Friday, July 01, 2011

ڪينيا جو هڪ ٻيو آغا خاني.... اِيبو پير ڀائي - الطاف شيخ


ڪينيا جو هڪ ٻيو آغا خاني.... اِيبو پير ڀائي
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ سيٺ علي ڏنا وسرام جي ڳالهه ڪئي سين. جيڪو هڪ ڪڇي اسماعيلي مخير (Philanthropist) ۽ بزنس مئن هو جنهن ڪينيا جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا. ڪينيا ۾ اڄ به ڪيترائي اسماعيلي (آغا خاني) نظر اچن ٿا جيڪي تمام سکيا ستابا آهن ۽ سندن مڪاني سوسائٽيءَ ۾ وڏي عزت آهي. هنن جا نئروبي ۽ ممباسا ۾ ڪيترائي ٽرسٽ آهن جيڪي خيراتي قسم جون اسپتالون ۽ تعليم جا ادارا هلائين ٿا، جن مان نه فقط اسماعيلي ڪميونٽي پر مڪاني شيدي به فائدو حاصل ڪن ٿا.

اسماعيلين جا ڪينيا ۽ يوگنڊا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪميونٽي، سينٽر ۽ جماعت خانا آهن جن ۾ پسگردائي ۾ رهندڙ اسماعيلي عبادت لاءِ يا خوشي ۽ غميءَ جي موقعن تي گڏجاڻي ڪن ٿا. ممباسا جي مختلف علائقن ۾ ويندي جن جماعتخانن تي نظر پيئي اهي هن ريت آهن:
·        ممباسا جماعت خانو: هي بام بُوري علائقي ۾ آغا خانين جي بام بوري سينٽر اندر ئي آهي. عرفان سامجي هن جماعت خاني جو انچارج آهي سندس فون نمبر به هتي لکي رهيو آهيان: 294929-720-254.
·        ممباسا جي ڪوزي (Kuze) روڊ وارو جماعت خانو جيڪو سڏجي ئي ”ممباسا ڪوزي جماعت خانو“ ٿو. هن ۾ مکي نوردين صدردين دوسا نالي هڪ اسماعيلي انچارج سان ملاقات ٿي.
·        اسماعيلين جو هڪ جماعت خانو: منهنجي هوٽل واري رستي ٽام مبويا ايوينيو تي آهي جيڪو ممباسا ٽيوڊر جماعت خانو سڏجي ٿو. هن جو مکي سليم فضل جمال آهي. سندس فون نمبر 715210-722-254 آهي ۽ اي ميل ائڊريس آهي.
Saleem @ africaonline.co.ke.
ڪينيا ۾ رهندڙ اسماعيلين جي ڳالهه نڪتي آهي ته ڪجهه سٽون پيرڀائيءَ بابت نه لکڻ ناانصافي ٿيندو. ديوان سَر اِيبو پيرڀائي ڪينيا جو اهو آغا خاني باشندو آهي جنهن جي خذمتن جو اعتراف نه فقط سندس اسماعيلي ڪميونٽيءَ جا ڪندا پر مڪاني شيدي پڻ. 85 ورهن جي ڄمار ۾ 4 جنوري 1990 تي جڏهن پيرڀائيءَ لنڊن ۾ وفات ڪئي ته اتي جي پارڪ لئنڊ اسماعيلي ڪلچرل سينٽر هال ۾ جنازي جون رسومات ان وقت جي ڪينيا جي صدر ڊئنيل اراپ موئي، وائيس پريزيڊنٽ ۽ وزير خزانا نئروبي کان هلي، لنڊن اچي اٽينڊ ڪيون هيون.
پيرڀائي (Diwan Sir Eboo Pirbhai) 1905 ۾ پيرڀائي گانگجيءَ جي گهر ۾ ممبئي ۾ ڄائو. سندس پيءُ وڏي عزت ۽ پئسي وارو هو جنهن جو ٿورو گهڻو ڪاروبار پهرين کان آفريڪا ۾ هلي رهيو هو. 1910 ۾ جڏهن ايبو پيرڀائي 5 سالن جو هو ته هن جي فئملي، ممبئي مان لڏي، زنجبار آئي جتان پوءِ هو نئروبيءَ ۾ اچي رهيا. بنيادي تعليم ڊيوڪ آف گلوسٽر (هاڻ Jamhuri) هاءِ اسڪول مان ڪرڻ بعد هو واپار ۾ گهڙيو. 1926 ۾ جڏهن هو 21 سالن جو هو ته هن هڪ ٽئڪسي وٺي هلائڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ ويو هڪ مان ٻه ٻن مان چار ٺاهيندو. اهڙي طرح هن وٽ مختلف گاڏين جو فليٽ ٿي پيو جن مان ڪجهه ٽئڪسي طور هلائڻ لڳو ٻيون انهن يورپين کي مسواڙ تي ڏيڻ لڳو جيڪي ڪينيا ۾ سفاريءَ لاءِ آيا ٿي. يعني هنن گاڏين ۾ چڙهي هتي جي مقرر جنگلن ۾ جانورن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ چاهيو ٿي.
ايبو پيرڀائيءَ جي ڪينيا ۾ رهندڙ هڪ انڊين سيٺ ڪرم علي ناٿو جي ڌيءَ ڪلثوم سان شادي ٿي جيڪا Seaforth ڪاليج ۽ ڪئمبرج ۽ چيلتين هيم ليڊيز ڪاليج، انگلنڊ جي پڙهيل هئي. 1937ع ۾ ايبوءَ جي اها خوش قسمتي سمجهي وئي ته هو ان وقت جي اسماعيلي امام جي ڪار هلائڻ لڳو ۽ 1944ع ۾ پرنس علي خان ۽ ان جي زال جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو 10 آگسٽ 1946ع ۾ جڏهن آغا خان جي دارالسلام ۾ ڊائمنڊ جوبلي ملهائي پئي وئي ته هن پنهنجي ڪميونٽي ۽ امام خاطر وڏيون خذمتون ۽ قربانيون ڏنيون. امام هن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ کيس هڪ عدد پيٽرول پمپ کولڻ جي صلاح ڏني. ان پيٽرول پمپ مان ايبوءَ ايڏو ڪمايو جو هو اوڀر آفريڪا جو ٽاپ جو ڪار ڊيلر بڻجي ويو.
ايبوپيرڀائي بزنس کان علاوه سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو. هو نئروبي جي ميونسپل ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ پوءِ 1948ع کان 1960ع تائين ڪينيا ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ جومو ڪينياتا جي اڳواڻيءَ ۾ ڪينيا لاءِ آزادي حاصل ڪئي. ملڪ جو پهريون صدر جوموڪينياتا ايبوپيرڀائي جو تمام ويجهو دوست هو ساڳي طرح ملڪ جو ٻيو صدر ڊئنيل اراپ موئي پڻ پيرڀائي جو گهاٽو دوست ٿي رهيو. ايبوپيرڀائي جي سماجي ڪمن ڪري انگريز به منجهانئس خوش رهيا ٿي. سندس خدمتن جي ڪري برطانيا جي شهنشاه جارج ڇهين هن کي 1946ع ۾ OBE (آرڊر آف برٽش ايمپائر) جو ايوارڊ ڏنو ۽ 1956ع ۾ راڻي ايلزبيٽ هن کي نائيٽ هڊ ڏني ۽ sir جو خطاب ڏنو.
ايبو پيرڀائي 1938ع کان 1958ع تائين ڪينيا جي ”سينٽرل مسلم ائسوسيشن“ جو صدر به ٿي رهيو ۽ مسلمانن جا ڪم ڪرڻ ڪري کيس 1956ع ۾ Brilliant Star of Zanzibar ۽ 1966 ۾ ”دي ڪمانڊ آف گرين ڪريسينٽ ڪراس آف ڪومورس“ جو خطاب عطا ڪيو ويو.
1972ع ۾ جڏهن يوگنڊا جي صدر عيدي امين انڊين سان گڏ ڪيترن ئي اسماعيلين کي به ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي ته پيرڀائيءَ پنهنجي امام آغا خان جي رهنمائيءَ هيٺ دربدر اسماعيلين کي ڪئناڊا ۾ Settle ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن جي مختلف سماجي ۽ خيراتي ڪمن ڪري کيس علي جاه ۽ راءِ صاحب جا به خطاب ڏنا ويا. 1946ع ۾ آغا خان طرفان کيس ’وزير‘ جو لقب پڻ ڏنو ويو. 7 جولاءِ 1983ع تي جڏهن اسماعيلين جي لنڊن ۾ وڏي پئماني تي سلور جوبلي ملهائي وئي ته ان ۾ آغا خان پيرڀائيءَ کي ’ديوان‘ جو لقب پڻ ڏنو. سڄي ڪينيا ۾ ڪوبه مڪاني شيدي، انڊين يا يورپي نه هوندو جنهن کي ايترا لقب ۽ خطاب مليا هجن جيترا ديوان سر ايبو پيرڀائي وزير کي مليا. ان کان علاوه پاڻ بزنيس ۾ به گهڻن کان اڳرو هو. پاڻ ڪيترين ئي ڪمپنين جو مالڪ هو. ان کان علاوه جوبلي انشورنس ڪمپنيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. انڊسٽريل پروموشن سروسز (IPS)، ٽوئرزم پروموشنل سروسز (TPS) ۽ ڊائمنڊ ٽرسٽ جو سينئر ڊئريڪٽر هو، ۽ ڪينيا جي آغا خان فائونڊيشن جو چيئرمين ٿي رهيو. سندس وفات وقت سندس زال ڪلثوم، ٽي ڌيئون، ٻه پٽ ۽ ڪيترا ڏهٽا پوٽا هئا جن مان اڄ ڪلهه ڪجهه انگلنڊ ۽ ڪجهه ڪئناڊا ۾ رهن ٿا. ايبوپيرڀائيءَ جي وفات تي ڪينيا جي روزنامي انگريزي اخبار ”ڊيلي نئشن“ ۾ ايڊيٽوريل ۾ آيو هو ته:
“The Death of Sir Eboo Pirbhai closes a chapter of Kenyan history- a history in which he played a distinguished role as one of the most influential leaders of the Asian communities in the country….”

No comments:

Post a Comment