Tuesday, January 28, 2020

سفر سھاڻو - پنڌ پراڻو - نصير مرزا


سفر سھاڻو - پنڌ پراڻو
نصير مرزا
تازو حيدرآباد مان جو آئون نڪتس ۽ سفر ۾ جُڳن جيڏي ننڊ بعد اکيون جو کوليم ته يارو ڇا ڏسان؟ سامهون اروڙ جا جبل ئي جبل! ڪار جي ڦيٿن هيٺان ڪاري نانگ وانگر وٽ سٽ کائيندڙ کڙ کٻڙ رستو هو ۽ جنهن جي ڪُلهي سان اجگر جيڏا پهاڙ ۽ ٻئي پاسي ڪوراڙ جي وات جهڙو نارا ڪئنال جو ڦاٽ، جنهن جو ”اونهو وارياسو، پاڻيءَ بنا خالي پيٽ“ جنهن ۾ دور دور تائين واريءَ جون ميٽوڙي ڀِٽون ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڀوائتا ڪُن به صاف صاف نظر پئي آيا، تڏهن منهنجو ته ساهه مٺ ۾ اچي ويو. اڙي يار نظر ملاح رانديڪي جيڏي هن ”ڪلٽس ڪار“ کي بابا احتياط سان هلاءِ، جو هن هنڌ هنڌ تان کاڌل رستي تان جو ٿڙياسين ته وڃي سکر بئراج جي ڪنهن ڪُن ۾ ڦاسنداسين.


