Saturday, June 06, 2015

لاهوت لامڪان جو روحاني سفر - زوار عبدالستار درس

لاهوت لامڪان جو روحاني سفر
زوار عبدالستار درس
رمضان المبارڪ جي 9 تاريخ کان بلوچستان صوبي جي خضدار ضلعي ۾ شاهه بلاول عرف جيئي شاهه نورانيءَ جو قديم ترين ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي جنهن کي ”لاهوت لامڪان“ وارو ميلو به سڏيو ويندو آهي. هن ميلي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن مان زائرين هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ انهن زائرين جي اڪثريت سيوهڻ شريف ۾ حضرت لال شهباز قلندر رحه جي سالياني عرس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد سيوهڻ کان جابلو رستي ذريعي انتهائي دشوار ترين سفر پيرين پيادو طئي ڪري اتي پهچندي آهي. سنڌ ۾ سينه به سينه اها روايت هلندي پئي اچي ته سيوهڻ کان لاهوت لامڪان تائين ان جابلو رستي تي سڀ کان اڳ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پيرين پيادو سفر ڪري ان راهه کي نروار ڪيو. ان دشوار ترين جابلو پنڌ ۾ ڪيترين ئي جاين تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جا چِلو ڪٽڻ وارا مقام کوهه ۽ هڪ مسجد به آهي جيڪا شاهه لطيف رحه جي نالي سان مشهور آهي، ان کانسواءِ شاهه جو رسالو ۾ موجود ٻه سُر سر کاهوڙي ۽ سُر رامڪلي به ان جو ثبوت آهن، جن جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه خود اهو دشوار ترين جابلو سفر ڪري ان پنڌ جي ماڳن مڪانن جو مٿي ڄاڻايل سُرن ۾ مُفصل ذڪر ڪيو آهي، شاهه سائين اهو سفر اختيار ڪندڙ لاهوتين جون صفتون هن طرح بيان فرمائي ٿو ته:


بُک وِڌائون بُگرئين، جوڳي ڪنڊا جُڃَ
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پيئن اُڃ،
لاهوتين لطيف چوي، من ماري ڪيو مُڃَ
سامي جهاڳي سُڃ، وسنئن کي ويجها ٿيا.
پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي
واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا
لاهوت لامڪان وارو سفر سنڌ جو انتهائي قديم ترين روحاني سفر آهي ۽ هيءُ اڻانگو سفر اهي ئي کاهوڙي انسان اختيار ڪندا آهن جن جي لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه فرمائي ٿو ته:
کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن
اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.
هي ساليانو روحاني سفر هر سال لال شهباز قلندر جي 18 کان 20 شعبان المعظم تائين ملهائجندڙ عرس مبارڪ جي نکيٽيءَ واري رسم کانپوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ لاهوتي پانڌيئڙا لال باغ واري واٽ کان پيرين پيادا روانا ٿي جبل جون پير پٿون ڪندڙ مسافتون ڪندا جبل جهاڳيندا نديون اُڪرندا وڃي لاهوت لامڪان واري منزل کي پهچندا آهن. هن اڙانگي پنڌ جي آخري منزل محبت فقير جي درگاهه آهي، جتي پيرين پيادا جبل جهاڳي پهچندڙ لاهوتي پانڌيئڙا ٻه چار راتيون محبت جي ميدان ۾ قيام ڪري سفر جي ٿڪاوٽ لاهيندا آهن ۽ پوءِ تازا توانا ٿي راهه ۾ ايندڙ نديءَ مان غُسل ڪرڻ کانپوءِ شاهه بلاول نورانيءَ جي مزار تي وڃي قيام ڪندا آهن ۽ 9 کان 11 رمضان المبارڪ تائين ملهائجندڙ نوراني سرڪار واري ميلي ۾ شرڪت ڪندا آهن. هن سالياني عرس ۾ پيرين پيادو ايندڙ لاهوتي پانڌيئڙن کانسواءِ بسن ۽ ٻين گاڏين جي ذريعي ڪراچي کان ايندڙ هزارين زائرين به شريڪ ٿيندا آهن ۽ عرس مبارڪ ۾ شريڪ ٿيڻ کانپوءِ سمورا زائرين پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽي ويندا آهن.
شاهه بلاول نورانيءَ جو مقبرو بلوچستان صوبي جي ضلعي خضدار جي ديهه سارونا ۾ واقع آهي، جتي ملهائجندڙ سالياني عرس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ پيادل ويندڙ لاهوتي پانڌيئڙا جبل جي چوٽيءَ تي واقع لاهوت لامڪان واري مقدس غار جي زيارت ڪرڻ لاءِ جبل جهاڳڻ شروع ڪندا آهن. لاهوتي پانڌيئڙن جو چوڻ آهي ته لاهوت لامڪان واري غار جي زيارت ڪرڻ کانسواءِ ان سفر جو پانڌيئڙو لاهوتي سڏائڻ جو حقدار نه آهي، جيئن ته سيوهڻ کان لاهوت لامڪان تائين پيرين پيادو سفر ڪري ان اڙانگي راهه کي نروار شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪيو، ان ڪري اڄ به هزارين پانڌيئڙا ان اڙانگي راهه تي سفر ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سُنت کي پورو ڪري رهيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي شاعريءَ ۾ ان سفر جا ڪجهه شرط به ٻڌايا آهن ۽ فرمايو آهي ته:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام
صبر جي شمشير سين ڪر ڪِيني کي قتلام
گولا جي گولن جا تِن جو ٿيءُ غلام
ته نانگا تنهنجو نانءُ لکجي لاهوتين ۾.
لاهوت لامڪان ڇا آهي؟ شاهه سائينءَ جي رسالي جي شرح ڪندڙ عالمن ان کي سُلوڪ جي پنجن ”فنا في الله واري منزل“ ڄاڻايو آهي، انهن عالمن موجب سُلوڪ جي پهرين منزل ناسُوت آهي جيڪا شريعت متعلق آهي. ٻي منزل ملڪوت آهي جيڪا طريقت متعلق آهي. ٽئين منزل جبروت آهي جنهن کي حقيقت جو درجو ڏنو ويو آهي. چوٿين منزل هاهوت آهي جنهن کي معرفت جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ سُلوڪ جون اهي چارئي منزلون طئي ڪندڙ سالڪ ئي ”فنا في الله“ واري پنجين منزل لاهوت کي پهچي سگهندو آهي. منهنجي نظر ۾ حيدريم قلندرم مستم، بندهءِ مرتضيٰ علي عه هستم“ جي صدا بلند ڪندڙ لعل شهباز قلندر رحه ۽ ”آڳهه جن علي عه، آئون نه جيئندي اُن ريءَ جي هام هڻندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جهڙين روحاني هستين جبل جهاڳي اوڏانهن وڃڻ ۽ اتان جي بزرگ مقامي ماڻهن پاران سينه به سينه بيان ڏيندڙ اهي روايتون ته اسان پنهنجي وڏڙن کي اهو چوندي ٻُڌو ته ”هتي ڪو وڏو پهتل بزرگ آيو هو ۽ پوءِ اُن تُربت واري هنڌ ويٺي ويٺي غائب ٿي ويو.“  يعني تُربت وارو  مقام اصل ۾ آستانو يا غيب وارو مقام آهي، اها به انتهائي اهم ڳالهه آهي ته جنهن ”شاهه بلاول نوراني“ جي نالي سان اها مزار سڏجي ٿي ان جو تاريخ ۾ ڪٿي به ڪو تذڪرو يا شجرو نٿو ملي. جڏهن لعل شهباز قلندر رحه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جهڙيون بزرگ هستيون هلي ان دروازي تي وڃن ٿيون ۽ تاريخ ۾ اهڙو تذڪرو به موجود آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته اها هستي انهن کان به وڏي روحاني شخصيت هوندي ۽ ان جو تاريخ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو تذڪرو به هئڻ گهرجي پر تاريخ ان سلسلي ۾ مڪمل خاموش آهي جنهن سبب مٿئين خيال کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي ته اها شخصيت حضرت علي عه ابن ابو طالب جي ئي ٿي سگهي ٿي ۽ اهي سندس روحاني آستانه آهن.
هن وقت تائين جيترن به محققن شاهه بلاول نورانيءَ تي ڪتاب يا مقالا لکيا آهن اهي سڀئي شاهه بلاول نورانيءَ جو ڪو به شجرو ٻُڌائڻ بدران ان سلسلي ۾ مڪمل لاعلميءَ جو اظهار ڪن ٿا، جڏهن ته سندن تحقيقن ۾ صرف شاهه بلاول نورانيءَ جو ئي تذڪرو ٿيل آهي. اهڙن ڪتابن مان گزيٽر آف بلوچستان لسٻيلا 1906ع، ڪنٽري آف بلوچستان باءِ اي ڊبليو هگس لاهور 1877ع، صوفياءِ بلوچستان ڊاڪٽر انعام الحق ڪوثر، لاهوت لامڪان فيلڊ رپورٽ اسلام آباد، تحفته الڪرام مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ ٻين ڪتابن جو تذڪرو ڪندي محمود نظاماڻي پنهنجي تصنيف ”تعارف و تذڪره سيد بلاول شاهه نوراني سرڪار“ ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته مون کي ايترن ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ به صرف ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته سندن نسب حضرت علي ابن ابو طالب سان وڃي ملي ٿو. باقي مون کي سندس نالي کانسواءِ ٻي ڪا به معلومات نه ملي سگهي آهي.
سن 1180هه ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”تحفة الڪرام“ جي صفحي نمبر 633 ۽ 634 تي لکيو آهي ته پٻ جبل ۾ هيءَ تمام صفائي ۽ حضور واري جڳهه آهي، منجهس انب ۽ انجير جا پاڻ ئي پيدا ٿيندڙ گهڻا وڻ آهن. رائنڪ لڪ ۾، ٻه صاف حوض آهن جن جي اونهائي بي انتها چئي وڃي ٿي. اتي هڪ ڪامل ولي الله ”شاهه بلاول“ جي درگاهه، دعا گهرندڙن جي دعا قبول پوڻ ۽ ڪٽيل دل ماڻهن جي اندر اُجرو ٿيڻ جي جاءِ مشهور آهي. لاهوت، پٻ جبل ۾ هڪ عجيب جڳهه آهي جنهن ۾ قدرتي هڪ ڪمرو آهي، جنهن ۾ هڪ دري ٺهي پئي آهي جنهن ۾ پٿر جا ٻه ڪڙا ٺهيل آهن انهن ۾ فقيرن رسا ٻڌي ڇڏيا آهن. زائرين انهن رسن کي پڪڙي غار ۾ اندر ويندا آهن. اندر هڪ گهر وانگيان جڳهه آهي، جنهن جي سموري ڇت ڳئون جي ٿڻن جهڙي شڪل جي آهي. مشهور آهي ته آڳاٽي زماني ۾ سڀني ٿڻن مان کير ٽمندو هو. هاڻي ڪن ٿورن ٿڻن مان پاڻي ٽيپو ٽيپو ڪري ٽمي ٿو. گهر مان اندران هڪ غار آهي جنهن ۾ رستو آهي ۽ ان جي ڪا انتها نه آهي. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ غار واري رستي ذريعي اڍائي يا ستن ڏينهن ۾ حجاز جي سرزمين تي پهچي سگهجي ٿو. آڳاٽي دور ۾ فقيرن انهيءَ رستي جو سير ڪيو هو.
مٿيون حقيقتون ڄاڻڻ ۽ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سُر کاهوڙي ۽ سُر رامڪليءَ جو بغور مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ڪو به حقيقت پسند انسان ان حقيقت کان انڪار نه ڪري سگهندو ته شاهه بلاول نورانيءَ جي مزار توڙي لاهوت لامڪان وارو مقام در حقيقت حضرت علي عه ابن ابو طالب جو آستانو يا غيب وارو مقام ئي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ان حقيقت ڏانهن هن نموني به اشارو فرمايو آهي ته:
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي
ديکي جن دوراڪا، مهيسين ملهي

آڳهه جن علي عه، آئون نه جيئندي اُن ريءَ.

No comments:

Post a Comment