Sunday, July 31, 2011

آفريڪا ۾ عورتن لاءِ رسمون - الطاف شيخ


آفريڪا ۾ عورتن لاءِ رسمون
الطاف شيخ
ڇوڪرن جو طهر نه فقط انهن ملڪن ۾ جتي مسلمان رهن ٿا پر ڪيترن عيسائي ۽ يهودي خاندانن ۾ به عام آهي. اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ جيڪا ڳالهه مذهبي نقطي نگاهه کان ضرور ڪئي وئي اها گذريل صديءَ ۾ ميڊيڪل سائنس طرفان صحيح ۽ صحتمند ثابت ٿي. اڄ جا ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل ۽ هائيجن جو خيال رکندڙ مرد لاءِ طُهر ضروري سمجهن ٿا. هن کان اڳ سوڊان جي سفرنامي ۾ ڇوڪرين جي طهر بابت لکي چڪو آهيان جيڪو سڄي آفريڪا ۾، يمن ۽ مصر جهڙن ڪجهه عرب ملڪن ۾ ۽ اوڀر پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ عام آهي. ملائيشيا پاسي هاڻ اهو رواج (جنهن کي ڪجهه ماڻهو مذهبي رسم سمجهن ٿا) هن صديءَ جي شروع ٿيڻ سان ڪافي گهٽجي ويو آهي، نه ته اسي واري ڏهي جي شروع ۾ مون جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته پهريون دفعو پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان سندس شاديءَ جو ڪارڊ وٺڻ وقت اهو ٻڌي حيرت ٿي هئي ته فلاڻي تاريخ سندس شادي ٿيندي ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس نڪاح ۽ طُهر ٿيندو، جنهن ۾ فقط عورتن کي مدعو ڪري رهي آهي. مون کي ڪجهه گهڙين لاءِ ائين به محسوس ٿيو ته صباريا پنهنجي گهوٽ عبدالرحمان جي طهر لاءِ چيو هجي جيڪو پڻ اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ لئبررين هو. ڇو جو ملائيشيا ۾ اچي اهو مون ضرور نوٽ ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪن ڪن ٻارن جو وڏي عمر ۾ طهر ٿو ٿئي يا جڏهن ڪنهن مسلمان ملئي ڇوڪريءَ جي ڪنهن چيني عيسائي يا ٻڌ ڇُوڪري سان شادي طئي ٿئي ٿي ته شادي کان اڳ هو مسلمان ٿي طهر ڪرائي ٿو. بهرحال بعد ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي ملئي ڇوڪريءَ کان جڏهن پڪ ڪيم ته هُن به اهو ئي ٻڌايو ته ٽائپسٽ صباريا جو طهر ٿيندو.
 
ائين به نه آهي ته عورتن جو طهر مون لاءِ نئين ڳالهه هئي. آفريڪا جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻ دوران عورتن جي طهر جا قصا هر بندرگاهه ۾ عام ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. اهو ڪهڙو آفريڪا جو ملڪ آهي جتي عورتن جو طهر (Female Circumcision) نٿو ٿئي.... سوڊان ۽ اٿوپيا کان ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق تائين، گهانا ۽ سينيگال کان نائيجيريا ۽ ڪانگو تائين هر مذهب جا آفريڪي ماڻهو (ويندي مسلمان به) عورتن جو طهر ضروري سمجهن ٿا، جنهن سان عورت معاشري ۾عزت لائق سمجهي وڃي ٿي. شاديءَ وقت هن جو گهوٽ هن کي ورجن ۽ شريف سمجهي ٿو. عورتن جو هي طهر هڪ مذهبي رسم کان وڌيڪ سماجي ۽ ثقافتي رسم و رواج سمجهيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو مون سان سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ M.Sc ڪندڙ ڊڪار (سينيگال) جي هڪ ڇوڪريءَ موڪلن ۾ لنڊن وڃي هڪ گجراتي انڊين ڊاڪٽر کان طهر ڪرائي آئي. انگلنڊ ۾ عورتن جي طهر تي سخت بندش آهي پر هن گجراتي جهڙا ڪيترا انگلنڊ جا شهري ڊاڪٽر غير قانوني طور لِڪ ڇپ ۾ آفريڪي ملڪن کان ايندڙ حبشي ڇوڪرين جا طُهر ائين ڪندا رهن ٿا جيئن ڪيترن ملڪن ۾ قانون جي خلاف Abortions ڪيون وڃن ٿيون. هتي اهو به لکندو هلان ته هن سينيگالي ڇوڪريءَ جو طهر بگڙي پيو ۽ ايتري ته  Infection ٿي پئي جو مهينو کن يونيورسٽي کان گسائيندي رهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته لنڊن وارو اهو ڊاڪٽر پوري سال بعد هڪ ڪيس ۾ جهلجي پيو. اسان انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ هئاسين. اها خبر جڏهن اخبار ۾ آئي تڏهن اسان جي هن سينيگالي محترمه اسان کي ٻڌايو. هن وڏي رقم وٺي هي غير قانوني ڪم شايد بنا انسٿيزيا جي غير sterilized  ٿيل اوزارن سان ڪيا ٿي.
عورتن جي طهر ۾ ڇا ٿو ڪيو وڃي؟ مختلف ملڪن جي مختلف قومن ۽ قبيلن ۾ عورتن جي طهر جي مختلف ليول آهي. جنهن ۾ عورت جي زنانن عضون جي وڍ ڪٽ ڪئي وڃي ٿي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ هلڪي قسم جي سرجري ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ عورت جي Clitoris جي مٿين حصي جي معمولي کل لاهي وڃي ٿي جنهن ڪري هن آپريشن کي مردن جي طهر وانگر عورتن جو طهر سڏجي ٿو. پر ڪيترن هنڌن تي خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي ته سڀني ملڪن ۾، ويندي مصر ۽ يمن ۾، جيئن ئي ڇوڪري ٽن چئن سالن جي ٿئي ٿي ته ان عمر کان وٺي بالغ ٿيڻ کان اڳ تائين هن جو ظاهر ٿيل سڄو Clitoris ڪئنچي يا بليڊ سان ڪٽيو وڃي ٿو. هتي ڪينيا ۽ ڪيترن آفريڪي ملڪن ۾ اڄڪلهه جي دور ۾ جيتوڻيڪ عورت جي ڪنهن به عضوي ڪٽڻ تي سخت سزا آهي پر عوام جو وڏو حصو اڄ به ان کي غلط ڳالهه يا ڏوهه جو ڪم نٿو سمجهي پر هو سمجهن ٿا ته اهو ڪم ڇوڪرين لاءِ صحيح آهي. ڪلائيٽورس ڪٽجڻ تي هن کي شهوت نٿي ٿئي ۽ هوءَ شادي تائين پاڪدامن (Virgin) رهي ٿي. جيتوڻيڪ ممباسا جي هن هوٽل ۾، جنهن ۾ آئون رهيل آهيان ڀر وارن ڪمرن ۾ رهندڙ يوگنڊا جي ڊاڪٽرن مان هڪ ٻڌايو ته سوڍان ۾ 300 ڇوڪرين جي اها سرجري ڪري مٿن تجربو ڪيو ويو ته هنن مان 90 سيڪڙو ڇوڪرين کي اها ساڳي شهواني خواهش محسوس ٿي، ساڳي لذت ۽ اها ئي Orgasm ٿي جيڪا هنن کي هن آپريشن يعني طُهر کان اڳ ٿي ٿي پر اهو ڪمال آهي ته آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ جي پڙهيل يا اڻ پڙهيل نوجوان کان ان طهر بابت (جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو Female Circumcision نه پر (FGC) Female Genital Cutting ۽ Female Genital  Mutilation (ايف جي ايم) سڏين ٿا کڻي پڇ ته هو ان جي خلاف ضرور آهن پر هو پنهنجي لاءِ اهڙي حبشڻ ڪنوار چاهين ٿا جنهن جو طهر ٿيل هجي يعني Clitoridectomy  (ڪلائيٽورس جي ڪٽائي) ٿيل هجي.
ممباسا ۾ جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس ان ۾ نه فقط مٿيان يوگنڊا جا ڊاڪٽر رهيل هئا پر ڪجهه ٻين آفريڪي ملڪن جا پڻ هئا جو شهر جي ڪنهن هال ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان عورتن ۽ ٻارن جي صحت خاطر هن عنوان تي ڪانفرنس هلي رهي هئي:
Traditional Practices Affecting the health of women & Children.
عورتن جي طهر تي هي مضمون لکڻ جي ڳالهه مون کي شايد ڌيان ۾ نه اچي ها پر رات هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ يوگنڊا جي ڊاڪٽرن سان جڏهن مون اها ڳالهه ڪئي ته مليريا ۽ تسي تسي مکين جي چڪ ڪري آفريڪا ۾ تمام گهڻا موت ٿين ٿا ته هنن ڊاڪٽرن منهنجي ان ڳالهه جي تصديق سان گڏ ترديد ڪندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مليريا ۽ تسي تسي مکين جي ڏنگڻ ڪري سليپنگ سڪنيس بيماريءَ ڪري جيترا موت آفريڪا کنڊ تي ٿين ٿا اوترا ڪنهن ٻئي ملڪ يا کنڊ ۾ نٿا ٿين. ساڳي وقت هنن ان حقيقت کان به آگاهه ڪيو ته آفريڪا ۾ گهرو طريقن سان زناني طهر ڪري پيدا ٿيل خرابين، زنانين بيمارين، حيض جي روانگي ۾ دقت ۽ ٻارن جي ڏکي ڄم ڪري جيتريون عورتون موت جو شڪار ٿين ٿيون اوترو مرد ۽ عورتون ملائي به ڪنهن ٻي بيماري ۾ نٿا مرن.
مٿي ٻن قسمن جي عورتاڻي طهر بابت لکيو اٿم جيڪي هلڪي قسم جا آهن جن ۾ Clitoris جو ٿورو حصو يا سڄو ڪلائيٽروس ڪٽيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪن حالتن ۾ Prepuce (جيڪو Clitorial hood به سڏجي ٿو) ڪٽيو وڃي ٿو. هن قسم جو طهر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اڄ به مسلمانن ۾ عام آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ تمام گهڻي تعليم، دين جي ڄاڻ ۽ صحت ۽ هائيجن لاءِ awareness اچڻ ڪري هاڻ ڪافي حد تائين گهٽجي ويو آهي. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن توڙي ٻين مذهبن ۽ قومن ۾ ان قسم جو رواج يا سوشل عادت ناهي البته بوهرين بابت چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجين ڇوڪرين جو مٿين قسم جو طهر ڪرائين ٿا. ان قسم جي ڳالهه سنگاپور ۾ گهمڻ لاءِ آيل ڪراچي جي هڪ بوهري فئملي کان ٻڌي هيم. هو ان کي مذهبي رسم سمجهن ٿا. بهرحال ان مٿئين قسم جي زناني طهر کي سرجن Clitoridectomy يا excision سڏين ٿا.
عورتن جي مٿين قسم جي طهر کان علاوه ڪن حالتن ۾،  بلڪه آفريڪا جي ملڪن ۾ گهڻن حالتن ۾، ڪلائيٽورس کان علاوه Labia Minora  به ڪٽيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن هنڌن تي Labia Majora مان به ڪٽيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهه سڄي آفريڪا ۾ مسلمان توڙي ٻين قومن ۽ قبيلن ۾ عام طرح ٿئي ٿو. بقول يوگنڊا جي ڊاڪٽرن جي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٿئي ٿو ۽ نه فقط ٻهراڙي جا جاهل ماڻهو پر شهر جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به پنهنجن ڇوڪرين جو هن قسم جو طهر ڪرائيندي شرف ۽ فخر محسوس ڪن ٿا جو آفريڪا ۾ ماڻهن جي اها سوچ آهي ته جيڪا ڇوڪري ان قسم جو طهر نه ڪرائي پنهنجي شهوت کي لغام نٿي ڏئي اها وڏي ڪميڻي آهي.“

No comments:

Post a Comment