Friday, August 17, 2012

منهنجي ناتمام خواهش جو پورائو - الطاف شيخ


منهنجي ناتمام خواهش جو پورائو

جڏهن به مان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪو اهڙو ڪتاب پڙهندو آهيان جيڪو منهنجي جيءَ کي جڪڙي ويندو آهي ته منهنجو ان ڳالهه ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي ته سنڌ اڃا جاڳي ٿي، سنڌ جو شعور اڃا ستو نه آهي. سنڌي ادب اڄ جنهن مقام تي بيٺو آهي ان پٺيان صدين جو پنڌ آهي. شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ کانئس پوءِ واري ٽهيءَ تائين سنڌ جو ليکڪ پنهنجي پوري ذميداريءَ سان لکي رهيو آهي. تازو سنڌ جي نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار رضوان گل جڏهن پنهنجو ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ مون ڏي مهاڳ لکڻ لاءِ موڪليو ته مون اها ساڳي ئي خوشي محسوس ڪئي، جيڪا ڪنهن به سٺي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪندو آهيان. جڏهن مون ڪتاب جي فهرست ڏٺي ته مون سوچيو ته اهڙي ڪتاب کي ته ڪنهن به تعارف ۽ مهاڳ جي ضرورت ئي نه آهي، ڇو ته هي ڪتاب پنهنجو تعارف پاڻ آهي.


