Monday, June 03, 2013

وِيخودِنا، رنگن ۽ رقصن جو ميلو - اسحاق انصاري

وِيخودِنا، رنگن ۽ رقصن جو ميلو
اسحاق انصاري
مئي ۽ جون جو مهينو، چيڪو سلوواڪيا ۾ گرميءَ جو مهينو ليکجي ٿو. پر اها موسم اسان واري گرمي جي موسم نه سمجھڻ گھرجي جنهن جي جھولن جي تپش وايو منڊل جي گرمي پد کي ۵۰ ڊگري کان به مٿي وٺي وڃي ٿي. جڏهن ته چيڪو سلوواڪيا جي اها گرمي ڏينهن جو ۲۸ يا ۳۰ تائين وڃي ته وري شام ۽ رات جو ۱۲ يا ۱۵ تائين به ٽيمپريچر کي پهچائي ٿي ڇڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جونڙاين جي سونهري جسمن تان لهندڙ ڪپڙن جي بار جي ڪري اسان جهڙن جي اندر جي گرمي پد کي ماپڻ لاءِ ڪي نوان ٿرماميٽر ايجاد ٿيڻ گھرجن. جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ سلوواڪيا ۾ اتان جي هِل اسٽيشن تاترا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ويخودنا، ۾ ٽن ڏينهن جو عالمي لوڪ موسيقي ۽ فن جو ميلو ٿيندو آهي. ۱۹۹۲ جي مهيني ۾ ادا اشتياق انصاري جي هڪ ٽريننگ انگلنڊ ۾ لڳي هئي، پوءِ مون کيس گھڻو زور بار ڀريو ته هو چيڪو سلوواڪيا گھمڻ اچي. شايد، هن جي به اها خواهش هئي، هو به اچي پهتو ۽ آمريڪا مان اسانجي يار نصرجان به اچي پاڻُ پڌاريو. منهنجي به ويڪيشن هئي انڪري، پوءِ ته چيڪو سلوواڪيا کي ڦلهورڻ نڪري پياسين. مون کين هڪ ڀيري چيو ته؛ هتان جي هل اسٽيشن جو چڪر هڻڻ ضروري آهي. ڇو جو اها وري اسان جي ڪوهه مري ۽ ٻين گليات کان ڪي قدر مختلف آهي. اسانجو پروگرام طئي ٿي ويو. منهنجي هِڪڙِي دوست به تيار ٿي ۽ ان جي چوڻ تي ئي ڪنهن مهانگي هوٽل ۾ رهائش جي چونڊ ڪرڻ بجاءِ اتانجي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ گھر جو مٿيون پورشن رهڻ لاءِ ورتو. براتيسلاوا کان اسان هڪ هڪ ننڍڙي بيگ، ۽ ڪيمرائون (هڪ هڪ کي ٻه يا ٽي ڪيمرائون هيون)، ۽ گرمي جي ڪري چڍا پائي پنهنجي منزل ڏانهن نڪري پياسين.
ريل رستي، اسان پنهنجي پهرين منزل ليپتووسڪي ميڪولاش هئي. هي شهر اسڪنگ يا هائڪنگ تي وڃڻ وارن لاءِ بيس ڪيمپ جو درجو رکي ٿو. اتان، تاترا جي مختلف هل اسٽيشنن تي وڃي سگھجي ٿو. هونئن ته هِل اسٽيشن تي بس ذريعي به وڃي سگھجي ٿو، پر گھڻا ماڻهو ٽرين جي چونڊ ڪندا آهن. اها ٽرين ننڍي گيج واري هوندي آهي جيئن، اسان وٽ راجا ٽرين جي هوندي هئي. اسان به ٽرين وسيلي وياسين. اصل ۾ تاترا، پهاڙين جو هڪ سلسلو آهي ۽ مختلف هنڌن تي، ڳوٺ، ننڍا ننڍا شهر آهن. منهنجي اها پسنديده جڳهه هوندي هئي. جڏهن به اونهاري ۾ واندڪائي ملندي هئي ته ان طرف نڪري پوندو هيس. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن ٽڪرين تي گھڻا ماڻهو سياري جي مند ۾ گھمڻ ايندا آهن. ڇو جو اهي وري اسڪنگ ۽ اسڪيٽنگ جا شوقين هوندا آهن. اسڪنگ، ۾ پيرن ۾ وڏيون پٽيون جيڪي اڳ ڪاٺ جو هونديون هيون پر هاڻي ته فائبر جون آهن، اهي پائي برف تي گھمبو آهي، ريس به ڪبي آهي ته هڪ لاهي تان ترڪندو پاڻ ڇڏي وڏي کان وڏو جمپ ڪندا آهن، اهڙي ريت انهن جي مختلف قسم جا مقابلا به ٿيندا آهن. اسڪيٽنگ وري بوٽ جي هيٺِان هڪ پٽي يا وڌيڪ ائين چئجي ته ڇُريءَ جيان لوھ يا فائبر لڳل هوندو آهي ۽ اها اسڪيٽنگ وري سخت برف تي ڪبي آهي يعني پاڻي ڄمي برف ٿي ويو هجي. خاص ڪري ننڍن ننڍن تلائن يا ڍنڍن جي ڄمي وڃڻ جي صورت ۾ ان تي اسڪٽينگ ڪبي آهي پر هاڻي ته اسٽيڊيم ٺهيل آهن جن ۾ برف ڄمائي ٿي وڃي. اسڪيٽنگ ۾ وري فگر اسڪيٽنگ ڏسڻ وٽان هوندي آهي جنهن ۾ موسيقي تي ڪنهن ڪوريوگرافي تي ڊانس ڪندا آهن. اڳ ۾ ته گھڻو ڪري ان تي ڪلاسيڪل ميوزڪ يا سيمفني هونديون هيون پر هاڻي پاپ ميوزڪ تي به فگر اسڪيٽنگ ڪئي وڃي ٿي. فگر اسڪٽينگ جا مقابلا به سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا. نه رڳواهو پر اونهاري جي اولمپڪ جيان سياري جي اولپمڪ ٿئي ٿي جنهن جو بنياد به ۱۹۰۱ کان پيو پر ۱۹۲۴ کان مستقل طور تي ٿيندي رهي ٿي سواءِ مهاڀاري لڙاين وارن سالن جي، انهن سالن ۾ ته اونهاري واريون اولمپڪس به نه ٿيون هيون.
پر اسان فارينرس مان گھٽ شاگرد ئي اسڪنگ يا اسڪيٽنگ ڪندا هيا. اسان وارو هڪ عراقي دوست چوندو هو ”بردر، اهو ڪم ناهي ڪرڻو، ڇو جو هتي ته مصنوعي ٻانهون ڄنگھون به گورن جي لاءِ ٺهيل آهن، اسان لاءِ ته اسپيئر پارٽس به نه ملندا؟. هونئن ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها راند خطرناڪ آهي، ۽ ڪيترا ڀيرا گھڻن دوستن جا هٿ پير ٻڌل ڏٺاسين.“
ٽرين ۾ ماڻهو اوسي پاسي جا نظارا سهڻي نموني ڏسي سگھي ٿو. حقيقت اها آهي ته هر نظارو ڏسي اتي رهڻ تي دل چاهيندي آهي. برسات شروع ٿي چڪي هئي، ۽ اسانجي هٿن ۾ پڪڙيل بوتلون به ختم ٿي رهيون هيون، ته منهنجي سنگت پنهنجي سونهري وارن وارو سِر منهنجي ڪلهي تي رکي اهلي پئي ۽ مونکي شاهه سائينءَ جو شعر ياد آيو، جنهن جو اصل مقصد ۽ ماڳ ته پيو آهي پر ياد ڪري مزو اچي ويو.
اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن
سُرهي سيج پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن
اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهڙا
نصر، مون ڏانهن ڏسي کنگھر ڪئي، ته مون کيس چيو؛ ”استاد ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا رِيس.“
ته وراڻيائين؛ ”اهو جملو ٻڌو ٿي، حُور ۽ لنگور وارو؟“
مون چيو؛ ”ها ٻڌو آهي ۽ اميد ته تو به اهو ٻڌو هوندو؛ گدڙ ڊاک تي نه پڄي پوءِ آکي ٿو کٽا!“
اشتياق انصاري، اسان جي ڳالهين مان محظوظ ٿي رهيو هو. پر نصر نه مڙيو، تنگ ڪندو رهيو. چيائين؛ ”ٽين!“
مون کيس جواب ۾ چيو؛ ”گابي“. اهي، لاڙڪاڻي ۽ خاص ڪري لاهوري محلي جا چيڙائڻ جا فقرا آهن. نيٺ مايوس ٿي پنهنجو ڪنڌ، اشتياق انصاريءَ جي ڪلهي تي رکندي چيائين؛
مين ڪيا ڪرون رام، مجھي بڍا مِل گيا اسان جي هنيان ڦاڙ ٽهڪن تي ٽرين جي دٻي جي سڀني اسان ڏانهن ڏٺو ته سنگت به اٿي پئي. پوءِ نصر ڳائڻ شروع ڪيو برسات ڪا موسم هئي... اسان ٻئي ڊانس واري انداز ۾ اشارا ڪرڻ لڳاسين، فلمن ۾ ته ان موقعي تي هيروئڻ ارهه به لوڏائيندا آهي پر اسان وٽ هجن ته لڏن، انڪري اسان ٻنهي هٿن سان ارهن کي پئي هيٺ مٿي ڪيو ته مون واري سنگتياڻي جلدي مان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته ڪوئي ڏسي ته نه رهيو آهي، ڇو جو کيس اهو ڊپ هو ته ڪٿي اسان کي ماڻهو “گي“ نه سمجھي وٺن.
خير اسان جي منزل اچي وئي. ليپتووسڪي ميڪولاش ۾ لهي، شهر جو واءُ سواءُ وٺڻ نڪتاسين شهر تمام گهڻو خوبصورت هو، اهو شهر تيرهين صديءَ ۾ وجود ۾ آيو هو، انڪري اتان جون ڪجھه عمارتون ۽ خاص ڪري چرچ ته تمام گھڻي پراڻي ۽ خوبصورت هئي.
اتان پوءِ وري ويجھي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين جتي اسان پنهنجي لاءِ گھر بوڪ ڪرايو هيو. اتان جي اسٽاپ تي لهي، ٻنين ۽ ٻيلن مان پنڌ ڪندا ان ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين. ڪن ٻنين ۾ ڪڻڪ جو فصل هو، پس منظر ۾ تاترا جون برف سان ڍڪيل چوٽيون نظر اچي رهيون هيون. بهرحال خوبصورت منظر ڏسندا ڳوٺ پهتاسين، ڳوٺ ڪهڙو هو، ٻه يا ٽي کن گھٽيون هيس مطلب ته ڪي پنجاهه کن گھر مَس هيس. اتفاق سان اها رات ڪا چانڊوڪي جي هجي، ٻنيون ڪڻڪن جي سونهن سنگن سان سهڻيون لڳي رهيو هيون. ڳوٺ جي ڪنهن ڪنهن گھر مان رات جو ڪڪڙ جي ٻانگ اچي رهي هئي. ته ڪڏهن وري ڪتا ڀونڪي رهيا هيا، مون کي ته اهي ڳالهيون گھڻو مزو ڏئي رهيون هيون ڇو جو گھڻي وقت کان پوءِ مان اهو سڀ ڪجھه ٻڌي ۽ ڏسي رهيو هيس. سهڻي رات جي گذرڻ ۾ ڪهڙي دير ٿي لڳي!
صبح جو وري اسان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، اسانجو سفر، ڳوٺ ويخودنا ڏانهن هيو. اتي پهچڻ ۾ ڪا گھڻي دير نه لڳي، شهر تمام ننڍو هو، پر شهر ۾ رش به هئي ڇو جو ان ميلي کي ڏسڻ لاءِ دنيا مان گھڻا ماڻهو ڪهي اچن ٿا. اندازي موجب ان ميلي کي ڏيهين ۽ پرڏيهين کي ملائي ٽن ڏينهن دوران ۷۰، ۸۰ هزار کن ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. ان کان علاوه سراسري طور تي ۱۵۰۰ فنڪار حصو وٺن ٿا. اسان به پنهنجو رخ ان اميفي ٿيئٽر ڏانهن رکيو جتي اهو ميلو مچندو آهي، هونئن گھڻو ڪري ٻين سڀني جو به ان طرف رخ هيو. سلوواڪيا جا ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن سميت آيل هيا ۽ مونکي خوشي ٿي ته هو پنهنجي ثقافت سان ايترو پيار ڪن ٿا. هنن خاص ڪري پنهنجي ٻارڙن کي سلوواڪيا جي ٽريڊيشنل ڊريس پهرائي هئي، جنهن تي به اسانجي سنڌي ڀرت جيان ڪم ٿئي ٿو. ان کي هو ڪروئِي سڏين ٿا. ٻار ته هونئن ئي پيارا ٿين ٿا پر ان ڊريس ۾ اڃان وڌيڪ پيارا پئي لڳا، نه رڳو ٻار پر جوان ڇوڪريون به ان ڊريس ۾ ڪُهڻ لاءِ آتيون هيون. گھڻو ڪري اها ڊريس وڏي فراڪ جيان ٿئي جڏهن ته مردن کي پينٽ، ٽوپي ۽ واسڪٽ پهريل ٿئي ٿو. هر حصي جي ڊريس ۾ وري ٿورو ٿورو فرق آهي. ڊريس جو اهو فرق سندن معاشرتي مقام، علائقي ۽ شادي شده ۽ غير شادي شده هجڻ کي به ظاهر ڪري ٿو.
شهر کان ميلي ڏانهن ويندڙ رستي تان مختلف شهرن، ڳوٺن جا ثقافتي ٽولا، ميلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ اچي رهيا هيا، هر ٽولي جي اڳيان ڪنهن ٻار کي ان شهر جو نالو هيو ۽ پويان اهو ٽولو ڳائيندو ۽ ناچ ڪندو هال طرف اچي رهيو هيو. اهو بالڪل اهڙي ريت هيو جيئن اولمپڪ ۽ ٻين راندين ۾ دنيا جا ملڪ پريڊ ۾ حصو وٺندا آهن.
اسان اچي ان هنڌ تي پهتاسين، ٽڪيٽ واري، ڪيمرائون ڏسي چيو ته اهي جمع ڪرايو يا وري انجي الڳ في ٿيندي، في به ڳاٽي ٽوڙ هئي. مون کيس ٻڌايو ته اسين صحافي آهيون ته هن ٻي هنڌ ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو، جتي، صحافين جي لاءِ ڊيسڪ رکيل هئي. مان به ان طرف وڌيس ۽ ڪائونٽر تي ويٺل حسينا کي ٻڌايم ته اسين صحافي آهيون ۽ هن ميلي جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ سنڌ، پاڪستان کان ڪهي اچي هتي پهتا آهيون. هنن منهنجو ڪارڊ گھُريو، ڪارڊ ڏسي هنن اسان ٽنهي کي ٻانهن تي بڌڻ لاءِ بينڊز ڏنا جن تي پريس لکيل هيو. انڪري اسان جي ٽڪيٽ به بچي پر انسان گڏ، مختلف هنڌن تي فوٽوگرافي ڪرڻ جي به کُلي اجازت ملي وئي، جيڪا عام ڏسندڙن کي نه هئي. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته مون دوستن وسيلي هڪ اخبار جو ڪارڊ ٺهرايو هيو، ڇو جو لکڻ جو سلسلو ته گھڻي وقت کان جاري آهي ۽ وري اتي فوٽو ڪڍڻ يا وڃڻ جي هر هنڌ هر ڪنهن کي اجازت نه هئي. جنهنڪري مون سنڌ ۾ پنهنجي هڪ دوست کي لکيو، جنهن مونکي ڪارڊ ٺهرائي موڪليو ۽ مان وري اتي جي وزارت اطلاعات ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي هئي، جن وري پنهنجو اڪريڊيٽيڊ ڪارڊ ٺاهي ڏنو هو، جنهنتي هڪ ته پهچ آسان ٿي وئي، ٻيو ته ميوزيم، ميلن ۽ نمائشن ۾ داخلا مفت ٿي وئي هئي. سو هتي به اسان کي اهو ڪارڊ ڪم آيو، نه رڳو في بچي پر فوٽو ڪڍڻ جي به اجازت ملي وئي. اسان ايمفي ٿيئٽر ۾ داخل ٿياسين، ماڻهن جي لاءِ ڪاٺ جو بينچون ٺهيل هيون ته ڪي وري ڇٻر تي ويٺل هيا، اسٽيج به ڪاٺ جي ٺهيل هئي، ان جي پويان ديوار به ڪاٺ جي ڊگھن بنڊن کي بيهاري ٺاهي وئي هئي. ماحول تمام خوبصورت هو. ٿوري دير ۾ پروگرام شروع ٿيو، جنهن ۾ پهريائين ٻارڙن جي ٽولن کي گھرايو ويو. جيڪي ٻارن جي راندين کي پيش ڪري رهيا هيا ۽ وچ ۾ ناچ به ڪري رهيا هيا، ايئن کڻي چئجي ته اسانجي راند هيٺينئڙو ڪن مٿينئڙو هجي ۽ پوءِ وري ان جي ڪنهن ٻاراڻي گيت تي ڊانس ۽ وري ڪنهن ٻي راند جي علامت طور پرفارمنس، بهرحال تمام سٺِي پرفارمنس هئي. يا جيئن ٻاراڻا ٻول ٿين ٿا، پر انهن ٻاراڻن ٻولن کي هنن سٺي موسيقيءَ ۾ ترتيب ڏنو آهي ۽ ان جي موسيقي اهڙي ريت رکي آهي جو ان تي ناچ به ٿي سگھي. جيئن اسان وٽ پيسو لڌم پٽ تان آهي، انکي اهڙي موسيقيءَ ۾ ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن ان تي ناچ به ٿي سگھي.
سندن هڪ ٻاراڻو ٻول آهي پر ان کي هنن ناچ جي رڌم ۾ ڪمپوز ڪيو آهي.
چار قدم اڳتي
چار قدم پوئتي
مان هِت ڏسان، هُت ڏسان
انڪري مان جهومان ٿو

ٽي قدم اڳتي
ٽي قدم پوئتي
مان هِت ڦِران، هُت ڦران (ڪِرو ڪسُوم)
انڪري مان جهومان ٿو

ٻه قدم اڳتي
ٻه قدم پوئتي
مان هِت ٽپان، هُت ٽپان
انڪري مان جهومان ٿو

هڪ قدم اڳتي
هڪ قدم پوئتي
هِت ڌڌڪو، هُت ڌڌڪو
انڪري مان جهومان ٿو
(هنن ٻولن ۾ سلوواڪيا جي هڪ ڊانس Kroksum يا ڪِروڪسُوم جو لفظ استعمال ٿيل آهي جيڪا هڪ ڊانس جي ٽيڪنڪ آهي ۽ ان جو رڌم يا قدمن جي چال هن ريت آهي... ۱..۲.۳...۲..۲.۳... ۳..۲.۳...۴..۲.۳... هِڪ..ٻه..ٽي...ٻه..ٻه..ٽي... ٽي..ٻه..ٽي... چار..ٻه..ٽي...
انکان پوءِ وري مختلف شهرن جا ٽولا ناچ ڪندا رهيا، سندن ناچ مجموعي جي صورت ۾ ٿين ٿا. ٽولي ۾ يا جوڙي جي صورت ۾ اهي ناڄ آهن، جن ۾ ڪن ناچن ۾ ته هڪٻئي جو هٿ پڪڙي ڊانس ڪن ٿا نه انهن لوڪ ڊانسن ۾ گھڻو ڪري عورت ۽ مرد، پارٽنر جي صورت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ڊانس ڪن ٿا.
سندن روايتي سازن ۾ وائلن، بيس، بانسري، شامل آهي جڏهن ته ڪن هنڌن تي مون هنن کي چنگ نما هڪ ساز به وڄائيندي ڏٺو. سندن هڪ ٻيو ساز فويارا ٿئي ٿو، جيڪو هڪ وڏي بين وانگر ٿئي ٿو، ان جي ڊيگھه ساڍن پنجن کان ساڍن ڇهن ڦوٽن تائين ٿئي ٿي. اهو ساز ريڍارن جو ليکيو ويندو آهي. بهرحال رنگن، سازن ۽ رڌم جو هڪ اهڙو ماحول هيو، جيڪو ماڻهو کي هڪ اهڙي جهان ڏانهن وٺي پئي ويو جتي رڳو سونهن ۽ موسيقي هئي.
جڏهن اسان وٽ ٻيو ڀيرو ٽوپي ڊي ملهايو پئي ويو، ته مون پنهنجي فيس بوڪ پيج تي ان ميلي (جنهنکي کي ويخودنا فوڪ فيسٽيول سڏيو ٿو وڃي) جا فوٽو رکيا هيا ۽ ان ميلي جي باري ۾ پوري ڄاڻ به رکي هئي، ان ۾ منهنجو چوڻ هيو ته ڇا ان ڏينهن کي رڳو ريلين، يا گانن جي بچاءِ هڪ ڏينهن جي ثقافتي ميلي ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگھجي؟ جنهن ۾ نه رڳو لوڪ گيت هجن، لوڪ کاڌا هجن، لوڪ رانديون هجن پر مختلف اصلي هنرن جي نمائش پڻ هجي. ان سان اسان پنهنجن نوجوانن کي ان طرف مائل ڪري سگهنداسين ۽ لوڪ فنڪارن ۽ ثقافت جي مالڪي به ڪري سگھنداسين. نه ته اسان سال به سال، ريلين واري جذباتيت کي گھٽائيندا وينداسين، جيڪو هڪ قدرتي عمل آهي. آخرڪار، ڪنهن کي اهو ڏينهن به ياد نه رهندو، پر جي ان ان کي هڪ ثقافتي ڏڻ طور تي ملهايون ته شايد اسان انکي قائم به رکي سگھنداسين ۽ ان مان هڪ لاڀائتو ڪم به وٺي سگھنداسين.


No comments:

Post a Comment