Monday, October 05, 2015

ڪئناڊا جتي ايمبولينس بي ايم ڊبليو کان به اهم آهي - ڊاڪٽر مرليڌر

ڪئناڊا جتي ايمبولينس بي ايم ڊبليو کان به اهم آهي
ڊاڪٽر مرليڌر
ڪئناڊا جتي ايمبولينس Bmw کان گهڻي اهم آهي، سڌريل ۽ ترقي يافته دنيا ۾ ڪئناڊا اهو ملڪ آهي جتي صحت جون سهولتون به مفت آهن، سرڪار اها ذميواري پنهنجي ذمي لڳائي آهي هر شهري وٽ هڪ هيلٿ ڪارڊ هوندو آهي، اهو ڏيکاري هو مفت سهولت حاصل ڪري سگهي ٿو، هڪ ٻي اهم شيءِ جيڪا مون ڏٺي اها هيءَ ته روڊ تي جيڪڏهن ايمبولينس سائرن وڄائيندي گذرندي ته ٻين گاڏين کي روڊ جي پاسي تي وڃي بيهڻو آهي، جيستائين ايمبولينس اتان گذري نه وڃي، اها گاڏي چاهي کڻي ڪيتري ئي وڏي ماڻهو جي ڇو نه هجي Bmw ئي ڇو نه هجي اهو قانون آهي جيڪو عمل نه ڪندو سزا پائيندو، ٻيا به ڪيترائي چڱا قانون آهن جهڙوڪ؛ اسڪول بس کي رستو ڏيڻو آهي، جيڪڏهن ٻار بس مان لهن پيا ته اوهان کي پنهنجي گاڏي مورڳو پري بيهارڻي پوندي جيستائين ٻار لهي نه وڃن، جيڪڏهن پيادي پنهنجا پير فٽ پاٿ تان هيٺ لاٿا يا هو رستي کي ڪراس ٿو ڪري ته قانون مطابق گاڏي واري کي بيهڻو آهي، اهڙي طرح رستي تي هلڻ واري تي به ڪجهه پابنديون آهن، بهرحال هر ڪو ئي قانون جي پاسداري ڪندي نظر ايندو.


اتي ماسترن، پنهنجي مطالبن جي حق ۾ هڪ هڙتال ڪئي. پهريائين ته ليبر ڊپارٽمينٽ وارا هڙتال جي قانون جي دائري ۾ هجڻ جي تصديق ڪندا تڏهن هڙتال ٿيندي. ٻيو ته اها هڙتال ٿوري ڊگهي ٿي وئي ۽ ڪجهه اسڪولن ۾ ٻارن جا سال ضايع ٿيڻ جو خطرو رهيو ته سرڪار ايمرجنسي ۾ پارليامينٽ ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ته ماستر هاڻ ٻن هفتن کان وڌيڪ هڙتال نه ڪندا. ٻئي ڏينهن ماستر اسڪولن ۾ واپس اچي ويا.
چوڻ جو مقصد آهي ته قانون کان مٿانهون ڪو به ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪونهي ٽراسپورٽ جي هڙتال غيرقانوني آهي ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ هلي ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ٿو، هوا، هجي يا مينهن، برف هجي يا طوفان، پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن تي نظر ايندي ۽ ائين اهو ملڪ ڪڏهن به بند ڪونه ٿو ٿئي، اسان وارو حال ڪونهي، هڪ نه ٻئي ڏينهن ملڪ بند آهي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون بند آهن. ها اهو ضرور آهي ته سرڪار پنهنجي عوام جو خيال به رکي ٿي، اسان واري سرڪار جيان ڪونهي جو جيستائين ڦيٿو ڦرڻ بند نه ٿئي تيستائين مطالبا نه مڃبا. اسڪول جا قانون اهم آهن پر ڪلاس ۾ ٽيچر جو ڪم آهي، ڪلاس روم ۾ استاد جو قانون هلندو، جيئن هو چاهي تئين ٿيندو، ڊرائيونگ لائنس ٺهرائن وقت هي اوهان کان عضون جي عطيي وارو ڪارڊ ڀرائي وٺندا، جيڪڏهن اوهان راضي ناهيو ته ڪا زور زبردستي ڪونهي، بزرگ جيڪي 65 سال کان وڏي عمر جا اهن انهن لاءِ يونيورسٽي جي فيس معاف آهي، شام جون ڪلاسون 6 کان 9:30 تائين آهن، ڀلي صبح جو ڪم ڪيو ۽ شام جو پڙهو، اسڪولن ۾ هيمشه ٽيسٽ ورتا ويندا آهن ته جيئن شاگرد مسلسل پڙهندو رهي ۽ انهن جون مارڪون ڳڻيون به وينديون آهن، ڪمپيوٽر ۽ واءِ فاءِ (wi-fi) هر اسڪول ۾ عام آهي ۽ (wi-fi) جي ريڊيو فريڪوئنسي 6 هوندي آهي جيڪا صحت لاءِ هاڃيڪار ڪونهي. شاگردن ۽ وڏن کي پڙهڻ ۾ سرڪار مدد ڪندي آهي، هاءِ اسڪول تائين تعليم مفت آهي، ڪتاب به سرڪار مهيا ڪندي، يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي پڙهائي لاءِ سرڪار قرض ۽ اسڪالرشپ ڏيندي آهي، بسون فٽ پاٿ جي حساب سان هيٺ مٿي ٿينديون آهن ته جيئن مسافر جي لهڻ چڙهڻ ۾ آساني ٿئي، معذور ماڻهن لاءِ پنهنجون ڦيٿا ڪرسيون هيٺ لاهڻ ۽ مٿي چاڙهڻ ۾ آساني ٿيو وڃي، اسان وٽ ريل جا پائيدان پليٽ فارم کان گهڻو  مٿي هوندا آهن چڱو ڀلو ماڻهو به مشڪل سان هيٺ لهي سگهي، عورتن، بزرگن ۽ ٻارن جي ته ڳالهه هي نه پڇو، هڪ پليٽ فارم تان ٻئي تي پهچڻ لاءِ پل ٽپڻي پوندي. بيمار ۽ بزرگ وڏي مصيبت ۾ هوندا آهن، جيڪو ڪجهه انگريز ٺاهي ويو اسين ان تي پيا گذارو ڪريون، اڃان به انهن جي ٺاهيل جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هونئن ته اتي ڊاڪٽرن لاءِ روزگار انهن جي رتبي مطابق ڪونهي پر بڪين جي فزيشن ۽ ايڪسري جي ڊاڪٽرن لاءِ فيلوشپ جون جايون خالي آهن ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، اهو مون کي اتي نيفرالوجي ۾فيلو شپ ڪندڙ هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو، ماڻهن کي ڪچرو روڊ تي اڇلائڻ جي اجازت ڪونهي. هميشه ٿيلهي ۾ ڪچرو وجهندا ۽ وڏيون وڏيون پلاسٽڪ جون ٿيلهون ڀري گهر جي ٻاهران رکندا جيڪي ڪچري جون گاڏيون اچي کڻي وينديون، اپارٽمينٽ جي هر فلور تي هڪ ڪچرا کڙڪي هوندي، گند ٻن ٿيلهين ۾ مضبوطي سان بند ڪري ان کڙڪي مان اڇلائبو  ته هيٺ ڪنهن وڏي ڊرم ۾ ڪرندو ۽ هر صبح گاڏي ايندي آهي ۽ اهو کڻي ويندي آهي، ها اهو ضرور آهي ته ماڻهو ٽيڪس ايمانداري سان ڏين ٿا ۽ سرڪار به ٽيڪس وٺڻ جي ماهر آهي. موٽ ۾ عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ به شوم ڪونهي حڪومت جو مقصد آهي ته عوام کي جيتري سهولت پهچائي سگهو پهچايو.
اسٽيشن ۽ تفريحي ماڳن تي ٻن کان ٽن قسمن جا ڪچري جا ڌٻا هوندا، هڪ ضايع ڪرڻ واري گند جو ڌٻو ٻيو ٽين جي ٺهيل شين جو ڌٻو ۽ ٽيون پنا، پاٺا وغيره  وجهڻ جو ڌٻو، آخري ٻه ڊٻا ٻيهر مشينن مان گذاري ڪم آڻي سگهجن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ همراهه ٻڌايو ته هو ڪنهن همراهه جي گهر ويو انهن  هڪ اهڙي ٻلي کي گود ورتو هيو جنهن کي ڪنهن نفسياتي مريض تشدد جو نشانو بڻايو هيو. انهن ان ڀلي کي گهر ۾ پناهه ڏني ۽گودورتو آهي، مون اتي ڪو هڪ ٻه ڪتو يا ٻلي روڊ تي رلندي ڪونه ڏٺا، جيڪڏهن عوام انهن کي پاڻ وٽ نه رکندو ته سرڪار انهن جو خيال ڪندي، اسان وٽ انسان جو قدر ڪونهي جانور ويچارو ته ڪنهن حساب ڪتاب ۾ ئي ڪونهي اسان جي معاشري کي اڃان گهڻيون منزلون طئي ڪرڻيون آهن، مايوس نه ٿجي ڪجهه  اڳڀرا اسان به ٿيا آهيون پر رفتار ڏاڍي سست آهي، رفتار تيز ڪرڻي پوندي اسان وٽ به ترقي ٿئي پئي پر ڇا ڪجي نظام کي هلڻ ڪونه ٿو ڏنو وڃي.
PIA جو سفر هڪڙي ڳالهه ۾ ته چڱو آهي ته اوهان ڪراچي مان ويهو ۽ ٽورنٽو ۾ لهو ۽ جهاز اندر ماحول به ائين لڳندو ته پنهنجي ملڪ ۾ آهيو، خرابي اها آهي ته عملو ڪن لاٽار ڪندو، پاڻي گهرندو ته اهو نه ملندو، چانهه گهرندو ته اها نه ايندي، چيلهه جي سور کان بچڻ لاءِ ڪا گوري گهرندو ته چوندا ته جيڪي هيون اهي ڏئي ڇڏيون سين وڌيڪ اوڙهڻ لاءِ چادر ڪڏهن ملندي ته ڪڏهن وري نه، ٽي وي اڌ کان وڌيڪ سيٽن تي خراب هوندا، عملو پنهنجيءَ ۾ پورو هوندو، ان لاءِ نيڪ تمنا ئي ڪري سگهجي ٿي، بهرحال سڌي گهر پهچڻ واري سهولت سٺي آهي، ماڻهو پنهنجي بزرگن ۽ عورتن کي جهاز ۾ ويهاريو ڇڏين ۽ هو سڌو پنهنجي ملڪ يا وري پنهنجي ملڪ کان هن ملڪ پهچيو وڃن.

نياگرا فال ڏسڻ جهڙو آهي، خاص ڪري رات جو انتهائي خوبصورت آهي، هڪ طرف ڪئناڊا ته ٻئي طرف آمريڪا، نه ڪا فوج نظر آئي نه پوليس، ڪنهن زماني ۾ ته ڊرائيونگ لائسنس ڏيکاري ڪئناڊا جا رهواسي آمريڪا ۽ آمريڪا وارا ڪئناڊا ايندا ويندا هئا، 11/9 کان پوءِ هاڻ ڪجهه اميگريشن وارن سختي ڪئي آهي جنهن ڪري ويزا وٺڻي پوندي آهي، پر پوءِ به ڪا وٺ پڪڙ ڪونهي هاءِ اسڪول جي شاگردن کي 40 ڪلاڪ والنٽري سروس ڪرڻي پوندي آهي، ڪنهن اسپتال، لائبريري، ڪميونٽي سينٽر وغيره ۾ اهو ضروري آهي، ٻي صورت ۾ هاءِ اسڪول پاس ڪرڻو جو سرٽيفڪيٽ نه ملندو، بس، اسٽاپ کان علاوه نه بيهندي ۽ وقت جي پابندي تمام اهم آهي، اسان جون بسون جتي وڻين بيهي ٿيون رهن، ٻيو ته ٽرانسپورٽ سموري پرائيوٽ آهي، سڌريل ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ سرڪاري آهي، جنهن ڪري من ماني ڪونهي، جيڪڏهن ميڊيا عدالتون ۽ عوام چاهيندا ته ڪم چڱو ٿي پوندو.

No comments:

Post a Comment