Friday, August 12, 2022

سئيڊن ۾ تجربي هيٺ آيل ڪجهه شيون - ۲ - عبدالله عثمان مورائي

سئيڊن ۾ تجربي هيٺ آيل ڪجهه شيون - ۲

عبدالله عثمان مورائي



هتي سئيڊن ۾ ويلنٽائين وارن ڏينهن ۾ جيڪي رومانيا کان لاڏائو، خانه بدوش يا جپسي آيل آهن، جن جو عام ڏينهنن ۾ ڪم ماڻهن کان خيرات گهرڻ آهي پر ويلنٽائين واري ڏينهن ۾ وري اهي ڳاڙها گلاب جا گل جوڙن کي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مطلب ته موقعي جي مناسبت سان اهي به موقعي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن. پاڻ سنڌ ۾ گل ڪجهه محدود قسم جا ڏٺا آهن، پر هتي سئيڊن ۾ تمام مختلف ۽ گهڻن قسمن جا گل ملن ٿا. هنن ملڪن ۾ گلن جو به تمام وڏو ڪاروبار آهي. ويلنٽائين تان ياد آيو ته پاڻ وٽ شايد ماڻهو نفرت جو اظهار کليو ڪن ٿا ۽ پيار ۽ محبت واري ڪيفيت کي اندر ئي اندر ۾ دٻائي رکن ٿا. هتي وري شايد ان جي ابتڙ لقاءُ آهي.


سئيڊن ۾ انب، پتائي ڳاڙهي گجر يا ٻيون ڪافي ڀاڄيون هر وقت مليو وڃن. تازيون ڀاڄيون ته ملن ئي ملن پر پيڪ ۽ فريز ٿيل به ڪافي ڀاڄيون ملن ٿيون. ڪافي شيون ته اهڙيون به آهن جيڪي پهريون دفعو مون هتي سئيڊن ۾ ئي ڏٺيون. هتي ڪافي دڪانن تي سڪل ڪيلا به ملن جيڪي گهڻي قدر افريڪا جي ملڪن جا ماڻهو ڀاڄي طور استعمال ڪن. ڪافي شيون ته سمجهه ۾ به نه اينديون آهن. سڀني پيڪ ٿيل شين جي مٿان وري استعمال ڪرڻ جي آخري تاريخ پڻ لکيل هجي ٿي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل پڻ ٿئي ٿو.

هتي سئيڊن ۾ گهڻي تعداد ۾ مرد توڙي عورتون نسوار جهڙي هڪ شيءِ جنهن کي سنوس چئجي، نسوار وانگر ئي وات جي مهارن ۾ ڦاسائي رکن پر اها نسوار وانگر کليل ناهي هوندي پر ان جا ننڍا ساشي ٺهيل هوندا آهن. سنوس تي وري فنلينڊ ۾ وڪڻڻ تي پابندي آهي سو اها اتي ڪانه ملي، پوءِ فنلينڊ جا ماڻهو خاص طور تي اها وٺڻ لاءِ سئيڊن اچن. گهڻي قدر پاڻيءَ واري جهاز ۾ ٻاويهن ڪلاڪن وارو ٽرپ بڪ ڪرائي اچن. گهمي ڦري به وڃن ۽ سنوس به وٺيو وڃن.

ڪتن جي تربيت هجڻ جي ڪري هتي گهڻي قدر ماڻهن تي هرو ڀرو ناهن ڀونڪندا، باقي ڪو گهر اڪيلي هنڌ هجي ۽ پري کان ڪو ماڻهو گهر جي ويجهو وڃي ته ڪتا ڀونڪي مالڪ کي هوشيار ضرور ڪندا. ڪتا رکڻ ماڻهن جو شوق ته ضرور آهي پر اها وڏي ذميواري پڻ آهي ڇاڪاڻ ته ڪتن کي ڏينهن توڙي رات جو ڪافي دفعا ٻاهر گهمائڻ لاءِ وٺي وڃڻ ضروري آهي. ڪي ماڻهو پنهنجين نوڪرين کي فل ٽائيم نوڪري مان پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري ڇڏيندا آهن ته جيئن اهي پنهنجن ڪتن کي وقت ڏئي سگهن. ڪتا پالڻ جي حوالي سان اها به هڪڙي صلاح هوندي آهي ته ڪير به جيڪڏهن ڪو ڪتو پالي ته پنهنجي عمر جي حساب سان پالي، جيڪڏهن ڪو وڏي عمر وارو ماڻهو، ننڍي عمر جو ڪتو پاليندو ته اهو ڪتو جيئن ته اڃا جوان هوندو ۽ توانائي ۽ طاقت سان ڀرپور هوندو ته اهو وڏي عمر جي ماڻهن کي تنگ ڪندو ۽ ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪتو به وڏي عمر جو هوندو ته وڏي عمر جي مالڪ سان ان جي توانائي ملندڙ جلندڙ هوندي. ڪتن گهمائڻ جي چڪر ۾ ماڻهن جو وزن به ڪافي توازن ۾ رهي ٿو ڇاڪاڻ ته انهن کي نه چاهيندي به ڪتن جي ڪري ٻاهر واڪ تي وڃڻو پوي ٿو.

