Monday, June 17, 2013

لنڊن جو ٽاور برج ۽ لانچ جو سفر - عبدالحي پليجو

لنڊن جو ٽاور برج ۽ لانچ جو سفر
عبدالحي پليجو
اسان لنڊن شهر ۾ سياحت جو لطف وٺي رهيا هئاسين، درياءَ ۾ ٻيڙين ذريعي ٿيندڙ سير ڪرڻ سان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو. سو خشڪيءَ تي سير ڪرڻ سان هرگز حاصل ٿي نٿو سگهي. ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ ۾ معلوم ٿيندو ته، درياءَ جي ڪناري ۽ ان جي آسپاس شهر ڪيئن وڌيو. هتي ڪافي اهڙيون ڪمپنيون آهن، جيڪي ٽيمز نديءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ موٽر لانچون هلائينديون آهن، اهي لانچون ويسٽ منسٽر پل وٽ ٺهيل ٿلهين (Piers) کان پوري شهر ۾ درياءَ جو سير ڪرائين ٿيون. ويسٽ منسٽر کان گرين وچ تائين هلندڙ پيسنجر بوٽ سروس، ويسٽ منسٽر پيئر يعني ٿَلهي کان ٿئي ٿي ۽ اپريل، مئي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ساڍي ڏهين بجي صبح کان هر اڌ ڪلاڪ ۾ ساڍي چار بجي شام تائين جاري رهندي آهي. جون ۽ آگسٽ مهينن ۾ روزانو ساڍي ڏهين بجي صبح کان ساڳئي وقفي سان پنجين بجي شام تائين اها سروس هلندي آهي. ويسٽ منسٽر پيسنجر ايسوسيئيشن لميٽيڊ طرفان اوڀاري وهڪرن ۾ هلندڙ لانچون ويسٽ منسٽر پيئر کان هلي ڪيو هيمپٽن ڪورٽ تائين وڃن ٿيون، هنن لانچن ۾ بارون پڻ آهن، هي سروس ايسٽر واري تهوار کان اڳ ۾ ايندڙ سومر کان شروع ٿئي ٿي ۽ آڪٽوبر جي آخر تائين روزانو کليل رهي ٿي. هن سروس ۾ ويسٽ منسٽر پيئر کان ڪيو تائين اڍائي کان چار ڪلاڪ کن وقت لڳيو وڃي. انهيءَ جو دارومدار وير تي هوندو آهي. بالغن لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ اٺن کان ٻارهن پائونڊ، چئن کان چوڏهن سالن جي ٻارن لاءِ چار کان ست پائونڊ آهي. مئي کان سيپٽمبر تائين هتان شام جو پڻ لانچون هلنديون آهن، اهي روزانو ساڍي ستين ۽ ساڍي اٺين بجي شام جو هلنديون آهن. اهي لانچون خاص آرڊر تي رات جو ساڍي نوين بجي پڻ هلايون وينديون آهن. انهن جو هڪ طرفو ڀاڙو بالغن لاءِ پنج  پائونڊ ۽ ٻارن لاءِ 3.50 پائونڊ آهي.

ٽيمز نديءَ تي شهر جي حدن اندر ڪيتريون ئي عاليشان پُليون تعمير ٿيل آهن، انهن ۾ هڪڙي پُل جو نالو لنڊن برج آهي، هيءَ پل جيتوڻيڪ ڪڏهن به ڪري يا ڊَٺي ڪانهي پر انهيءَ کي ڪافي دفعا نئين سر تعمير ڪيو ويوآهي. هن پُل جي اڳوڻي پڃري کي سن 1960ع ۾ اکوڙي هتي وري نئون ڍانچو تعمير ڪيو ويو. لنڊن برج جي اوڀر طرف دريا تي ٺهيل ٻي پل جو نالو ٽاور برج آهي، هي ٽاور لنڊن برج کان وڌيڪ سهڻو ٺهيل آهي. شايد پوري دنيا ۾ هن پل جا گهڻا فوٽو ۽ تصويرون پينٽ ڪيون ويون آهن.  سن 1993ع ۾ هن پُل جي سالياني جشن طور پل اندر قائم ايوان ۾ هڪڙي نمائش منعقد ڪئي وئي هئي، هن پل جي ٽاوَرن جي چوٽيءَ تي ٺهيل پڃري وٽان شهر جو نهايت وڻندڙ نظارو ڏسڻ وٽان آهي. هتان ٽاوَر آف لنڊن، پارليامينٽ هائوس ۽ سينيٽ پال چرچ وارا عاليشان منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر هاڻ لنڊن آءِ ٺهڻ ڪري انهيءَ جي اڳ جهڙي حيثيت ڪانه رهي آهي. هن پل جي ڏاکڻي ٽاور هيٺ هڪڙو انجڻ روم آهي، جتي پل جي رستن کي هيٺ  لاهڻ ۽ مٿي چاڙهڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون نصب ٿيل آهن. هن پل کي جديد ڪاريگريءَ سان ٺاهيو ۽ آراسته ڪيو ويو آهي. هتي وڊيو ۽ ڪمپيوٽر پڻ نمائش لاءِ رکيل آهن، جن وسيلي پُل جي تاريخ ۽ ٻي سائنسي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.  سير ڪرڻ وارن لاءِ هيءَ پُل اپريل کان آڪٽوبر تائين روزانو ڏهين بجي صبح کان ساڍي ڇهين بجي شام تائين ۽ نومبر کان مارچ تائين روزانو ساڍي نوين صبح کان ڇهين بجي شام تائين کليل رهندي آهي. ايڇ ايم ايس بيلفاسٽ بحري جهاز، اڄڪلهه شاهي بحريه جي ترندڙ نمائش طور استعمال پيو ٿئي. هي جهاز ٻي عالمي لڙائيءَ دوران شاهي بحري فوج جي تصرف هيٺ هو. هن وقت هي غوراب ٽيمز نديءَ تي ٺهيل ٽاور برج ۽ نئين لنڊن برج جي وچ ۾ لنگر انداز آهي. روسي يلغار دوران ۽ پوڪ واري جنگي دور ۾ هن جهاز نمايان خدمت سرانجام ڏني. ڪوريا سان جنگ دوران هن جهاز کي سڌو حملو ڪندڙ جهاز سڏڻ لڳا. هن جهاز جو هر هڪ حصو گهمي سگهجي ٿو، انهيءَ مان پتو پوندو ته، گذريل پنجاهه سالن دوران هن جهاز جا فوجي ڪهڙي نه جان فشائيءَ سان دشمن سان وڙهندا رهيا. گهمڻ واسطي هي جهاز اونهاري ۾ روزانو ڏهين بجي صبح کان سوا پنج بجي شام ۽ سياري ۾ روزانو ڏهين بجي صبح کان سوا چار بجي شام تائين کليل هوندو آهي. هن جهاز اندر هوٽل ۾ بار روم به آهي پر بل مهانگو اٿس، اسان هتي ڪابه شئي استعمال ڪانه ڪئي. هي بحري جهاز عام بحري جهازن جهڙو آهي. اسان پئرس کان لنڊن تائين جنهن بحري جهاز ۾ آياسين، انهيءَ کان هي جهاز ننڍو آهي پر جيئن ته هن کي خاص سياحت لاءِ هتي بيهاريو ويو آهي. مون ۽ مِنا هتي ۽ سڄي ٽيمز نديءَ جي سير ۾ ڪافي فوٽو ڪڍيا ۽ هتي هن جهاز ۾ به ٻين سياحن وانگر اسان به ڪافي فوٽو ڪڍيا. اسان چار ڪلاڪ کن ٽيمز نديءَ جو