Wednesday, February 16, 2022

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ تجربي هيٺ آيل شين جون ساروڻيون - عبدالله عثمان مورائي

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ تجربي هيٺ آيل شين جون ساروڻيون

عبدالله عثمان مورائي



هتي سئيڊن ۾ يا کڻي ائين چئجي ته سڌريل ملڪن جي خانگي يا سارڪاري ادارن ۾ موجود وسيلن جو استعمال مناسب طريقي سان ڪيو ويندو آهي. آءٌ اڄڪلهه اسٽاڪهولم ۽ ان جي آس پاس تمام وڏن ۽ ميگا پراجيڪٽس تي ڪم کان پهريان، ڪم دوران ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ان علائقي ۾ زمين اندر موجود پاڻيءَ تي ڪنٽرول يا نظر رکڻ واري پروگرام جو حصو آهيان. مون کي يا منهنجي ٻين ڪليگس کي جيڪڏهن ڪنهن پراجيڪٽ جي وزٽ ڪرڻي هوندي آهي ته اسان پهريان سسٽم ۾ گاڏي چيڪ ڪندا آهيون ته ڪهڙي گاڏي فارغ ۽ موجود آهي، پوءِ اها گاڏي پنهنجي نالي بڪ ڪري، پوءِ کڻي ويندا آهيون. سڀ تفصيل ڏيڻا هوندا آهن ته ڪهڙي پراجيڪٽ تي وڃبو، پهريان گاڏي ڪيترا ڪلوميٽر هليل هئي ۽ واپسيءَ تي هاڻي ڪلوميٽر جو ڪانٽو ڪٿي بيٺو آهي وغيره. گاڏي جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم ۾ استعمال ڪرڻي آهي ته اهو پڻ پهريان کان ئي ٻڌائبو، جنهن جو ٽول ٽيڪس يا هڪ اڌ ٻيو ٽيڪس پاڻ کي ڀرڻو پوندو ۽ گهڻي قدر ذاتي ڪم لاءِ گاڏي تڏهن ئي کڻي سگهجي ٿي، جڏهن اها ڪنهن پراجيڪٽ جي ڪم لاءِ بڪ ٿيل نه هجي.


هتي انجنيئرس يا ٻين کي به ڪنهن به قسم جو ڪو ڊرائيور، بورچي يا ملازم ناهي مليل هوندو. اسان پاڻ گاڏي ڪاهي پراجيڪٽس تي ويندا آهيون. سڄي ڏينهن ۾ جيڪي به پاڻي، چانهه يا ڪافي جا ڪوپ ۽ گلاس ٽيبل تي گڏ ٿيندا، اهي وڃڻ کان پهريان ٿانوَن ڌوئڻ واري مشين ۾ وجهي پوءِ آفيس ڇڏيندا آهيون. هتي پوليس وارا به پنهنجي نوڪريءَ جي وقت تي آفيس ۾ ايندا آهن، ڪپڙا مٽائي پوءِ نوڪري شروع ڪندا آهن. سرڪاري گاڏي به نوڪريءَ دوران ۽ سرڪاري ڪم لاءِ استعمال ڪن. مجال آ جو ڪو پنهنجن سادن ڪپڙن يا ذاتي ڪم لاءِ سرڪاري گاڏي اجازت کان بغير استعمال ڪري. ان حوالي سان پاڻ وٽ سنڌ يا پاڪستان ۾ ته ڪم ان جي بلڪل ابتڙ آهي. ان کي ڪي وڏي عياشي ۽ بادشاهي سمجهندا هوندا، ته ڪي وري ان کي بي حيائي. جيڪڏهن وچٿري ڳالهه ڪجي ته ائين چئي سگهجي ٿو ته اها غير مناسب ڳالهه آهي ته سرڪاري وسيلن کي پنهنجي ذاتي استعمال ۾ ڪتب آندو وڃي.

آسٽريا ۾ خاص ڪري ويانا ۾ تمام گهڻا ننڍا ننڍا ڪيفيٽيريا آهن، جتي ماڻهو ويهي سڪون سان اردگرد جي ماحول جو مزو وٺي سگهي ٿو. هڪ دفعي آسٽريا جي شهر ويانا ۾ گهمڻ دوران اتان جي هڪ دوست کي مون چيو ته اوهان وٽ جيڪي ننڍا ننڍا ڪيفيٽيريا آهن، انهن ۾ مون کي ويهي چانهه ۽ ڪيڪ جو مزو وٺڻ تمام گهڻو پسند آهي. ان تي هُن ٻڌايو ته هتي اهي جيڪي ڪيفيٽيريا آهن، اهي هتي ترڪ کڻي آيا هئا، ان کان پهريان هتي انهن شين جو رواج نه هو. مون کيس چيو ته مهرباني جو تو منهنجي ڄاڻ ۾ اهو واڌارو ڪيو.

هالينڊ جو شهر ايمسٽرڊئم به تمام سهڻو آهي، وچ شهر مان گذرندڙ ڪينال ۽ انهن جي مٿان وري پلين جي اڏاوٽ، رنگ برنگي عمارتون شهر کي انتهائي سهڻو ڪري پيش ڪن ٿيون. شهر ۾ سائيڪل جو استعمال تمام گهڻو آهي. هر ماڻهو تقريبن سائيڪل جي سواريءَ کي پسند ڪري ٿو. هڪ دفعي آءٌ ۽ ڪجهه يونيورسٽي جا دوست شهر ۾ چڪر ڏئي رهيا هئاسين ته مون کي هوا ۾ چرس يا مارجوانا جي ڌپ محسوس ٿي، مون سوچيو شايد ڪو ڀرسان لنگهي ويو هوندو، جنهن جو چرس پيتل هوندو، پر سائين اها ڌپ وڃڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، پوءِ اها خبر پئي ته هالينڊ ۾ ڪيفيٽيريا ۾ ويهي اهڙي قسم جو نشو ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي اتي قانوني شڪل ڏنل آهي، ۽ اهو ائين ته ڪيفيٽيريا وارا ٿوري مقدار ۾ پاڻ اها پوکي پوءِ تيار ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ئي ڪيفيٽيريا ۾ ان کي وڪرو ڪري سگهن ٿا ۽ اتي ئي ان ڪيفيٽيريا ۾ ئي ان جو استعمال قانوني آهي. ٻاهر کئي وڃڻ، پيئڻ يا وڪڻڻ تي پابندي آهي. اهو منهنجي لاءِ هڪ نئون ۽ انوکو تجربو هو.

پنهنجي دوست مارڪ ۽ سندس گهرواري ناديه سان هڪ ڏينهن اسان بيلجيم جي اتر ۾ شهر برجز جو رخ ڪيو، جنهن کي يورپ جي اتر جو وينس پڻ ڪوٺين. مارڪ ۽ سندس گهرواريءَ مون کي چيو ته اسان توکي ڪنهن به شيءِ جا پيسا ڀرڻ نه ڏينداسين. هنن ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون گهران ۽ ڪجهه سپر اسٽور تان پڻ ورتيون. صبح جو سوير اسان روانا ٿياسين. برجز واقعي وينس وانگر پي لڳو، شهر جي وچ ۾ ڪينال ۽ انهن ۾ ٻيڙيون، ماحول ۾ ٿورو سيءُ محسوس پي ٿيو. برجز ۾ اسان چاڪليٽن ٺهڻ جون فيڪٽريون ڏٺيوسين. اتي جا مڪاني وافل کائي ڏٺاسين. شهر ۾ موجود قلعا ۽ وڏا وڏا چوراها پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو. برجز ۾ مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته برجز جي مقابلي ۾ اٽلي جي شهر وينس ۾ تمام گهڻا سياح گهمڻ لاءِ اچن ٿا. باقي اٽلي جا شهر وينس ۽ روم ائين لڳندا، ڄڻ ننڍو بنگلاديش هجي، هر پاسي بنگالي نظر ايندا. هڪ دفعي مون وينس جي ڀرسان ايئر بي اين بي جو فليٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ بڪ ڪيو هو، هڪ ڏينهن شام جو ٻاهر نڪتس ته هڪ وڏي پارڪ جي بينچن تي رڳو بنگالي ويٺل هئا، هر هڪ جي فون ڪنن تي ۽ بنگاليءَ ۾ تيز تيز ڳالهائي رهيا هئا. شايد بنگلاديش ۾ پنهنجن پيارن کي پرديس جا حال احوال ڏيندا هوندا.

