Wednesday, May 29, 2013

چيني ٻولي سکڻ آسان ڳالهه نه آهي - الطاف شيخ

چيني ٻولي سکڻ آسان ڳالهه نه آهي
الطاف شيخ
ڌاري زبان سکڻ تمام سٺي ڳالهه آهي. اسين سنڌي خوش نصيب آهيون، جو اسان کي ٽي زبانون ته اچن ئي اچن ٿيون. پنهنجي مادري زبان (سنڌي) کان علاوه اردو ۽ انگريزي پڻ. ڪيترن کي ته پنجابي به اچي ٿي. منهنجو والد (مرحوم گل محمد شيخ) هميشه مونکي ڌاري زبان سکڻ لاءِ چوندو هو ته ”هر زبان ته نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ملڪ، جنهن ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ جو پروگرام رٿين، ان جي زبان ضرور سک“ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ملڪ  جي زبان ڄاڻڻ سان اتي جا مڪاني ماڻهو وڌيڪ عزتَ ۽ خيالُ ڪن ٿا ۽ پرديسَ ۾ زندگي گذارڻ آسان ٿيو پوي. توهان  کي هو پنهنجي خوشي ۽ غميءَ ۾ شامل ڪن ٿا. خاص ڪري هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مونکي وڏو فائدو رسي ٿو، جو مڪاني ماڻهو، پنهنجيون ڪيتريون ئي ڳالهيون، مسئلا، سوچون، عقيدا ۽ خوف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي مونسان  ونڊين ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي  جو مون جپان ۽ ملائيشيا تي گهڻا ڪتابَ لکيا آهن. جهاز هلائڻ دوران پنهنجن جونيئرن کي ۽ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ پنهنجن شاگردن کي آئون به اهوئي چوندو رهيو آهيان ته وڌيڪ زبانون سکو. خاص ڪري اهي زبانون، جيڪي گهڻن ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. سوڊاني يا مصري ماڻهو اسان پاڪستانين کان ڪي وڌيڪَ قابل نه آهن، پر عربي زبان جي ڄاڻ ڪري هنن کي هر عرب ملڪ ۾ آسانيءَ سان نوڪري مليو وڃي. آفريڪا ۾ انگريزي بعد فرينچ هلي ٿي.. ڏور اوڀر پاسي جپاني ڄاڻڻ واري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جپاني ڳالهائڻ ۾ سوَلي ۽ سرائيڪيءَ وانگر سُريلي آهي. ڪيترا ماڻهو جپاني لکڻي مان اهو سمجھن ٿا ته اها ڳالهائڻ ۾ چيني زبانَ وانگر آهي، پر ائين ناهي. جتي جپاني زبان ۾ هر لفظ ڪا شڪل (کانجي) آهي، اتي اسان جهڙن ڌارين جي سهولت لاءِ آوازن واري ڪاٽاڪانا ۽ هراگانا لکڻيون پڻ آهن. جپاني ڳالهائڻ ۾ ان ڪري سولي آهي، جو جپانيءَ جي هر لفظ ۾ڪانسوننٽ پويان Vowel آهي. توهان جپاني زبانَ جو ڪو به لفظ کڻي ڏسو، توهانکي هر ڪانسوننٽ پويان Vowel نظر ايندو. مثال طور سوزوڪي، ياشيڪا يا سانيو.. ڏسو ته اهو Vowels سان ڀريو پيو آهي. ان ڪري جپاني لفظ اُچارڻ سولا آهن.

هڪ ٻي ڳالهه جو به اظهار ڪندس ته ڪا به زبان سکو ته اها چڱيءَ طرح سکو ۽ ڪا به شيءِ بنا محنت جي حاصل نٿي ٿئي. پاڪستان ۾ ۽ هر ملڪ ۾ ڌارين زبانن سکڻ جا ٽيوشن سينٽر آهن، جن مان مون ڏٺو آهي ته ڪيترا شاگرد ٻن هفتن يا مهيني جو ڪورس ڪري مليل سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ڏيکاري پيا خوش ٿيندا ته اسان جرمن، فرينچ يا عربي سکي آهي. آئون اهو چوندس ته انهن ڪاغذن جي ڪا اهميت ناهي. ڪم جي شيءِ اها آهي ته توهان سکيل زبان فر فر (Fluently) ڳالهائي به سگهو ٿا يا نه؟ جهاز تي Sail ڪندڙ هڪ جونيئر کي چيم ته ”سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي فلمون ٿو ڏسين، ان کان بهتر آهي ته جنهن ڊچ جهاز ران ڪمپني ۾ آهين، انهن جي زبان کڻي سک.“
سر! جيسين ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق نٿو ٿئي، تيسين زبان سکڻ تي دل نٿي چوي.“ هن جواب ڏِنو.
ته پوءِ هاڻ جهاز ٻه مهينا کن ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ هلي بيهندو.... سنهالي سکي وٺجانءِ.“ مون چيو مانس
”نه هاڻ ٻي زبان ۽ ٻي عشق جي ضرورت ناهي. مونکي اوڏڪي زبان اچي ٿي ۽ اوڏڻ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهيان.“
اها ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي. ڪئپٽن امر چند اڄ ڪلهه نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو ۽ سندس اوڏڻ زال مان ٽي ٻار جوان به ٿي ويا آهن.
ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران شاگردن کي فارين زبان سکڻ جي تلقين ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن ”ڪوئي ۽ ٻليءَ“ جو لطيفو به ٻڌائيندو آهيان ته هڪ ٻلي اچي ڪوئي جي پٺيان لڳي. ڊوڙائي ڊوڙاني ٿڪائي رکيائينس. آخر ڪوئي ڇا ڪيو، جو هڪ پيتيءَ پويان لڪي ڪتي جي آواز ۾ ڀونڪار ڪئي.. ”ڀؤن ڀؤن ڀؤن..“ ٻلي اهو ٻڌي ڊڄي وئي ۽ پويان پير ڪري ڀڄي وئي. ڪوئو هٿ ڇنڊي ٻاهر نڪتو ۽ چپن تي مرڪ آڻي چيو: ”واقعي ڌارئين زبان سکڻ مان فائدو آهي!“
سو ٻئي جي زبان ضرور سکجي. آئون ان جي حق ۾ آهيان، پر ان ڏينهن درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ ويٺو هوس ته ان وقت وزير اعليٰ صاحب جو ٽي وي تان اهو بيان هلي رهيو هو  ته سنڌ جي اسڪولن ۾ هاڻ چيني زبان به سيکاري ويندي. اهو ٻڌي اسان ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. اسان جي کلڻ جو سبب توهان شايد اهو سمجھي رهيا هجو ته اسان اهو بيان ٻڌي سوچيو هجي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگرد صحيح طرح سنڌي به نٿا پڙهن، هاڻ وري دنيا جي ڏکي ۾ ڏکي زبان چيني سکندا. جي ها! توهان جي اها ڳالهه به صحيح آهي، پر اسان کي اڄ کان چاليهه ٻائيتاليهه سالَ اڳ جو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن اسان تازو جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ۽ اسانجو جهاز چين جي بلڪل ڏکڻ اوڀر واري هڪ بندرگاهه فانگچيانگانگ ۾ هو. مائو جو زمانو هو. اسان ڌارين کي گهمڻ ڦرڻ جي اجازت نه هئي، سو ڪئپٽن مخدوم (جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو ۽ آئون جونيئر انجنيئر) ٻنهي گڏجي اتي جي ماڻهن کان ڪجهه چيني زبان جا جملا سکيا، ڇو جو اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هاڻ هر سفر ۾ اسانجو جهاز ملائيشيا، جپان ۽ ڪوريا سان گڏ چين  به ويندو رهندو.  ٻئي دفعي اسان جو جهاز چين جي ٻئي بندرگاهه شنگھائي پهتو. اتي جي  ماڻهن سان اسان چيني زبان ڳالهائي ته سمجھن ئي نه! اسان جي پڇيل انگريزي جملن جا هاڻ هنن ٻيا چيني جملا ٻڌايا. اسان اهي خوب رٽيا. ٽيون دفعو اسان جو جهاز چين ۾ ضرور آيو، پر بلڪل اترئين بندرگاهه ڊاليان ۾. اتي جي ماڻهن سان جڏهن ياد ڪيل چيني جملا ڳالهاياسين، ته خبر پيئي ته هو بلڪل نٿا سمجھن. نه شنگهائي وارا ياد ڪيل جملا ۽ نه فانگچينگانگ وارا! پوءِ اسانکي اتي رهندڙ يونيورسٽي جي هڪ انگريز پروفيسر ٻڌايو ته سڄي چين ۾ ڪا هڪ چيني زبان ناهي. هتي ننڍيون ننڍيون سوين زبانون آهن، پر وڏيون جيڪي هڪ ڪروڙ کان به مٿي ماڻهو ڳالهائين ٿا، اهي به پنجاهه کن آهن ! چين جي هر صوبي ۽ علائقي جي مختلف چيني زبان آهي. سو اسان جي وزير صاحب جو بيان ٻڌي اسان کي ان تي کل آئي ته جيڪا ڳالهه اسان کي 40 سال کن اڳ سمجھه ۾ اچي وئي، اها اسان جي صوبي جي سربراهه کي اڃا نه آئي آهي.

هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن اردو ۽ هندي زبان سمجھڻ وارو هڪ ٻئي سان ڳالهائي ته سگهي ٿو، پر هڪ ٻئي جي لکڻي پڙهي نٿو سگهي، ڇو جو اردو ۽ هندي لکڻي جدا جدا آهي. ملائيشيا ۾ هَڪا، ٽيوچو ۽ هُڪين چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان جيڪا هڪ چيني زبان آهي، اها منڊارين سڏجي ٿي. هانگ ڪانگ جي چيني زبان ڪئنٽونيز آهي (جيڪا  چين جي گئانگ ڊانگ ۽ گئانگزي صوبن جي زبان آهي)، اهڙي طرح Wu نالي چيني زبان آهي، چئانگزي صوبي جي Gan نالي چيني زبان آهي، جيڪا پنج ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح ٻيون چيني زبانون آهن، جيڪي ڳالهائڻ ۾ مختلف آهن، پر سڀني جي لکت ساڳي آهي. ڇو ته چيني زبان ۾ هر لفظ شڪل آهي. اها ڳالهه ائين سمجهي سگهو ٿا ته مثال طور سج جي شڪل ٺاهڻ ته هرڪو سمجھي سگهي ٿو، ته اهو سج آهي، پر اسان سنڌي ان شڪل کي ڏسي سج يا سڄ سڏينداسين، اڙدو ڳالهائڻ وارو سورج، سنسڪرت وارو سوريا، انگريز ان کي ڏسي سن چوندو، عرب شمس چوندو ته ايراني آفتاب.. وغيره. پر ڳالهه اها آهي ته ڪا به چيني زبان ڳالهائڻ ئي ڏکي ڳالهه آهي، لکڻ ته ٿيو بيحد مشڪل ڪم. اسان جو ماڻهو انگريزيءَ جي 26 اکرن ۽ سنڌيءَ جي 52 اکرن ۾ ئي ڦاٿل رهي ٿو، ڪنهن ۾ آهي ايتري همت، جو ٿوري گهڻي چيني پڙهڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار شڪليون ياد ڪري؟ هونئن ته چيني زبان جو ڄاڻو يا ماستر پروفيسر سڏائڻ لاءِ اٽڪل پنجاهه هزار شڪليون ياد ڪرڻ ضروري آهن.


No comments:

Post a Comment