Monday, November 25, 2013

لنڊن جا سنڌي، روزگار جا موقعا ۽ شهزاديءَ جا اڇا وار - سهيل ميمڻ

لنڊن جا سنڌي، روزگار جا موقعا ۽ شهزاديءَ جا اڇا وار!
NOTES FROM LONDON
سهيل ميمڻ
لنڊن ۾ هاڻي ڪافي سنڌي نوجوان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن مان قانون واري شعبي ۾ وڌيڪ آهن. برطانيه ۾ تعليم تمام مهانگي آهي. ان ڪري سنڌ ۾ جن جو خيال اهو  آهي ته، انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران تعليم جي فِي ۽ رهڻ ڪرڻ جا خرچ اُتي لنڊن ۾ ئي نوڪري ڪري پورا ڪري سگهجن ٿا، انهن لاءِ خبر اها آهي ته، اهو تقريبن ناممڪن عمل ٿي ويو آهي. انگلينڊ ۾ اڳي ئي نوڪريون گهٽ هيون، مٿان وري سڄي يورپ مان خاص ڪري اوڀر يورپ جي غريب ملڪن مان ماڻهو اچي برطانيه ۽ خاص ڪري لنڊن ۾ ڪَڙڪيا آهن، ان ڪري اڳ جيڪو مزدوريءَ جهڙو ڪم ڪار ملندو هو، اڄڪلهه اهو به نه ٿو ملي. ان صورتحال ۾ به جيڪي سنڌي نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ روزگار به ڪن ٿا، انهن جي محنت جَس لهڻي. انهن مان ڏينهن رات جي محنت ڪري تمام ٿورن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌين ننڍا وڏا ڪاروبار به ڪيا آهن. قمبر جي مجيب ميتلو، علي گل ميتلو ۽  امير ابڙو جو ”ميتلو واچز“ جي نالي وارو دڪان ننڍي ڪاروبار ۾ ڪاميابيءَ جو هڪ موچارو مثال آهي. جيڪو هاڻي وڌي وَڻ ٿي ويو آهي ۽ لنڊن جي مشهور ڪيمڊن اسٽريٽ تي ”ميتلو آف لنڊن“ جي نالي جا ٽي وڏا سوينئر (گفٽ) وڪڻڻ وارا دُڪان، مجيب ميتلي پاران ۲۰ سال اڳ لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي بيٺي پير گهڙيون وڪڻڻ واري محنت واري سفر ۽ جدوجهد جو سُٺو مثال آهن.
لنڊن ۾ ننڍي ڪاروبار ۾ ڪاميابيءَ جو هڪ مثال لاڙڪاڻي ضلعي جو شفيق شاهاڻي به آهي. ان نوجوان بيوٽي شاپس جي بزنس ۾ پنهنجي گهرواريءَ سان گڏجي ڪافي محنت ڪئي آهي ۽ هن مهل لنڊن ۾ سندن ڪاربار جون ۱۰ شاخون آهن. قمبر جي ئي هڪ ٻئي نوجوان سجاد پٺاڻ ”قمبر سوينئر“ نالي هڪ ننڍڙو دڪان لنڊن جي ايجويئر روڊ جي پريڊ اسٽريٽ تي کوليو آهي. هو تعليم سان گڏ ان دڪان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. انهيءَ شهر جو ئي ۲۸ سالن جو ڪمليش جيسواڻي پڻ نوجوانن لاءِ محنت جو هڪ مثال آهي. هو تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪري ٿو. ٽيوشن پڙهائڻ کان وٺي اسٽورن تي محنت مزدوري ڪرڻ دوران ڪمليش ٻه سال لنڊن جي ٽرين ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ کي ريل ۾ ٽڪيٽن چيڪ ڪرڻ لاءِ مليل ٺيڪي دوران ٽرين ۾ بغير ٽيڪٽ سفر ڪرڻ وارن جي چيڪنگ جو ڪم پڻ ڪيو. ڪمليش ٻڌايو ته، انهن ٻن سالن دوران کيس سوين سنڌي، ٽيوب ۽ ٽرين ۾ سفر ڪندي مليا، جن مان هڪ به بغير ٽڪيٽ جي نه هو. پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ”مهذب“ سڏرائيندَڙ ۽ شهرن ۾ رهندڙ ”همراههَ“ توڙي پنجاب جا چار پنج اهڙا همراهه روزانو ملندا هئا، جيڪي بغير ٽڪيٽ هوندا هئا ۽ مٿن ڏنڊ جي سزا پوندي هئي.


سنڌي سنگت آف يو-ڪي، نرسنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارن سنڌين جي تنظيم آهي، بريڊ فورڊ، برمنگهم، مانچسٽر ۽ شيفيلڊ واري پاسي نرسنگ جي شعبي ۾ انهن جون نوڪريون آهن. اٺ  ڏهه سال اڳ برطانيه کي نرسز جي ضرورت پئي، ته انهن ٻاهرين ملڪن مان نرسز گهرايا. ان ۾ ئي ڏسندي ئي ڏسندي سَٺ سَتر سنڌي نوجوانن کانسواءِ ٻه چار فيميل نرسز به آهن، برطانيه پهچي ويا ۽ ان شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. برطانيه ۾ نرسز جي شعبي ۾ ماڻهو وڌي ويا، ته حڪومت ان نوڪريءَ ۾ برطانيه ۾ اچڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو امتحان (IELTS) ساڍا ڇَهه يا سَت جي اسڪور سان ضروري قرار ڏنو. سنڌي سنگت آف يو-ڪي جا سرگرم دوست برطانيه  ۾ نرسز جي  شعبي ۾ پهتل توڙي سنڌ مان ان شعبي ۾ برطانيا پهچڻ جي خواهشمندن جي هر ممڪن رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته، برطانيه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نرسز جي کوٽ پيدا ٿئي پئي ۽ سال ڏيڍ اندر نوڪرين جون ڪافي جايون پيدا ٿينديون ۽ ان لاءِ سنڌي نرسز مرد توڙي عورتون، انگريزيءَ جي امتحان (IELTS) ۾ بهتر اسڪور لاءِ تياري ڪن. برطانيه ۾ ڪافي سنڌي نرسز هن وقت برطانيه جي صحت جي شعبي ۾ سرڪاري ملازم آهن.
ميڊيا جون خبرون ۽ احوال سڄي دنيا ۾ ئي عجيب آهن. ڪجهه ڏينهن پهرين برطانيه جي هڪ تمام وڏي اخبار جي مک سُرخي هئي ته، برطانوي شهزادي وليم جي زال ڪيٽ مڊلٽن جي مٿي ۾ ”اڇا وار پئجي ويا آهن“ خبر سان گڏ شهزاديءَ جي منهن ۽ مٿي جو فڪس ڪيل وڏو فوٽو هو، جنهن ۾ شهزاديءَ جي سُنهري وارن ۾ اڇن وارن کي باڪس ڏئي چٽو ڪيو ويو هو.
اسلام ڪوٽ، ٿر جو ڊاڪٽر جامن داس ڪافي سالن کان برطانيه ۾ رهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي راڳ ۽ موسيقيءَ جو عاشق آهي، پاڻ به ڪيترائي سنڌي سازَ وڄائيندو آهي. پنهنجي ڌِيءَ وَرشا تي ڪافي محنت ڪيائين، ته هُوءَ سنڌي راڳ ڳائي. ورشا، برطانيا ۾ سنڌين جي پروگرامن ۾ ڳائيندي به هئي پر هن جي شادي ٿي وئي ۽ هُوءَ دُبئي هلي وئي ۽ نوڪريءَ ۾ مصروف هجڻ ڪري راڳ جاري نه رکي سگهي. ان ڪري ڊاڪٽر منجاڻي جو اهو خواب پورو نه ٿيو. ڊاڪٽر منجاڻيءَ سان منهنجي دوستي گذريل چوڏهن سالن کان آهي.
ڊاڪٽر منجاڻي تاريخ مان هڪ خوبصورت ڳالهه ونڊيندي ٻڌايو ته، سَٺ جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هڪ ڏينهن ريل ۾ ڪراچيءَ کان ميرپورخاص پئي ويس. سفر دوران شيخ اياز جو ترجمو ڪيل ”شاهه جو رسالو“ پئي پڙهيم. ان ۾ اردو بجاءِ گهڻا لفظ هنديءَ جا آهن. مون کي ترجمي مزو نه ڏنو ۽ مون ڪتاب کڻي بند ڪيو. سامهون ويٺل بُزرگ پڇيو؛ ”ڪيا هُوا بهائي، ڪتاب ني مزا نهين ديا؟“ مون کيس چيو ته؛ ”نهين ايسي بات نهين.“ هن چيو ته، ”يه ڪتاب واقعي ۾ مزا نهين ديگي آپکو!“ ته ڊاڪٽر منجاڻي چيو ته، مون پڇيومانس؛ ”تون ايتري وثوق سان اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين؟“ ته هن چيو؛ ”ان لاءِ جو ان ڪتاب جو ”مهاڳ“ ئي منهنجو لکيل آهي.“ ۽ پوءِ جو مون غور ڪيو، ته اهو مون سان گڏ ويٺل همراهه باباءِ اُردو مولوي عبدالحق هو. هن وڌيڪ چيو ته، ”شاهه لطيف کي ٻي زبان ۾ ان جي شاعريءَ جي گهرائيءَ جهڙو ترجمو ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ان لاءِ هن شاهه جي رسالي مان صرف هڪ مثال ڏيندي چيو ته، شاهه صاحب اُٺَ لاءِ ۸۳ نالا استعمال ڪيا آهن، جڏهن ته اردوءَ ۾ اُٺَ لاءِ صرف هڪ ئي لفظ ”اونٽ“ ئي آهي. پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته، شاهه سائينءَ جي ڪلام جو اهڙو ترجمو ڪيئن ٿي سگهي ٿو“.



رسالي جو اردو مهاڳ ۽ اٺ جا ۸۳ نالا!
اياز عالم ابڙو
تاريخ ۲۲ نومبر ۲۰۱۳ع تي لنڊن مان سُهيل ميمڻ جو ”لنڊن جا سنڌي، روزگار جا موقعا ۽ شهزاديءَ جا اڇا وار“ جي عنوان سان مضمون نظر مان گذريو. جنهن ۾ اتر-ڏکڻ سنڌ جي پرين پيارن ۽ پورهيتن بابت لاڀائتو احوال مليو پر سُهيل ميمڻ اسلام ڪوٽ (ٿر) جي ڊاڪٽر جامن داس منجاڻي سان ڪيل رهاڻ دوران شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي واري ”مهاڳ“ بابت جيڪا ڄاڻ ورتي سا صحيح ناهي. جنهن لاءِ سُهيل ميمڻ لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر منجاڻي تاريخ مان هڪ خوبصورت ڳالهه ونڊيندي ٻڌايو ته، سَٺ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڪراچيءَ کان ميرپورخاص ريل ۾ سفر دوران سندس ملاقات باباءِ اردو مولوي عبدالحق سان ٿي، جنهن ٻڌايو ته، هن شيخ اياز جي ترجمي ڪيل ”شاهه جي رسالي جو اردو مهاڳ لکيو آهي.“ پر اها ڳالهه صحيح ناهي. ۱۹۵۲ع ۾ پاڪستان جي مرڪزي وزارت سنڌ يونيورسٽيءَ کي ٻه علمي ادبي ڪم سونپيا، جنهن تحت سنڌي ٻوليءَ ۾ الف ب وار لغاتن جي ترتيب ۽ شاهه جي ڪلام جو اردو منظوم ترجمو شامل هئا. ان دور ۾ علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، جنهن اهو ڪم پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي ڪيو. ان حوالي سان راشدي صاحب جن به اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان مشاورت ڪئي، تن ۾ باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو نالو يا حوالو ڪٿي به نظر نٿو اچي.
شيخ اياز جو ڪيل شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو، ڇاپو پهريون ۱۹۶۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ان دور ۾ رضي الدين صديقي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو. تنهن رسالي جي اردو ترجمي بابت پيش لفظ لکندي پير حسام الدين راشديءَ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ شيخ اياز کانپوءِ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال مخدوم امير احمد جو حوالو ڏيندي لکيو ته، مخدوم صاحب شاهه جي رسالي جو اردوءَ ۾ نثري ترجمو ڪيو، ته جيئن منظوم ترجمو ڪرڻ وقت ان کان مدد وٺجي. (اهو نثري ترجمو گُم آهي) جنهن بعد اردو شاعر حفيظ هوشيارپوري ۽ نامور اسڪالر ۽ روحاني شخصيت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سربراهه شعبهء اردو سنڌ يونيورسٽي جا نالا ۽ حوالا ملن ٿا، جن رسالي جي نثري اردو ترجمي تي مستند ۽ تنقيدي نظر وڌي ۽ ان جي اڳڀرائي ڪئي. راشدي صاحب ٻه اکر لکندي قاضي احمد ميان اختر جونا ڳڙهي (سنڌ يونيورسٽي شعبهء تاريخ جي سربراهه) جو حوالو ڏيندي لکيو ته، قاضي احمد ميان رسالي جي ڪم جي شروعاتي مرحلن ۾ اڳڀرائي ۽ رهنمائي ڪئي.

