Saturday, March 19, 2022

مخلتف سفرن جون يادون - عبدالله عثمان مورائي

مخلتف سفرن جون يادون

Notes from Europe

عبدالله عثمان مورائي



جاويد اختر جي شاعري آهي ته؛

”دلون مين تم اپني بي تابيان لي ڪي چل رهي هو تو زندهه هو تم،

نظر ۾ خوابون کي بجليان لي ڪي چل رهي هو تو زندهه هو تم،

هوا ڪي جهونڪون ڪي جيسي آزاد رهنا سيکو،

تم ايڪ دريا ڪي جيسي لهرون مي بهنا سيکو.“

(ناتمام)

مون هن مٿئين شعر کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ دل ۾ بي تابي، نظرن اڳيان خواب، حيرانيون، هوا جا آزاد جهونڪا، درياهه جون آزاد لهرون ۽ زندگيءَ جي هر هڪ گهڙيءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪرڻ بابت سوچيو، ۽ مون سيلانيءَ جي منهن ۽ چپن تي مشڪ هئي. ڇاڪاڻ ته مون انهن بي تابين، حيرانين ۽ خوابن جو پيڇو ڪيو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي هوا جي آزاد جهونڪن ۽ درياهه جي آزاد لهرن وانگر پاتو. مون پنهنجي پاڻ کي ڳولهي لڌو.


سال ۲۰۰۹ع ۾ منهنجي زندگيءَ جو هڪ بهترين ۽ يادگار سفر اسٽاڪهولم کان سئيڊن جي اتر ۾ واقع شهر ڪيرونا تائين جو هو، جنهن ۾ مون هڪ مهيني لاءِ سفر هچ هائيڪنگ (جنهن جو مطلب ته مختلف گاڏين جي ڊرائيورن کي آڱوٺي جي نشان سان عرض ڪرڻ ته ٻيلي مون کي به کنيو هلو)، بسن، ريل گاڏين ۽ پنڌ ذريعي ڪيو هو. ڪٿي ڪٿي ڪوچ سرفنگ (جنهن جو مطلب ته مختلف ماڻهن جي گهرن ۾ هڪ ٻن ڏينهن لاءِ رهڻ) ڪئي هئي ته ڪٿي وري جهر جهنگ ۾ پنهنجي خيمي ۾ ستو هئس. ان سفر دوران ڪافي ماڻهن سان ملاقاتون پڻ ٿيون، جن سان اڄ به سٺي دوستي آهي. اهو سفر جيئن ته اونهاري جي مند ۾ هيو، سو مون کي اتي ڪيرونا ۾ ”مڊ نائيٽ سن“، سولي سنڌيءَ ۾ اڌ رات وارو سج ڏسڻ جو موقعو پڻ مليو. اصل ۾ هي اهي ئي علائقا آهن جتي ڇهه مهينا ڏينهن ۽ ڇهه مهينا رات ٿيندي آهي.

سئيڊن ۾ يورپ جي ٻين ملڪن جا سياح ايندا آهن ته دانهون ڪندا آهن ته ملڪ ڏاڍو مهانگو آهي ۽ واقعي آهي به، پر جيڪي ماڻهو هن ملڪ ۾ رهن ۽ ڪمائين ٿا، انهن لاءِ اهو عام رواجي يا نارمل آهي ۽ محسوس گهٽ ٿيندو آهي. هڪ دفعي آءٌ جرمني جي بريمن، هئمبرگ ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ سياحت ڪئي هئي، اتي شين جا اگهه تمام گهٽ لڳا، پوءِ ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته ماڻهو ڇو دانهون ڪندا آهن. وري ان جي ابتڙ آءٌ جڏهن لنڊن ۾ اتان جي عام پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندو آهيان ته اسٽاڪهولم جي بنسبت ان جا اگهه تمام گهڻا لڳندا آهن.

گذريل سال يعني ۲۰۲۱ع ۾ مون سئيڊن کي ڪافي گهميو. پنهنجي دوست ذيشان خان ۽ ناصر سان گڏ گوٿنبرگ جي ڀرسان هڪ ٻيٽ وڙانگو وڃڻ ٿيو. ان ٻيٽ تي جيڪي ماڻهو رهن ٿا، اهي پنهنجون گاڏيون گوٿنبرگ ۾ بيهاري، پوءِ ڪلاڪ مني جي سفر تي پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي، پنهنجن گهرن ڏانهن وڃن ٿا. ٻيٽ تي شايد رڳو ماڻهن وٽ يا ته سائيڪلون يا ته ننڍي انجڻ واريون موٽر سائيڪلون هيون. ان ٻيٽ تي تمام بهترين ۽ سهڻا گهر ٺهيل هئا. اتي زندگيءَ جي ضرورت جون سڀ شيون هيون. اتان پهاڙ تان آسپاس جو نظارو تمام خوبصورت هو. اسان اتي ڪافي وقت تائين هائيڪنگ ڪندا رهياسين. اتي به ماڻهن سمنڊ جي نمڪين پاڻيءَ ۾ ٽٻيون ڏئي، پوءِ ڪناري جي واريءَ ۽ پٿرن تي اچي اس ۾ بت ٿي سيڪيو. مون اتي ڏٺو ته؛ ماڻهو اتي ڪيمپنگ ڪرڻ لاءِ پڻ آيل هئا.

ٻئي دفعي گذريل سال ئي هڪ ڀيرو وري ذيشان خان سان سندس ڪار ۾ سئيڊن جي شهر گوٿنبرگ کان ملڪ جي اتر ۾ اوري شهر تائين وڃڻ جو ارادو ڪيوسين. ارادو اهو هو ته؛ خيمي ۾ رهڻو آهي، پنهنجي ماني ٽڪي پاڻ ڪرڻي آهي، جتي دل چوي اتي بيهڻو آهي. اهو به هڪ تمام يادگار سفر هو. مون محسوس ڪيو ته سئيڊن جو اهو اوڀر کان مٿي اتر طرف ويندڙ رستو تمام بهترين ۽ سهڻو آهي. اسان سان گڏ عام رواجي ڪيميرائن سان گڏوگڏ ڊرون ڪيميرا پڻ هئي، جنهن اسان جي سفر کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو. ان سفر ۾ اسان جهر جهنگ جي وچان تمام سوڙهن روڊن تان گذرياسين، تمام خوبصورت ڍنڍن جي ڪنارن سان گذرڻ ٿيو. رات جو جيڏي مهل سج لٿو ته اسان به سوچيو ته هاڻي ڪٿي هلي بيهجي ۽ خيمو کوڙجي. پوءِ وڃي هڪ هنڌ ڊلارنا جي علائقي ۾ ڪنهن ڍنڍ جي ڪناري خيمو لڳايوسين. هيو ته اونهارو پر ماحول ۾ هلڪو هلڪو سيئاٽ هو. پيٽ جي پوڄا ڪندي، ڪچهري به ڪندا رهياسين. هونئن ته اتي ماحول ۾ انتها درجي جي خاموشي هئي، پر رکي رکي اتي ڍنڍ جي پکين پئي ٻوليو، بدڪن ۽ ٻين آبي پکين به پاڻيءَ ۾ ٽٻيون پئي هنيون، جنهن ڪري ماحول ۾ وقفي وقفي سان خاموشي ٽُٽي ٿي. مون کي لڳو ڄڻ اسان انهن آبي پکين جي سلطنت ۾ زوريءَ گهڙي آيا هجون. صبح جو اک کلي ته سبحان الله، ڇا ته انتها درجي جو خوبصورت نظارو، اسان جي اکين آڏو هو. نقشي تي ڏٺو ته اسان ڊلارنا جي اورسا ڍنڍ جي ڪناري خيمو کوڙيو هو. سفر وري هڪ دفعو شروع ٿيو. اسان وچان وچان تمام سنهن علائقن مان ۽ سوڙهن يا کڻي چئجي ڪنٽري روڊن سان پئي سفر ڪيو. رات دير سان اوري شهر جي ٻاهران هڪ ڪيمپنگ سائيٽ ۾ وڃي خيمو لڳايوسين، جتي ڪافي سهولتون موجود هيون، جن جو ڀرپور فائدو ورتوسين. اتي اوري ۾ ئي پهريان چيئر لفٽ، پوءِ ڪيبل ڪار ۾ مٿي وياسين، جتان وري هڪ ڪلوميٽر پهاڙي چڙهائي هئي، جيڪا اسان آهستي آهستي ٻين سياحن وانگر چڙهڻ شروع ڪئي. اتان بلڪل ٽاپ تان هر پاسي نظارا ئي نظارا هئا. آس پاس جي علائقن جون ڍنڍون، لينڊ اسڪيپ، سڀ جو سڀ؛ اسان کي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پئي نظر آيو. واپسيءَ تي اوري شهر جو چڪر ڏئي، اسان واپسي سئيڊن جي اوڀر واري پاسي ڪئي ۽ وچ ۾ هڪ رات سندسوال جي سمنڊ ڪناري، هڪ ڪيمپنگ سائيٽ ۾ گذري.

سال ۲۰۲۱ع ۾ ئي ٻين سفرن سان گڏوگڏ، پاڻيءَ جي جهازن ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو. مون، منهنجي دوست شعيب ۽ سندس ڀاءُ راشد، پاڻ ۾ سئيڊن جي بالٽڪ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ گاٽلينڊ جي شهر وسبي وڃڻ جو ارادو ڪيو. اهو ٻيٽ، ڪنهن به پل يا ٽنل جي ذريعي، ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيل ناهي. اوڏانهن ماڻهو يا ته پاڻيءَ جي رستي يا وري هوائي جهاز ۾ ئي وڃي سگهي ٿو. اسان پاڻيءَ واري جهاز ۾ وياسين. جهاز انتهائي دلڪش هو. اسان جيئن ئي پورٽ تي لٿاسين ته اتان ٻين سياحن سان گڏوگڏ، شهر جي پاسي وڃڻ شروع ڪيوسين. مينهن به اچي شروع ٿيو، پر مينهن کان بچاءَ جو بندوبست هيو. اسان کي اتي شهر جي ٻاهران، حفاظتي اوچي ڀت ۽ وچين دور جا حفاظتي ٽاور ۽ سينٽ نڪولائي ۽ سينٽ ڪيرن جا کنڊر، گرانڊ ۽ سينٽ ميري ڪيٿيڊرل، بوٽانيڪل گارڊن، اتان جو مک چونڪ ۽ پٿريليون گهٽيون ڏسڻ جو موقعو مليو. اتي جي جيڪا مک خريداريءَ جي گهٽي هئي، اتي برانڊيڊ شين جا دڪان گهٽ ۽ مقامي ماڻهن جا سادا پر انتهائي سهڻا دڪان آهن.

سال ۲۰۲۱ع جو آخري سفر به وري پاڻيءَ جي جهاز ۾ ٿيو. جنهن ۾ هارنوساند ۽ هوگا ڪستن جنهن کي هاءِ ڪوسٽ چئجي، ڏسڻ جو موقعو مليو. اسٽاڪهولم مان ئي جهاز هليو ۽ بالٽڪ سمنڊ ۾ مٿي اتر طرف گلف آف بوٿنيا طرف سڄي رات هلندو رهيو ۽ صبح جو اچي هارنوساند جي شهر پهتو، جتي اسان کي گهمڻ لاءِ ڇهن ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو. هن شهر ۾ آءٌ هڪ دفعو پهريان به آيل هيس، جڏهن سئيڊش انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايجنسي وارن اويلئيشن جو ڪورس ۽ ٽريننگ ڪرائي هئي. تڏهن شهر گهمڻ جو موقعو نه مليو هو. پر هاڻي هتي آيل ئي گهمڻ لاءِ هئاسين. شهر ڪافي سهڻو آهي. گهڻي قدر سئيڊن يا يورپ جي ٻين شهرن وانگر ئي. مثلًا؛ شهر جو مک چونڪ، وڏو گرجا گهر يا ڪيٿيڊرل، پنڌ گهمڻ ۽ خريداري ڪرڻ جي گهٽي، باغ، گلن جون ڪياريون، ماڻهن جي تفريح لاءِ انتهائي سهڻا پارڪ وغيره. شهر ۾ ڪجهه ميوزم به آهن، جن ۾ ڪارن جو ميوزم وڌيڪ مشهور آهي. اتي مون سان ماري ۽ سندس مڙس توماس پڻ ملڻ آيا، جيڪي هارنوساند کان اتر طرف ڪو لڳ ڀڳ هڪ سؤ ڪلوميٽر اووڪ شهر جي ڀرسان رهندا آهن. ماري ۽ توماس سان منهنجي پهرين ملاقات ۲۰۰۹ع ۾ ٿي هئي، جڏهن آءٌ اتر ۾ ڪيرونا کان واپسيءَ تي انهن جي گهر رهيو هوس. اسان اتي گڏجي، منجهند جي ماني پڻ کاڌي ۽ هڪ ٻئي کي تحفا وغيره پڻ ڏناسين. واپسيءَ تي جهاز هوگاڪستن پاسي هليو ۽ وات مان سبحان الله نڪري وئي. انتهائي خوبصورت سمنڊ، درياهه، آسپاس ننڍن پهاڙن ۽ جهنگن جو سلسلو هو. انهن سڀني جي خوبصورتيءَ کي وري اتي ٺهيل هوگاڪستن پل وڌائي رهي هئي، جيڪا اسڪينڊينيويا جي ٽيون نمبر وڏي سسپينشن پل آهي. مون کي اتي اها پل ڏسي، سنڌو درياهه تي اڏيل دادو مورو پل، سکر ۽ ڄامشوري واريون پليون ذهن تي تري آيون. اتي هڪ گهر تي اک پئي، مون سوچيو ته ڄڻ موري جي ڀرسان لليا جو ڳوٺ آ، ۽ هاڻي ڄاڻ پل جي ڀرسان سائين عبدالله جيسر جو ڳوٺ ايندو. پر جهاز جو اوچتو وڏو هارن وڄايو ته للين کان واپس هوگا ڪستن پهچي ويس، جتان اسان جي اسٽاڪهولم لاءِ واپسي هئي.

آءٌ ڀلي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجان پر سنڌ منهنجي هن وجود ۾ آهي، ڪنهن شاعر جي چواڻي ته؛

”هتان اچي ويھُ! سونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جي،

بي وس بسم الله چئي، چمان اباڻو ڏيھُ.“

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment