Wednesday, August 17, 2011

يوگنڊا کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو الطاف شيخ


يوگنڊا کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو
الطاف شيخ
ڪينيا جي ڳالهه ڪندي ان جي پاڙيسري ملڪن جو مختصر احوال ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪينيا لاءِ تنزانيا، يوگنڊا، سوماليا، اٿوپيا، سوڊان ۽ روانڊا ۽ برنڊي ملڪ ايئن آهن جيئن پاڪستان لاءِ ايران، انڊيا، افغانستان، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ عرب امارات.
 
صدين تائين ٻاهر جي دنيا جي يعني ننڍي کنڊ، ايران ۽ عرب ملڪن جي آفريڪا کنڊ سان واقفيت ۽ اچ وڃ فقط آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي قدرتي بندرگاهن وارن شهرن ۽ ٻيٽن سان رهي. جهڙوڪ ممباسا، دارالسلام، ملينڊي، زنجبار وغيره. انهن ئي شهرن تي مختلف ملڪن ۽ قومن جا جهيڙا لڳا رهيا ٿي. آفريڪا ۾ اندر گهڙڻ جي ڪنهن به ضرورت محسوس نٿي ڪئي ۽ ضرورت هئي به ڪهڙي؟ انڊيا کان، ايران کان يا عرب رياستن کان جيڪي سوداگر مال سان ٻيڙا ڀري آيا ٿي انهن جو وڪرو هنن ڪناري وارن شهرن (بندرگاهن) ۾ ئي ٿي ويو ٿي. ان مال کي کپائڻ لاءِ هنن کي آفريڪا جي اندروني حصن ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي ۽ ساڳي طرح هنن کي اتان ئي ڪافي، عاج ۽ شيدي غلام ملي ويا ٿي جن کي خريد ڪري پنهنجن ملڪن ڏي مهانگي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ روانا ٿيا ٿي. هنن کي ان سان ڪو سروڪار نه هو ته پنج ڇهه سؤ ميل اندر خوبصورت ڪليمنجارو جبل به آهي يا وڪٽوريا ڍنڍ جهڙي وڏي ۽ خوبصورت ڍنڍ آهي.
اوڻيهين صديءَ تائين ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ عرب، انڊين گجراتي يا ايران جو شيرازي اندروني آفريڪا ڏي ويو هوندو. هُو اڄ واري سامونڊي ڪناري واري ملڪ ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق جي ئي اندرين حصي ۾ نٿي گهڙيا. يوگنڊا، ڪانگو، روانڊا زئمبيا ۽ برنڊي جهڙا ملڪ ته ٿيا گهڻو ڏور. هي ائين آهي، جيئن راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ عرب، آفريڪي ۽ سري لنڪن سوداگرن جو واپار وڙو ڀنڀور، ٺٽي ۽ ديبل جهڙن شهرن ۾ ئي ٿي ويو ٿي. هنن کي ڪهڙي ضرورت جو اُٺن، گڏهن تي چڙهي ملتان، لاهور، پشاور يا خاص ڪري افغانستان وڃن جيڪو اڄ به ائين  Land Locked ملڪ آهي جيئن آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي يوگنڊا آهي. يوگنڊا هڪ سهڻو ۽ سر سبز ملڪ آهي. جنهن تي ان وقت ميوو اناج ايترو ته گهڻو ٿيو ٿي جو رهندڙ ماڻهن جي کائڻ بعد به ٽنن ۾ بچي پيو ٿي. چوڏهين صديءَ ڌاري يوگنڊا واري سر زمين تي ننڍيون ننڍيون بادشاهتون قائم ٿيون، جن ۾ بوگنڊا، بُن يورو، تورو، ان ڪولي ۽ بوسوگا هيون. ڪجهه صدين بعد بوگنڊا قبيلي جي ماڻهن (جيڪي باگنڊا Baganda سڏجن ٿا) انهن آخرڪار هڪ طاقتور سلطنت ٺاهي جنهن جو اثر يوگنڊا جي وڏي حصي تائين پکڙيل رهيو. هن قبيلي جا ماڻهو يوگنڊا جي آدمشماري جو 20 سيڪڙو آهن. هنن جو بادشاهه ڪاباڪا سڏبو هو.
اوڻيهين صدي جي اڌ ڌاري جڏهن يوگنڊا تي ڪاباڪا موانگا (Kabaka Mwanga) جو راڄ هو ته يوگنڊا جي ماڻهن ۽ اتي جي ڌرتيءَ جو، عرب سوداگرن ۽ ان بعد يورپي Explorers سان واسطو پيو. ان بعد عيسائي مشنري (تبليغڪار) جيڪي آيا اهي ڏاڍو ناپسند ڪيا ويا. شيدي نوجوانن کي جهلي وڪري لاءِ زئنزيبار ۽ ممباسا نيئڻ ڪري ۽ مڪاني ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ ڪري باگنڊا ۽ تورو قبيلن جي حاڪمن کي هنن لاءِ نفرت ٿي پيئي ۽ عيسائي يورپي ۽ عرب مسلمانن جي وڏي پئماني تي خونريزي ڪئي وئي. سمجهو ته عرب سوداگر ڪناري وارن شهرن کان اندروني ملڪ يوگنڊا 1830ع ڌاري کان اچڻ شروع ٿيا ته انگريز Explorer (ڌرتي جي ڳولا ڪندڙ يا اڄ جي زبان مطابق لئنڊ مافيا) 1860ع کان يوگنڊا پهچي ويا. هنن کي اهو به فڪر هو ته نيل ندي جيڪا مصر کي سيراب ڪري بحر احمر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اها شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟ 1877ع کان پروٽيسٽنٽ عيسائي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ ۽ ڪليسا گهر ٺاهڻ لاءِ پهچڻ لڳا ۽ ٻن سالن بعد 1879ع ۾ ڪئٿولڪ عيسائين جا پادري پڻ پهچي ويا. برطانيا وارن ڪينيا ۽ يوگنڊا واري سڄي علائقي جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ برٽش ايسٽ آفريڪا ڪمپني کي مقرر ڪيو.
1890ع ۾ برطانيا ۽ يورپ جي ملڪن جي جرمني ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ Treaty of Berlin مطابق آفريڪا جي ملڪن جي ورهاست ڪئي وئي ته آفريڪا جي ڪهڙي ملڪ تي يورپ جو ڪهڙو ملڪ راڄ ڪندو. ڪينيا، يوگنڊا ۽ ٻه ٻيٽ زنجبار ۽ پيمبا (جيڪي اڄ ڪلهه تنزانيا جو حصو آهن) انگريزن حوالي ٿيا. 1894ع کان انگريز هنن سڀني ملڪن کي برٽش پروٽيڪٽوريٽ جي نالي سان هلائڻ لڳا. هنن هتي اڻ سڌي طرح حڪومت هلائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي جيئن انڊيا جي ڪجهه رياستن جو انتظام اتي جي نوابن معرفت هلايو ٿي. يوگنڊا ۾ هڪ طرف مختلف قبيلائي سردارن کي ٿوري گهڻي هڪ حد تائين ڇوٽ ڏني ته ٻئي طرف باگنڊا قبيلي کي لکيل پڙهيل بڻائي سول سروس جو ڪم انهن حوالي ڪيو. ٻين قبيلن جا ماڻهو باگنڊا قبيلي جي ماڻهن وانگر ڪامورا نه ٿيڻ تي انگريز راڄ ۾ ٻيون نوڪريون ڳولڻ لڳا. مثال طور اچولي (Acholi) ۽ لانگو(Lango) قبيلي جا ماڻهو برطانيا جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لڳا ۽ يوگنڊا جي مليٽري ۾ انهن جي اڪثريت ٿي پيئي. اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل يوگنڊا جو باشندو، انگريزن جي ان حرڪت کي نندي ٿو ته هنن هن ملڪ جي ماڻهن ۾ ان ريت شروع کان ئي نفرت جو ٻج وڌو جنهن ڪري يوگنڊا کي جيئن ئي انگريزن آزادي ڏني تيئن مختلف قبيلا هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پٽڻ لڳا. يوگنڊا ويندڙن يا يوگنڊا جي تاريخ يا سفرنامو پڙهندڙن لاءِ ضروري آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هنن ٽن قبيلن جا نالا باگنڊا، اچولي ۽ لانگو ضرور ياد رکن، پوءِ هنن کي يوگنڊا جي سياست وڌيڪ سمجهه ۾ ايندي.
جيئن سري لنڪا (سلون) کي ايتري خون خرابي بعد آزادي نه ملي جيترو گهڻو انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ٿيو. تيئن ڪينيا ۾ ۽ ان کان ڪجهه گهٽ ليول تي تنزانيا ۾ آزادي لاءِ مڪاني ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون. ساڳي وقت انهن ملڪن ۾ انگريزن جو تمام وڏو تعداد رهيو ٿي ۽ هر شيءِ پنهنجي قبضي ۾ ڪريو ويٺا هئا. پر يوگنڊا ۾ ائين نه هو. اتي انگريزن مختلف قبيلن جي ماڻهن جي همت افزائي ڪئي ٿي ته هو مختلف فصل پوکين ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ انگريزن کي وڪڻن. ان ڪري يوگنڊا جي ماڻهن پنهنجي ملڪ جي خود مختياريءَ لاءِ ڪينيا ۽ تنزانيا کان گهڻو پوءِ آواز اٿاريو. ايتريقدر جو باگنڊا قبيلي جي ماڻهن ته اهو ئي چاهيو ٿي ته انگريز ويٺا ئي هجن. 1954ع يا 1955ع ڌاري لانگو قبيلي جي هڪ اسڪول ٽيچر ڊاڪٽر ملٽن اوبوٽي (Obote) مڙيئي تنظيم ٺاهي جنهن اڳتي هلي يوگنڊا کي آزاد ڪرڻ لاءِ هُل مچايو ۽ 1962ع ۾ يوگنڊا کي ان واعدي تي آزاد ڪيو ويو ته باگنڊا قبيلي کي Autonomy ڏني ويندي.
يوگنڊا آزاد ٿيو. لانگو قبيلي جو ملٽن اوبوٽي ملڪ جو پهريون وزيراعظم ٿيو ۽ باگنڊا قبيلي جو ڪاباڪا (بادشاهه) ’ايڊورڊ مُوتيسا‘ ملڪ جو صدر ٿيو ۽ بوسوگا قبيلي جو سردار وليم ناديوپ (Nadiope) نائب صدر ٿيو. اهو جلدي ئي ظاهر ٿي پيو ته ابوٽي (Obote) ڪنهن به صورت ۾ باگنڊا قبيلي جي بادشاهه ايڊورڊ سان پاور شيئر ڪرڻ نٿو چاهي. صدر کي هٽائڻ لاءِ هن دير نه ڪئي. صدر طرفان مقرر ڪيل وزيرن کي کڻي جيل ۾ وڌو ۽ عيدي امين جيڪو ان وقت آرمي جو چيف هو تنهن کي صدر ڪاباڪا ايڊورڊ جي محل تي قبضو ڪرڻ جوحڪم ڏنو.
محل تي قبضي ٿيڻ تي ڪاباڪا (ملڪ جو صدر) پنهنجن ڪجهه ساٿين سان گڏ لنڊن ۾ وڃي پناهه ورتي جتي 5 سالن بعد گذاري ويو. اوبوٽي پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ باگنڊا قبيلي جي راڄ جو خاتمو ٿي ويو ۽ عيدي امين جي لوفرپائيءَ جو ستارو ان وقت کان چلڪڻ لڳو.
آفريڪا، ايشيا ۽ آمريڪا کنڊن جا انيڪ ملڪ، بلڪ ائين چوڻ وڌيڪ صحيح رهندو ته سواءِ چند ملڪن جي باقي ٻيا ملڪ انگريزن ۽ يورپي قومن جي هٿ ۾ هئا. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ هڪ هڪ ٿي سڀني کي Independence (خودمختياري) ملي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته اڄ يورپ جهڙا ٿي ويا آهن. ملڪ جي عوام، سياستدانن، سرڪاري ڪامورن ۽ فوج پنهنجن ملڪن کي ٺاهي ڇڏيو. هيڏانهن آفريڪا جي ملڪن ڏي نظر ٿي ڪجي ته سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي سڀني جا هيڻا حال آهن. ڪن ملڪن کي سندن سياستدانن، ڪن کي ملڪ جي فوج ته ڪن کي بيوروڪريٽن هڻي تباه ڪري ڇڏيو آهي. قتل عام جاري آهي. حاڪم طبقو، پوءِ ان جو واسطو کڻي سياستدانن سان هجي يا فوج سان، وڃي پنهنجو پاڻ کي امير بڻائيندو ۽ عيش ۾ پورو آهي. غريب عوام ڏينهون ڏينهن وڃي مسڪين ٿيندو. ڪن ڪن آفريڪي ملڪن جي ته اهڙي فقيري واري حالت ٿي جو هنن کي يورپ ۽ آمريڪا اڳيان ڪشتو کڻڻو پيو ۽ وري جڏهن سندن ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪنهن امير ملڪ کين ناڻو ڏنو ته ملڪ ۽ عوام جي حالت بهتر بڻائڻ بدران حاڪم ان پن جي پيسي تي به پاڻ عيش ڪن ٿا ۽ شرم کان ڪنڌ جهڪائڻ بدران اوچو ڳاٽ ڪري هلن ٿا ۽ ولايت ۾ وڃي ان پن ۽ عوام کان لٽيل پئسي مان ائين محل ماڙيون اڏرائين ٿا ۽ هوٽلن  ۽ مئه خانن ۾ ائين عيش ڪن ٿا ۽ جوا خانن ۾ ائين وڏا وڏا داءَ لڳائين ٿا ڄڻ اهو سندن پيءُ جو پئسو هجي.
انگريزن جي دور ۾ يوگنڊا ڇا ته خوبصورت هوندو هو. اهو اڄ به قدرتي سونهن ۾ مالا مال آهي پر لاقانونيت، چورين چڪارين، مهانگائيءَ، بيروزگاريءَ، کاڌي جي کوٽ ۽ بيمارين هن جنت جهڙي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هي اهو ملڪ آهي جنهن جي سونهن ۽ امن کان متاثر ٿي انگريز وزيراعظم سر ونسٽن چرچل چيو هو ته ”يوگنڊا آفريڪا جو هيرو آهي“. 1962ع ۾ انگريزن هن ملڪ کي خودمختياري ڏيئي حڪومت جي واڳ مڪاني ماڻهن حوالي ڪئي، پر 25 سالن اندر يوگنڊا قبيلائي جهيڙن ۾ تباهه ٿي ويو. سياستدان حڪومت ۾ اچي عوام جي زندگي بهتر بنائڻ بدران پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لڳا. پنهنجين ستن پيڙهين کي خوش حال بنائڻ لاءِ هنن پنهنجي لاءِ پئسي ميڙڻ کي ئي سياسي خذمت سمجهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ست پيڙهيون ڇا پئسي پٺيان سندن ”اولاد“ جن نه صحيح طرح تعليم حاصل ڪئي ۽ نه اخلاقيات سکيو، سندن حياتيءَ ۾ ئي سڀ ڪجهه دڦ ڪري ويهي رهيو.
يوگنڊا جي بدبختي ڏسي مونکي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سنڌ ٿي ياد اچي جيڪا 50 سال اڳ ۾، جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ هوس ته ڇا سڪون ڀري هئي. نه هئي امن امان جي حالت خراب، نه بک ۽ بيروزگاري جو راڪاس. اڄ اسان جي سنڌ ذهني، جسماني ۽ اخلاقي بيمارين ۾ وڪوڙجي وئي آهي. منهنجا ٻين صوبن جا پاڪستاني دوست ٻڌائين ٿا ته پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي به اها حالت آهي. ضرور هوندي، مون يوگنڊا ملڪ جا ٻيا صوبا نه ڏٺا آهن پر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پوڙهن آغا خانين ۽ بوهرين کان مون ننڍي هوندي يوگنڊا جون ڳالهيون ضرور ٻڌيون آهن. انهن بوهرين، ڪڇين ۽ آغا خانين مان ڪيترا سنڌي به ڳالهائيندا هئا ۽ هو پاڻ يا هنن جا والدين يوگنڊا جي سهڻن شهرن ڪمپالا، جنجا، اينٽيبي، ماساڪا ۽ موروتو وغيره ۾ رهي آيا هئا. هنن فقط خوشحالي ۽ سڪون جي ڳالهه ٿي ڪئي پر يوگنڊا کي خودمختياري ملڻ بعد هن ملڪ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ فوجين پنهنجي يوگنڊا کي پنهنجن هٿن سان تباهه ڪري ڇڏيو. جنهن کي جتان وجهه لڳو اتان هن ناس ڪيو ٿي. غريب عوام کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي، هُن ملڪ جي بهتريءَ لاءِ جن نمائندن کي چونڊيو اهي ئي ويري ٿي بيهي رهيا.

No comments:

Post a Comment