سير ڪري ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ٽرافلگر اسڪوائر ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ نيشنل گئلري ۽ سينٽ مارٽن وارو چرچ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. لنڊن ۽ يورپ جو هر ماڻهو، مرد توڙي عورت ڪم ڪري. تنهنڪري گهر کان ٻاهر نڪري ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي سوار ٿي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿئي پر تڏهن  به پنهنجي ملڪ جي وڏي شهرن واري رش نظر نه ٿي اچي، ڇو ته هنن قومن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ايڏيون ته سهولتون مهيا ڪيون آهن. جو عام ماڻهو به انهن سهولتن مان مستفيد ٿي رهيو آهي. لنڊن ۾ سرڪيولر ريلوي ۽ انڊر گرائونڊ ٽيوب جي ايڏي ته سهولت آهي، جو ماڻهو پنهنجون گاڏيون به استعمال ڪونه ڪن. سواءِ پري جي مسافري ۽ موڪلن تي وڃڻ لاءِ، باقي هر ننڍو وڏو ماڻهو گهڻي ڀاڱي انهن سوارين کي استعمال ڪري ٿو، سو توهان جڏهن ٽئڪسيءَ ۾ چڙهندا ته توهان کي پاڻ وانگر ڪلاڪن جا ڪلاڪ لنڊن جي روڊن تي  بيهڻ جي تڪليف کي مُنهن ڏيڻو ڪونه پوندو. اسانکي ٽئڪسيءَ گهمائي ڦيرائي آڻي ٽرافگلر اسڪوائر جي ڀرسان لاٿو. مِنا هتي ٻاهر ڪبوترن جي چاري واري دڪانن تان ڪبوترن لاءِ چارو ورتو ۽ مون ڪئميرا لاءِ سيل ورتا. لنڊن جي هن علائقي ۾ ٻين سياحتي مرڪزن وانگر هميشه سياحن ۽ سيلانين جي رش لڳي پئي هوندي آهي.
اٽڪل ست ملين آباديءَ وارو لنڊن شهر سڄي يورپ ۾ پکيڙ ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي، هن جي پکيڙ پندرهن سئو چورس ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ ٿيندي، جنهن جو مرڪز ٽيمز ندي آهي. ملڪ ۾ دولت توڙي واءُ سواءُ جو مرڪز پڻ هتي آهي، جيتري قدر شهر جي باشندن جو تعلق آهي ته، صوبائي زندگي آربيٽل موٽر وي جي سرڪٽ کان پري يا ٻاهر شروع ٿئي ٿي. لنڊن جي شهرين جي وڌيڪ مهذب هئڻ علائقائي سطح تي منفي توڙي مثبت اثرات پيدا ڪيا آهن پر لنڊن جي بي مثال خصوصيت ۽ اعلى لياقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، جيڪو سندس ولولي ۽ ڪاميابيءَ جو سبب آهي. رات جي وقت لنڊن جي ويسٽ اينڊ علائقي جي گهرن جا رستا شهر جي بي گهر ماڻهن لاءِ سمهڻ جي جاين ۾ تبديل ٿيو پون ۽ ڏينهن جو ڪم تي ويندڙ مسافر پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام سان محاذ آرائي ۾ مبتلا رهن ٿا. لنڊن کي موجوده صورتحال کان ته بهتر ٿيڻ کپي پر اهو اڃا به جلوه افروز آهي. مرڪزي کليل شاهي رستن تي ڪيئي شاهي عمارتون پکڙيل آهن ۽ سندن سوڙهين گذر گاهن ۽ ڦاٽڪن کي جاچيندي ۽ گهمندي رات جي وقت ۾ ماڻهن جي ڀڻ ڀڻ جاري ۽ ساري رهندي آهي، توقعات جي برخلاف شهر ۾ تمام گهڻي ساوڪ ۽ شادابي آهي، منجهس تمام گهڻا ۽ وڏا پارڪ ۽ باغيچا به موجود آهن.

No comments:

Post a Comment