Friday, July 01, 2011

ٽنگ ڀڄڻ بعد هونو لولو پهتو..... الطاف شيخ


ٽنگ ڀڄڻ بعد هونو لولو پهتو.....
الطاف شيخ
پاڻ آمريڪا جي صدر اوباما جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ڪينيا جي ماڻهن کي خوشي ۽ فخر آهي ته آمريڪا جو صدر هڪ ڪينيا جي باشندي جو پٽ آهي. ان خوشي ۽ عزت جو اظهار ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اوباما جي صدر ٿيڻ واري ڏينهن کي هميشه لاءِ قومي ڏينهن قرار ڏيئي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪا جي چوئيتاليهين ۽ موجوده صدر اوباما جو سڄو نالو ”باراڪ حسين اوباما“ آهي. مزي جي ڳالهه اها ته سندس پيءُ جو نالو پڻ ساڳيو باراڪ حسين اوباما (BARACK HUSSAIN OBAMA) آهي. پٽ ۽ پيءُ جي سڃاڻپ خاطر پيءُ باراڪ اوباما ون“ يا ”باراڪ اوباما سينيئر“ سڏجي ٿو ۽ پٽ ”باراڪ اوباما ٽو“ يا ”باراڪ اوباما جونئر“ سڏجي ٿو.
 
اوباما (سينيئر) 1936ع ۾ ڪينيا جي ڪنيا ڌيانگ ڳوٺ جي لوئر قبيلي ۾ ڄائو. هي ڳوٺ وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. آفريڪا جي هيءَ وڏي ڍنڍ جيڪا مختلف مڪاني نالن سان به سڏي وڃي ٿي، آفريڪا جي هڪ خوبصورت ۽ وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جي پکيڙ 70 هزار ڪلوميٽر آهي. مينهن جي پاڻيءَ کان علاوه مختلف ندين جو پاڻي هن ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو. هن ڍنڍ مان فقط هڪ ندي جيڪا سفيد نيل ندي (WHITE NILE) سڏجي ٿي. اها اڳيان هلي مصر واري نيل ندي ٺاهي ٿي. وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا جا ملڪ آهن. ڍنڍ جو ڪنارو وٺي هلجي ته 5000 ڪلو ميٽر ٿيندا. ڍنڍ جي چوڌاري ڪنارن تي ڪيترائي جهونا، تاريخي ۽ ماڊرن سهڻا شهر آهن. جن مان گهڻا يوگنڊا ۽ تنزانيا جا شهر آهن. ڪينيا جي حصي ۾ هيءَ ڍنڍ فقط 6 سيڪڙو اچي ٿي. آمريڪي صدر اوباما جي ڏاڏي کي ٽي زالون هيون جن مان ٻيو نمبر زال حبيبا اڪومو مان اوباما سينئر (يعني آمريڪي صدر جو پيءُ) ڄائو پر کيس ٽيون نمبر زال ساران نپايو. ڇو جو حبيبا اوباما سينئر ڄڻڻ بعد، مڙس سان سگهوئي رسي طلاق وٺي هلي وئي. انهن ڏينهن جي آفريڪن جون ڪهاڻيون پڙهندا ته توهان کي اها شيءِ عام نظر ايندي. جهٽ پٽ شاديون جهٽ پٽ طلاقون، هڪڙن جا ٻار ٻين وٽ پلجن ڪٿي ته اوباما وانگر پيءُ ۽ پٽ جو ساڳيو ساڳيو نالو. ڪن جو پيءُ گذاري ويو ته نه فقط هو چاچي جو پٽ ٿي ويو، پر هن جي ماءُ به چاچي جي زال ٿي وئي. سو ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي آفريڪا ايندڙ هڪ نئين ماڻهو لاءِ حيرت پئدا ٿئي ٿي. ان کان علاوه ڪو دهريو آهي يا پنهنجي قبيلي جي رسم رواج مطابق ڪنهن وڻ ٽڻ يا جانور يا پکيءَ کي پوڄي ٿو، ته ڪو ڪنهن عيسائي پادري جي ور چڙهڻ سان يڪدم