Wednesday, May 11, 2016

سرد جنگ وارا اصول ۽ اسان جي سنڌ - عبدالله مورائي

سرد جنگ وارا اصول ۽ اسان جي سنڌ!
عبدالله مورائي
”هن روڊ تي آءٌ هزارين دفعا آيو ويو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي نوڪري هُتي هئي.“ منهنجي دوست ايوي Eyvi جي پيءُ روڊ جي کاٻي پاسي ڪلوميٽر کن پري ڪجهه عمارتن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو. اهي عمارتون هاڻي شاگردن جي رهائش طور ڪم اچن ٿيون. صبح سوير فجر جو وقت هيو، هر طرف برف ئي برف هئي، روڊ تي گاڏيون نه هئڻ جي برابر هيون. ايوي جو پيءُ گاڏي ڏاڍي پرسڪون طريقي سان هلائي رهيو هو، منهنجي جهاز ۾ اڃا ٻه ٽي ڪلاڪ هيا ۽ اسان آئيسلينڊIceland جي شهر رئيڪجيوڪ Reykjavik مان ڪيفلاوڪ Keflavik طرف وڌي رهيا هئاسين، جتي اتان جو هوائي اڏو آهي. مون کانئس پڇيو ته اوهان جي اتي ڪهڙي نوڪري هئي؟ چيائين ته جڏهن آمريڪن American هتي آئسلينڊ ۾ هئا ته آءٌ انهن اڏن تي ائڊمنسٽريشن ۾ هئس. مون وڌيڪ پڇيو ته آمريڪين جو هتي آئسلينڊ ۾ هئڻ سمجهه ۾ نه آيو. پاڻ وراڻيائين ته سندن آئسلينڊ ۾ موجودگي روس خلاف سرد جنگ Cold War جو حصو هيو ۽ جڏهن روس ٽٽو ته هتان آمريڪي هليا ويا ۽ اهي عمارتون هاڻي ليفٽ اوورس Leftovers آهن جن کي هاڻي شاگرد رهائش طور استعمال ڪن ٿا.


آئسلينڊ ۾ آمريڪين جو هئڻ هڪ محاذ هوندو، ائين ٻيا به الائي ڪيترا طريقا ۽ محاذ آهن، جن کي ڪميونزم جي خلاف استعمال ڪيو ويو هوندو، جيئن سي آئي اي آمريڪا جي آرٽسٽس Artists کان مختلف قسمن جون پينٽنگز Paintings ڪرايون ۽ دنيا کي ڏيکاريون ته اسان وٽ وڏو آرٽ آهي، اسان وٽ ماڻهو ڪريئيٽو Creative آهن. مقصد رڳو اهو هو ته دنيا کي اهو ڏيکاري سگهجي ته اسان روس کان مٿانهان آهيون. انهيءَ ڳالهه جي هتي هڪ پروفيسر پڻ تصديق ڪئي ته اهي سڀ سرد جنگ جا حصا هئا. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته اهڙي قسم جا کوڙ ڪتاب به لکرايا ويا هئا، جن کي پڙهي ماڻهو رڳو پنهنجي باري ۾ سوچين ۽ معاشري جي باري ۾ گهڻو نه سوچين. جيئن نپولين هل Napoleon Hill جي ڪتاب ٿنڪ ائنڊ گرو رچ Think and Grow Rich جي باري ۾ پڻ چيو وڃي ٿو ته اهو به سي آئي اي جو لکرايل آهي، جنهن ۾ ماڻهو کي رڳو پنهنجي باري ۾ ترقي ڪرڻ جا گر ۽ خواب ڏيکاريا ويا آهن، باقي معاشري جي ترقي ۽ اصلاح جي ڳالهه ناهي ڪيل.
مٿي ڪيل ڳالهين جو ذڪر هن مضمون ۾ آڻڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته ان کي سنڌ سان ڀيٽي سگهجي. ائين ناهي ته پنهنجي باري ۾ رڳو سٺيون ڳالهيون لکرائجن پر سرد جنگ جو اهو به شايد اصول آهي ته ڪنهن کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ غلط يا حد کان وڌيڪ، ٿوري گهڻي مسئلي کي وڏو ڪري ڏيکارڻ ۽ غلط ڳالهيون پکيڙڻ هجي ٿو. جڏهن ننڍا هئاسين ته ڪجهه ڊراما پي ٽي وي تي هليا هئا، گهڻو ياد ناهي پر ڪجهه سنڌي ۾ ۽ ڪجهه اردو ۾ پر سنڌ جي پسمنظر ۾ هئا، جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪو خاص سٺوتصور نه هو ڏيکاريل. اهي لکيا به شايد سنڌ جي ناميارن ليکڪنن هئا، خبر ناهي اها اڻڄاڻائي هئي يا خبر هوندي سوندي لکيا ويا.
اهو ته هو پراڻو دؤر پر اڄڪلهه به سنڌي ٽي وي چينلن تي جيڪي ڊراما هلن ٿا، اهي الائي ڪهڙي ايجنڊا جي تحت پيا هلايا وڃن، جتي مڙس زال کي ٿو چئي ته پاڻي پيار، نه ته منڍي ڀڃي ڇڏيندو سانءِ. ها ٿي سگهي ٿو، اهڙي قسم جا ڪجهه قصا هجن به پر جيئن مٿي ذڪر ڪري آيس ته ٿوري ڳالهه کي گهڻو ڪري پيش ڪرڻ سان ان پوري قوم تي هٿ ٿا کڄن. دنيا پوءِ ان سڄي قوم کي هڪجهڙو ٿي سمجهي. هتي جيئن هڪ دوست عادل پيرزادي کي سندس ڪلاس ۾ گڏ پڙهندڙ ڇوڪريءَ هڪدم چئي ڏنو ته اوهان جي ملڪ ۾ ته ڇوڪرين جي مٿان تيزاب هاريندا آهن. هاڻي سائين همراهه اتي ڪهڙو جواب ڏئي؟ اهڙي قسم جا ڪجهه غليظ واقعا پاڻ وٽ ٿيا ضرور آهن، جنهن جي ڪري پوري قوم کي ٻڌڻي ٿي پوي.
هتي سئيڊن ۾ 3 ايڊيٽس 3 Idiots فلم هتان جي قومي ٽي وي تي هلائي هئن. هاڻي اهو به ته ڪير ٻڌائي نه ته اها فلم هڪ سنڌي ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي جي ڊائريڪٽ ڪيل هئي. چوڻ جو مقصد ته پاڻ سنڌين وٽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي ڏيکارڻ لاءِ، جنهن سان قوم جو بهتر کان بهتر تصور قائم ڪرائي سگهجي ٿو. خاص طور تي سنڌين جي دنيائي سطح تي ڪاروباري ڪاميابيون، ٿر، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن جي سنڌين جو گهرن کان نڪرڻ ۽ روزگار جي سلسلي ۾ دنيا ۾ ڇانئجي وڃڻ. سنڌي گهرن ۾ رڳو عورتن جون منڍيون ته ڪونه ٿا ڀڃن نه! سنڌي هاڻي نوڪيا فون ڪمپني جي هيڊ آفيس ۾ به آهن ته مائڪروسافٽ ۾ انجنيئر پڻ. پاڪستان آرمي ۾ ته آهن ئي آهن پر ان سان گڏوگڏ يو ايس آرمي ۾ پڻ آهن. نه رڳو مرد پر سنڌي ڇوڪريون پڻ هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پروفيشنل نوڪريون ڪن ٿيون. جن کي موقعو مليو آهي، انهن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. موقعا به انهن کي ئي ملندا آهن، جيڪي ان جي ڪوشش ڀرپو طريقي سان ڪندا آهن.
باقي پاڻ وٽ هونءَ ته معاشرتي ڀلائي جو تصور ڄڻ آهي ئي ڪونه! هرڪو پنهنجي منهن سان پنهنجي ڀلائي ۽ ترقي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اها ضروري به آهي، پر اُها ان شرط تي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن جو حق نه ماريو وڃي. پاڻ وٽ چوڻي مشهور آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو، پر اها چوڻي هاڻي تبديل ٿي وئي آهي ’جيڪو چمچو سو سُکيو.‘ چمچاگيري ڪري سک حاصل ڪرڻ کان ته ماڻهو ائين ئي ڀلو آ. ماڻهو جڏهن معاشرتي ترقي جي اوسر ڪن ٿا ته پوءِ معاشري ۾ لڳ ڀڳ سڀ انسان هڪجهڙا ٿي پون ٿا. ساڳيو کائين ٿا، ساڳيو پهرين ٿا، سڀني کي ساڳئي قسم جون گاڏيون يا آمدرفت جو ذريعو ساڳيو هجي ٿو، ساڳئي قسم جي تعليم، ساڳئي قسم جو علاج، ڪو اوڻيهه ويهه جو فرق ٿي سگهي ٿو، نه ته مڪمل برابري هوندي آهي. نه ڪو غلام نه ڪو آقا.
مختلف معاشرن جي مختلف سوچ ٿئي ٿي. هتي سئيڊن ۾ ڪير جوا کيڏي، شراب پئي يا ٻيو ڪو اهڙو عمل ڪري، جنهن سان ڪنهن انسان کي ايذاءُ نه اچي ته اهو سندس ذاتي فعل آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪس چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پڪڙجي پيو ته ان لاءِ وڏو مسئلو آهي. ٽيڪس چوري جو مقصد معنيٰ عوام جو پيسو چوري ڪرڻ جي برابر آهي. جيڪو ڦري سري عوام تي ئي مختلف صورتن ۾ خرچ ٿئي ٿو. پاڻ وٽ عوام کي اهو سمجهڻو پوندو ته جيڪي امير ماڻهو ٽيڪس چوري ڪن ٿا، اهي دراصل سندن پيسو چوري ٿا ڪن ۽ ان جي ڪري عام ماڻهو بنيادي سهولتن کان به وانجهيل آهي. عام ماڻهو کي اها ڪوشش ڪرڻي پوندي ته سندن پيسا چوري نه ٿين ۽ جيڪي پيسا ٽيڪس جي صورت ۾ گڏ ٿين، ان جي واپسي عوام تائين مختلف صورتن ۾ ضرور پهچي.