يورپ ۾ ماڻهو ٻن ڏينهن واري هفتيوار موڪل کي ڀرپور گذارين ٿا. بيلجيم ۾ ئي هڪ ڏينهن مارڪ، سندس گهرواري ۽ سندن ڏهاڪو کن دوستن مراڪش جي هڪ ريسٽورنٽ تي رات جي ماني کائڻ جو پلان ڪيو، ماني سان گڏوگڏ بيلي ڊانس جو به اتي اهتمام هو. ريسٽورنٽ تمام وڏو ۽ رش به تمام گهڻي هئي. ڪافي ماڻهن جو ماني طرف گهٽ ۽ بيلي ڊانسر طرف وڌيڪ ڌيان هو. ٻئي ڏينهن وري اسان سندن دوستن سان گڏجي بيڊ منٽن کيڏڻ ويا هئاسين، جتي ناديه منهنجا بيڊ منٽن کيڏڻ دوران ڪافي فوٽو به ڪڍيا ها.

روم شهر ۾ گهمندي گهمندي پياري دوست پريم ساگر سان گڏجي ويٽيڪن سٽي گهمڻ جو موقعو پڻ مليو، ويٽيڪن سٽي جي ڪيٿولڪ عيسائين ۾ وڏي مذهبي ۽ اهميت واري حيثيت آهي. جتي پوپ پنهنجو ديدار ڪرائيندو آهي. اتي ڪجهه پاڪستاني سونهان به هئا، جن چيو ته اندر هن گرجا گهر ۾ هلڻ جو ارادو هجي ته ٻڌايو؟ ان لاءِ هيتري في آهي ۽ اوهان کي لائين ۾ بيهڻو نه پوندو. اسان کين چيو نه اسان رڳو هتان ٻاهران ئي ڏسڻ لاءِ آيا آهيون. ويٽيڪن سٽي جي حيثيت آهي ته هڪ الڳ ملڪ جي پر محسوس ائين ئي ٿيندو ته ڄڻ اٽلي جو ئي حصو آهي. هلندي هلندي خبر ئي نه پوندي ته ماڻهو اٽليءَ مان ويٽيڪن سٽي پهچي ويو.

اسٽاڪهولم ۾ منهنجي پاڙي ۾ هڪ فيملي هڪ ننڍي ڪتي کي ٻاهر پيا گهمائيندا آهن. اهو گلر به ڏاڍو پيارو لڳندو آهي. ان جو نالو شپ آهي. هڪ ڏينهن آءٌ شام جو ڪاڏي ويس پي ته بس اسٽاپ تي ان گلر کي سندس مالڪ سان گڏ بس جو انتظار ڪندي ڏٺم. مون کانئس پڇيو ته ڪاڏي پيا وڃو؟ چيائين ته شپ بيمار آهي، سو هن کي جانورن جي اسپتال ٿو وٺي وڃان. سو به ڪلاڪ مني جي سفر تي. وڌيڪ ٻڌايائين ته هن پاڻ واري علائقي ۾ رڳو نارمل وقت تي جانورن جي اسپتال آهي، باقي ايمرجنسيءَ ۾ ان فلاڻي جانورن جي اسپتال ۾ وڃڻو پوندو، جيڪا هر وقت کليل هوندي آهي. مون کي اها ته خبر هئي ته انسانن جي علاج لاءِ ته هر وقت ايمرجنسي واري اسپتال هجي ٿي پر اها منهنجي لاءِ نئين ڄاڻ هئي ته جانورن جي لاءِ به هتي ايمرجنسي اسپتال آهي.

ناروي جا فيورڊز تمام گهڻا سهڻا ۽ مشهور آهن. فيورڊز دراصل سمنڊ مان نڪتل ڊگهو، سوڙهو ۽ گهرو پهاڙن جي وچ ۾ ڦاٿل هڪ پاڻيءَ جو سلسلو هجي ٿو، جيڪو اڳيان کان بند هوندو آهي. ڪافي وڏا پاڻيءَ جا جهاز سياحن کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندا آهن. انهن فيورڊز کي وري پهاڙن جي مٿان ڏسڻ جو به پنهنجو مزو آهي. مون کي هڪ دفعي اوڏانهن وڃڻ جو موقعو مليو، ناروي جي شهر اسٽا وانگر شهر مان پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي تائو شهر ۾ اچي لٿس، جتان وري بس کڻي اچي پري اڪي اسٽولن جي پارلنگ ايريا ۾ لاٿو، جتان کان پوءِ ٽريڪنگ شروع ٿي.

ٽريڪنگ چار ڪلوميٽر اوٽ ۽ چار ڪلوميٽر موٽ هئي، جنهن مان رڳو ست اَٺ سئو ميٽر سڌي هئي، باقي مٿي پهاڙ تي چڙهڻو هو. ڪافي ماڻهو آيا ويا پي. مون وٽ سٺو ٿيو جو پاڻيءَ جو بندوبست گهڻو هو، مون اتي هر ٻن ٻن منٽن ۾ پاڻي پي پيتو، چڙهائي انتهائي سخت هئي. واٽ تي آرام ڪرڻ لاءِ جايون پڻ هيون، جتي اتي ماڻهن جا خيما به لڳل هئا. خير سان جڏهن ٽريڪنگ پوري ٿي ته دل مان پاڻ ئي نڪري ويو سبحان الله. ڇا ته قدرتي خوبصورتي هئي. پري اڪي اسٽولن جي پهاڙ تان فيورڊ بلڪل سامهون نظر ٿو اچي. ڪٿان شروع ۽ ڪٿي ختم ٿيڻ جي حد پڻ ماڻهو اتان ڏسي سگهي ٿو. پري اڪي اسٽولن جي پهاڙ جي ٽاپ پنجويه بائي پنجويه جي آهي، جتي تمام گهڻي تعداد ۾ سياح موجود هجن ٿا ۽ بلڪل ڪناري تي ويهي فوٽو ڪڍائڻ جي لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪن ٿا. مون ۾ همٿ نه هئي جو مان بلڪل ڪناري تي وڃي سگهان، هڪ ته فرش تمام لسو، مٿان وري ايڏي وڏي اونچائي, اتي مون ٻڌو ته سيلفين جا ڪي شوقين اتان ڪري پنهنجون حياتيون به وڃائي چڪا آهن. بهرحال، جڏهن ماڻهو پري اڪي اسٽولن تان واپس اچي ٿو ته سندس مشڪ منفرد هجي ٿي ۽ اندر ۾ هڪ خوشي ته واهه منهنجا مولا پنهنجي خلقيل اهڙي قدرت تو مون کي ڏيکاري.

اسپين جي شهر علي ڪانتي ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ جو موقعو مليو، مون اتي جيڪو گيسٽ هائوس بڪ ڪرايو هو، ان جي ريٽنگ ڏهن مان ڏهه هئي، وچ شهر ۾، ۽ مٿان وري سستو. اهو گيسٽ هائوس اٽلي جي هڪ ماءُ ۽ سندس ڌيءُ هلائي رهيون هيون. اصل ۾ اهو هڪ فليٽ هو، جنهن کي گيسٽ هائوس جي ڪمرن مطابق ترتيب ڏنو ويو هو. هي شهر جيڪو صوبو پڻ آهي کي ميڊيٽيرينين سمنڊ جو اهو حصو لڳي ٿو، جنهن کي ڪوسٽا بلانڪا به چيو وڃي ٿو ۽ اها سامونڊي پٽي تقريبن ٻه سئو ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. شهر ۾ سمنڊ سان گڏوگڏ پهاڙ به لڳي ٿو. سانٽا باربرا شهر جو مشهور قلعو آهي جيڪو شهر جي بيني ڪانٽل پهاڙ تي اڏيل آهي ۽ سياحن جو پاڻ طرف ڌيان ڇڪائي ٿو. علي ڪانتي جي معنيٰ آهي سٽي آف لائيٽس، علي ڪانتي ۽ بيني ڊورم جي وچ واري سامونڊي پٽي وارياسي آهي، جيڪا مون گهمي ڏٺي، مون محسوس ڪيو ته بيني ڊورم ۾ ڪافي تعداد ۾ سئيڊش ماڻهو رهن ٿا يا انهن جا اتي فليٽ يا گهر ورتل آهن، جتي هو سال جا ڪجهه مهينا گذارين ٿا. انهن سامونڊي وارياسن ڪنارن ۽ پٽين تي اهو ساڳيو ماحول هجي ٿو، يعني پاڻي ۾ تڙڳڻ ۽ وري اچي اُس ۾ واريءَ تي ليٽي بت سيڪڻ.

علي ڪانتي کان هڪ ڏينهن جو بنيول لاءِ منهنجو ٽرپ بڪ ٿيل هو. صبح سوير ئي تيار ٿي اچي مقرر جاءِ تي پهتس، جيڪا آءٌ هڪ ڏينهن اڳ ئي ڏسي ويو هوس. هن ٽرپ ۾ علي ڪانتي کان بنيول تائين ڪوسٽر جو سفر، لا ٽوماٽينا فيسٽيول جي اينٽري ۽ شرٽ شامل هئي. ڪوسٽر ۾ آمريڪن، روس، انگلينڊ جا ماڻهو شامل هئا. بنيول پهچڻ کان پوءِ اتي اندازو لڳو ته هن تهوار ۾ انڊيا جا به تمام گهڻا ماڻهو اچن ٿا، شايد ان ڪري جو هن ’لا ٽوماٽينا فيسٽيول‘ جو ذڪر ۽ ڪلپ بالي ووڊ جي هڪ فلم ”زندگي نه ملي گي دوبارا“ ۾ پڻ آهي ۽ اتي ڪجهه ماڻهن واقعي به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اسان هن فيسٽيول جو ذڪر ان فلم ۾ ئي ٻڌو هو ۽ ان ڪري ئي هتي آيا آهيون.

لاٽوماٽينا اصل ۾ هڪ ٻئي مٿان ٽماٽا ڦسائي اڇلائڻا آهن. هڪ ڪلاڪ جو اهو فيسٽيول بنيول جهڙي ننڍي شهر ۾ لکين يوروز جي اڪانومي انجيڪٽ ڪري ٿو وڃي. آءٌ جنهن ڏينهن اتي بنيول ۾ ’لا ٽوماٽينا فيسٽيول‘ ۾ هيس ته منهنجي ننڍي ڀيڻ خيرالنساءِ (جنهن امان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان جي ماءُ وانگر ئي سار سنڀال ڪئي) کي ڪڪي ڄائي هئي، جنهن جو نالو همايل رکيو ويو آهي پر آءٌ وري ان کي ’لا ٽوماٽينا فيسٽيول‘ جي ياد جي طور تي ۽ پيار مان ٽماٽو چوندو آهيان. مالڪ سائين سڀني جي نياڻين جا ڀاڳ بخت بلند فرمائي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment