Friday, July 01, 2011

ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو - الطاف شيخ


ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو
الطاف شيخ
ڪينيا جو سڀ کان اتاهون جبل مائونٽ ڪينيا آهي، جنهن تان هن ملڪ تي نالو رکيو ويو. اهو جبل 17000 فٽ (اٽڪل 5200 ميٽر) بلند آهي. ڪينيا ملڪ جي پکيڙ 580400  چورس ڪلوميٽر آهي ۽ دنيا جي ملڪن ۾ 47 نمبر تي وڏو ملڪ آهي. ڪينيا کي توهان ملائيشيا وانگر گهڻ قومو ۽ گهڻ مذهبو ۽ ملٽي ڪلچرل ملڪ چئي سگهو ٿا، جنهن ۾ گهڻائي عيسائين جي آهي. 45 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ عيسائي ٿيندا ۽ 33 سيڪڙو رومن ڪئٿولڪ آهن، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به آهن. مسلمان به ڏهه سيڪڙو ٿيندا. خاص ڪري ممباسا، ملنڊي ۽ ٻين ڪنارن وارن شهرن ۾ تمام گهڻا مسلمان رهن ٿا. هندن جي به چڱي آدمشماري آهي ۽ سڄي ڪينيا ۾ 5 لکن کان مٿي هندو ۽ سک رهن ٿا. ڪليسا گهرن سان گڏوگڏ جتي ڪٿي مسجدون، مندر ۽ سکن جا ٽِڪاڻا به نظر اچن ٿا. ملڪ جي سرڪاري زبان سواحلي (Swahili) آهي جيڪا نه فقط ڪينيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي، ويندي اتر موزمبق تائين ۽ آفريڪا جي ڪيترن اندروني ملڪن ۾ پڻ سواحلي، يا ته سرڪار زبان آهي يا عام ڳالهه ٻولهه (Communication) جي آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪينيا جي زندگيءَ جو حال احوال معلوم ڪرڻو هجي ته ڪينيا جي مشهور ليکڪ گوگي واٿيانگو (Ngugi Wa Thiong’o) جو ڪتاب Weep Not, Child ضرور پڙهجي. هي ناول آفريڪا ۾ هڪ بهترين ناول سمجهيو وڃي ٿو. هي ناول 1964ع ۾ ڇپيو هو ۽ پهريون ناول آهي، جيڪو ڪنهن اوڀر آفريڪا جي باشندي لکيو آهي. واٿيانگو جيڪي به ناول لکيا آهن، انهن ۾ مڪاني آفريڪي ماڻهن ۽ آفريڪا ۾ رهندڙ استعماريت پسند Colonialists گورن جي تعلقات بابت آهن. هن برطانوي ڪالونيل راڄ تي بيحد گهڻي تنقيد ڪئي آهي. Weep Not, Child ناول ۾ هن مائو مائو تحريڪ جي زور وٺڻ جو احوال لکيو آهي. مڪاني ماڻهن کان سندن آبائي زمينون کسجڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. گوگي وا ٿيانگو هي ناول ان وقت لکيو جڏهن هو ڪمپالا ۾ ماڪريري يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو.
Weep Not, Child ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سندس 18 چئپٽر آهن. ناول جو پهريون حصو جارج (Njorge) جي تعليم سان تعلق رکي ٿو. جارج هن ناول جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي سڄي ڪتاب ۾ اها خواهش (goal) آهي ته هو جيترو ممڪن ٿي سگهي. گهڻي کان گهڻو تعليم يافته ٿي سگهي. ڪتاب جي ٻئي حصي جو تعلق ڪينيا ۾ وڌندڙ انقلابي قوتن ۽ انگريزن خلاف هنگامن بابت آهي.
 
ناول جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته: جارج نالي هڪ نوجوان ڇوڪري کي سندس ماءُ اسڪول وڃڻ لاءِ زور ڀري ٿي. هي پنهنجي ڪٽنب جو پهريون ٻار آهي، جنهن کي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ سندس والدين همٿ ساري آهي. جارج جا ماءُ پيءُ، جارج ۽ سندس ٻين ڀائرن سان گڏ جئڪب نالي هڪ مڪاني شيدي جي زمينن تي جهوپڙي اڏي رهيا ٿي. جئڪب انهن ماڻهن مان هو جنهن ڌارئين ڏيهه کان آيل هنن گورن غاصبن جي چمچاگيري ڪري پئسو ٺاهيو هو. جئڪب مسٽر هائلنڊس نالي هڪ جاگيردار انگريز وٽ ڪمدار هو. جارج جو هڪ ڀاءُ ڪمائو ڳوٺ جي واڍي وٽ ڪم سکيو ٿي. سندس وڏو ڀاءُ جنهن کي انگريز سرڪار ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ هڪ ٻئي ڀاءُ سان گڏ زوريءَ وڙهڻ لاءِ لڳايو هو، ان جي دماغ تي پنهنجي ڀاءُ جي موت ۽ پنهنجي ڏکويل تجربن جا پريشان ڪندڙ اثر موجود آهن. جارج جو پيءُ گوٿو (Ngotho) جيڪو تر جو هڪ معزز ماڻهو مڃيو وڃي ٿو اهو مسٽر هائلنڊس جي فصل جي نظرداري ڪنهن اجوري جي ڪري نٿو ڪري پر اهو سوچي ڪري ٿو ته هيءَ زمين سندس ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن وري کين واپس ملي وڃي.
اسڪول ۾ پهرين ڏينهن وڃڻ تي جارج جي ملاقات هڪ وِهاڪي (Mwihaki) نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿي. جيڪا انگريز جاگيردار جي شيدي ڪمدار ۽ چمچي جيڪب جي ڌيءَ آهي. وهاڪي جارج کان هڪ سال مٿئين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي. جارج کي اها بيحد وڻي ٿي ۽ ساڻس دوستي رکڻ چاهي ٿو. گهر ۾ جارج جي ڀاتين جي سڀ کان وڏي وندر ڪچهري آهي. شام جي وقت جارج جو پيءُ گوٿو ڪانڀ ٻڌي وهندو هو ۽ چوڌاري جارج جا سڳا ۽ ويڳا ڀائر ۽ گوٿو جون ٻئي زالون يوڪابي (Nyokabi) ۽ جيري (Njeri) سندس چوڌاري دائري ۾ ٿي وهندا هئا. هڪ ڏينهن جارج جو پيءُ گوٿو پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هي زمينون، جن تي اڄ انگلنڊ جا گورا قبضو ڪري پنهنجيون سمجهي ويٺا آهن. اهي اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جون آهن.
هن ناول ۾ ليکڪ ڏيکاري ٿو ته جارج پنهنجي ڪلاس جي سڀني شاگردن ۾ هوشيار آهي. هن کي هڪ ئي سال ٻه ڪلاس ڪرايا وڃن ٿا. اهڙي طرح هو ساڳي ڪلاس ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ جئڪب جي ڌيءَ وِهاڪي آهي. هڪ ڏينهن جاگير تي ڪم ڪندڙ پورهيت مزوري وڌائڻ لاءِ هڙتال تي سڏ ڏين ٿا. جارج جي پيءَ گوٿو کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو پنهنجي ماڻهن جو پاسو کڻي يا انگريز جاگيردار جو. ڇو جو انگريز ۽ سندس چمچي ڪمدار جئڪب جو پاسو نه کڻڻ تي هن جي نوڪري هلي وڃڻ جا امڪان هئا. آخرڪار هو اهو فيصلو ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هو پورهيتن جي ميٽنگ ۾ شامل ٿئي. جيتوڻيڪ سندس ٻئي زالون کيس ائين ڪرڻ کان جهلين ٿيون. ميٽنگ دوران پورهيت پگهار وڌائڻ لاءِ نعرا هڻن ٿا ۽ اتي اوچتو اوچتو وهاڪي جو پيءُ جئڪب نمودار ٿئي ٿو. هو هن اسٽرائيڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن تي جارج جي پيءُ گوٿو حملو ڪيو. پوءِ ته ٻئي هڪ ٻئي کي مار ماران ۾ لڳي ويا. سڀني چيو ته اڄ ٻنهي جا لاش ئي کڻڻا پوندا. بهرحال جئڪب بچي ويو ۽ هن گوٿو کان بدلو وٺڻ جو قسم کنيو. جارج جي فئمليءَ کي زميندار جي زمين تان ٽپڙ ٻڌايا ويا ۽ نوڪريءَ مان به ڪڍيو ويو. ان بعد جارج جي پڙهائيءَ جو خرچ سندس ڀائر هِتي هُتي پورهيو ڪري ڀرڻ لڳا.
وِهاڪي ۽ جارج جي وچ ۾ سندن پيئن جي جهيڙي ڪري ڪا دُوري نٿي اچي. هو هڪ ٻئي جا سٺا دوست رهندا هلن ٿا ۽ اسڪول ۾ به ڪاميابي حاصل ڪندا رهن ٿا. اڳتي هلي هنن جي ان ڪري جدائي ٿئي ٿي جو وِهاڪي هاڻي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخلا وٺي ٿي، جيڪو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي ۽ بورڊنگ اسڪول هجڻ ڪري هن کي هاسٽل ۾ رهڻو پوي ٿو. جارج جو ٻيو اسڪول به سندس گهر ڀرسان ئي آهي.
سڄي قوم سان گڏ هنن جو ڌيان به جوموڪينياتا تي هلندڙ ڪيس جي فيصلي تي آهي. جومو ڪينياتا هن ديس جي مڪاني ڪارن ماڻهن جو پيارو ليڊر آهي جيڪو ڪينيا جي آزاديءَ خاطر تحريڪ هلائي رهيو آهي ۽ انگريزن جي ڦر مار جي خلاف آهي. ڪينيا جي وڏي اڪثريت اهو سوچي رهي هئي ته هو اجهو ٿو آزاد ٿئي ۽ ملڪ کي به آزاد ڪرائي، پر جوموڪينياتا هي ڪيس هارائي ويو ۽ کيس جيل اچي ويو. انگريزن سمجهيو ته جومو کي قيد ڪرڻ سان سندس تحريڪ ماٺي ٿي ويندي، پر ائين نه ٿيو. سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ گوڙ گهمسان جي لهر شروع ٿي وئي. ساڳي وقت انگريز سرڪار هن ملڪ جي ڪارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هنن تي وڌيڪ مارڪٽ ۽ گوليون هلائڻ شروع ڪري ٿي.
انگريز جاگيردار مسٽر هائلنڊس ۽ سندس چمچو ڪارو ڪمدار مائو مائو تحريڪ جي وڌندڙ احتجاج ۽ ماڻهن کي بندوقن جي زور تي دٻائڻ لڳا. مائو مائو ڪينيا جي مڪاني باشندن جي اها تحريڪ هئي، جن نٿي چاهيو ته انگريز کين بي گهر ڪري، سندن ڌرتيءَ جا مالڪ ٿي رهن. هنن پنهنجي وطن ڪينيا کي معاشي، سياسي ۽ تهذيبي طور هڪ آزاد ملڪ ڏسڻ چاهيو ٿي. پر انگريز جن هندستان ۽ سري لنڪا کي ته آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هنن نٿي چاهيو ته ڪينيا کي ڇڏي ڏجي. ان ڪري مائو مائو تحريڪ جي هڪ هڪ ميمبر کي ڳولهي ان کي موت جي ننڊ ٿي سمهاري. جيئن آزاديءَ جي اٿندڙ آواز جو ڳلو گهٽجي وڃي. وِهاڪي جي پيءُ جارج جي پيءُ گوٿو کان بدلو وٺڻ لاءِ هن تي الزام هنيو ته هو مائو مائو تحريڪ جو ليڊر آهي ۽ سڄي فئملي کي جيل موڪلڻ جي ڪوشش ڪيائين. انگريز جاگيردار مسٽر هائلنڊس جارج کي اسڪول مان ڪڍائي تفتيش (interrogation) لاءِ موڪليائينس. ٻنهي پيءَ پٽن کي پڇاڻي دوران سخت مار ڏني وئي. پيءُ ته بلڪل مرڻينگ حالت ۾ گهر موٽيو. انهي دوران ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جون حالتون بيحد بگڙجڻ لڳيون. سندن ڳوٺ مان ڇهه ڪارن کي پوليس رات جي اوندهه ۾ گهران ڇڪي وئي. جيڪي واپس نه موٽيا. ٻئي ڏينهن جهنگ ۾ سندن لاشن کي جانور ۽ ڳجهون پٽي رهيون هيون.
هڪ ڏينهن بورڊنگ اسڪول مان موٽڻ تي وِهاڪيءَ جي جارج سان گس پنڌ تي ملاقات ٿي وئي. پيءُ جي جهيڙي ڪري هنن جي تعلقات ۾ رخنو پئدا نه ٿيو هو. ان بعد جارج ڪنهن اهم اسڪالر لاءِ داخلا جو ٽيسٽ ڏئي ٿو جنهن ۾ هو مٿاهين نمبر ۾ پاس ٿئي ٿو. جارج جي ههڙي ڪاميابيءَ جو ٻڌي سڄو ڳوٺ خوش ٿئي ٿو ۽ چندو ڪري جارج کي تعليم لاءِ هاءِ اسڪول موڪلين ٿا.
ڪجهه مهينن بعد جئڪب قتل ٿي وڃي ٿو. مائو مائو تحريڪ جو ڪو ميمبر هن کي سندس آفيس ۾ قتل ڪري ڇڏي ٿو. هن قتل ۾ جيتوڻيڪ جارج جي فئمليءَ جو ڪو به هٿ نه هو پر ان جو سڄو ڏوهه جارج جي ڀائرن تي ٿاڦيو وڃي ٿو ۽ ڪمائو (جارج جي ڀاءُ) کي عمرقيد جي سزا اچي وڃي ٿي. جارج جو ٻيو ڀاءُ بورو، مائو مائو جو وڃي ليڊر ٿئي ٿو. جارج جو پيءُ جيڪو پوليس جي وحشياڻي مار ڪري کٽ تي پيل هو اهو زخمن جو تاب نه جهلي آخر مري وڃي ٿو. فقط جارج ۽ هن جون ٻه مائرون جيل کان ٻاهر رهن ٿيون. مائرن ۽ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ جارج پڙهائي ڇڏي ٿو ڏئي ۽ سخت نااميد ٿي پوي ٿو.
جارج کي هاڻ فقط اها اميد وڃي رهي ٿي ته من سندس محبوبا وِهاڪي هن جي ڪا مدد ڪري سگهي. پر هوءَ پنهنجي پيءُ جي قتل ٿيڻ تي سخت غم ۽ غصي ۾ آهي. جارج هن کي پيار جو واسطو ڏئي ٿو پر هن تي ايڏو ته خوف طاري آهي جو هوءَ جارج سان شادي ڪرڻ لاءِ دل نٿي ٻڌي سگهي. جارج آخر هي شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ لاءِ خودڪشيءَ جو پڪو پهه ڪري ٿو، پر جيئن ئي سندس مائرن کي خبر پوي ٿي ته هو هن کي ريهي ريڀي ان ڳالهه تان لاهين ٿيون. ناول جي آخر هڪ بيحد مايوسي جي ماحول ۾ ٿئي ٿي جنهن ۾ جارج پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهي ٿو...
هن ناول جي ليکڪ گوگي واٿيونگو لاءِ هتي ٻه اکر وڌيڪ لکندو هلان ته پاڻ 5 جنوري 1938ع تي ڄائو، يعني اسان واري امر جليل کان 4 سال ننڍو آهي. هن جا ٻيا به ڪيترائي ناول، افسانا، مضمون ۽ ڊراما لکيل آهن. پر مٿيون ناول ”ويپ ناٽ، چائلڊ“ واقعي ماسٽر پيس آهي. ڪينيا ۾ ڪنهن کي نوڪري يا بزنيس لاءِ گهڻو وقت رهڻ جو موقعو ملي ته هن کي ڪينيا جي ڪلچر، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ تاريخ کي سمجهڻ لاءِ هي ناول ضرور پڙهڻ کپي.
گوگي واٿيونگو کي پڻ آزادي جي جدوجهد ۾ جيل اچي ويو هو ۽ 1977ع ۾ جيل مان آزادي ملڻ بعد هو آمريڪا ۾ رهيو جتي هن اتي جي Yale يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه سال پڙهايو. ان بعد نيويارڪ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۾ پڻ پروفيسر جي حيثيت سان Comparative Literature ۽ پرفارمنس اسٽڊيز ٻه سبجيڪٽ پڙهايا.
گوگيءَ مٿيون ناول 1964ع ۾ ان وقت لکيو جڏهن هو انگلنڊ جي University of Leeds ۾ پڙهي رهيو هو. هن ناول جي ان ڪري به گهڻي اهميت آهي جو هي انگريزي زبان جو پهريون ناول آهي، جيڪو ڪنهن آفريڪي لکيو ۽ آفريڪا ۾ ڇپيو. يعني اوڀر آفريڪا ۾ ڇپيو. Weep Not, Child بعد گوگيءَ (Ngugi Wa Thiong’o) ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن مان هڪ ٻيو ناول “The River Between” سال 1965ع ۾ لکيو. جيڪي پڻ تمام گهڻو مشهور آهي. اهو ناول به مائو مائو بغاوت جي پس منظر ۾ لکيو ۽ ان ۾ هن عيسائين ۽ غير عيسائين جي وچ ۾ ناڪام معاشقن بابت لکيو آهي. گوگيءَ جو هي ڪتاب ڪينيا جي سيڪنڊري اسڪولن جي سليبس تي رکيل آهي.

No comments:

Post a Comment