪدم عطا ۽ سعيد کي چيو ته ”هن جي ڌيءَ ڏاڍي Lazy هئي. سلائيءَ ۾ هوشيار هئي، پر ڪپڙي جي ڪٽنگ ۾ موڳي هئي. پوءِ هر دفعي جڏهن ڪاٺ جي فٽ اسڪيل زور سان ٽيبل تي هڻندي هيس ته ان وقت ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي هيس.
هونءَ صفيه ۽ هتي جي ٻين ماسترياڻين جي ايمانداري کي به جس هجي. صفيه سان اسان جي هڪ قسم جي تمام سٺي دوستي هئي ۽ آئون هن کي چوندو هوس ته جيجل (منهنجي ڌيءَ) کي ڪو درزياڻي ٿيڻو ناهي، ملئي ۽ پاڪستاني وڳا سبيو ٿي وڃي، اهي ئي ڪافي آهن. تون کيس بنا امتحان جي پاس ڪري، پنهنجي اسڪول جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏينس. پر صفيه هميشه پنهنجي ئي ضد تي قائم رهي ۽ جيسين جيجل ڪوٽ، پتلونون ۽ صدريون ٺاهڻ نه سکيون، تيسين سرٽيفڪيٽ نه ڏنائينس. بهرحال ملائيشيا ۾ رهڻ جو جنهن کي به موقعو ملي ته هو پنهنجين نياڻين کي ڪنهن  Sekolah Jahit (درزڪي اسڪول) ۾ سلائي جو ڪم ضرور سيکاري.

No comments:

Post a Comment