ڪتن جي ڳالهه تان ياد آيو ته هڪ دفعي آءُ ۽ منهنجو سئيڊش ڪليگ هڪ پروجيڪٽ تي هئاسين ته اوچتو هڪ وڏي ۽ ٿلهي ڪتي اسان ڏانهن لپڪو ڏئي وڌي آئي، سندس مالڪياڻي ننڍي عمر جي ڇوڪري هئي، جنهن ان ڪتيءَ جو نالو کڻي ٻڌايو ته اها پيٽ سان آهي، ان ڪري اوهان ڏانهن آئي جو کيس تجسس ٿيو ته ڏسي ته اوهان مان کيس ڪو خطرو ته ناهي. بهرحال مون ان ڇوڪريءَ کان پڇو ته ڪڏهن هيءَ گلر ڄڻيندي؟ جنهن تي ڇوڪريءَ جو چوڻ هو ته ٻن ٽن ڏينهن ۾، مون وڌيڪ کانئس پڇيو ته گهڻا گلر ڄڻيندي؟ چيائين ست. مون وري پڇيومانس ته تو وٽ ايڏي جاءِ آهي جو سڀني کي گهر ۾ رکي سگهين؟ چيائين ته نه، آءُ اهي گلر آن لائين ايڊورٽائيز ڪري وڪڻي ڇڏينديس. مون کلي چيو مانس واه جو پارٽ ٽائيم ڌنڌو آ، پاڻ به کلي چيائين ها بلڪل ائين آهي.

خبطي ماڻهو ٻيا به آهن، هتي، ڪنهن ٻڌايو ته سندس شوق وري ميٽل ڊٽيڪٽر سان شيون ڳولهڻ آهي، ان ٻڌايو ته هڪ دفعي کيس دبئي جي ساحل تان ڪافي سون جون شيون هٿ آيون هيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتي سئيڊن ۾ ميٽل ڊٽيڪٽر قبرستان ۾ استعمال ڪرڻ قانوني طور ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو. اهڙي قسم جو ميٽل ڊٽيڪٽر وري چور آئرلينڊ يا برطانيه ۾ استعمال ڪندا آهن، خاص ڪري ديسين جي گهرن ۾ گهڙي جتي انهن کي اندازو هوندو آهي ته ٿورو گهڻو سون ضرورهوندو.

هتي آفيسن ۾، ۽ دڪانن تي گهڻي قدر عورتون ڪاروبار سنڀالين ٿيون. مرد ايڪڙ ٻيڪڙ دڪانن تي نظر ايندا. هتي نوڪري ڀلي ڪهڙي به هجي، جيڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو، ان جي پينشن هڪ سسٽم تحت ٺهي ٿي، نه رڳو انهن جي پينشن پر انهن جي پينشن به ٺهي ٿي جن کي رياست جي طرفان وظيفو ملي ٿو. هتي جو سسٽم سڀني ماڻهن کي گهڻي قدر برابريءَ سان هلائي ٿو. پاڻ وٽ شايد رڳو سرڪاري نوڪري وارن جي پينشن ٺهي ٿي. هتي رياست جي ذميواري آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي نوڪري هلي وئي يا هن پاڻ ڇڏي ڏني يا هو ڪنهن به سبب جي ڪري ڪو ڪم نٿو ڪري سگهي ته ان کي بنيادي ضرورتن جيترا پيسا ملن ته جيئن هو ڪنهن جي به اڳيان ويچارو ٿي هٿ نه ٽنگي، هڪ دوست ٻڌايو ته ان جي ڪجهه دوستن ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ريسٽورنٽ تي ماني پئي کاڌي ته اتي ٻه نوجوان اچي انهن جي ڀرسان ويٺا ۽ انهن مطالبو ڪيو ته اسان به ماني کائينداسين، جنهن تي انهن دوستن انهن نوجوانن کان پڇيو ته ماني ڀلي کائو پر اهو ته ٻڌايو ته اوهان آهيو ڪير، جنهن تي انهن نوجوانن کين چيو ته اسان ڪير به آهيون پر هن معاشري جا انسان آهيون، بي روزگارآهيون ۽ اسان کي بک لڳي آهي. مون ان دوست کي چيو ته ادا اها هڪ قسم جي سافٽ يا نرم قسم جي خانه جنگي آهي ۽ الله نه ڪري جو ڪنهن سخت قسم جي جنگ جي شروعات ٿئي.

