Sunday, January 11, 2015

پيالي جيترو ڪوئيٽا شهر - آدرش

پيالي جيترو ڪوئيٽا شهر
آدرش
روزن وارو مهينو دنيا لاءِ ڀلارو ٿي ايندو آهي، پر اسان وٽ ڪرفيو ۽ مهانگائي جو مهينو ٿي ايندو آهي، گذريل ڪجهه سالن کان سخت گرمي جي مهينن ۾ رمضان مبارڪ جو مهينو اچي ٿو، گذريل سال جولائي جي مهيني ۾ آيو، سون ته سهاڳو اهو جو اسان  جي پاڙي جي بجلي جو ٽرانسفارمر به سڙي ويو ته واپڊا وارا به صفا سڙيل. رشوت بنا ڪاٿي ٿا اچن. جڏهن پاڙي مان چندو ڪري ڀڀ ڀريونِ ته ٺاهي وڃن، زال به رٺلَ ۽ پيڪين ويل. مان وري وڻ  تي اڪيلي پکيءَ وانگر ويٺل ڪيلو کائي رونا ليليٰ جا طالب الموليٰ جا ڳايل ڪلام پيو ويٺو جهونگاريان. اهڙي ڏکئي وقت ۾ شاعر دوست سجاد مهر ابرِ بهاران ٿي آيو، پڇڻ لڳو، ”ڪوئيٽا هلبو؟ منهنجا ته اڳ ئي ٽپڙ ٽيشن تي هُيا سو وراڻيومانس؛ ”ڇو نه هلبو، اهڙو هلبو جو ڏيهه ڏسندو“.


”ڪهڙي ريل ۾ چڙهُون يا ڪنهن ڪوچ ۾ ڪُوچ ڪيون؟“ پڇيومانس ته کلي چوڻ لڳو: ”نه ريل ۾ نه ڪوچ ۾. ٽرڪ ۾. اهو ٻڌي منهنجو وات ڪِٽلي ٿي ويو. پاڻ کي برطانيا جي وزير اعظم ڊيوڊ ڪئمرون کان گهٽ نه سمجهون، ان جهڙي نيري ٽاءِ ٻڌي، جهاز ۾ سفر ڪرڻ وارا وري ٽرڪ ۾ چڙهون! ياالاهي! ماجرا ڪيا هي؟ چوڻ لڳو: ”ارشاد منهنجي  ڀاڻيجي جي ٽرڪ آهي، آرام سان کائيندا پيئندا هلنداسون، تون  دل جاءِ ڪر. توکي ڪائي تڪليف نه ٿيندي“. چيومانس: ”پرواهه ناهي سجاد ميان! مڙس ٿي منهن ڏبو. ٽرڪ ۾ به بادشاهن وانگر سفر ڪنداسون“. منهنجي ان جواب تي يار مکڙي وانگر ٽڙي پيو. ”چڱو! شام ستين وڳي منهنجي گهر اچجان“ ۽ ايئن  چئي  خوشي مئون ٺينگ ٽپا ڏيندو، بائيڪ کي زوم سان ڪڪ هڻي هلي ويو.
لٽن جي هڙ ٻڌم. هڙ وچ ۾ ٽرڪش ناولسٽ اورحان  پامُڪ جو ناول (My Name is Red) رکيم، ته جئين سفر ۾ هم سفر کي ننڊ جو جهوٽو اچي وڃي  ته وري پامُڪ سان ڪچهري ڪندي دل وندرايان. لٺ ۾ هڙ اٽڪائي، فلم ”اناڙي“ جي نديم وانگر ڪلهي تي رکي، شام جو سجاد جي گهر آيم. درکڙڪايومانس ته گهران ئي تيار ٿي ٿيلهو کڻي نڪري آيو. سجاد جي گهر کان سڏپنڌ  تي ٽرڪ بيٺي هئي. ٽرڪ جي پويان ”پپو يار تنگ نه ڪر“ ۽ ”آ سيني نال لگ جا ٺا ڪر ڪي“ جملا لکيل هيا. ٽرڪ ڀرسان سجاد جو ڀاڻيجو، ٽرڪ جو مالڪ ۽ ڊرائيور پڻ استاد عطا حسين آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڀاڪرن جا هار کنيو بيٺو هو. اسان به ٺا.. ڪرڪي هن جي سيني سان لڳاسون. استاد قد جو پورو سارو ۽ بت ۾ ڀريل هو. مون کي ڪنهن جي رکيل ٿڌي پاڻي جي مٽ وانگر لڳو. کلڻو جوان هو ۽ قرب جو ڪوٽ لڳو. گهڻي ڀاڱي ٽرڪ ڊرائيور ابراهيم خشڪ لڳا پيا هوندا آهن، پرهي استاد انهن جي صفا ابتڙ شازيا خشڪ لڳو ۽ ان وانگر جهمريون پائڻ لڳو.
ٽرڪ جي ڊالي ۾ليئو پاتم ته اتي مينهون ۽ ٻڪريون بيٺل هيون. ٽرڪ جي باڊي جي ڪمانين مٿان هڪ کٽ رکيل هئي، ان تي رستم روڊ جو هڪ سرمستاڻي جوان دهل رکيون ويٺو هو. مون کي لڳو ڄڻ سجاد ۽ مان ٻي شادي پيا ڪرڻ وڃون ۽ ڄڃ ۾ اسان جا سهرا، اسان جي چاچين ۽ ماسين بدران اهي مينهون ۽ ٻڪريون چونديون هلنديون، ڳالهه مڙيوئي هڪڙي، چاچيون يا مينهون.
استاد عطا حسين چوڻ لڳو؛ ”سائين توهان جيڪب آباد تائين مون سان ويهو. اتان ننگر پاڻي ڪري وڃي مٿي ڪئبن ۾ ويهجو. مون اوهان لاءِ فس ڪلاس بسترا لڳرائي ڇڏيا آهن، مولا ڀلي ڪندو.“
”حاضر استاد!“ چئي اسان ٽپ ڏئي ٽرڪ اندر چڙهي ويٺاسون. اندر ته چڙهياسون پر ايئن لڳو ڄڻ ڳئون جي گرم ڄڀ ۾آياسون. جيڪب آباد تائين لاهه ئي نڪري ويا. جيڪب آباد به دنيا جو گرم خطو اهڙو ڄڻ بٺي. هڪ ڀلو لطيفو آهي، ته الله سائين ڏانهن فرشتا ڊڪندا آيا. چوڻ لڳس؛ ”سائين هڪ همراهه دوزخ ۾ ڪمبل ٿو گهري“. پڇيائين ڪير آ؟ چيائونس؛ ”سائين جيڪب آباد جو صحافي آ“. جيڪب آباد جي هڪ لائين جي هوٽل تي ٽرڪ بيٺي، لٿاسون ته ساهه سڌير ٿيو. ماني کاڌي سي، ٻوڙ ماني ڏاڍا سوادي هُئا. مٿان کير پتي چانهه اچي ويئي ته قرار ٿي ويا. ماني ٻاني کائي، چانهه چڪو پي اٿياسون ته استاد عطا حسين مون کي گولڊ ليف سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ هاڪي ماچيس وٺي ڏنا. دل گهريو ته کيس خوشي مان چمي ڏيانس. پر منهن تي پاءُ مڇن جو ڏسي منهن هن جي ڪلينڊر ڏي ڪيم ته اهو به ڇوڪراٽ بدران منهنجي وڏي رٽائرڊ چاچي جيڏو هو، سو صبرِ ايوبي ڪيم.
ٽرڪ وٽ آياسون ته استاد چيو؛ ”سائين هاڻي توهان ڀلي مٿي وڃي آرام سان ويهو.“ سجاد ۽ مان ننڍڙي ڏاڪڻ ايئن چڙهياسون ڄڻ  پل صراط هجي. ڪئبن ۾ اچي ڪشادا ٿي ويٺاسون. سهڙ جهڙو نرم بسترو پٿاريل هو. وهاڻا به سٺا هيا. وهاڻن کي ٽيڪ ڏئي سجاد ۽ مان ايئن ويٺاسون ڄڻ هندوستان جا مغل بادشاهه سلامت هاٿين تي ويٺا هجن.
سجاد قميص جي پاسي واري کيسي مان موبائيل ڪڍي، نمبر ملائي، ڪن تي مائي ڀاڳيءَ وانگر هٿ رکي ڄڻ ته مرليون وڄائڻ لڳو. مان وري سگريٽ دُکائي، موج ۾ اچي مئڊم نورجهان جو گانو ”مينون رک لي ڪلينڊر نال“ ڳائڻ شروع ڪيم ته ٽرڪ به هلڻ لڳي.
ڳوٺ ”ڍاڍڙ“ وٽان پهاڙ شروع ٿيا. ٽرڪ جي ٻنهي پاسن کان پهاڙ ڏسندي مون کي ايئن لڳو ڄڻ اهي اسان بادشاهن جي حفاظت لاءِ موجود هجن. مون کي اطمينان ٿيو ۽ مان اکين تي ٻانهن رکي سمهي پيم.
اک کلي ته هلڪو سوجهرو ٿي چڪو هو. ٽرڪ ”ڪول پور“ جي سهڻي شهر ۾ مندر اڳيان ٽرئفڪ بند ٿيڻ سبب بيٺي هئي. ڪجهه پلَ پڄاڻان ٽرڪ هلڻ لڳي. سجاد مرڪي رهيو هو. مان به مرڪيم. هن سفر ۾ ٻئي خوش هياسون. ٽرڪ اسپيڊ ورتي ته اسان کي سيءُ ٿيڻ لڳو. ڪمبل پيو هو، اهو کڻي ويڙهيوسون. دهل وٺي وڄائڻ لڳم. پوءِ سجاد وٺي وڄايو. ايئن دهل وڄائيندا، ڌمچر مچائيندا ڪوئيٽا جي ويجهو ٿياسون.
ڪوئيٽا پهچڻ تي سج ڪَني ڪَڍي ۽ اسان کي  ڪوئيٽا اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ڪوئيٽا ۾ ٽرڪ هڪ هنڌ مال لاهڻ لاءِ بيٺي، اسان وري چانهه پي ڪري هڪ رڪشا ۾ جناح روڊ تي آياسون، اتي اسان جو ميزبان سائين ميهر جمالي بيٺو هو. ماٺيڻي مزاج جو مالڪ ۽ کلمک جوان ميهر جمالي اسانجو سونهون ٿيو ۽ ڪوئيٽا جي سڀ کان قديم ۽ پهرئين هوٽل ”نيل“ ۾ وٺي آيو. ميهر جمالي ۾ مون کي حضرت عيسيٰ جهڙي محبت ۽ نوڙت نظر آئي.
”نيل هوٽل“ جو نالو مصر جي جڳ مشهور درياءَ نيل تي رکيل آهي. نيل درياءَ ۾ چمڪندڙ تارن ڀري هڪ رات جو فرعون جي ڌيءُ کي حضرت موسيٰ جو ترندڙ پينگهو مليو هو.
اسان کي نيل هوٽل ۾ سک ۽ آرام مليو. نيل هوٽل اصل ۾ اسان جي ضلعي شڪارپور  جي شهر جي ڀڪ واري ڳوٺ غلام حسين پٺاڻ جي رهواسي ٻن ڀائرن سيف الدين ۽ عبدالحسين پٺاڻ جو آهي. جيڪي وڏا امير آهن. اسان جو ميزبان ميهر جمالي، انهن جو گهڻگُهرو آهي، سو ڄڻ هوٽل جو مالڪ آهي. اسان جي ڪنهن ماءُ وانگر سار لڌائين. ميهر چواڻيءَ هي تمام پراڻو هوٽل آهي. هتي انگريز به اچي رهيا آهن. انگريز به گڻائتي قوم آهي. آڌرڀائي ڪمري ۾ هڪ عمدي سٺي ڪاٺ جي تختي ٽنگيل آهي، جنهن تي انگريزي ۾ ڏاڍو سٺو جملو لکيل هو. هن ٻڌايو ته ٻه انگريز اچي رهيا، هنن جي سٺي خدمت چاڪري ٿي ۽ ڏاڍو متاثر ٿيا، پنهنجي ملڪ واپس ويا ته اتان اها تختي ٽپال رستي موڪليائون.
تختي تي لکي آهي: ( This Hotel May be Small but Welcome is Big)
اسان ڪمري ۾ سامان رکي حالي احوالي ٿياسون. ميهر جماليءَ جو ننڍڙو نينگر فرمان جمالي چانهه ۽ بسڪوٽ کڻي آيو. ان کان پوءِ سجاد ۽ مان تيار ٿي سينگارجي, گهمڻ لاءِ  نڪتاسون. ڪوئيٽا پيالي جيترو شهر. ڏهه کن ٿيا هيا، دڪان اڪثر بند هيا، پر دڪانن اڳيان فقيرن جا هٿ کليل هيا. اسان جا هٿ وري بند  هيا. گهمندا گهمندا، اسسٽيٽ بئنڪ آياسون. اتي شاعر دوست محسن شڪيل سان ورهين کان پوءِ مليم ته ڏاڍو خوش ٿيو. رمضان جو مهينو ۽ وري ڪوئيٽا. الا امان ! پاڻي به ناپيد. محسن شڪيل سان جهٽ گهڙي روح رهاڻ ڪري اٿياسون. چيائين ته هو شام جو روزو ڇوڙڻ  کان پوءِ هوٽل تي ايندو. هن کان سرور جاويد ۽ درويش دُراني جا نمبر ورتم. ٻئي دلبر  دوست آهن.
اسسٽيٽ بئنڪ کان ٻاهر نڪتاسون. منجهند جا ٻارهن ساڍا ٻارنهن کن ٿيا هيا. بک به اچي پاسا ورتا هيا. رات جي ماني کان پوءِ ڪجهه کاڌو ئي ڪو نه هيوسون. سجاد ميان  بک جو صفا ڪچو توائي پيو ٿيندو وڃي. ڪوئيٽا ۾ ماني ملي ڪٿان؟  خليل مورياڻي صاحب کان ليکڪ شيام ڪمار جو نمبر ورتو هو. هانو کي ڏڍُ ٿيو ته ويلو ان وٽ ٽاربو. خبر پئي ته شيام صاحب اسان جو ٻُڌي هندستان هليو ويو آهي. اسان موٽنداسون ته هو به انڊيا گهمي واپس ايندو، هاءِ رام!
ڪميونسٽ همراهه ڊاڪٽر شاهه محمد مري جو دل ۾ ويچار آيو پر پوءِ انهن جا افعال ياد ڪري سوس پلي ڇڏيم. ڇو ته هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا هوندا آهن.
اسان وٽ دهل وڄائڻ وارا گهڻا آهن. ننڍي کنڊ جو ”مها ڏاهو“ چئي ڪِري پيا پئون. سوڀي گيانچنداڻي ڪهڙي ڏاهپ ڏني؟ هو ته رڳو ڊرائنگ روم تائين محدود ڪيل سياستدان ۽ ڳالهين جو ڳهير هو، اديب به ڪو خاص نه هو، هروڀرو ڊاڪٽر شاهه محمد مري اڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرمين مٿان زور رکي کيس ايوارڊ ڏياريو. ان اداري جي ايوارڊ  جا مستحق ته امر جليل ۽ آغا سليم هيا، جن فڪشن ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ تمام سٺو لکيو آهي. هي اهڙو ڪميونسٽ هو جنهن گيتا جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ جدلياتي ماديت جو پوئلڳ صبح جو گهر اندر ٺهيل مندر ۾ بتن آڏو پوڄا پاٺ  ڏسي پوءِ گهران نڪرندو هو، جديد ڪهاڻي جو ابو ۽ روشن خيال جمال ابڙو ڪتابي مهورت جي پروگرام ۾ اسٽيج تي نمازون پڙهڻ لڳو هو ته ڄام ساقي به سُٿڻ جا پائنچا ڀيڏي تي ڪري تبليغي  جماعت سان چاليهن جي چلي تي وڃڻ  لڳو. ”جيئن ڏٺو آ مون“ جهڙو مَمڻُ مچائيندڙ ليکڪ جي ايم سيد به تهجد پڙهڻ لڳو. سنڌي ٻولي جي تمام وڏو شاعر ۽ منهنجو پاڙيسري شيخ اياز به موت  جي ڊپ کان دعائون لکڻ لڳو، وري نرگسيت جي شڪار ۽ ٻئي کي ڪجهه نه سمجهندڙ ۽ مڃيندڙ ليکڪ ممتاز مهر وري اهڙو خدا جو نيڪ ٻانهو ٿيو جو محمد  موسيٰ  ڀٽي جهڙي مُلي کي اياز جون چانهيون پيئارڻ  لڳو. محمد موسيٰ به اياز کي ٻيهر مسلمان ڪرڻ لڳو ۽ ڪٽر جماعتي غلام مصطفيٰ خان وٽ بعيت ڪرائڻ لڳس. اهي ويچار ڪندي شاهه محمد مري جي ”مري ليبارٽري“ تي ڪونه وياسون ته متان رت ڪڍي چڪاس نه ڪري ته کين روزو ناهي.
اوچتو منهنجي ذهن ۾ ميهر  جمالي جو خيال آيو ته ٻهڪي پيم. ميهر جماليءَ ٻڌايو هو ته لياقت روڊ تي هڪ مندر اٿوَ جتي ماني ملي ويندوَ. سجاد ۽ مان رڪشا ۾ چڙهي   سڌو تولارام روڊ تي آياسون جتي مندر هو. مندر جي عالي شان عمارت هئي، ايڏو وڏو شاهي دروازو هيس جو هاٿي به سولائي سان اندر هليو وڃي.
اسان ٻئي ڪلين شيوڊ، ويس وڳن ۾ سينگاريل، رنگ جا به کليل، سو مهانڊن ۾ مان ڀاڳُومل ۽ سجاد ٺاڪُومل پئي  لڳو. اسان هندو شيخن جا مهانڊا  مڙيوئي هندن سان ملن. شڪارپور جي اڪثر شيخن کي ٻاهريان ماڻهو هندو سمجهندا آهن. پر جڏهن  کين ٻٽونءَ ۾ رکيل ننڍڙي  ياسين شريف جي چوپڙي ڏيکاريندا  آهيون ۽ پنج ئي ڪلما ٻڌائيندا آهيون ته پوءِ يقين ۽ پت ايندي اٿن ته ٻيلي اهي شيخ آهن. جيڪي پهريان برابر هندو هيا. موڪلائڻ  مهل پوءِ به اهو بيت چوندا ويندا آهن ته ”شيخ پٽ شيطان جو، هندو نه مسلمان جو“.
مندر جي دروازي وٽ پُڄي مون سجاد کي هٿ مان ورتو ته هن جو هٿ آلي گل وانگر ٿڌو لڳو. اسان هٿ هٿ ۾ ڏئي مندر ۾ طم طراق سان ائين داخل ٿياسون ڄڻ هندوستان جا ٻانڀڻ ۽ ياترا تي آيا هُجون، نهروءَ جهڙي اڇي ٽوپي مٿي تي پئي هجي ها ته ٻنهي کي ٻائو ڪري ويهارين ها.
دروازو ٽپي اندر ڀنڊاري وٽ آياسون ته ان ۾ رک جهڙي ڏاڙهي سان اڌڙوٽ  همراهه ۽ هڪ موٽيلَ وهي جي زائفان ويٺي هئي. هن جي منهن تي اداسي جون اهڙيون ريکائون هيون ڄڻ  جواني هن مٿان آئي ئي نه هجي.
اسان هٿ ٻڌي کين هندن وانگر رام.. رام ڪيوسون ته هنن به وراڻي ڏني. مون کين چيو ته ڪاڪا ڀوڄن ڪنداسون. همراهه حاضر بابا چئي اٿيو. جاري ۾ رکيل چاٻين جو ڇڳو کنيو ۽ اسان کي پويان هلڻ جو اشارو ڪري هلڻ لڳو. اسان به جيئن ڏاند جي ڪڍ گابا، تيئن هلڻ لڳاسون. هن هڪ ڪمري جو ڪلف کولي درکوليو. پکا هلايائين. اسان اندر اچي هيٺ وڇايل صاف سٺي  غلم تي مهاراج بڻجي ويٺاسون. ڪاڪا ! ”نالو ڇاٿي“؟
سائين! گوبند!“
”ڀلا ماني جلدي کڻي آ!“
ماني ملڻ جي آسري اسان اندر ۾ گدگد ٿيڻ لڳاسون. مهان ڪوي اياز چواڻي؛ ”ڍو بنا ڍوليا! ناهي ساڃهه سونهن جي“
ماني جيتر اچي، اسان ڳالهائڻ شروع ڪيو. پنهنجي مسلمان قوم تي توائي هئي. چو پچو شروع ٿي ويو.
”يار ! اسلام ۾ وڏي ڪشادگي آهي، هنن مُلن کڻي ان کي سوڙهو بڻائي ڇڏيو آهي. اسلام ايئن ٿورئي آهي. جيئن هنن ان کي بڻايو آهي. سفر ۾ روزو ڀلي نه رکو پوءِ رکي سگهو ٿا پر هنن….!
”هنن اسلام جو ته مطالعو ئي ناهي ڪيو“
”هاڻي ڏس ني  هوٽل بند مسافر ڪاڏي وڃن؟“ هوٽل بند ته اتي ڪم ڪندڙ بيرا، بورچي ۽ ٻيا ملازم بي روزگار، سڄو مهينو ڪاڏي وڃن؟ ڪاٿي ڪمائيندا؟ عيد ڪيئن ڪندا؟“
”اڇا! وري جيڪي ڪجهه  هوٽل وارا رشوت ڏئي پرمٽ وٺن ٿا ۽ ٿاڻي وارن کي خرچي پاڻي ڪرائي گراهڪن کي وري مُڏي ڇُري سان ڪهن ٿا، اسي رپيا دال سا به  تتو پاڻي، ڳائي گوشت جي پليٽ هڪ سوچاليهه رپيا سو به اهڙا ڇيڇڙا جو ٻلي به نه کائي هيءَ مسلماني آ؟“
”اسلام ڇا ايئن ٿو چئي ته رشوت ڏئي پرمٽ وٺو ۽ مسلمانن کي ڦريو لٽيو. اها  ڪا چڱي  ڳالهه آهي؟ سو به رمضان جهڙي ڀلاري مهيني  !“
”ڀلا جي هوٽل کولن ۽ پردا هڻن ته ڇا قيامت اچي ويندي“؟
”بس ڙي ادا! ڪو چوڻ وارو ناهي. انڌيري نگري چرٻٽ راجا، جهڙو ٻيو ڪو نه اسان جو ملڪ ئي آهي!
”هاڻي ڏس اهي هندو  آهن، ڪيڏا نه ديالو آهن. ڪيئن ٿا سيوا ڪن. آئي وئي جي پرگهور لهن. رهائن ٿا. کارائن پيئارن ٿا. سچ پچ  هن قوم کي سلام آ.  پوبه  اسان کين ڪافر چوندا آهيون.“
”ڪيڏا ڪم ٿا ڪن. خير خيرات ڏين. سوالي کي نه موٽائن. پنهنجن جي پرگهور لهن.  اسان جي پاڙي ۾ نانڪ آهي. ڇٻو هلائيندو آهي ۽ غريب آ. مينهن ۾ ان جي جاءِ  ڪري پئي ته ميڙي  چونڊي ڪري ٺهرائي ڏنائونس. اسان ائين ڪيون ها ؟ هان !“
”مان پر سال سخت بيمار ٿي پيم. مئو مئو بچيم ته سڳو ڀاءُ  به پڇڻ نه آيو. هڪ ماءُ  جي پيٽان نڪتل يار! تون ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين“
”ڀلا پري ڇو ٿو وڃين، پنهنجو شهر ڏس. ڇا ڇا نه هندن ٺهرايو آهي. اسان ته انهن  کي ڊاٿو آهي. سول اسپتال ڏس. گنگا ٻائي زناني اسپتال ڏس. ڪاليجون ڏس. لکيدر ڏس گهنٽا گهر ڏس. ڪيڏيون عاليشان  عمارتون آهن.“
”اهي هڙان وڙان خرچ  ڪري ٺهرايائون اسان روپيو به ڪڍون ؟ تارا  ڪڍون.“
ڳالهيون ڪندي گوبند ماني کڻي آيو، جنهن ۾ چار کن ڦلڪا، وٽي ۾ سائي ڀاڄي ٻه تريل آنا ۽ هڪ اڇن چانورن جي پليٽ هئي، اسان ماني کاڌي ته ڍءُ ٿي ويو. پيٽ ۾ لُل ته ڳوٺ ۾ هُل. سو مُنهن تي سَرهائي اچي وئي. اکين ۾ اهڙي چمڪ اچي وئي جو مٿي رهائشي ڪمرن جي گيلري ۾ هڪ اڌڙوٽ بيٺل مائي به قطرينا ڪيف نظر اچڻ لڳي.
سجاد ۽ مان هٿ ڌوئي، ڀنڊاري وٽ پڄي گوبند جا هٿ ٻڌي ٿورا مڃ  وک وڌائي مک دروازي تي مس پڳاسون ته پويان جهوني مائي ڊڪندي آئي ۽ چوڻ  لڳي ”او ابا! رانڌو ٿو سڏيوَ“. اسان  ٻنهي کيسن کي هٿ لاتو ته ڪا شيءِ، ٻٽون يا سگريٽن جو پاڪيٽ ڪمري ۾ وسري ته نه ويا جو گوبند سڏي ٿو، بهرحال اسان ڀنڊاري وٽ آياسون ”ڪاڪا !چئه؟
”هو سائين، مانيءَ جا پئسا ڏيو.“
”گهڻا؟“
”اڍائي سؤ.“
”هان؟“
”سائين بابل! اڍائي سئو“
گوبند ايتري ماني جي ايڏي رقم ٻڌائي ڄڻ ڀاڪر پائي خودڪش حملو ڪيو. اسان جا منهن ئي لهي ويا. ماني هئي  ڇا؟  وڌ ۾ وڌ ستر اسي رپين جي. هيڏا سارا انهن ٻن  ڦلڪن جا اڍائي سئو. وڻ ئي وڄي ويا. هاڻي ڪِر ڪِر ڪرڻ به اجائي هئي، سو ٻٽونءَ مان اڍائي سئو ڪڍي ڏنامانس ته هانءُ ئي سڙي ويو.
”واقعي ئي سجاد! اهي واڻيا حرامي هن.“
”ڪافر ڪڏي نه سچو ٿيندو“
”ڀيڻسان! ڪو رحم ئي ڪونه اٿن. رمضان جهڙي ڀلاري مهيني جو به خيال نه ٿن“ هنن شروع کان مسلمانن کي پيڙيو آهي“.
”سٺو ٿيو ورهاگو ٿيو ۽ لڏي ويا نه ته هي هجن ها ته اسان جي نڙي تي لت ڏين ها. هاڻي ڏس! جيڪي رهيل آهن اهي ڪو گهٽائن ٿا. اسان واري سوناري کي ڏس. هر مهيني وياج مان ڏهه ٻارنهن لک ويٺو ڪمائي ٿو. ان کان اوڌر ڪو واڻيا ٿاوٺن! اهوئي مسلمانن کي ٿو ڦري ني!“
”شڪارپور ۾ ڀلا ڪرتار گهٽائي ٿو. ڪيڏو ٿو ڪمائي. ڪو چوڻ وارو ئي ناهي، ملڪ آ اهو؟ ادا اسلام ۾ ڪيڏي نه سٺي ڳالهه آهي ته ڪافر کي مارڻ جهاد آهي ۽ جهادي کان قيامت ۾ پڇا ڳاڇا ئي نه ٿيندي، سڌو جنت ۾ داخل ٿيندو. هتي به ثواب ته اتي به. واهه واهه  جهاد اسان کي به  ڪرڻ گهرجي“
”بالڪل“
”امان سچ  چوندي آهي ته؛ ”ڦڦڙ نه گوشت، واڻيو نه دوست“!!


No comments:

Post a Comment