Saturday, November 09, 2013

آئرش قوم تاريخ مان سبق سکيو آهي ڊاڪٽر مشتاق سومرو

آئرش قوم تاريخ مان سبق سکيو آهي
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
يورپ کنڊ جي زمين، جتي هڪ ملڪ سرحد طور ٻئي سان ڳنڍيل آهي. جتي اولهه طرف ختم ٿو ٿئي، ته اتي فرانس جو سامونڊي ڪنارو ٿو اچي وڃي. اتان ئي ٿورو ويجهو سمنڊ ۾ ٻه وڏا ٻيٽ موجود آهن. هڪ آهي برطانيا، جيڪو فرانس کي ايترو ويجهو آهي. تنھنڪري سمنڊ جي تَري جي به هيٺان سِرنگ کوٽي لنڊن کان فرانس ۽ ٻئي يورپ طرف تيز رفتار ٽرين سروس هلائي اٿن. ٻيو ٻيٽ برطانيا جي ڀر ۾ آهي؛ آئرلينڊ، جتي يورپ جون حدون ختم آهن. برطانيا جو ملڪ، آئرلينڊ کان پکيڙ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو آهي، پر آباديءَ جي لحاظ کان تمام وڏو آهي. برطانيا جي آبادي تقريباً ساڍا ڇهه ڪروڙ آهي پر آئرلينڊ جي مورڳو چوئيتاليهه لک. ڏيڍ سئو سال کن اڳ واري زماني ۾، آئرلينڊ ۾ اَسي لک ماڻهو رهندا هئا، جيڪي گهٽبا ويا ۽ انگ وڃي ۴۴ لک تي پهتو آهي.

