Sunday, October 30, 2022

ڏکن پٺيان سک - پروفيسر مختيار سمون

ڏکن پٺيان سک

هڪ رهنما ڪتاب

پروفيسر مختيار سمون



نامور ليکڪ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر، زيد پيرزادي جو سفر نامو ”ڏکن پٺيان سک“ پڙهي ڏاڍي سٺي معلومات، لطف ۽ اتساهه حاصل ٿيو. حقيقت ۾ هي نه رڳو يورپ جي هڪ ملڪ آسٽريا ڏانهن لاڀائتي سفر جو دلچسپ پوتاميل ۽ اتان جي سماجي ترقي, زندگي جي رونقن ۽ ٻين حيرت انگيز حقيقتن جو مختصر پر جامع احوال آهي پر هي هڪ اهڙو رهنما ڪتاب آهي جنهن جي پڙهڻ سان اندر ۾ هڪ شڪتي, منزل کي رسڻ جو پختو ارادو ۽ اعلي تعليم جي حصول لاء يورپ جي هن خوبصورت ملڪ جي معياري يونيورسٽين ۾ پهچڻ جي خواهش به جنم وٺي ٿي. نه رڳو ايترو ئي پر اعليٰ تعليم جي مقصد لاءِ اڳتي وڌڻ جي ارادي ۽ خواهش کي عملي شڪل ڏيڻ لاء ڏسو پتو ۽ طور طريقو به هن ڪتاب مان ئي معلوم ٿئي ٿو. نوجوانن کي هي ڪتاب ته ضرور پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي جي هڪ اهڙي چؤ-واٽي تي پهتل آهن جتان ڪنهن به طرف اڳتي قدم سندن ايندڙ وقت کي معنيٰ بخش به بڻائي سگهي ٿو ته کين ڪين جي ڪن ڏانهن به وٺي وڃي سگهي ٿو. نوجوانن کي ان مرحلي ۽ صورتحال ۾ سٺي منزل ۽ سڌي دڳ جو ادراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ کين رهنما جي اشد ضرورت هجي ٿي. سندن اهڙا رهنما ٻين ڪردارن سان گڏ سٺا ڪتاب به ٿي سگهن ٿا. هي ڪتاب نوجوانن لاءِ روشن مستقبل جي دڳن کي اجاگر ڪري انهن تي هلڻ جو اتساهه بخشي ٿو ۽ کين اهڙا آزمايل اصول ٻڌائي ٿو ته جيئن سندن منزل تي رسائي يقيني بڻجي سگهي.


حقيقت ۾ سفرنامو ڪنهن به سفر دوران ليکڪ جي پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو دستاويز هوندو آهي پر اهو پڙهندڙن لاءِ پڻ ڪيترن ئي اڻڏٺن منظرن ۽ اسرارن کي سندن تصور جي اکين اڳيان آڻي بيهاريندو آهي ۽ هو ان مان حض حاصل ڪندا رهندا آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي ڏکن کي پنهنجي وجود سان ويڙهي سکن جي ساعتن جا خواب ڏسڻ ۽ انهن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جو احوال قلمبند ڪيو آهي، پر اهو احوال تمام گهڻو معلوماتي ۽ اتساهيندڙ آهي جنهن کي پڙهي اهڙين ئي حالتن ۾ جيئندڙ نوجوان حالتن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ جو نيتجو ۽ منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جوش ۽ جذبو به حاصل ڪري وٺندا ته پرڏيهه جي هڪ خوبصورت ملڪ جي حسناڪين جا حال احوال پڙهي انهن مان لطف اندوز به ٿيندا.

زيد صاحب جو هي بامقصد سفر يورپي ملڪ آسٽريا ڏانهن هيو جتان جي هڪ معياري يونيورسٽي مان هو پي ايڇ ڊي حاصل ڪري وطن وريو آهي. پي ايڇ ڊي جي پڙهاڻي ۽ تحقيق ڪاڻ آسٽريا اسهڻ لاءِ هن کي اتساهه ڪٿان مليو، اسڪالرشپ ڪيئن حاصل ڪئي، ويزا ڪيئن لڳرائي، اتي پهچڻ کان پوءِ کيس ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ موقعا ميسر ٿيا، ملڪ ۽ ماڻهو ڪئين هيا، اتان جا قانون، ڪلچر ۽ ريتون رسمون ڪئين ۽ ڪهڙيون هيون، اتي رهندڙ سنڌي سنگت جي قربت جا قصا، ڳوٺ ۾ ڇڏي آيل بابا، امڙ ۽ ٻئي سموري ڪٽنب ۽ ڪهول جي اڪير ۽ آخرڪار مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ واطن واپسي جي هر روز وڌندڙ تانگهه جو بهترين پيرائي ۽ خوبصورت نثر ۾ اظهار هن ڪتاب کي تمام گهڻو معلوماتي ۽ دلچسپ بڻائي ٿو. هن قسم جو ڪتاب لکي سنڌي ادب جي ذخيري ۾ سود مند اضافو ڪرڻ تي مان ڀاءُ زيد پيرزادي کي مبارڪون چوان ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي سنڌ لاڙڪاڻو ۾ ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment