Wednesday, August 24, 2011

يوگنڊا جو عيدي امين - الطاف شيخ

يوگنڊا جو عيدي امين
الطاف شيخ
منهنجي خيال ۾ آفريڪا جي ڳالهه ڪندي عيدي امين جو ذڪر نه ڪرڻ سان سفرنامو ٻُسو ٻُسو لڳندو. عيدي امين 1971ع ۾ يوگنڊا جو صدر ٿيو ۽ 1979ع ۾ جان بچائي پنهنجي ملڪ کان ڀڳو ۽ جلدي ۾ عربن وٽ اچي پناهه ورتائين. پنهنجي صدارت واري دور ۾ هن ڇا ڇا نه ظلم، خرمستيون، بيوقوفيون، ٽرڙپايون، ڦرلٽ، عياشيون ۽ مذهب جا ڍونگ ڪيا.
 
80 هزار ايشيائي بزنيس مين کي هڪ ئي آرڊر سان ڏيهه نيڪالي ڏيڻ ۽ ٻيا جيڪي هن ڦڏا ڪيا، ان نه فقط آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ کي حيران ۽ پريشان ڪيو پر يورپ آمريڪا ۽ ويندي برطانيا- جنهن هن جي صدر ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون، اهي به وائڙا ٿي ويا ۽ بقول اسان جي اصطلاح جي منهن مٿو پٽڻ لڳا. عيدي امين جي 8 سال صدارت وارو اهو دور هو جنهن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري يورپ ۽ آمريڪا ويندي يا ايشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن (چين، جپان، ڪوريا) کان موٽندي، اسان کي ڪم نه هوندي به آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ مختلف بندرگاهن تي ترسي جهاز جي ضروري مرمت ڪرائڻي پئي ٿي يا ڪنهن بندرگاهه مان اڳتي جي سفر لاءِ راشن پاڻي وٺڻو پيو ٿي، جو يورپ آمريڪا يا جپان کان وري به آفريڪي بندرگاهن ۾ گوشت، مڇي، ميوا، ڀاڄيون سستا هئا.
تن ڏينهن ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو ذريعو عام نه ٿيو هو. بندرگاهه ۾ پهچي اخبار پڙهي دنيا جي حالتن جي خبر پوندي هئي يا وري ڪينيا، تنزانيا، نائيجيريا، سائوٿ آفريڪا جهڙن ملڪن جي ڪنارن ويجهو لنگهڻ وقت انهن جي ريڊيو تان خبرون ٻڌبيون هيون، جن ملڪن ۾ انگريزي عام آهي. آفريڪا جي باقي ملڪن ۾ جرمن، فرينچ، ڊچ ۽ اطالوي هلي ٿي جو انهن تي فرانس، جرمني، بيلجم، اٽلي ۽ پورچوگال جهڙن ملڪن جو راڄ رهيو هو. بهرحال جنهن به آفريڪي ملڪ ۾ ايندا هئاسين ته هر دفعي عيدي امين جون ڳالهيون ٻڌبيون هيون. ڪڏهن سندس بيوقوفين ۽ ٽرڙپاين جو ٻڌي کل ايندي هئي ته ڪڏهن سندس ظلمن جا داستان ٻڌي هر هڪ کي سخت ڪاوڙ ايندي هئي ۽ هن شخص لاءِ دل ۾ نفرت پئدا ٿيندي هئي. فنڪار ۽ ڊرامي باز به اهڙو هو جو ڪڏهن انگلنڊ جي واکاڻ ۾ اهڙيون ته بانسريون وڄائيندو هو جو انگلنڊ، آمريڪا ۽ ويندي اسرائيل هن تان فدا پيا ويندا هئا. ڪڏهن وري انهن کي نه رڳو ڪچيون گاريون ڏيندو هو پر کلئي عام اعلان ڪندو هو ته جرمنيءَ لکين يهودي ماري دنيا تي احسان ڪيو آهي ۽ ساڳي وقت هٽلر کي هيرو سڏي هن جي تعريف جا ڍُڪ ڀريندو هو. سندس ملڪ يوگنڊا ۾ آمريڪا، اسرائيل، انگلنڊ پنهنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا. يوگنڊا، جنهن جي سرڪاري خزاني جون ٽجوڙيون عيدي امين خالي ڪري ڇڏيون هيون، تنهن کي هاڻ هنن هر قسم جي مالي امداد ڏيڻ تي پابندي وجهي ڇڏي. وري هڪ دفعي آفريڪي بندرگاهن ۾ آياسين ته هر بندرگاه جا مسلمان شيدي عيدي امين کي يهودين جو ايجنٽ ۽ انگريزن جو چمچو سڏڻ بدران اسلام جو وڏو حامي سڏڻ لڳا. يوگنڊا جي شهر ۾ مسجدون ٺهرائڻ واري ڪم کي ساراهڻ لڳا ته سبحان الله عيدي امين جهڙو ٻيو ڪير نيڪ مسلمان ٿي سگهي ٿو! شايد ڪجهه عرصي لاءِ هن پنهنجي زالن جو تعداد گهٽائي چئن تائين به آندو ۽ ان عياشيءَ جي کوٽ کي Compensate ڪرڻ لاءِ هن سريتن (Concubines) جو تعداد وڌائي ڇڏيو هو. خبر پيئي ته مغرب کان امداد بند ٿيڻ تي هن اسلام جي ناتي سعودي عرب ۽ لبيا جي ڪرنل قذافيءَ کان پنڻ شروع ڪيو آهي. ڪانگ کي لڙ ۾ مزو. انهن ڏينهن ۾ جنهن آمريڪا کي گاريون ٿي ڏنيون ڪرنل قذافيءَ ان جي واهه واهه ڪئي ٿي. عيدي امين لکين ماڻهن ۾ ڪيترائي مسلمان قتل ڪري ڇڏيا، اهي گناهه سڀ معاف باقي مسجدون ٺهرائڻ جي ”نيڪ ڪم“ جي قذافي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي ملڪ جي تيل جي دولت مان خرجينيون ڀري عيدي امين ڏي موڪلڻ لڳو. ڪرنل قذافي جي آسري تي آفريڪا جو سڀ کان وڏو ۽ اعلى فوجي آفيسر سڏائڻ واري عيدي امين پاڙيسري ملڪ تنزانيا تي حملو ڪيو پر هو چوندا آهن ته وئي سڱن لاءِ ڪن به ڪپائي آئي. سندس فوج تنزانيا جي بارڊر واري صوبي تي قبضو ڪرڻ لاءِ وئي پر بُري طرح پسپا ٿي وئي. ماڳهين تنزانيا جي فوج اچي ڪمپالا کان ٺڪاءُ ڪيو. ڪرنل قذافيءَ سندس مدد لاءِ هڪ فوجي به نه موڪليو. مجبور ٿي عيدي امين ڍير بئگن، زالن، ٻارن ۽ نوڪرن سان پنهنجو ملڪ ڇڏي جدي ۾ وڃي پناهه ورتي جتي مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي عياشي، پنهنجي ملڪ ۽ اتي ٺاهيل بي انتها مال ملڪيت لاءِ سڪندو رهيو.
عيدي امين 1925ع ۾ ڪمپالا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ امين دادا نالي هڪ مسلمان جي گهر ۾ ڄائو. عيدي امين ڪڏهن ڪڏهن ”عيدي امين دادا“ به سڏايو ٿي ته ڪڏهن دادا به. مغرب توڙي ڏور اوڀر ڏي فقط ’عيدي‘ جي نالي سان مشهور رهيو. عيدي امين جو ڏاڏو عيسائي هو ۽ عيدي امين جو پيءُ به ڄمڻ وقت ائنڊرياس نيابر نالي عيسائي هو جيڪو پوءِ 21 سالن جي ڄمار ۾ 1910ع ۾ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو امين دادا رکيائين.
عيدي امين ٿورو ئي وڏو ٿيو ته ڏنگاين ڪري سندس پيءُ آق (abandon) ڪري ڇڏيس ۽ هو پنهنجي ماءُ اسا آتي (Assa Aatte) جي مائٽن وٽ وڃي رهيو.
عيدي امين وڏو ڍڳو ٿي 16 سالن جي ڄمار ۾ 1941ع ۾ بومبو (Bombo) ڳوٺ جي اسلامي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي ڪجهه سالن بعد، هن پڙهائي ڇڏي ڏني. هو فقط ان اسڪول ۾ چار درجا کن پڙهيو. انهن ڏينهن ۾ انڊيا، ڪينيا ۽ ٻين انگريزن جي راڄڌانين ۾، پهريان چار درجا پرائمريءَ جا هوندا هئا ان بعد ست درجا پڙهي مئٽرڪ ڏبي هئي. سو عيدي امين جي سڄي تعليم فقط پرائمريءَ جا اهي چار درجا هئي. اسڪول ڇڏڻ بعد عيدي امين مختلف پورهيا مزدوريون ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪنهن دڪاندار سيٺ مهيني جي پگهار تي ٿي رکيس ته ڪڏهن ڪنهن ڪارخاني واري ڏهاڙيءَ تي ٿي ڪم ورتس. جسم جو ڏٽو ڪٽو ۽ قد جو 6 فٽ 4 انچ هو. تعليم نه هيس سو جتي ڪٿي ”گدها مزدوريءَ“ لاءِ موزون سمجهيو ويو ٿي.
عالمي جنگين ڪري برطانيا وارن کي نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر آفريڪا جي ملڪن ۾ به هنن کي پنهنجي مفاد جي بچاءَ لاءِ فوج رکڻي پيئي. 1946ع ۾ عيدي امين انگريزن جي فوج جيKing’s African ريجمينٽ ۾ اسسٽنٽ بورچي جي حيثيت ۾ رڪروٽ ٿي ويو. هن کي ڪينيا ۾ رکيو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مرحوم عيدي امين سڄي زندگي ماڻهن تي اها لئه رکندو رهيو ته هو ٻي جنگِ عظيم ۾ انگريزن پاران برما ۾ وڙهيو پر سڀ هن جا گشا آهن. رڪارڊ موجب هو انگريزن جي فوج ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ آيو ۽ سال ڏيڍ تائين نائب بورچي جي حيثيت سان رڳو پٽاٽا، بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون ڇليندو رهيو. ها 1949ع ۾ جڏهن صوماليا ۾ بغاوت ٿي ۽ انگريزن ڪينيا کان فوج موڪلي ته ان ۾ عيدي امين به شامل هو. 1952ع ۾ انگريزن ڪينيا جي مائو مائو تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جيڪا برگيڊ قائم ڪئي ان ۾ عيدي امين کي پڻ شامل ڪيو ويو. کيس هاڻ بورچي بدران ڪارپورل جي پوسٽ ڏني وئي ۽ سال بعد 1953ع ۾ کيس سارجنٽ بنايو ويو. ۽ اها سا واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي ته برٽش آرمي جي تاريخ ۾ ڪنهن جون به اهڙيون تڪڙيون پروموشنون نه ٿيون. عيدي امين پڙهيل ڳڙهيل ته نه برابر هو پر اهو آهي ته پهلوان مڙس هو. صحتمند ۽ سخت جان هو. بک، اڃ، گرمي ۽ سردي جو بيحد پڪو هو. بيحد قدآور مڙس هو. بهرحال ڪارپورل ٿيڻ بعد ٻئي سال 1953ع ۾ سارجنٽ ٿيو ۽ پوءِ 1958ع ۾ سارجنٽ ميجر يعني پلٽون ڪمانڊر ٿيو ۽ 1958ع ۾ وارنٽ آفيسر ٿيو، جيڪا هيٺين ليول جي فوجين جي آخري ۽ اتاهين رئنڪ ٿي. هتي آفريڪا ۾ ان پوسٽ کي مڪاني زبان ۾ افندي (Effendi) به سڏيو وڃي ٿو. انهن ڏينهن ۾ انگريز فوج ۾ مڪاني ڪارو کڻي ڪيترو به پڙهيل ڳڙهيل هجي يا تجربيڪار هجي، هو فقط ان پوسٽ تائين پهچي سگهيو ٿي. سو اسان واري بورچي عيدي امين لاءِ ان پوسٽ تائين پهچڻ وڏي ڳالهه ليکي وئي. هو جنهن سال (1961ع ۾) جڏهن ڪينيا مان بدلي ٿي يوگنڊا پهتو ته هن کي ليفٽيننٽ بڻايو ويو جيڪا پوسٽ ڪميشنڊ آفيسر جي ٿئي ٿي. سڄي يوگنڊا ۾ فقط ٻه آفريڪن ان پوسٽ تي پهتا هئا، جن مان عيدي هڪ هو. ان بعد يوگنڊا کي انگريزن طرفان 1962ع ۾ آزادي ملي ۽ عيدي امين کي ڪئپٽن بڻايو ويو ۽ ٻئي سال 1963ع ۾ ملڪ جي وزيراعظم طرفان ميجر جي رئنڪ عطا ڪئي ويس. اهڙي طرح 1964ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 1965ع ۾ ڪرنل ٿي ويو. توهان جو جيڪڏهن فوج سان واسطو آهي يا توهان جو ڪو دوست فوجي آهي ته ان کان پڇي ڏسو ته آهي نه هيءَ ڪمال جي ڳالهه! جتي ڪرنل ٿيڻ تائين ٽيهه ٽيهه سال ٿيو وڃن اتي عيدي امين چئن پنجن سالن ۾ ڪرنل ٿي ويو. ڪجهه مٿس ملڪ ڇڏي ويندڙ انگريزن جي به مهرباني هئي ته ڪجهه آزاد ملڪ جي وزيراعظم اسان واري ڄام صادق وانگر حڪومت جي خرچ تي سخاوت پئي هلائي. ڪجهه اوبوتو (وزيراعظم) جي مجبوري به هئي. هن هڪ فوجي آفيسر عيدي امين کي ڊسپلين ۾ رکڻ ۽ ملڪ جي بارڊرن جي حفاظت ڪرائڻ بدران هن کي پنهنجي فوج جون بندوقون ۽ بارود چوري ڪري بارڊر جي ٻئي پاسي ڪانگو (زائر) وارن کي وڪڻڻ ۾ کڻي پارٽنر بنايو. ان کان علاوه ٻئي ڄڻا گڏجي ڪانگو ۽ ڪينيا مان عاج ۽ سون سمگل ڪري ملڪ جي گجراتي سيٺين کي وڪڻڻ لڳا. ڪمايل پئسو شراب، جوا ۽ عورتن پٺيان خرچ ڪرڻ لڳا ۽ هوڏانهن انڊين بزنيس مين پنهنجو واپار وڌائڻ ۽ وڌيڪ امير ٿيڻ لڳا. اوبوتو ۽ عيدي امين کي اها به ڳالهه نه وڻي. هنن ٻين کي ته ڪنهن به صورت ۾ سکيو ستابو ٿيندو نٿي ڏسڻ چاهيو.
بهرحال پاڻ عيدي امين جون فوج ۾، تڪڙين تڪڙين Promotions جي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته 1965ع تائين پنجن سالن ۾ هو ليفٽيننٽ کان ڪرنل تائين پهچي ويو. ان وقت عيدي جي عمر 40 سال هئي. منهنجي خيال ۾ اهو ته ڪجهه به نه آهي. ڪرنل بعد برگيڊيئر ۽ پوءِ ميجر جنرل جي پوسٽ آهي. عيدي امين کي ڪرنل جي رئنڪ ڏيڻ بعد ٽن سالن کانپوءِ 1968ع ۾ ڊائريڪٽ ميجر جنرل بنايو ويو. 25 جنوري 1971ع تي يوگنڊا جو صدر اوبوتو جيئن ئي سنگاپور ويو ته عيدي امين ملڪ جو ايئرپورٽ سِيل ڪري ڇڏيو. پاڻ ملڪ جون واڳون سنڀالي ويٺو. عيدي امين کي ملڪ ۾، چاهي ٻاهر جي دنيا خوش آمديد چيو. عيدي امين يڪدم سياسي قيدي آزاد ڪيا ۽ اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ جلد اليڪشن ڪرائي جمهوريت آندي ويندي. اڃان هفتو به ڪو مس گذريو ته عيدي امين اعلان ڪيو ته اڄ ڏينهن کان هو پاڻ ملڪ جو صدر آهي، فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي ۽ بري ۽ هوائي فوج جو سربراهه آهي. هن ڪيترن سول ادارن جا هيڊ پنهنجا فوجي آفيسر رکيا، ويندي ڪجهه وزير بدلائي پنهنجي مرضيءَ جا رکيا ۽ پنهنجو هڪ جاسوسي جو ادارو قائم ڪيو. جنهن اداري جي اهلڪارن جنهن به ماڻهوءَ تي شڪ ڪيو ٿي، ان کي ٿڏي تي ئي ماري ڇڏيو ٿي يا غائب ڪري ڇڏيو ٿي.
هوڏانهن ملڪ جي صدر اوبوتو پاڙي واري ملڪ تنزانيا جي صدر جوليس نائريري وٽ وڃي پناهه ورتي. عيدي امين جيڪي سابق صدر جا ماڻهو ملڪ بدر ڪيا اهي به (اٽڪل 20،000 کن) تنزانيا ۾ وڃي رهيا. ان بعد عيدي امين 8 سال کن جيڪا يوگنڊا تي حڪومت ڪئي اها خوف ۽ ظلم جو داستان آهي. يوگنڊا ۾ جيڪي 80 هزار کن انڊين واپاري رهيا ٿي انهن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. هن ڪيترن ملڪن سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. ملڪ جي ڀينگ ٿيندي رهي پر هو پاڻ شاديون ڪندو رهيو. ملڪ جو خزانو خالي ڪري لبيا ۽ سعودي عرب کان پنندو رهيو. 1975ع ۾ هن پاڻ پنهنجي پروموشن ڪئي ۽ جنرل مان فيلڊ مارشل ٿي ويو. هو پنهنجو پاڻ کي مختلف لقبن سان سڏائڻ لڳو، جيئن ته: هز ايڪسيلنسي، پريزيڊنٽ آف لائيف، فيلڊ مارشل الحاج ڊاڪٽر عيدي امين دادا، وائيس چانسلر، ڪانڪرر آف دي برٽش ايمپائر CBE وغيره وغيره.
عيدي امين جي انهن چريائپ وارن ڪمن کي دنيا جي ميڊيا خوب مشهور ڪيو ۽ سندس ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هر وقت اخبارن جي زينت رهيون ٿي. هن بابت ڪي ڪهاڻيون يا خبرون ٺلها افواهه ۽ Myth به هئا ته ڪيترين ۾ حقيقتون به هيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٺو باڪسر هو. ايتريقدر جو ڀر وارن ملڪن تنزانيا، ڪينيا يا ڪانگو جي حڪومت سان اختلاف ٿيندو هوس ته اتي جي ليڊرن کي دڙڪو ڏئي چوندو هو ته توهان پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا. طاقت اٿانوَ ته اچي مون سان باڪسنگ جو مقابلو ڪريو. سٺو گٽار وڄائڻ وارو ۽ تارو Swimmer به هو. ڪوڙ به ڳالهائيندو هو. پاڻ به پڏائيندو هو. تعليم فقط چار درجا هئس پر غلط سلط انگريزي ڳالهائيندي شرم ته نه ايندو هوس بلڪ پاڻ کي وڏو انگريزدان سمجهندو هو. بي انتها ظالم ۽ خوني هو. سندس لاءِ مشهور آهي ته مخالفن جا سر ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيندو هو جن کي وقت بوقت ڏسي خوش ٿيندو هو. هڪ دفعو ته سندس لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته عيدي امين آدمخور آهي يعني انسانن جو گوشت کائي ٿو. اسان به اها خبر 1977ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾ اساشي انگريزي اخبار ۾ پڙهي. سخت گرميءَ ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ فل يونيفارم ۾ بيهي فوجين کان سلامي وٺندو هو. ڳالهه ڳالهه تي پاڻ کي ايوارڊ طور ميڊل ڏيندو هو ۽ انهن ميڊلن (انعامي ٻِلن) جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو هن پنهنجي ٽيونڪ (اڇي رنگ جي شيرواني ٽائيپ ٿلهي بشرٽ) کي گوڏن کان به هيٺ تائين ڊگهو سبرايو هو، جيئن ان اتي سڀ ميڊل لڳي سگهن. فيلڊ مارشل ايوب وانگر هن به پنهنجو پاڻ کي فيلڊ مارشل جو عهدو عطا ڪيو. ظاهر آهي يوگنڊا جي فوج جو سپريم ڪمانڊر ”جنرل عيدي امين“ به پاڻ هو ته ملڪ جو صدر به پاڻ هو. ان صورت ۾ صدر عيدي امين فوج جي جنرل عيدي امين کي ترقي ڏئي فيلڊ مارشل بنايو. هن لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته هن پنهنجين اڌ ڊزن زالن مان هڪ کي چچري ماري ڇڏيو. اها ڳالهه 1980ع واري انگريزي فلم Rise & Fall of Idi Ameen دنيا ۾ مشهور ٿي. سندس ظلمن جا داستان ۽ چريائپ جا قصا هڪ ٻي انگريزي فلم ”دي لاسٽ ڪنگ آف اسڪاٽلنڊ“ ۾ به ڏيکاريا ويا آهن. جيڪا فلم 2006ع ۾ رليز ٿي هئي.
عيدي امين جيسين پاور ۾ هو يوگنڊا جي پريس جيڪا ظاهر آهي سندس چنبي هيٺ هئي، کيس وڏو اڪابر، ڏاهو، پهلوان، دلير ۽ دانشور طور پيش ڪندي رهي. پاڻ به پنهنجن چمچن کان تعريف ٻڌي گد گد ٿيندو رهيو پر ٻاهر جي پاپولر ميڊيا کيس چريو، ظالم، ٺڳ، لٻاڙي، ڪوڙو ۽ ڊراميباز چوندي رهي. 1977ع ۾ ٽائيم هفتيوار مئگزين ۾ عيدي امين تي مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ Time مئگزين عيدي امين لاءِ لکيو هو ته هو Killer & Clown, Big Hearted Buffoon & Strutling Martinet آهي. ڪيترن ملڪن جون اخبارون ته اهو به لکنديون هيون ته عيدي امين دنيا کي ڄاڻي ٻجهي مسخري ۽ چرئي جو Image ان ڪري ڏئي ٿو جيئن سندس وحشياڻي قتلام ۽ خونريزيءَ تي پڙدو رهي.
تنزانيا جو بارڊر وارو صوبو حاصل ڪرڻ لاءِ 1979ع ۾ عيدي امين پنهنجي فوج کي تنزانيا تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو ڇا چوندا آهن ته ڳوهه کي کڻي کُٽي ته ڳولهي شڪارين جا گهر. عيدي امين جي حملي بعد تنزانيا جي فوج تياري ڪري يوگنڊا تي حملو ڪيو ته بنا رنڊڪ جي اچي عيدي امين واري محل ۽ گادي واري شهر ڪمپالا کان پهتي. عيدي امين پهرين لبيا ڀڄي ويو پوءِ سعودي عرب ۾ وڃي پناهه ورتائين جتي پهريان ڪجهه سال ته جدي ۾ فلسطيني روڊ تي Novotel نالي هوٽل جي مٿين ٻن فلورن تي رهيو. 1980ع ۾ جيڪو سندس پهريون انٽرويو BBCجي نمائندي برئان بئرون ڏنو ان ۾ عيدي امين اهو ئي اظهار ڪيو ته هن کي ان ڳالهه جو ذرو به افسوس ناهي ته هن جي دورِ حڪومت ۾ يوگنڊا جو ملڪ ۽ ماڻهو تباهه ٿي ويا. بلڪ هن چيو ته ”اڄ به يوگنڊا جا ماڻهو هن کي پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچي حڪومت ڪرڻ لاءِ چون ٿا.“ 1989ع ۾ عيدي امين کي يوگنڊا موٽڻ جي تمام گهڻي ڇڪ ٿي پر جيئن ئي هو ”زائر“ (هاڻ ”ڪانگو“ سڏجي ٿو) ملڪ جي گادي واري شهر ڪنشاسا ۾ پهتو ته اتي جي صدر موبوتو هن کي زوريءَ سعودي عرب موٽائي ڇڏيو.
20 جولاءِ 2003ع تي عيدي امين جي زالن مان مدينه نالي هڪ اطلاع ڪيو ته عيدي جدي جي ڪنگ فيصل اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي عالم ۾ آهي ۽ پوين پساهن ۾ آهي. هن ان وقت جي يوگنڊا جي صدر يوويري موسيوني کي اپيل ڪئي ته عيديءَ کي يوگنڊا اچڻ جي اجازت ڏني وڃي پرموسيوني جواب ڏنو ۽ چيو ته ”ان لاءِ هن کي پهرين ڪورٽ جي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجن ڪيل ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو.“ پوري مهيني بعد عيدي امين گذاري ويو. کيس جدي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
عيدي امين جون گهٽ ۾ گهٽ ڇهه زالون ته هيون. هن پهرين مس مليامو ۽ ٻي مس ڪي (Kay) سان 1966ع ۾ شادي ڪئي. ٻئي سال 1967ع ۾ هن نورا سان شادي ڪئي، ان بعد 1972ع ۾ مدينا سان شادي ڪئي. ان بعد 1974ع ۾ عيدي امين ريڊيو تان اعلان ڪيو ته هن مليامو، نورا ۽ ڪي کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. ان بعد ملياموءَ کي ڪينيا جي بارڊر وٽ سمگلنگ جي واردات ۾ جهليو ويو. ان بعد هوءَ لنڊن مان وڃي نڪتي. ڪي ان ئي سال جي آخر ۾ مري وئي. هن لاءِ اهو ئي ٻڌايو ويو ته هن جو ڊاڪٽر مڪاسا نالي هڪ همراهه سان لڪ چوريءَ عشق هلي رهيو هو، جنهن مان هن کي پيٽ ٿي پيو ۽ هن ابارشن دوران زال کي ماري وڌو. ان بعد ڊاڪٽر پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي. 1975ع ۾ ڪمپالا جي هڪ ڪانفرنس ۾ عيدي امين کي ساران نالي هڪ ڇوڪري نظر آئي جنهن سان هن شادي ڪئي. شاديءَ کان اڳ ساران پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ رهي ٿي، اهو ان بعد وري نظر نه آيو. عيدي امين کي ڪيترا ٻار هئا انهن جي تعداد بابت مختلف راءِ ملي ٿي. بهرحال اهي 30 کان 45 تائين هئا.
عيدي امين تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. بلڪ آئون ته اهو ئي چوندس ته آفريڪا جو شايد ئي ڪو اهڙو حاڪم هجي جنهن تي ايتريون فلمون ۽ ڪتاب لکيا ويا هجن. ڪجهه پڙهڻ لاءِ ۽ مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
·        هينري ڪيمبا جو: State of Blood
·        جارج ايوان سمٿ جو: Ghosts of Kampala
·        ٿامس پئٽرڪ جو: Hitler in Africa
·        ڊئوڊ مارٽن جو: General Amin
·        جميلا صديقيءَ جا ٻه ڪتاب: The Feast of Nine Virgins ۽ Bombay Gardens
·        ٽريور ڊونالڊ جو ڪتاب: Confessions of Idi Amin
عيدي امين پنهنجي دورِ حڪومت ۾ رکي رکي ڪي ڳالهيون اهڙيون ته چرچي ڀوڳ جون ڪندو هو جو سڄي دنيا ان تي ڪڏهن کلندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن منهن مٿو به پٽيندي هئي. آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن جڏهن واٽر گيٽ اسڪئنڊل ۾ ڦاٿو ته يوگنڊا کان عيدي امين کيس Get Well Soon جو ڪارڊ موڪليو.
·        عيدي امين هڪ دفعي يونائيٽيڊ نئشنس (UNO) جي سيڪريٽري ڪرٽ والڌيم ۽ اسرائيل جي وزيراعظم گولڊا مير کي ٽيليگرام موڪليو ته: ”هٽلر جرمنيءَ ۾ 60 لک يهودين کي ساڙي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته يهودي دنيا لاءِ نقصانڪار آهن.“
·        عيدي امين هر وقت چوندو رهيو:
”مون اسڪولن کان کڻي تعليم حاصل نه ڪئي پر مون کي Ph.D پڙهيلن کان به وڌيڪ ڄاڻ آهي... ڇو جو آئون فوجي ماڻهو آهيان I know how to act, I am a man of action”.
·        بڪنگهام محل لنڊن ۾ اسٽيٽ ڊنر تي هن راڻي ايلزبيٿ اڳيان تقرير ۾ چيو هو:
Sir, mister queen, horrible guests, before I undress you, let me put down my testicles...etc.”
هو هميشه راڻي ايلزبيٿ کي مخاطب ٿيڻ وقت کيس Sir ۽ مسٽر ڪُئين چوندو هو.
بهرحال پاڻ عيدي امين جون فوج ۾، تڪڙين تڪڙين Promotions جي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته 1965ع تائين پنجن سالن ۾ هو ليفٽيننٽ کان ڪرنل تائين پهچي ويو. ان وقت عيدي جي عمر 40 سال هئي. منهنجي خيال ۾ اهو ته ڪجهه به نه آهي. ڪرنل بعد برگيڊيئر ۽ پوءِ ميجر جنرل جي پوسٽ آهي. عيدي امين کي ڪرنل جي رئنڪ ڏيڻ بعد ٽن سالن کانپوءِ 1968ع ۾ ڊائريڪٽ ميجر جنرل بنايو ويو. 25 جنوري 1971ع تي يوگنڊا جو صدر اوبوتو جيئن ئي سنگاپور ويو ته عيدي امين ملڪ جو ايئرپورٽ سِيل ڪري ڇڏيو. پاڻ ملڪ جون واڳون سنڀالي ويٺو. عيدي امين کي ملڪ ۾، چاهي ٻاهر جي دنيا خوش آمديد چيو. عيدي امين يڪدم سياسي قيدي آزاد ڪيا ۽ اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ جلد اليڪشن ڪرائي جمهوريت آندي ويندي. اڃان هفتو به ڪو مس گذريو ته عيدي امين اعلان ڪيو ته اڄ ڏينهن کان هو پاڻ ملڪ جو صدر آهي، فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي ۽ بري ۽ هوائي فوج جو سربراهه آهي. هن ڪيترن سول ادارن جا هيڊ پنهنجا فوجي آفيسر رکيا، ويندي ڪجهه وزير بدلائي پنهنجي مرضيءَ جا رکيا ۽ پنهنجو هڪ جاسوسي جو ادارو قائم ڪيو. جنهن اداري جي اهلڪارن جنهن به ماڻهوءَ تي شڪ ڪيو ٿي، ان کي ٿڏي تي ئي ماري ڇڏيو ٿي يا غائب ڪري ڇڏيو ٿي.
هوڏانهن ملڪ جي صدر اوبوتو پاڙي واري ملڪ تنزانيا جي صدر جوليس نائريري وٽ وڃي پناهه ورتي. عيدي امين جيڪي سابق صدر جا ماڻهو ملڪ بدر ڪيا اهي به (اٽڪل 20،000 کن) تنزانيا ۾ وڃي رهيا. ان بعد عيدي امين 8 سال کن جيڪا يوگنڊا تي حڪومت ڪئي اها خوف ۽ ظلم جو داستان آهي. يوگنڊا ۾ جيڪي 80 هزار کن انڊين واپاري رهيا ٿي انهن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. هن ڪيترن ملڪن سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. ملڪ جي ڀينگ ٿيندي رهي پر هو پاڻ شاديون ڪندو رهيو. ملڪ جو خزانو خالي ڪري لبيا ۽ سعودي عرب کان پنندو رهيو. 1975ع ۾ هن پاڻ پنهنجي پروموشن ڪئي ۽ جنرل مان فيلڊ مارشل ٿي ويو. هو پنهنجو پاڻ کي مختلف لقبن سان سڏائڻ لڳو، جيئن ته: هز ايڪسيلنسي، پريزيڊنٽ آف لائيف، فيلڊ مارشل الحاج ڊاڪٽر عيدي امين دادا، وائيس چانسلر، ڪانڪرر آف دي برٽش ايمپائر CBE وغيره وغيره.
عيدي امين جي انهن چريائپ وارن ڪمن کي دنيا جي ميڊيا خوب مشهور ڪيو ۽ سندس ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هر وقت اخبارن جي زينت رهيون ٿي. هن بابت ڪي ڪهاڻيون يا خبرون ٺلها افواهه ۽ Myth به هئا ته ڪيترين ۾ حقيقتون به هيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٺو باڪسر هو. ايتريقدر جو ڀر وارن ملڪن تنزانيا، ڪينيا يا ڪانگو جي حڪومت سان اختلاف ٿيندو هوس ته اتي جي ليڊرن کي دڙڪو ڏئي چوندو هو ته توهان پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا. طاقت اٿانوَ ته اچي مون سان باڪسنگ جو مقابلو ڪريو. سٺو گٽار وڄائڻ وارو ۽ تارو Swimmer به هو. ڪوڙ به ڳالهائيندو هو. پاڻ به پڏائيندو هو. تعليم فقط چار درجا هئس پر غلط سلط انگريزي ڳالهائيندي شرم ته نه ايندو هوس بلڪ پاڻ کي وڏو انگريزدان سمجهندو هو. بي انتها ظالم ۽ خوني هو. سندس لاءِ مشهور آهي ته مخالفن جا سر ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيندو هو جن کي وقت بوقت ڏسي خوش ٿيندو هو. هڪ دفعو ته سندس لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته عيدي امين آدمخور آهي يعني انسانن جو گوشت کائي ٿو. اسان به اها خبر 1977ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾ اساشي انگريزي اخبار ۾ پڙهي. سخت گرميءَ ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ فل يونيفارم ۾ بيهي فوجين کان سلامي وٺندو هو. ڳالهه ڳالهه تي پاڻ کي ايوارڊ طور ميڊل ڏيندو هو ۽ انهن ميڊلن (انعامي ٻِلن) جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو هن پنهنجي ٽيونڪ (اڇي رنگ جي شيرواني ٽائيپ ٿلهي بشرٽ) کي گوڏن کان به هيٺ تائين ڊگهو سبرايو هو، جيئن ان اتي سڀ ميڊل لڳي سگهن. فيلڊ مارشل ايوب وانگر هن به پنهنجو پاڻ کي فيلڊ مارشل جو عهدو عطا ڪيو.
ظاهر آهي يوگنڊا جي فوج جو سپريم ڪمانڊر ”جنرل عيدي امين“ به پاڻ هو ته ملڪ جو صدر به پاڻ هو. ان صورت ۾ صدر عيدي امين فوج جي جنرل عيدي امين کي ترقي ڏئي فيلڊ مارشل بنايو. هن لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته هن پنهنجين اڌ ڊزن زالن مان هڪ کي چچري ماري ڇڏيو. اها ڳالهه 1980ع واري انگريزي فلم Rise & Fall of Idi Ameen دنيا ۾ مشهور ٿي. سندس ظلمن جا داستان ۽ چريائپ جا قصا هڪ ٻي انگريزي فلم ”دي لاسٽ ڪنگ آف اسڪاٽلنڊ“ ۾ به ڏيکاريا ويا آهن. جيڪا فلم 2006ع ۾ رليز ٿي هئي.
عيدي امين جيسين پاور ۾ هو يوگنڊا جي پريس جيڪا ظاهر آهي سندس چنبي هيٺ هئي، کيس وڏو اڪابر، ڏاهو، پهلوان، دلير ۽ دانشور طور پيش ڪندي رهي. پاڻ به پنهنجن چمچن کان تعريف ٻڌي گد گد ٿيندو رهيو پر ٻاهر جي پاپولر ميڊيا کيس چريو، ظالم، ٺڳ، لٻاڙي، ڪوڙو ۽ ڊراميباز چوندي رهي. 1977ع ۾ ٽائيم هفتيوار مئگزين ۾ عيدي امين تي مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ Time مئگزين عيدي امين لاءِ لکيو هو ته هو “Killer & Clown, Big Hearted Buffoon & Strutling Martinet” آهي. ڪيترن ملڪن جون اخبارون ته اهو به لکنديون هيون ته عيدي امين دنيا کي ڄاڻي ٻجهي مسخري ۽ چرئي جو Image ان ڪري ڏئي ٿو جيئن سندس وحشياڻي قتلام ۽ خونريزيءَ تي پڙدو رهي.
تنزانيا جو بارڊر وارو صوبو حاصل ڪرڻ لاءِ 1979ع ۾ عيدي امين پنهنجي فوج کي تنزانيا تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو ڇا چوندا آهن ته ڳوهه کي کڻي کُٽي ته ڳولهي شڪارين جا گهر. عيدي امين جي حملي بعد تنزانيا جي فوج تياري ڪري يوگنڊا تي حملو ڪيو ته بنا رنڊڪ جي اچي عيدي امين واري محل ۽ گادي واري شهر ڪمپالا کان پهتي. عيدي امين پهرين لبيا ڀڄي ويو پوءِ سعودي عرب ۾ وڃي پناهه ورتائين جتي پهريان ڪجهه سال ته جدي ۾ فلسطيني روڊ تي Novotel نالي هوٽل جي مٿين ٻن فلورن تي رهيو. 1980ع ۾ جيڪو سندس پهريون انٽرويو BBCجي نمائندي برئان بئرون ڏنو ان ۾ عيدي امين اهو ئي اظهار ڪيو ته هن کي ان ڳالهه جو ذرو به افسوس ناهي ته هن جي دورِ حڪومت ۾ يوگنڊا جو ملڪ ۽ ماڻهو تباهه ٿي ويا. بلڪ هن چيو ته ”اڄ به يوگنڊا جا ماڻهو هن کي پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچي حڪومت ڪرڻ لاءِ چون ٿا.“ 1989ع ۾ عيدي امين کي يوگنڊا موٽڻ جي تمام گهڻي ڇڪ ٿي پر جيئن ئي هو ”زائر“ (هاڻ ”ڪانگو“ سڏجي ٿو) ملڪ جي گادي واري شهر ڪنشاسا ۾ پهتو ته اتي جي صدر موبوتو هن کي زوريءَ سعودي عرب موٽائي ڇڏيو.
20 جولاءِ 2003ع تي عيدي امين جي زالن مان مدينه نالي هڪ اطلاع ڪيو ته عيدي جدي جي ڪنگ فيصل اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي عالم ۾ آهي ۽ پوين پساهن ۾ آهي. هن ان وقت جي يوگنڊا جي صدر يوويري موسيوني کي اپيل ڪئي ته عيديءَ کي يوگنڊا اچڻ جي اجازت ڏني وڃي پرموسيوني جواب ڏنو ۽ چيو ته ”ان لاءِ هن کي پهرين ڪورٽ جي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجن ڪيل ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو.“ پوري مهيني بعد عيدي امين گذاري ويو. کيس جدي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
عيدي امين جون گهٽ ۾ گهٽ ڇهه زالون ته هيون. هن پهرين مس مليامو ۽ ٻي مس ڪي (Kay) سان 1966ع ۾ شادي ڪئي. ٻئي سال 1967ع ۾ هن نورا سان شادي ڪئي، ان بعد 1972ع ۾ مدينا سان شادي ڪئي. ان بعد 1974ع ۾ عيدي امين ريڊيو تان اعلان ڪيو ته هن مليامو، نورا ۽ ڪي کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. ان بعد ملياموءَ کي ڪينيا جي بارڊر وٽ سمگلنگ جي واردات ۾ جهليو ويو. ان بعد هوءَ لنڊن مان وڃي نڪتي. ڪي ان ئي سال جي آخر ۾ مري وئي. هن لاءِ اهو ئي ٻڌايو ويو ته هن جو ڊاڪٽر مڪاسا نالي هڪ همراهه سان لڪ چوريءَ عشق هلي رهيو هو، جنهن مان هن کي پيٽ ٿي پيو ۽ هن ابارشن دوران زال کي ماري وڌو. ان بعد ڊاڪٽر پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي. 1975ع ۾ ڪمپالا جي هڪ ڪانفرنس ۾ عيدي امين کي ساران نالي هڪ ڇوڪري نظر آئي جنهن سان هن شادي ڪئي. شاديءَ کان اڳ ساران پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ رهي ٿي، اهو ان بعد وري نظر نه آيو. عيدي امين کي ڪيترا ٻار هئا انهن جي تعداد بابت مختلف راءِ ملي ٿي. بهرحال اهي 30 کان 45 تائين هئا.
عيدي امين تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. بلڪ آئون ته اهو ئي چوندس ته آفريڪا جو شايد ئي ڪو اهڙو حاڪم هجي جنهن تي ايتريون فلمون ۽ ڪتاب لکيا ويا هجن. ڪجهه پڙهڻ لاءِ ۽ مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
· هينري ڪيمبا جو: State of Blood
· جارج ايوان سمٿ جو: Ghosts of Kampala
· ٿامس پئٽرڪ جو: Hitler in Africa
· ڊئوڊ مارٽن جو: General Amin
· جميلا صديقيءَ جا ٻه ڪتاب: The Feast of Nine Virgins ۽ Bombay Gardens
· ٽريور ڊونالڊ جو ڪتاب: Confessions of Idi Amin
عيدي امين پنهنجي دورِ حڪومت ۾ رکي رکي ڪي ڳالهيون اهڙيون ته چرچي ڀوڳ جون ڪندو هو جو سڄي دنيا ان تي ڪڏهن کلندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن منهن مٿو به پٽيندي هئي. آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن جڏهن واٽر گيٽ اسڪئنڊل ۾ ڦاٿو ته يوگنڊا کان عيدي امين کيس Get Well Soon جو ڪارڊ موڪليو.
· عيدي امين هڪ دفعي يونائيٽيڊ نئشنس (UNO) جي سيڪريٽري ڪرٽ والڌيم ۽ اسرائيل جي وزيراعظم گولڊا مير کي ٽيليگرام موڪليو ته: ”هٽلر جرمنيءَ ۾ 60 لک يهودين کي ساڙي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته يهودي دنيا لاءِ نقصانڪار آهن.“
· عيدي امين هر وقت چوندو رهيو:
”مون اسڪولن کان کڻي تعليم حاصل نه ڪئي پر مون کي Ph.D پڙهيلن کان به وڌيڪ ڄاڻ آهي... ڇو جو آئون فوجي ماڻهو آهيان “I know how to act, I am a man of action”.
· بڪنگهام محل لنڊن ۾ اسٽيٽ ڊنر تي هن راڻي ايلزبيٿ اڳيان تقرير ۾ چيو هو:
“Sir, mister queen, horrible guests, before I undress you, let me put down my testicles.etc.”
هو هميشه راڻي ايلزبيٿ کي مخاطب ٿيڻ وقت کيس Sir ۽ مسٽر ڪُئين چوندو هو.

No comments:

Post a Comment