هتي ماڻهو وندر ۽ صحت برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه مقامي راندين سان گڏوگڏ سنوڪر، بائولنگ، پيڊل، بيڊ منٽن، فوٽ بال، ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون هلائڻ، ترڻ، هلڻ، سائيڪل هلائڻ يا ڊوڙڻ ۽ جم ڪن ٿا. اڄ ڪلهه ٻار هتي ڪراٽي به سکن ٿا. سئنيمائن ۾ پڻ ڪافي رش ٿئي جتي انگريزي ۽ سئيڊش فلمون ته هلن ئي هلن پر ان سان گڏوگڏ اڄڪلهه ته بالي ووڊ جون فلمون به هلن ٿيون.

ڪڏهن ڪڏهن واٽ ويندي اسڪول جا ننڍا ٻارڪنهن ٽيبل تي کائڻ جون ڪجهه شيون رکيو ويٺا هوندا آهن ۽ سندن ڪجهه ساٿي وري اچي اهي شيون ڏيکاريندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهي اسان کان خريد ڪيو. مون پنهنجي هڪ آفيس جي ساٿيءَ کان پڇيو ته اها ڇا ماجرا آهي. سندس جو چوڻ هو ته جيئن ته سئيڊن ۾ گهڻي قدر ماڻهو ٻاهريون کاڌو ٿا کائڻ يا گهڻي قدر فريز ٿيل کاڌو وِٺي اچي مائڪروويو يا اوون ۾ گرم ڪري کائن سو اصل ۾ ٻارن کي اهو اسڪول ۾ سيکاريندا آهن ته جيڪڏهن حالتون خراب ٿي وڃن ۽ ٻاهران کاڌو نه اچي ته پوءِ ان صورت کي منهن ڏيڻ لاءِ کاڌو ٺاهڻ جي مهارت اچڻ گهرجي. گهڻي قدر انهن ٻارن کي سندن والدين ئي اهي شيون ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا آهن وري اهي ئي سندن ٺهيل شيون اچي خريد ڪندا آهن ته جيئن سندن همٿ افزائي ۽ قدر ٿئي. مون پاڻ يونيورسٽيءَ جي دور ۾ حيدرآباد ۾ رهڻ دوران کاڌو پچائڻ سکي ورتو هو جيڪو پوءِ زندگيءَ ۾ اڄ تائين ڌاڍو ڪم پيو اچي.

اسان کي پنهنجي ڪمپني هڪ دفعي اسٽاڪ هوم کان ٻاهر هڪ ٻيٽ تي هڪ ڏينهن ۽ رات لاءَ ڪانفرنس جي لاءِ وٺي وئي هئي. ان ٻيٽ تي هڪ جاءِ تي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن تي اتي ان ٻيٽ تي ڦٽندڙ گاهه جي قسمن، جڙي ٻوٺين، وڻن، ٻوٽن ۽ آس پاس جي سمنڊ ۾ موجود مڇين ۽ ٻين آبي کاڌن بابت مڪمل ڄاڻ تصويرن سان ڏنل هئي ته جيڪڏهن حالتون خراب ٿي وڃن ۽ هتي رهندڙ ماڻهون جي ڦاسي پون ته اهي ڪهڙين شين جي استعمال ڪرڻ سان زندهه رهي سگهن ٿا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment