Thursday, October 01, 2020

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور



ويھ سيپٽمبر ۲۰۱۹ تي صبح سوير ارشد ملڪ، سنگھار سنڌي، عامر ميمڻ، حنسي بوجواني ۽ مان انقره کان ڪپاڊوڪيا گھمڻ نڪتاسين، گاڏيءِ جي ڊرائيونگ عامر ڪئي، ڇو جو هو ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ سان گڏ گاڏي ھلائڻ ۾ ڪافي مھارت رکي ٿو. ڪپاڊوڪيا ترڪي جي اوڀر طرف کان واقع ھڪ قديم شھر آهي، ھي شھر لکين سال اڳ زمين مان نڪرندر لاوا جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ يونسيف انھي شھر کي سٺ ھزار سال قديم ڄاڻايو آهي، جڏھن ۱۹۶۵ع ۾ ترڪي جي جوڌي جبل تان حضرت نوح عليه سلام جي ٻيڙي جا نشان مليا، پوءِ دنيا جي سائنسدانن انھي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏھن دنيا ماھا ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ھئي ته انھي کانپوءِ انسانن جي ٻيھر پيدائش ڪپاڊوڪيا ۽ قونيا کان ٿي ھئي. انھيءِ شھر ۾ انسانن جبلن کي تراشي گهر ٺاھيا، جيڪي اڃان تائين انھي حالت ۾ توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا ۽ اڄ به جديد دور ۾ ماڻھن جا گهر ۽ ھوٽلون انھن تراشيل جبلن ۾ آهن.


انقره کان ڪپاڊوڪيا جو مفاصلو ۳۴۸ ڪلوميٽر آهي، انھن پنجن ڪلاڪن جي دوران منهنجي سنگھار سنڌي سان تاريخ ۽ ادب تي ڪافي گفتگو ٿي. ٻڌائيندو ھلان ته سنگھار ھڪ بھترين اديب ھجڻ سان گڏ تاريخ جي باري ۾ سٺي ڄاڻ رکي ٿو، ھن اسان کي ڀٽائي سائينءَ جي بيتن ۽ شاعريءِ جا مفهوم ٻڌايا ۽ سفر کي خوشگوار بڻايو. سفر ۾ ماڻھن کي ڄاڻ سان گڏ سکڻ جا نوان موقعا ملندا آهن. بهرحال ٻن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ اسان لوڻ واري ڍنڍ وٽ پھتاسين، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ شديد لوڻياٺ واري ڍنڍ سڏي ويندي آهي. مان آمريڪا جي رياست “يوٽا” جي شھر “سالٽ ليڪ سٽي” يعني لوڻ واري شھر ۾ پنج مھينا رھيو ھئس، اتي لوڻ واري ڍنڍ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي ۽ ترڪيءِ ۾ لوڻ واري ڍنڍ “تر اولو” ترڪي ٻولي ۾ “تر” معنيٰ لوڻ ۽ اولو ڍنڍ کي چوندا آهن، جيڪا ٻيو نمبر وڏي لوڻ واري ڍنڍ آهي، جنهن جي ايراضي اٽڪل ھڪ سو پنج ڪلوميٽر آهي. گاڏي پارڪنگ ۾ بيھاري پيري پنڌ ڍنڍ گھمڻ وياسين، ڇو جو چمپل يا بوٽ پائي ھلڻ منع آهي. اسان کي اتي مقامي ۽ ٻين ملڪن جا سياح نظر آيا، جيڪي ڍنڍ جي رونقن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏ پنهنجن پيارن سان گڏ تصويرون ڪڍرائي رھيا ھئا، پوءِ اسان به ڪجهه تصويرون ڪڍرايون ۽ انھي ڍنڍ سان گڏوگڏ شھر ۾ جمع جي نماز ادا ڪري ڪپاڊوڪيا ڏانهن روانا ٿياسين. اسان مختلف شھرن کان گذرندي اٽڪل ۳:۳۰ وڳي ڪپاڊوڪيا پڄي وياسين، سڀ کان پھريان پيٽ پوڄا ڪئي پوءِ ٺاھيل پروگرام تحت پھريان “غورمي” گھمڻ وياسين. زندگي ڪڏنھن ڪڏنھن ڪھڙا نه عجيب اتفاق سچ ڪري ڏيکاريندي آهي.

مون کي قديم زماني جي تھذيبن ۽ تاريخي پسمنظر سان ڪافي لڳاءُ رھيو آهي ۽ دل ۾ حسرت سانڍي ھئي انهن تاريخي ماڳن ۽ تھذيبن کي ڏسڻ ۽ حقيقت کي جاچڻ جي. بهرحال اسان اتي جبلن ۾ اندر ٺھيل گهر ڏٺا، جيڪي ساڳي طرح جيئن نبي سڳورن حضرت عاد ۽ ثمود جي قومن جبلن کي تراشي گهر ٺاھيا ھئا جنهن جو مقدس ڪتاب ۾ به ذڪر ٿيل آهي. تاريخ مان خبر پوي ٿي ته اتي ڪيتريون ئي قومون رهي چڪيون آهن. غورمي ۾ گھرن جي ڇا ته منصوبابندي ڪئي وئي ھئي، ڏسڻ وارا حيران ٿي وڃن، گھرن اندر ڪمرن ۾ پٿرن کي تراسي ويھڻ ۽ آرام ڪرڻ جون جايون ٺاهڻ سان گڏ ديوارن ۾ الماڙيون ٺھرايون ھيون، چوڻ جو مقصد ته ھزارين سال پھريان اھي قومون ڪيڏيون نه تھذيب يافته ھيون. اتي اسان زمين جي اندر قديم زماني جا شھر ڏٺا، جيڪي وڏي ايراضي ۾ پکڙيل آهن. اتي اسان کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ انھي قديم زماني جا باشندا ھجون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي “ھتيت” قوم رھندي ھئي، جيڪا انتھائي طاقتور قوم ھئي، جنهن جو تاريخ ۾ ڪافي ذڪر ڪيل آهي. قديم زماني ۾ ھي شھر جنگي منصوبابندي ڪرڻ سان گڏ دفاعي لحاظ کان وڏي اھميت جو حامل ھو. ڪپاڊوڪيا روم ۽ عثماني سلطنتن ۾ رهي چڪو آهي. توهان جڏھن اتي ويندا ته غار واري ھوٽلن ۾ ضرور قيام ڪندا. سڄي ڏينهن جون رولاڪيون ڪرڻ کانپوءِ شام جو جڏھن بازار وياسين ته ڇا ته خوبصورت چھرا هئا، رنگ برنگي ھوٽلون ۽ اتي ترتيب ۾ گلن جا گلدان ۽ ٽيبلن تي سينگاريل کاڌو ۽ انھن تي ويٺل ماڻهو، “واهه” ڇا ته منظر ھو. اسان ترڪيءِ جا ڪافي شھر گھميا پر ھن شھر ۾ جيڪو مزو آيو اھو ڪنهن ٻئي ۾ نه آيو، سڄي رات ماڻهو ڪلبن تي ڊانس ڪرڻ، ريسٽورنٽ تي کاڌو کائڻ سان گڏ روميلي ميوزڪ ۽ بيلي ڊانس مان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا. بهرحال زندگي جا اھي بھترين لمحا ھئا، پوءِ سڀ دوستن چيو ته “ھاٽ بلون” آسمان ۾ باھ جي مدد سان اڏندر ڦوڪڻي ۾ سواري ڪجي، انھي ھاٽ بلون ۾ ٽيھ کان ٻهٽيھ ماڻهو سواري ڪري ٿا سگهن.

No comments:

Post a Comment