رضوان گل جي هن ڪتاب لکڻ تي مون کي خوشي به ٿي آهي ته حيرت به. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته رضوان جن شخصيتن جي چونڊ ڪئي آهي اهي منهنجون دلپسند شخصيتون آهن، جن جي ادب ۽ شعر و شاعري توڙي زندگين کان مان گھڻو متاثر آهيان، پر خوشي ان ڳالهه جي اٿم ته هُن نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي پر هن ڪتاب ۾ موجود اڪثر اُهي ماڻهو آهن جن تي وقت بوقت آءٌ به لکڻ جو سوچيندو رهيو آهيان، پر عملي طرح ڪامياب نه ٿيو آهيان. اهو ڪم رضوان گل ڪري هڪ طرف حق ادائي ڪئي آهي، ٻئي طرف ڄڻ ته منهنجي ناتمام خواهش به پوري ڪئي آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب جو ٻيو اهم ڪارج اهو به آهي ته رضوان اڄ جي نوجوانن کي اهڙين اهم شخصيتن سان متعارف ڪرايو آهي. اهي ماڻهو جن سنڌي ادب کي خوبصورت تخليقون ارپيون آهن تن کي ياد ڪرڻ ۽ مانُ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي پر رضوان گھڻن ليکڪن کان اڳ ۾ ان فرض کي محسوس ڪيو آهي، جنهن جو ثبوت سندس هي ڪتاب آهي.
هن ڪتاب ۾ رضوان گل سنڌ جي ٻٽيهه اهم شخصيتن جو احوال لکيو آهي، جن ۾ اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، نقاد، تعليمدان، صحافي، ڊرامه نگار، مترجم، مصور، لطيف شناس، تاريخ دان، سماج سڌارڪ ۽ ماهرِ لسانيات اچي وڃن ٿا. انهن مان اڄ ڪيترائي اسان کان جدا ٿي ويا آهن. آئون پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان جو انهن مان ڪيترن سان منهنجي تمام گھڻي ويجھڙائي رهي. هو مون کان عمر ۾ کڻي وڏا هئا پر منهنجي هنن لاءِ چاهت ائين رهي جيئن هڪ فلمن جي شوقين جي فلمي دنيا جي اداڪارن سان هوندي آهي. اهڙين شخصيتن ۾ پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد بخاري، تنوير عباسي، قمر شهباز، انور پيرزادو، تاجل بيوس ۽ خيرالنساء جعفري شامل آهن، جن جا خط ۽ تصويرون ڏسي سچ پچ آئون پاڻ کي ڀاڳن وارو سمجھندو آهيان. مون کي خوشي ٿيندي آهي ته منهنجو ان دؤر ۾ جيئڻ ٿيو، جڏهن سنڌ جا اهي عظيم انسان موجود هئا.
افسوس اهو اٿم ته هن ڪتاب ۾ موجود ٻين شخصيتن مان ڪن سان منهنجي ملاقات ٿي نه سگھي ۽ هو اسان کان وڇڙي ويا. ڪو ليکڪ بظاهر ڀَل جان وڇڙي ويندو هجي پر ان جا ٻول صديون گونجندا رهن ٿا. هن ڪتاب ۾ موجود حال حيات شخصيتن مان به ڪيترين سان منهنجون روح رچنديون رهيون آهن پر سالن کان ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، طارق عالم ابڙو ۽ زيب سنڌيءَ سان ملڻ جي سڪ اٿم. خوشنصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي اهڙين هستين جي ويجھو آهن. ماڻهو ته ڪيترائي پيدا ٿين ٿا پر ههڙا ليکڪ، شاعر، اديب، دانشور ۽ عالم ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺن ٿا. مان پنهنجي نوجوان دوست رضوان کي وري به جس ڏيندس جنهن انهن سڀني ناليوارن تخليقڪارن ۽ قلمڪارن جي زندگين ۽ ادبي پورهيي تي هن ڪتاب ۾ ڀرپور روشني وڌي آهي.
رضوان گل جيڪو لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي جيوگرافي شعبي ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪري ٿو تنهن کي مون ڪڏهن روبرو ڏٺو ناهي پر ڪافي عرصي کان انٽرنيٽ تي هن جي شاعري ۽ تخليقون ڏسي واکاڻ ڪندو رهيو آهيان. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هو پنهنجي فرصت جون گھڙيون ضايع ڪرڻ بدران ڪنهن تخليقي ڪم ۾ صرف ڪري ٿو. مان سمجھان ٿو زندگيءَ جا اهي پل جيڪي تخليقي ۽ تعميري ڪم ۾ گذرن ٿا سي جيوَن جا سڦل پل آهن.
تازو ئي ناليج سينٽر لاڙڪاڻي واري مختيار سمون سان منهنجي جڏهن فون تي ڳالهه ٻول ٿي ته مان ساڻس رضوان گل جي لکيل هن نئين ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جي واکاڻ ڪندي وٽائنس رضوان بابت اها به اضافي ڄاڻ حاصل ڪري ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي ته رضوان گل هڪ اهلِ علم ۽ ادبي گھراڻي جو فرد ۽ ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو فرزند آهي. ڊاڪٽر شاد صاحب هڪ بهترين استاد هجڻ سان گڏوگڏ ناميارو محقق، اديب ۽ شاعر آهي. رضوان جو ڀاءُ احسان دانش پڻ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي جنهن جي نالي سان، سندس لکڻين جي ڪري، منهنجي اڳ ۾ ئي شناسائي آهي. سندس ننڍو ڀاءُ آغا عمران پڻ ڪهاڻيڪار آهي. لاڙڪاڻي ۾ قائم سچل ادبي مرڪز به سندس والد جي ادبي ۽ علمي ڪاوش جو نتيجو آهي، جتان رضوان گل ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان ادبي اتساهه حاصل ڪري تخليقي ۽ تخيّلي صلاحيتن سان مالا مال ٿي ادبي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن ۽ پنهنجي سوچ فڪر، عمل، علم ۽ قلم ذريعي سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن.
رضوان گل سان انهيءَ ڪري به منهنجي اُنسيت جو ناتو اڃا به وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳو آهي جو هو جاگرافيءَ واري مضمون جو استاد آهي ۽ دنيا جي جاگرافيءَ بابت ڪافي ڄاڻ رکي ٿو ۽ منهنجو به جهاز ران هجڻ جي ناتي جاگرافي دلچسپ سبجيڪٽ رهيو آهي. اڄ جي سنڌي نوجوانن جو اهو الميو آهي ته هو هن اهم سبجيڪٽ کان عاري آهن ۽ نتيجي طور دنيا جي طبعي رازن ۽ رمزن جي ڄاڻ کان به محروم رهجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ لاڙڪاڻي جي هن نوجوان اديب جو ادب، تاريخ، تحقيق ۽ شاعريءَ سان گڏو گڏ جاگرافيائي علم سان سلهاڙجڻ ڪو گھٽ ڪارنامو نه آهي.
رضوان گل هڪ استاد آهي ۽ هڪ استاد کي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت مليو وڃي. لکڻ پڙهڻ جي شوق جي پورائي لاءِ مون به جهاز هلائڻ ڇڏي ماستريءَ جي ڪم کي ترجيح ڏني، ۽ جڏهن ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ موجود نيول اڪيڊمي ۾ پهتس، ته اتي مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي جهاز جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن مليا، جيڪي سامونڊي زندگيءَ کي گڊ باءِ چئي ڪناري جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيا هئا. ڪئپٽن تاجپال سنگهه نالي هڪ انڊين ليڪچرار آڌرڀاءُ ڪندي چيو: ”آئون سمجھان ٿو ته تو لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري جهاز ڇڏيو آهي، لکڻ پڙهڻ آهي ئي اهڙو نشو.“
خوش ٿي چيومانس: ”سردارجِي، اوهان جهڙن اديبن سان ملي خوشي ٿي.“
”معاف ڪجو.“ هن ٺهه پهه وراڻيو، ”آئون تو وانگر ليکڪ نه آهيان ۽ نه لکڻ پڙهڻ جي عادت اٿم.“
”ته پوءِ توهان جهاز کي ڇڏي هيءَ گھٽ پگھار واري نوڪري ڇو اختيار ڪئي آهي؟“  مون پڇيو.
”جهاز اٺ ڪلاڪ هلائڻو هجي ته سڄي عمر جهاز نه ڇڏيان ها“، ڪئپٽن تاجپال چيو، ”چوويهه ئي ڪلاڪ هلائڻ ۽ هفتي جا ست ئي ڏينهن ته پوءِ ٻين ڪمن لاءِ ڪهڙو وقت مليو؟ نه سڪون سان پِي سگھيس، نه جُوا کيڏي سگھيس ٿي. مون شراب ۽ جُوا خاطر جهاز ڇڏيو.“ ۽ پوءِ منهنجي ويجھو ٿي آهستي چيائين، ”شراب ۽ جُوا جهڙو نشو ئي ناهي.“
خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي نوجوان ليکڪ رضوان گل کي لکڻ پڙهڻ جو نشو آهي. گذريل پندرهن سالن کان سندس ڪالم ۽ ٻيون لکڻيون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. هن برجستي نوجوان اديب مان اميد آهي هو آئنده به هن قسم جا ڪتاب لکندو رهندو.
الطاف شيخ
اوساڪا، جپان

No comments:

Post a Comment