اجهو اروڙ جو هي ديار، جنهن جو نالو ”بڪار“.... اسين اتي شاعر نور رضويءَ جي جاگير بڪار جي سياحت لاءِ پهتل هئاسين، جنهن جي ٻئي پار ڀارت جو شهر هو ”بيڪانير“. هي ئي ته هن وارياسي پَٽ جا اهي ٻه جاڙا شهر، جن لاءِ ”عالم سڀ آباد واري“ بيت ۾ ڀٽائي صاحب فرمايو هو، ”ڪنهن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار.“
ان سهاڻي سفر ۾ ٻيا همسفر ڀلا ڪير ڪير!؟ ٻه ته پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جا دور حاضر جا ذهين ترين پروڊيوسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي ٻيو امجد شاهه ۽ ارشد شاهه، ۽ ٻه من موهن نوجوان دادو وارو منور سولنگي ۽ ڪراچيءَ مان وري ماجد لاشاري ساڻ هو.
ڪار اروڙ جي ڪنهن اوچي پيچري تان روان دوان هئي، جو مون ونڊ اسڪرين مان نڪ جي سامهون راجا ڏاهر جي اجاڙ محل، محمد بن قاسم واري مسجد، جنگ واري تليءَ جي ميدان ۽ ڪالڪا مندر جو تصور شروع ڪيو، جن مٿان اروڙ جي آسمان تي ڪيترا ئي پکيئڙا ويڳاڻا ويڳاڻا اڏامندا نظر آيا. تڏهن اتي اسان درگاهه ڀورا بادل شير بخاريءَ واري جوڳين جي مقام وٽ پهريون پڙاءُ ڪيو، جتي قبرن وچ ۾ سڀ کان بلند سر بلند ۽ نمايان ترين قبر اروڙ جي مست الست سازڪار ”اقبال جوڳي“ جي هئي ۽ سامهون هڪ اوچي ڀِٽ تي اقبال جوڳي ۽ ان جي پريوار وارن جون لوڙهن ۾ غريباڻيون جُهڳيون، جتان مرليءَ تي رياض جا آواز فضا ۾ سُر وکيري رهيا هئا.
اقبال جوڳيءَ کي مون روبرو مُرلي وڄائيندي به ته ڏٺو هو. ڇا ته مست الست پيو نظر ايندو هو. ٿلهو ٿنڀڙو، بَدن تي ميرانجهڙي بافتي جي شلوار قميص، مٿي تي گيڙو پٽڪو، ڪنن ۾ ڪُنڊل ۽ والا. ڪاري مڻ جهڙيون نڀور ڪاريون ماڻڪيون، چپن مٿان اڇا اڇا وڏا وڏا شهپر. مُرلي وڄائيندي نچندو ٽپندو ڪرتب ڏيکاريندو هو ته سندس شهپرن جا وار به ڄڻ نچندا ناٽڪ ڪندا پيا نظر ايندا هئا. بيشڪ ڳوٺ ڳوٺ وستي وستي هو پٽاري مان نانگ ڪڍي ان کي مُرلي تي نچائڻ وارو جوڳي هو. پر شاهه لطيف جي ميلي ۾ هن کي هزارين نانگا نچائيندي به ته اڪثر مون ڏٺو. ثقافتي ميلن ۾ مُرلي وڄائيندي وڄائيندي هو ايترو ته مست ٿي ويندو هو، جو پهرئين ته پَٽ تي کپ کوڙي پنهنجي چيلهه کي پيو نانگ وانگر وٽ سٽ ڏيندو هو. پوءِ اوڪڙ ٿي گوڏن ڀر ۽ ان کانپوءِ اڀو ٿي، هڪ هٿ ۾ مُرلي جهلي سانگ رچائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. پوءِ جڏهن سمَ تي گُر اُڪلائيندو هو ته مُرلي اوچتو وات مان ڪڍي ڪڏهن سامهون حاضرين تي، ڪڏهن ڀرسان ويٺل ڪنهن سازندي تي ان کي بندوق وانگر تاڻي محفل کي مُرڪڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. پوئين دور ۾ دم ڪشيءَ سبب، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شديد ڪسمپرسيءَ ۾ ئي دنيا مان ويو ۽ اها ڇهين اپريل هئي ۽ سن هو ۱۹۸۶ع.
اجهو هاڻي هي ڪچڙي منجهند جو سمئه هو، جو اقبال جوڳي جي قبر کي ڇڏي رستي تي آياسين ته اڳيان اروڙ جا ڳاڙهه سرا ۽ ڪجهه پيلا پهاڙ هئا، جن جي وچ وچ مان پهاڙي پيچرا پئي نڪتا، جيڪي الائي ڪهڙن نامعلوم ڳوٺن ڏانهن وڃي رهيا هئا. پتو پيو ڪنهن وقت هاڪڙي درياهه جا وهڪرا به هتان آرپار لنگهندا هئا. تڏهن اروڙ جي بندرگاهه جي به وڏي ڀَل ڀلان هئي ۽ يونان وارو سڪندر بادشاهه به پنهنجي لشڪر سان هتان لانگهائو ٿيو هو. پوءِ ورهين جا ورهيه راءِ گهراڻي جي پڻ هتي راڄڌاني هئي ۽ وچ پهاڙن ۾ تليءَ جو ميدان هو، جتي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم ۾ خوني معرڪو متو هو. اهو ۷۱۲ وارو عيسوي سال هو.
اسان جي ڪار راجا ڏاهر واري ڦٽل قلعي وٽان گذري پئي ته فضا مان گهوڙن جي هڻڪارن ۽ تلوارن جي ڇَڻڪارن جا آواز مونکي صاف صاف ٻُڌڻ ۾ پئي آيا. بيشڪ اروڙ ۾ راجا ڏاهر واري قلعي جي پنهنجي اهميت، پر هن ديار ۾ منهنجي لاءِ ڪشش جو وڏو ڪارڻ ته ڪنهن گهري غفا ۾ ”ڪالڪا“ ديوي وارو مندر هو.
شيخ اياز صاحب پنهنجي ”ڪاڪ ڪوريا ڪاپڙي“ وارن خطن ۽ اروڙ ناولٽ ۾ شيخ حفيظ ان بابت ڪهڙا ڪهڙا نه پُراسرار بيان لکيا آهن. تڏهن ديويءَ جي درشن لاءِ ڪالڪا مندر وٽ پهتس ته ڇا ڏسان، هڪ انتهائي اوچي چبوتري تي عاليشان عمارت کڙي هئي. مٿي وڃڻ لاءِ سنگ مرمر جون لسيون ڏاڪڻيون ۽ ياترين جي رهائش لاءِ آشرم هئا. اڱڻ کي چوطرف کان لوهي گِرل هئي. صحن ۾ وسرام لاءِ پپرن جا وڻ ۽ ان کان اڳتي مندر جي مهنت (رکوال) جي ڪوٺڙي هئي. جنهن جي آڏو هڪ اوچي اسٽينڊ تي اگربتيون، ڳاڙها ڌاڳا، پرشاد لاءِ رنگ رتا کنڊ ڀڳڙا ۽ ناريل ئي ناريل رکيل.... پر هي هندو ڌرم ۾ پوڄا پاٺ لاءِ ناريل ئي ڇو مقدس ميوو؟ ته ڇا متان ان ڪري جو ”گڻيش“ کي ناريل گهڻو پسندو هوندو هو!
غفا ۾ لهڻ کان اڳ، دروازي وٽ ڪالڪا مندر جو هي جيڪو محافظ ٻڍڙو سنت ڪيڏي نه اڪير سان مليو. پڇيائين؛ ڪير آهيو؟ تڏهن غفا مان مون سندس آواز جا پڙاڏا ٻُڌا. پنهنجا ئي آهيون، ساڳئي ئي ڪنڀر جا گَهڙيل ٿانوَ. مون نالو کانئس پڇيو ته وراڻيائين، ”جواهر لال راڄاڻي.“ تڏهن مون ڏانهن ڏسي انهيءَ اسي ورهين جي مهنت مون کان به منهنجو نالو پُڇيو. اهو ٻڌايومانس ته چوڻ لڳو، ڪاڪا تون اهو ئي ته ناهين، جنهن جا پراڻين گهٽين رستن بابت ”ڪاوش“ ۾ ڪالم ايندا رهندا آهن؟ پوءِ هٿ پڪڙي چوڻ لڳو، ڪاڪا تو کي مان ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان.
سندس ساٿ ۾ غفا ۾ هيٺ لٿاسين ته اڌ اونداهي اڌ سوجهرو هو ۽ ڇت ڇاڪاڻ غار جي هيٺ هئي، ان ڪري گڪا ٿي پئي هلياسين. غفا ۾ ريڙهيون پائي ڪالڪا ديوي جي مورتي ڏانهن وڌندي لڳو، ڄڻ ڪلجڳ ۾ داخل ٿيندا وڃون. منهن ۾ جيڪا مورتي هئي، اها شِو ديوتا جي هئي. ان جي ڀرسان ڏمر جي ديوي ”ڪالي ماتا“. ان جي سامهون اڃا به وڌي گهري غفا هئي ۽ ان ۾ شينهن تي سوار ماتا شيران والي سرڪار سوار هئي. جنهن جي ڀرسان سندس محافظ ڀولي ناٿ جي مورتي هئي.
غفا مان ديويءَ جي درشن بعد صحن ۾ موٽي آياسين ته ڪنڊ ۾ بيٺل گدامڙيءَ جي وڻن به ڪيڏو نه موهيو مونکي. جن جي ٽارين مان اندران بلبلين جا سُريلا آلاپ اچي رهيا هئا.
اجهو ان ديار مان نڪرندي، مون سوچيو اروڙ ۾ اماوسَ جي راتين ۾ ڪالڪا ديويءَ جو هي مندر، پري کان ڪيڏو نه ڀيانڪ لڳندو هوندو. اروڙ جي هن حيرتن سان ڀريل سفر ۾ ان ديار جي آخر ۾ اسان جڏهن قادر بخش جا قُبا ڏسڻ لاءِ وياسين پئي ته رستي ۾ اجاڙ بيابان اندر، شاهه شڪر گنج جي مزار وٽ به ته ڪي پهر ترسياسين. زيارت لاءِ اندر داخل ٿياسين ته ورانڊي جي ديوار تي بيدل ۽ بيڪس سائين پاران نصب ڪرايل ڪاشيءَ جا ڪتبا نظر آيا. ويجهو وڃي نيرن اکرن تي چپ جو رکيم ته انهن مان بيدل ۽ بيڪس سائين جي هٿن جي هڳاءَ ۾ آئون ويڙهجي ويس.
اتان روانا ٿياسين ته اروڙ جي سرخ پهاڙن وچ ۾ ڪنهن ڪنوار مثل دل جهڙي شڪل وارو ”نيهن جبل“. اسان مان ان جبل تي چڙهڻ جي ڪنهن ۾ به سڪت نه هئي، سو سڀ چوطرف کان ڦري ان دل جو ڄڻ طواف ٿا ڪري وٺون. جبل جي پاڙ ۾ هڪ ڪمري اندر طويل القامت قبر هئي. خبر پئي، ان ۾ سائين ڇَتن شاهه بخاري آرامي آهن ۽ ان جي ڀرسان جيڪا ننڍي قبر ان ۾ وري سائين متن شاهه سُپرد خاڪ، ديوار تي درج هو.
اروڙ ياترا جو آخري پڙاءُ اولياءَ قادر بخش جا قبا، جتي هر طرف ڊٺل اجاڙ قبرن وچ ۾ ڪي خسته حال مقبرا، جن ۾ نمايان کرڙي واري جنگ جي سپهه سالار جو مزار هو. چوطرف خيرپور اسٽيٽ جي بادشاهن ۽ ان جي پريوار جون خسته حال قبرون ۽ سڀ ٽالپر آرٽ جو اعليٰ نمونو. مون چوطرف نگاهه ڦيرائي. ٽالپرن جو بنا ڪتبن وارو هي قبرستان دنيا جي اٺين عجوبي ۽ حيرت ڪدي وانگر پئي لڳو مونکي.
هاڻي ٽامي رنگ سورج ديوتا، اروڙ جي پهاڙن پويان ڍرڪندو پئي ويو. جو تليءَ جي ميدان وٽان نما شام جي سناٽي ۾ ڪلٽس ڪار جي بئڪ مرر ڏانهن ڏٺم ته دور ڪنهن اولياءَ ”عارف بابا“ جي مزار جو گنبذ ڪنهن ”ڪٽ ورڪ“ وانگر نڪري نمودار ٿيو. تڏهن مون ڪار جي پاسي واري شيشي مان ڏٺو. اسان وانگر اروڙ جا اداس پکيئڙا به پنهنجي پنهنجي واهيرن ڏانهن تيزيءَ سان اڏامندا پئي ويا.

No comments:

Post a Comment