عيسائي ٿيو پوي. وري واپس دهريو ٿيندي کيس ويرم ئي نٿي لڳي. وري ڪنهن عرب يا آغا خاني وٽ نوڪري ڪرڻ سان سني، شيعو يا اسماعيلي ٿيو پوي، وري ڇهن مهينن بعد واپس عيسائي ٿيو وڃي! يعني گذريل زماني ۾ ٿوري ٿوري عرصي بعد حالتن ۽ موڊ مطابق جوءِ يا مذهب مٽائڻ ڪا ڳالهه ئي نه هئي. جنهن وقت اوباما سينيئر ڄائو ان وقت سندس پيءُ اون يانگو عيسائي هو ۽ سندس زال حبيبا مسلمان هئي. اون يانگو هڪ يورپيءَ وٽ بورچي هو. جنهن سان  هو يورپ، انڊيا ۽ زئنزيبار (زنجبار) ٻيٽن تي رهيو، جتي هو رومن ڪئٿولڪ (عيسائيءَ) مان مسلمان ٿيو ۽ سندس پٽ بارڪ حسين اوباما (آمريڪا جي صدر جو پيءُ) ننڍي هوندي مسلمان هو پوءِ دهريو (ATHEIST) ٿيو. هو 1950ع کان 1953ع تائين ماسينو شهر ۾ عيسائين جي بورڊنگ اسڪول مان پڙهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو ڳوٺ جو ڇوڪرو ٿي ڪري بيحد هوشيار هو. سندس اسڪول جي پراڻي ريڪارڊ بڪ (رجسٽر) تي ان وقت جي هيڊ ماستر جا اوباما سينئر لاءِ رمارڪ آهن ته:
He is very keen, steady, trust worthy and friendly. Concentrates, reliable and out going”
هن اسڪول مان فارغ ٿيڻ بعد 1954ع ۾ جڏهن هي ارڙهن سالن جو هو ته هن قبيلائي رسمن موجب ڪيزيا آئوڪو (Kezia Aoko) نالي خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ٿي ۽ 23 سالن جو ٿيڻ تي هن کي آمريڪا جي ’يونيورسٽي آف هوائي ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي اسڪالرشپ ملي. هو پنهنجي پيٽ سان زال ۽ پٽ کي ڪينيا ۾ ڇڏي آمريڪا پهچي ويو. ان سان گڏ هن اسلام به ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ کي دهريو سڏائڻ لڳو. آمريڪا جي پنجاهين رياست هوائي جي شهر Maui ۾ هن جي ملاقات ساڻس گڏ پڙهندڙ انگريز نسل جي آمريڪن ڇوڪري ائن ڊنهام سا ٿي. 2 فيبروري 1961 تي هنن جي شادي ٿي ۽ 4 آگسٽ 1961ع تي کين اوباما جونئر (آمريڪا جو هاڻ وارو صدر) ڄائو. ائين انگريز زال کي اها به خبر نه هئي ته سندس گهوٽ اڳي ئي شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي. اها ڄاڻ کيس گهڻو گهڻو پوءِ پيئي. ٻار ڄمڻ تي هن جي نيپاج خاطر هوءَ پنهنجي پڙهائي ڇڏي گهر ۾ اچي ويٺي ۽ هن پنهنجي مڙس کي پڙهڻ جو موقعو ڏنو. (اوباما سينئر) 1962ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. جتان هن ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. پٺيان هن نه آمريڪن زال جو ۽ نه ان مان ڄاول ٻار اوباما جونئر جو خيال رکيو. نتيجي ۾ ائن ڊنهام هونولولو جي ڪورٽ ۾ اچي طلاق لاءِ درخواست ڏني سندس مڙس ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي ئي ڪونه آيو ۽ هن جي طلاق ڪورٽ طرفان قابل قبول ڪئي وئي. اها مارچ جي 20 تاريخ ۽ 1964ع جو سال هو.
 هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ اوباما سينئر رُٿنڊسئنڊ نالي هڪ ماسترياڻيءَ سان عشق ڪري ٽي شادي ڪئي. جنهن کي پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي ملڪ ڪينيا ۾ وٺي آيو. هن ٽين شاديءَ مان کيس ٻه ٻار ڊئوڊ ۽ مارڪ ٿيا جن مان وڏو ڊئوڊ موٽر سائيڪل جي حادثي ۾ مري ويو ننڍو مارڪ نئروبي ۾ آهي سندس لکيل نيم آتم ڪٿا بيحد مشهور آهي.
اوباما سينئر جي هيءَ ٽي شادي به ڪا ٻه ٽي سال مس هلي زال گهرو ظلم جا الزام هڻي طلاق حاصل ڪئي ان بعد اوباما سينئر جائل (jael) نالي ڪينيا جي هڪ حبشڻ سان چوٿين شادي ڪئي جنهن مان کيس جارج اوباما نالي پٽ ٿيو.
آمريڪا کان 1965ع ۾ موٽڻ بعد اوباما سينئر ڪينيا جي وزارت ٽرانسپورٽ ۽ ان بعد وزارت خزانا ۾ سينئر ايڪانامسٽ ٿي رهيو. 1969ع ۾ ڪينيا جي سياسي ليڊر ٽام مبويا (Tom Mboya) جي قتل بعد اوباما سينئر جو زوال شروع ٿيو. جوموڪينياتا (ڪينيا جي پهرين صدر) اوباما سينئر جي ڏنگي چال کي نظر ۾ رکي نه فقط کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو پر کيس ڪينيا ۾ بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو. ان دوران هن جو هڪ خطرناڪ روڊ حادثو ٿيو ۽ تقريباً سڄو سال کيس اسپتال ۾ گذارڻو پيو. ان بعد 1971ع جي آخري مهينن ۾ جڏهن هو پنهنجي پٽ (اڄ واري آمريڪي صدر) سان ملڻ لاءِ هوائي ويو ته هن جي حادثي ۾ هڪ ٽنگ بيڪار ٿي چڪي هئي، جنهن جو ذڪر اوباما جونئر (اڄ واري صدر) پنهنجي ڪتاب ”ڊريمس فرام ماءِ فادر“ ۾ صفحي 64-71 ۽ 212-219 تي ڪيو آهي.
اوباما سينئر جي باقي زندگي شراب ۽ غربت ۾ اهڙي ته ڦاسي وئي جو هو ان مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. بدقسمتي اهڙي ٿي جو هن جو ٻيو به ڪار ائڪسيڊنٽ ٿيو جنهن ۾ ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويس ۽ جيڪا ٿوري گهڻي خانگي نوڪري ڪري رهيو هو اها به هلي ويس. 46 سالن جي ڄمار ۾، 1982 ۾ هن جو ٽيون ڪار ڪرئش ٿيو جنهن ۾ هو مارجي ويو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ نيانگوما ۾ دفنايو ويو.
هوڏانهن اوباما جونئر (آمريڪا جي 44 هين صدر) جي ماءُ ائن ڊنهام جو احوال ڪجي جيڪا آمريڪا جي ”هوائي يونيورسٽي“ جي روسي زبان جي ڪلاس ۾ اوباما سينئر سان ملي هئي. سندن شاديءَ بعد سگهوئي طلاق ٿيڻ بعد هڪ ٻئي فارين شاگرد لولو سوئيتورو سان شادي ڪئي، جنهن جو تعلق انڊونيشيا سان هو. 1967 ۾ جڏهن انڊونيشيا جو فوجي ليڊر سهارتو پاور ۾ آيو ته هن ولايت ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن کي پنهنجي وطن ورڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو. لولو سوئيتورو پنهنجي زال ائن ڊنهام ۽ ان جي پهرين مڙس مان ڄاول پٽ اوباما (اڄ واري آمريڪي  صدر) سان گڏ جڪارتا جي مينيٽنگ علائقي ۾ اچي رهيو. ان وقت اوباما جي عمر 6 سال هئي. هو ڏهن ورهن جي ڄمار تائين جڪارتا جي بيسوڪي پبلڪ اسڪول ۽ سينٽ فرانسز اسڪول ۾ پڙهيو. 1971ع ۾ اوباما پنهنجي ناني وٽ هونولولو (هوائي ٻيٽ) ۾ اچي رهيو. هي اهو سال آهي جڏهن سندس ڪينيا وارو سڳو پيءُ ساڻس پهريون دفعو ملڻ آيو. صدر اوباما جونئر پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ لکي ٿو ته: هونولولو جي جنهن محلي ۾ هو پنهنجي ناني سان گڏ رهيو ٿي، اتي پري پري تائين پڻس جهڙو ڪو ڪارو شيدي نظر نٿي آيو، هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
My father was black as pitch, my mother was as milk.
اوباما جي ماءُ ائن ڊلهام اوباما کي ڏسڻ لاءِ هونولولو ايندي رهي ٿي پر هن نوڪري جڪارتا ۾ ڪئي ٿي. هن يونيورسٽي آف هوائيءَ مان ائنٿرا پالاجي ۾ Ph.D ڪئي هئي ۽ هن فوڊ فائونڊيشن طرفان جڪارتا ۾ ڪم ڪيو ٿي. آخري ڏينهن ۾ هن کي ڪئنسر ٿي پئي ۽ هونولولو موٽي آئي، جتي 1995ع ۾ گذاري وئي. سندس ڄم جو سال 1942 هو.
اوباما ڪجهه سال هوائي ۾ رهڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ 1979ع ۾ لاس اينجلس اچي رهيو. ٻه سال رهڻ بعد 1981ع ۾ هن نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. اتي حيدرآباد سنڌ جي عبدالرزاق شيخ جو شالامار نالي ڪپڙن ۽ ڪوڙن زيورن جو دڪان هو، جتي ڪولمبيا يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس جو هر وقت ميڙاڪو هوندو هو. اسانجو جهاز جڏهن به نيويارڪ جي بندرگاه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان لاءِ عبدالرزاق شيخ جو هي دڪان شالامار اوطاق هوندو هو يعني وطن جي ماڻهن سان meeting place هو. جتي شالامار دڪان هلائيندڙ سليم شاه، ڀيڻ پروين، سپريم ڪورٽ جو وڪيل عبداللطيف انصاريءَ جهڙا هر وقت نظر ايندا هئا. ان کان علاوه ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي، جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر ۽ پير پاڳاري جو سؤٽ سعيد آباد جو پير فضل الحق شاه به اتي ئي ويجهو رهيا ٿي. ٿي سگهي ٿو اوباما به ڪڏهن يا ڪيترائي دفعا ان دڪان تي آيو هجي پر ان وقت اسان جي يارن مان ڪنهن کي خبر ته هي اوباما اڳتي هلي آمريڪا جو صدر ٿيندو. انسان کي جي مستقبل جي ڄاڻ هجي ها ته پوءِ هن جو سڳو پيءُ ههڙي پٽ کي ڇو ڇڏي ڏئي ها. کيس ڄمڻ وقت به نه ڏٺائين ته منهنجو پٽ ڪهڙي مهانڊي آهي. جيتوڻيڪ هو ان ئي شهر هونولولو ۾ رهيو پيو هو. پوءِ جڏهن ٽنگ ڀڳس، نوڪري ويس، دارون لاءِ پئسو نه هوس ته خبر ناهي ڪٿان ٽڪيٽ جا پئسا هٿ ڪري پٽ کي ڏسڻ لاءِ نئروبي کان هوائي آيو هو.

No comments:

Post a Comment