عوام کي اهو سمجهڻو پوندو ته اها رياست جي ذميواري آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري ڏئي ۽ جيڪڏهن ڪا رياست اهو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ته پوءِ ان کي ناڪام رياست طور پنهنجي پاڻ کي مڃڻو پوندو. سنڌ ۾ ڪجهه نوجوانن عوامي راڄ تحريڪ جو بنياد وڌو آ، سٺو سنؤڻ آ، انهن نوجوانن کي موقعو ملڻ گهرجي، سنڌ ۾ هينئر سياسي پارٽين جي وچ ۾ به عوامي خدمت ۽ سياسي مقصدن ۽ حدفن جي بنياد تي مقابلو ٿيڻ گهرجي. عوامي راڄ تحريڪ جي هن وقت جيڪا ايجنڊا نظر اچي ٿي، اها آهي سنڌ ۾ ميرٽ، جنهن جو موجوده حڪمرانن قتل عام ڪيو آهي. تاريخ گواهه آهي ته دنيا ۾ جيڪي تحريڪون ڪنهن هڪ مسئلي کي کڻي اٿيون آهن، اهي ڏسندي ئي ڏسندي وڏين تحريڪن ۾ تبديل ٿي ويون. پاڻ وٽ سنڌ ۾ ته الائي ڪيترا مسئلا آهن، جيڪي اهڙين وڏين تحريڪن جو بنياد ٿي سگهن ٿا.خاموشيءَ سان ويهي چورن کي ڏسجي، ۽ رڳو اِهو چئجي ته ها اهي ئي آهن جن اسان جا بنيادي حق کسيا آهن ته پوءِ ائين ڪم نه هلندو.

No comments:

Post a Comment