Sunday, February 14, 2016

گڏيل قومن جي پاڪستاني مشن جو دؤرو - ياسر قاضي

گڏيل قومن جي پاڪستاني مشن جو دؤرو
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي پوئين ڀاڱي ۾ اسين آسمان سان ڳالهيُون ڪندڙ عمارتن واري امريڪي شهر نيُويارڪ ۾ ڏيڍ ڏهاڪو اڳ پيش آيل دهشتگرديءَ جي هانءَ ڏاريندڙ واقعي ”نائين-اليون“ جو يادگار ڏسي ۽ گھُمي چُڪا هُئاسِين. اهو يادگار ڏسڻ کان پوءِ ان جي حدن مان نڪرڻ لاءِ الڳ گيٽ هُئي. يعني جنهن دروازي کان اسان داخل ٿياسِين، اُن کان ڌار دروازي کان اسان ”گرائُونڊ ـ زِيرو“ (نيشنل ميموريل آف سيپٽمبر اليون 2001) مان منجھند جي سوا 12 لڳي ڌاري ٻاهر نڪتاسِين، جيڪو بنهه ڌار گھٽيءَ ۾ کُلي رهيو هو. اسان پنهنجي گائيڊ، ڏکايل ماءُ ”ٽريسِي گزانيءَ“ کان ان کان اڳ ئي موڪلائي چُڪاهُئاسِين. اسين اُن گھٽيءَ مان وري ڦري ”ڪيڊر اسٽريٽ” ۾ آياسين. هيءَ اها ئي گھٽي آهي، جنهن مان هن قومي يادگار ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو آهي، جتان ٿوري دير اڳ اسين هن يادگار اندر سخت سيڪيُورٽِيءَ جا مرحلا طئي ڪندي گذري آيا هُئاسِين. ان ئي گھٽيءَ (ڪيڊر اسٽرِيٽ) ۾ ”فائرفائيٽرس ميموريل“ (جيڪو ٿوري دير اڳ ڏٺوسِين) جي ڀر ۾، ”گرِين وچ“ ۽ ”ٽرِينٽي“ جي وچ ۾ واقع ”رِچي“ نالي هندستاني ريسٽورنٽ تي پهتاسِين، ڇاڪاڻ ته نيرن کي ڳچ وقت گذري چُڪو هو ۽ مانجھاندي جو وقت به ٿي چُڪو هو ۽ ان کان اڳ جو اسِين پنهنجي ايندڙ منزل (گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مِشن جي دفتر) پهچئُون، وچ ۾ ايترو وقت هو جو مانجھاندو ڪري سگھجي، بلڪه اسان جي ڇاپي شيڊيُول مُوجب به اسان جو مانجھاندو ”رُچِي“ (ريسٽورنٽ) تي ئي شيڊيُول ٿيل هو، جتي اسان مڙني کي پنهنجي پنهنجي مُنهن (پنهنجي پنهنجي خرچ تي) ماني کائڻي هئي. هيءَ هڪ سوڙهِي هوٽل هُئي، جنهن ۾ هڪ ئي ننڍو هال هو، جنهن ۾ ٽيبلُون نهايت گھٽ وٿيءَ سان هڪ ٻئي ڀرسان رکيل هيُون ۽ مُشڪل سان 15 کن ٽيبلُون رکيل هُونديُون، جن جي پَريان ڪائُونٽر ٺهيل هو، جنهن تي هڪ موُرتي رکيل هُئي. ڪائُونٽر تي ويٺل توڙي آرڊر وٺڻ لاءِ ايندڙ ڇوڪريُون سانوريُون ڀارتي سُندريُون هيُون، جن سان مُون ۽ اِشفاق آذر ”نمشڪار“ ڪري هندِي اردُوءَ ۾ ئي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو. هُنن به اسان کي ”هَم ڀاشا“ ڏسي سرهائيءَ جو اظهار ڪيو. اسان وارِيءَ ٽيبل (ٽيبل نمبر 11) تي مُون ۽ اشفاق سان گڏ اسان جو معصُوم پٺاڻ دوست، اڪرام الله مهمند به اچي ويٺو. باقي ٻيا ساٿي ٻين ٽيبلن تي ٽڙِي پکڙِي ويٺا. اشفاق