ڊاڪٽر منجاڻي لنڊن ۾ ٿو رهي، کيس جَس هجي جو هو شاهه لطيف رحه ۽ سنڌ جي راڳ، ساز ۽ ثقافت سان نِيهه لايو ويٺو آهي. (رسالي جي اردو ترجمي ۽ ان جي مهاڳ بابت سندس ڏنل ڄاڻ کي تاريخي حوالي سان درست ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو) هتي سنڌ ۾ شيخ اياز جي ڪيل ان منظوم ترجمي بابت به وقتًا فوقتًا ڪافي ڇڪتاڻ ٿيندي رهي ٿي. حالانڪ شيخ اياز رسالي جي ترجمي ۾ ٿورا مڃيندي ”آفاق صديقي“ جو حوالو ڏنو آهي ته، آفاق صديقي ترجمي دوران وڏو ساٿ ڏنو ۽ سهڪار ڪيو پر ڪڏهن ڪڏهن (سنڌ ۾) اهو بحث به ڇِڙي پوي ٿو ته، شاهه جي رسالي جو ترجمو آفاق صديقي ڪيو آهي. ائين اسان جي دوست منوج ڪمار هڪ دفعي ڪاوش ۾ ڪالم لکيو، ڄڻ ته کَکَر ۾ کَڙو لڳو. حالانڪه، شيخ اياز ۳۰ جولاءِ ۱۹۵۵ع ۾ محمد ابراهيم جويي کي هڪ خط لکيو ته، آفاق صديقي ترجمي ۾ ڪافي مدد ڪرائي رهيو آهي، کيس پئسن جي ضرورت آهي. کيس ڪجهه رقم موڪليو. کيس معاشي فڪر نه رهندو. (ان خط جو عڪس، شيخ اياز جا هٿ اکر، ڪاوش ۲ مارچ ۲۰۱۱ع ۾ ڇپيو آهي) هنن سِٽن لکڻ دوران منهنجي سامهون شيخ اياز جو ڪيل شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڇاپو چوٿون (سنڌيڪا اڪيڊمي) موجود آهي، جنهن جو مهاڳ فهميده رياض لکيو آهي. ڪٿي به باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو نالو نظر نٿو اچي. رسالي جو اصل روح شيخ اياز جو لکيل مهاڳ آهي. ڊاڪٽر منجاڻي، شاهه جي رسالي مان هڪ مثال ڏيندي ڄاڻايو ته، شاهه صاحب ”اُٺَ“ لاءِ ۸۳ نالا استعمال ڪيا آهن، جڏهن ته اردوءَ ۾ اُٺَ جو ترجمو هڪڙو ئي لفظ ”اونٺ“ استعمال ٿيندو. پر شاهه سائين جي رسالي ۾ اُٺ سميت ۲۱ (ايڪيهه) نالا ملن ٿا. جيڪي سر ديسي، کنڀات، حُسيني، ڪوهياري، معذوري ۽ مومل راڻو ۾ موجود آهن، اهي نالا آهن، اُٺ، بوتو، ڀور، توڏو، پربت، جهاز، چانگو، ڏاگهو، شتر، روڏو، دوئڪ، ڪرهو، ڪرهل، ڪنواٺ، گنگو، گونگو، گورو، ليڙو، مهري، ميو ۽ ناقو (ڏسو لطيفي انسائيڪلو پيڊيا، مرتب: بدر ڌامراهه).

No comments:

Post a Comment