ڪهڙو سبب آهي جو دنيا جي سڀني ملڪن جي آبادي وڌي آهي پر آئرلينڊ جي آبادي گهٽ ٿي وئي آهي. ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي خطي جي تاريخ اُٿلائڻي پوندي. ڏيڍ سؤ سال کن اڳ آئرلينڊ جي ملڪ تي پڻ برطانوي بادشاهت جو تسلط هو. ملڪ جون زرخيز زمينون وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ هيون، جيڪي گهڻو ڪري لنڊن جي آسپاس رهندا هئا ۽ گهر ويٺي هارين جي ڪيل محنت مزدوريءَ جو کٽيو پيا کائيندا هئا. ان وقت جي يورپ ۾ آئرش هارين جي اقتصادي حالت ڏاڍي خراب هئي. سياست ۾ پڻ انهن وڏيرن جو گهڻو اثر رسوخ هو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اڪثر ميمبر پڻ وڏا زميندا هئا، جن جي دلچسپي رڳو هارين جي محنت سان پيدا ڪيل دولت تي عياشي ڪرڻ هئي. ملڪ جي ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ پٽاٽي جو فصل تمام اهم هو. سو ان دور ۾ پٽاٽي جي فصل کي اچي ڪِيڙو لڳو ۽ سمورو فصل سڙي ويو. جيڪو سلسلو ايندڙ ڪجهه سالن تائين جاري رهيو. نتيجي طور ملڪ ۾ سخت ڏُڪار پيو. جنهن ۾ ڏهه لک ماڻهو مري ويا ۽ ويهه لک ماڻهو ملڪ ڇڏي برطانيه، آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن ڏانهن روانا ٿيا. باقي جيڪي ماڻهو بچي ويا، انهن ڏکن ۽ تڪليفن جو سمنڊ پار ڪري وڏا سبق سکيا ۽ قومي تحريڪ کي زور وٺرايائون. نيٺ ڪئين ڏهائين جي جدوجهد کانپوءِ برطانوي تسلط کان آزادي وٺي، ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي نالي سان پنهنجي جدا رياست قائم ڪيائون. سُجاڳي ۽ تعليم وڌندي وئي. وڏيرا شاهي نظام جو خاتمو ڪيو ويو ۽ زمين جا مالڪ ان جا کيڙيندڙ هاري ٿيا ۽ ملڪ يورپ جي خوشحال ۽ امير ملڪن جي قطار ۾ بيهي رهيو. اڄ آئرلينڊ ۾ بجلي، پاڻي، صفائي، روشني، صحت، اسڪول ۽ امن امان جو ڪو به مسئلو نه آهي. ملڪ جي ۶۷% سيڪڙو زمين چهچ سائي گاهه يا ڇٻر سان ڍڪيل آهي، تازو ئي يورپ جي سروي ڪندڙ هڪ اداري آئرلينڊ کي Garden of Europe ”يورپ جو باغ“ جو خطاب ڏنو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر سال يورپ جا به لکين سياح هتي جي ساوڪ، ٻهراڙيون ۽ قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. جن ماڻهن کي روزگار نه آهي، انهن کي به باقاعده هر هفتي بيروزگاري الائونس ملندو آهي. هتي موجود هر ٻار کي سرڪار طرفان پاڪيٽ مني يا خرچي هر مهيني باقاعده ملندي آهي. ننڍڙي ملڪ آئرلينڊ ۾ هن وقت ڪارن جو تعداد ويهه لک آهي ۽ سراسري طور هر گهر ۾ ٻه ڪارون موجود آهن. آئرلينڊ جي آزاد رياست جو بنياد جمهوري اصولن تي رکيو ويو ۽ مقرر وقت تي باقاعدي چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن کي ڏيڻ جي جيڪا روايت وڌي وئي، سا هاڻي مضبوط ٿي چڪي آهي. هن سال مارچ مهيني ۾ اسانجي سڄي ڪٽنب کي آئرش قوميت جي سَندَ ڏني وئي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي گاديءَ واري شهر ڊبلن ۾ هڪ تمام وڏي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. آئرش قوم ۽ رياست سان وفادار رهڻ جو قسم کڻايو ويو. ان سان گڏ اهو واعدو پڻ ورتو ويو ته ”اسان آئرلينڊ جي جمهوري روايتن جو احترام ڪنداسين ۽ ان جي حفاظت پڻ ڪنداسين.“ هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج، ان ڏينهن قوميت وٺڻ وارن سڀني ماڻهن کي قسم کڻايو. بعد ۾ هڪ شاندار تقرير ڪري چيائين؛ ”مان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي آئرش آهيان، پنهنجي زندگي انصاف جي فراهميءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيم. تمام وڏن ۽ اهم عهدن تي ڪم ڪيو اٿم پر توهان سڀني کي يقين ٿو ڏياريان ته، اڄ کان وٺي هن ملڪ تي توهان جا حق ۽ منهنجا حق بلڪل ساڳيا آهن. توهان سڀ ۽ مان آئرلينڊ جا هڪ جهڙا شهري آهيون.“
هتي يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ امن پسند ۽ ٽيڪس ڏيندڙ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي پنج سال گذارڻ کانپوءِ قوميت ۽ پاسپورٽ جي درخواست ڏيڻ جي لائق سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ گذريل اٺن ڏهن سالن ۾ لکن جي تعداد ۾ ٻاهرين ماڻهن، جن ۾ هڪ وڏو تعداد پاڪتسانين جو پڻ آهي، کي پاسپورٽ ڏئي چڪا آهن.

ڪجهه ڏينهن پهرين اسانجي دوست مارٽن جي گهر واري ميري Mary (جيڪا هتي پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي) فون ڪئي ته، ”اسان وٽ ايشيا جا ڪجهه ٻار گهمڻ آيا آهن، سو اڄ شام توهان جي ٻارن سان ملاقات لاءِ وٺي اينديس.“ شام جو ٻه ننڍا ڇوڪرا جيڪي ڏکڻ ڪوريا مان آيل هئا، تن کي وٺي آئي، جن اسان جي ٻارن سان ڪافي دير راند ڪئي. ڏاڍا سلڇڻا ۽ هوشيار ڇوڪرا هئا. انگريزي ڪجهه ڪچي هئن. ڳالهه ٻولهه ڪندي خبر پئي ته ڪوريا مان کاڌي پيتي جو گهڻو سامان پڻ سان کڻي آيا آهن. ميري Mary ڀوڳن واري انداز ۾ چيو ته، ”هنن ڪوريا ۾ آئرلينڊ جي تاريخ پڙهندي، رڳو آئرلينڊ جي ڏڪار وارو باب ياد ڪيو، سو سمجهيائون ته آئرلينڊ ۾ اڃا به ڏُڪار هوندو سو پنهنجي کاڌي جو بندوبست چڱيءَ طرح ڪري آيا آهن!“.

No comments:

Post a Comment