پنهنجي لاءِ چڪن مکني، مُون ٻاڪري گوشت واري ڪَرِي ۽ اڪرام، ٻاڪري گوشت ۾ ٺهيل برياني آرڊر ڪئي. ماني مهانگي هئي، پر واشنگٽن کان پوءِ مسَ ڪنهن انڊين ريستوران ۾ گھڙيا هُئاسِين، تنهنڪري کاڌن مان پنهنجائپ جو واس پئي آيو. اوهان ان مان اندازو لڳايو ته 9 اپريل 2014ع تي هن ريسٽورنٽ تي چڪن مکني 6.98 امريڪي ڊالرن، ٻاڪرِي ڪَرِي (Curry) 7.98 امريڪي ڊالرن ۽ ٻاڪري برياني 8.98 ڊالرن جي هُئي، جڏهن ته ماني (چپاتي) لڳ ڀڳ ڏيڍ ڊالر جي هئي. يعني اسين پنهنجي ڪراچيءَ ۾، پاڙي جي تنُور واري کان تن ڏينهن ۾ جيڪا چپاتي 7 روپين ۾ وٺي ايندا هُئاسِين، اها نيُويارڪ ۾ 150 روپين ۾ وٺي کاڌي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اسين ڏيڍ ڊالرن مان پُوريُون 25 چپاتيُون وٺي ٿي سگھياسِين، جن مان گھٽ ۾ گھٽ 8 ڄڻن جو ويلو چڱي چوکي انداز ۾ ٽرِي ٿي سگھيو. صحيح چوندا آهن ته ڪڏهن به پنهنجي مُلڪ جي ڪمائيءَ مان اولهه جي مُلڪن ۾ خرچ ڪري، پوءِ اهو حساب نه ڪرڻ گھرجي، ته اهو خرچ اسان جي مُلڪ جي ڪرنسِيءَ جي حساب سان ڪيترو ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهو سوچي سوچي اوهان جو مٿو خراب ٿي ويندو. هن ريسٽورنٽ جي خاص ڳالهه (بلڪه سڀني کان سُٺي ڳالهه) هتان جي چانهه هُئي، جنهن لاءِ اسين امريڪا ۾ ايئن ٿي سِڪياسِين، جيئن فراق وندو، پنهنجي محبُوب جي هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ پيو ترسندو آهي. مُون اڳ وارين قسطين ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ته هن سڄي سفر ۾ اسان کي ڪِريم مليل ڪاري چانهه جي صُورت ۾ چانهه“ جي نالي ۾ جيڪو مليو ٿي، اهو بسم الله ڪري پئي پيتوسِين، پر اصل ڪراچيءَ جي پٺاڻ وارِيءَ چانهه جي جيڪا سِڪَ مُون کي لڳي هُئي، ان جو اندازو منهنجو ڪوبه پڙهڻ وارو نه ٿو ڪري سگھي. ته ”رُچِي“ (انڊين ريستوران) تي اسان مينيُو ۾ ”مصالحه چانهه“ جو نالو ڏٺو ته اها به آرڊر ڪئي. 3 امريڪي ڊالرس (لڳ ڀڳ پاڪستاني 300 روپين) جي اها چانهه اهڙي چانهه ته ڪانه هُئي، جهڙي اسين پيئڻ لاءِ سِڪياسِين ٿي، پر پوءِ به هن جو سُواد پنهنجو هو. مصالحه چانهه ڀارت جي گھڻن حصّن ۾ مقبُول اها چانهه آهي، جنهن ۾ خاص مصالحا ملايا ويندا آهن ۽ هر ڍُڪ ڀرڻ مهل انهن مصالحن جو پُورو پُورو سواد ان ۾ محسُوس ٿيندو آهي. اڪرام الله اها چانهه نه پِيتي، پر مُون ۽ اشفاق ان جو پُورو پُورو مزو ورتو. اسان جي هتي کاڌل ڪُل کاڌي جو بل 47.37 امريڪي ڊالر آيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 10 ڊالرس مختلف ٽيڪسز به شامل هُئا.


هن ريسٽورنٽ ۾ حاجت لاءِ ويندڙ پنهنجن ٻن ٽن ساٿين جي وڃڻ جي انداز تي اِشُوءَ ۽ مُنهنجي وچ ۾ ڪجهه بي ساخته جُملن ۽ ٽهڪن جي زبردست ڏي وٺ ٿِي. اها سائنس جي ثابت ٿيل تحقيق آهي ته ٽهڪ ڏيڻ سان اوهان جي دل جو بار جھَڪو ٿيندو آهي ۽ اوهان جو ٿَڪُ لهندو آهي، سو اسان به صبح کان هينئر تائين جو بار لاهي ريسٽورنٽ مان نڪتاسِين. اسان جي ايندڙ ايجنڊا، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مِشن جي آفيس جو دؤرو ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي سفير، مسعُود خان سان ملاقات هئِي. اسان سڀ ساٿي لڳ ڀڳ 1:30 لڳي اچي ڪوسٽر ۾ سوار ٿياسِين. ڪوسٽر، ڊگھين عمارتن جي هن شهر جا مُختلف روڊ رستا لتاڙِيندي اڳتي وڌندي رهي. جيئن ته اسان مڙني جو هي نيُويارڪ ۾ پهريون ڏينهن هو، تنهن ڪري اسان جو هنن عمارتن ۽ خاص ڪري انهن جي اُوچائيءَ کي ڏسڻ جو انداز حيرت ڀريو هو... جيسين اسين ٻه ٽي ڏينهن هتي رهِي هتان جي مزاج سان هم آهنگ نه ٿياسِين، تيسين اسان جو انهن سڀني کي ڏسي حيران ٿيڻ ۽ ڏندين آڱريُون اچڻ فطرِي هو. اسان جي ڪوسٽر نيوُيارڪ جي هڪ چؤڪ تي اچي بيٺي، جتي نيوُيارڪ جو هڪ ٻيو رنگ اسان کي ڏسڻ لاءِ مليو. اهو رنگ، نيوُيارڪ جي هڪ چؤڪ تي اسپيڪرس رستي ميُوزڪ جو زور سان وڄڻ ۽ مختلف ماڻهن جو ان تي جمناسٽڪ جا ڪرتب (اِسٽنٽس) ڏيکاريندي اُونڌو سنئو ٿيڻ جو هو. انهن بازيگرن ۾ اڪثريت سياهه فام امريڪين جي هُئي. (اها نشاندهي فقط سمجھائڻ خاطر ڪئي اٿم). ان چؤڪ تي هنن (بازيگرن) ان ڳالهه کان لاپرواهه ٿي، ته ڪيترا ماڻهُو اُتي جمع آهن، جيڪي سندن فن ۽ هنر جو اهڙو مُظاهرو ڏسي رهيا آهن، پنهنجي پرفارمنس پئي ڏيکارِي. ماڻهن جو هڪ وڏو هجُوم نه فقط سندن اهي ڪرتب ڏسي رهيو هو، بلڪه انهن تي تاڙيُو وڄائي داد به ڏئي رهيو هو ۽ کين دان طور پنهنجي مرضيءَ جي رقم به ڏئي رهيو هو. رڳو اسان جي گرُوپ جي ساٿين ئي نه، بلڪه ڪيترن ئي ماڻهن شوق سان سندن وڊيوگرافي ۽ فوٽوگرافي پئي ڪئي.
اتي اسان لڳ ڀڳ 20، 25 منٽن تائين انهيءَ پرفارمنس منجھان لطف اندوز ٿياسِين، ۽ پتو پيو ته رڳو نيوُيارڪ جي مشهُور علائقي (چؤڪن جي مجمُوعي) ”ٽائيم اسڪوائر“ تي ئي هر وقت رونق ناهي هُوندي، بلڪه هن جاءِ وانگر الاهي سارن چؤڪن چؤبانن تي ههڙا فنڪار اوهان جي توجهه ڇڪائڻ ۽ پنهنجي لاءِ روزي ڪمائڻ لاءِ اوهان کي فن جو مُظاهرو ڪندي نظر ايندا. مجموعي طور تي نيوُيارڪ گھڻ قومي آدمشماريءَ وارو شهر آهي، تنهن ڪري هتي اوهان کي امريڪا جي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ ڏوهه ۽ ڏوهِاري به وڌيڪ ملندا. هتي هي ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ مُون وٽ جيڪا نيوُيارڪ بابت راءِ قائم ٿي، اُها اِها آهي ته هي ”دنيا جي اقتصادي راڄڌاني“ يا ”آسمان ڇُهندڙ عمارتن جو شهر“ ڀلي ڇونه هجي، پر آءٌ ان کي ”موالين ۽ فقيرن جو شهر“ به چوندس، انهن ٻنهي عنصرن کان وٺي نيُويارڪ جُون ”اسٽرِيٽ ڪرائمز“ توڙي وڏن ڏوهن تائين بيشمار شيُون ڪراچيءَ جهڙيُون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته امريڪي ميڊيا، نيوُيارڪ جُون فقط پُرڪشش عمارتُون ڏيکاري، دنيا کي پئي هِرکائيندي آهي، ته جيئن هن شهر جو سيّاحتي قدر وڌي، جيڪو اڳ ئي ايڏي عرُوج تي آهي، جو ماڻهُو امريڪا ڀلي ڪهڙِيءَ به رياست ۾ ڪهڙي به ڪم سانگي وڃي، اهو ان رياست ۾ وڃڻ سان گڏوگڏ نيوُيارڪ به ضرُور گھمندو. نيوُيارڪ ۾ رهندڙن ۾ ٻي ڳالهه اها به شدت سان نوٽ ڪيم ته هُو پاڻ کي وڏي فخر سان ” نيوُيارڪرس“ (نيوُيارڪ جا رهواسي) چورائن ٿا. جيڪي ماڻهُو ڄاوا ۽ نپنيا ئي نيوُيارڪ ۾ آهن، انهن جو ان بابت ڳالهائڻ جو انداز ئي اهو ٻُڌائي ٿو ته هُو ان ڳالهه تي ايڏو فخر ڪن ٿا جو چئي کڻي بس ڪر! پر جي ڪو ڄائو ڪنهن ٻئي هنڌ آهي، تڏهن به پنهنجو تعارف ڪرائيندي اهو فخر سان ٻڌائي ٿو ته ”آءٌ هيترن هيترن سالن کان وٺي نيوُيارڪر آهيان!“ مُون کي پنهنجي شهر تي فخر ڪندڙ اهڙا ماڻهُو هتان کان سواءِ دنيا ۾ ٻيا ڏاڍا گھٽ نظر آيا آهن.
اسين پنهنجي مقرر وقت تي (سوا 2 لڳي ڌاري) 65هين اسٽرِيٽ جي 8 اِي عمارت وٽ پهتاسِين، جنهن جي ڀت تي ٻه پُور وڇٽ جھنڊا ترڇا ڦڙڪي رهيا هُئا، جن منجھان هڪ جھنڊو پاڪستان جو ۽ ٻيو امريڪا جو هو. اها اولهه جي روايتي پٿر جي اڏاوت سان جُڙيل عمارت گڏيل قومن ۾ مستقل پاڪستاني مِشن جي هُئي، جيڪا هڪ مصرُوف ۽ ڳُتيل گھٽيءَ (65هين اسٽرِيٽ) ۾ ايئن ئي ٺهيل هُئي، جهڙوڪر ڪراچيءَ واري ايلفي (زيب النساءِ) اسٽرِيٽ ۾ فُٽ پاٿ تي پيادل هلندي هلندي ”هوٽل جَبِيز“ ۾ گھڙِي وڃجي. هن جو داخلي دروازو به هڪ گُنجان آباد بازار ۾ بلڪل ايئن ئي هو. فرق صرف اهو هو ته هن جو مُک داخلي دروازو ٿورو وڏو ٺهيل هو، جنهن جي آڏو ٻن ڏاڪن واري جيڪا ڏاڪڻ هُئي، ان تي ٻاهر فُٽ پيريءَ تائين ڪارپيٽ وڇايل هو. اسين اندر داخل ٿياسِين ته پاڪستاني مِشن جي ”منسٽر (پريس)“ مسعُود انور اسان جي وفد جو استقبال ڪيو. ”منسٽر (پريس)“ ڪنهن سفارتخاني جي ”پريس اتاشيءَ“ جي برابر جو عهدو هُوندو آهي. اسان کي سِڌو پهرينءَ منزل (فرسٽ فلور) تي وٺي وڃي هڪ وڏي ڊائننگ هال ۾ هڪ وڏي ڊائننگ ٽيبل جي چوڌاري ويهاريو ويو. اُوچيءَ ڇت ۽ وڏي ويڪري هال ۾ بلبن ۽ ٽيُوب لائيٽن جي روشنيءَ کان وڌيڪ ان ۾ لڳل وڏين ۽ ويڪرين شيشي جي درين مان ڪمري ۾ داخل ٿيندڙ سجَّ جي روشنيءَ جو سوجھرو هو. اسان جي گرُوپ جي سمُورن ساٿين جي ان کاڌي وارِيءَ ٽيبل جي چوڌاري ويهڻ کان پوءِ مُک ڪُرسيءَ تي مسعُود انور ويٺو، جنهن اسان کي پاڪستان جي نيوُيارڪ ۾ قائم هن مِشن جي ڪم ڪار بابت بُنيادي ڄاڻ ڏيندي هتي موجُود اسٽاف جو وچُور به ٻُڌايو ته هتي ڪهڙو ڪهڙو ۽ ڪيترو اسٽاف آهي ۽ انهن جو روز جو ڪار وهنوار ڪهڙو هُوندو آهي. گڏو گڏ هُن جنيوا ۾ قائم پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ موجُود مُستقل مِشن جي باري ۾ پڻ ٻُڌايو ۽ انهن ٻنهي مِشنز جي ڪمن ۾ تفاوت ۽ ٻنهي جي گڏيل قومن اندر ڪردار جي حوالي سان به مختصر طور بيان ڪيو. ان ڳالهه ٻولهه دؤران ئي هُن اسان کي اُن هال جي هڪ پاسي رکيل ٽيبل تي رکيل تواضح جي سامان طرف اشارو ڪندي صلاح ڪئي ته اسين پنهنجي لاءِ کائڻ لاءِ ڪُجھه کڻي وٺُون. اڳ ۾ به بيان ڪري چُڪا آهيُون ته امريڪا ۾ اهو عام رواج آهي ته مِيٽنگ هلڻ دؤران کائجي پيئجي ۽ چانهه يا ڪافِيءَ منجھان ڍُڪ ڍُڪ ڀري ٻئي جي ڳالهه پئي ٻُڌجي يا پنهنجي ڳالهه ٻُڌائجي. هُتي پاڪستان ۽ ڀارت جهڙن مُلڪن جيان مختلف سيشنز جي وچ ۾ چانهه ۽ مانيءَ جا وقفا گھٽ ٿيندا آهن، بلڪه اهم ترين ڊڪشنز ۽ مِيٽنگز مانيءَ يا چانهه ڪافيءَ دؤران پيُون ٿينديُون آهن يا مِيٽنگ دؤران چانهه ڪافي پئي هلندي آهي. اسان کاڌي وارِيءَ ميز طرف وڌي ڏٺو ته ان تي چانهه، ڪافي، ٻن ٽن قسمن توڙي رنگن جُون سافٽ ڊرنڪس (ڪاربونيٽيڊ ڊرنڪس) ۽ ڪجهه نمڪين سموسا پاپڙين جهڙا هلڪي ڦُلڪيءَ ريفريشمينٽ جا آئٽم رکيل هُئا. اسين چانهه جا سِڪايل... پهريون حملو چانهه تي ڪيوسِي... ۽ جيئن ته ماني اڃا هاڻي ئي ڪجهه دير اڳ کائي آيا هُئاسِين ته ان جي طلب ڪانه هُئي، بس مُون چانهه سان گڏ هڪ ننڍڙي ”ڪيڪ سلائِيس“ کنئي ۽ اچي پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺس ۽ مسعُود انور جي ڳالهه ٻولهه ٻُڌڻ لڳُس. امريڪا جي ٻين جاين جي اُبتڙ اسان کي واشنگٽن ڊِي. سِيءَ واري پاڪستاني سفارتخاني ۾ ۽ هتي نيوُيارڪ واري گڏيل قومن جي مِشن ۾ ”خدمتگار“ نظر آيا، جن ۾ اڪثريت پنجابين جي هُئي. انهن سان به کيڪارِيندا ۽ دُعا سلام ڪندا رهياسُون ۽ اهو پُڇندا رهياسُون ته ”تُون ڪٿان جو”... ”تُون ڪٿان جو!؟“
اسان جي ان ننڍڙي سيشن کان پوءِ اسان کي ساڳئيءَ ئي منزل تي، ٻئي ڪمري ۾ وٺي آڻي ويهاريو ويو، جيڪا گڏيل قومن ۾ تڏهوڪي پاڪستاني سفير، مسعُود خان جي آفيس هُئي. (اڄ ڪلهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مُستقل سفير، ڊاڪٽر مليحه لوڌي آهي) مسعُود خان ان عهدي تي 7 فيبروري 2015ع تائي فائز رهيو ۽ اڄڪلهه اسلام آباد ۾ انسٽيٽيُوٽ آف اسٽريٽيجڪ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر طور پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي. هُو 2008ع کان 2012ع تائين چين ۾ پاڪستان جوسفير رهڻ سان گڏوگڏ جنيوا ۾ گڏيل قومن جي پاڪستاني مِشن جو سفارتڪار به رهيو آهي.
*اسين ان دفتر ۾ ڪجهه منٽ ويٺاسِين ته مسعُود خان آيو ۽ اسان جي سڄي وفد سان فرداً فرداً مليو. ويهڻ کان پوءِ اسان مان هر هڪ جو رسمي تعارف پُڇيائين. مسعُود خان کي اسان سان غير رسمي يا رسمي طور تي ملڻ کان پوءِ ”گڏيل قومن ۾ پاڪستان لاءِ مسئلن جو سرسري جائزو“ جي عنوان سان برِيف ڪرڻو هو، پر هُن صحيح انداز ۾ ”ڊپلوميٽ“ هجڻ جو ثبُوت ڏيندي، جهڙوڪر پاڪستان جي گڏيل قومن اندر نمائندگيءَ جي تاريخ جو ذڪر ڪندي اسان کي بهلايو. جنهن بعد پونين دؤرن دؤران پاڪستاني نمائندگيءَ جو حال احوال ڪري هٿ ڇنڊي ڇڏيائين ۽ پوءِ جڏهن اسان سوال جواب ڪرڻ چاهيا ته وڏِيءَ اٽڪل سان وقت جي ڪميءَ جو بهانو ڪري نٽائي ويو. هن ملاقات دؤران هڪ مائي تمام گھڻي مُتحرڪ نظر آئي، جنهن فوٽوگرافيءَ کان وٺي بار بار مسعُود خان کي چِٽ پيش ڪرڻ تائين هڪ ئي وقت کوڙ سارا ڪم پئي ڪيا ۽ اسان جي ايمبيسڊر جي ڪمري ۾ اچڻ کان پوءِ اسان سڀن ۾ اها ئي مُتحرڪ ترين پئي نظر آئي. مسعُود خان سياڻپ ڪري اسان جو سمُورو وقت پاڻ ڳالهائڻ ۾ ضايع ڪري جڏهن موڪلائڻ لڳو ته اسان سڀني کانئس اها شڪايت ڪئي ته ”تو اسان جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان نٽايو ۽ اسان جي اڄوڪي مُلاقات ”هِڪ طرفي“ رهي!“ سندس ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ سان ئي هڪ ويڪري ڏاڪڻ هيٺ لهِي رهي هُئي. هن پورِيءَ عمارت جو ڏيک پاڪستان ۾ انگريز دؤر جي ٺهيل سرڪاري عمارتن (خاص طور گورنر هائُوسز ۽ وزيرِاعلى هائُوسز) جهڙو هو. اسان اُن ڪمري کان ٻاهر مسعُود خان سان گرُوپ فوٽو ڪڍرايو، جنهن ۾ اسان جي گرُوپ جا مختلف دوست مختلف ڏاڪن تي بيٺا ته جيئن هڪ ئي فوٽُوءَ ۾ سڀ اچي سگھن.

اسان کي هتان گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر وڃڻو هو ۽ ان جا مُک ڀاڱا گھُمڻا هُئا. اسان کي هن مِشن منجھان دير ۾ دير 3 لڳي نڪرڻو هو ته جيئن اڌ ڪلاڪ جو رستو طئي ڪري، ساڍي 3 لڳي تائين يُونائيٽيڊ نيشنز جي صدر دفتر پهچي سگھُون. جڏهن هي فوٽوگرافي ڪندي دير پئي ٿي ۽ اسان جي ڪووآرڊينيٽر، مسز اين. هارٽمين هلڻ لاءِ بار بار پئي چيو ته مسعُود خان مائي اينان کي چيو: ”ڪوئي دير جو سبب پُڇئي ته ٻُڌائي ڇڏجانس ته اسان کي پاڪستان مشن ۾ دير ٿي وئي ۽ مسعُود خان دير ڪرائي!“ جنهن تي هُوءَ چپ ٿي وئي، پر مائي اينان (اين هارٽمين) پنهنجيءَ جاءِ تي دُرست هُئي، ڇاڪاڻ ته جنهن ٽُوئر گرُوپ ۾ سلهاڙجي اسان کي گڏيل قومن جي آفيس جو سير ڪرڻو هو، اُهو 3:45 لڳي وارو گرُوپ ئي هو، جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسان جو اُتي ساڍي 3 لڳي پهچڻ بي حد ضِرُوري هو. خير! اسان کي نڪرندي نڪرندي سوا 3 ٿي ويا. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جي دؤري جو احوال ايندڙ هفتي!

No comments:

Post a Comment