Sunday, December 01, 2013

ڪجهه ذڪر بيڪنگهم پئلس جو - عبدالحي پليجو

ڪجهه ذڪر بيڪنگهم پئلس جو
عبدالحي پليجو
سن ۱۸۳۷ع ۾ بڪنگهم محل ۾ پهرئين حڪمران جي حيثيت ۾ راڻي وڪٽوريا پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن محل جي اڏاوت ۾ هڪ ڀيرو وري به ڪجهه تبديلي آندي وئي. جنهن موجب محل جو گيٽ پنهنجي اصلوڪي جڳهه کان هٽائي، ٽائيرن نالي ٻي جڳهه وٽ کڙو ڪيو ويو. جتي اڃا تائين اهو ماربل آرچ جي نالي سان موجود آهي. اڄڪلهه بڪنگهم محل نه فقط راڻي ۽ ايڊن برگ واري ڊيوڪ جي گهر طور ڪم اچي ٿو پر اهو شاهي انتظاميه جي دفتر طور پڻ استعمال ٿئي ٿو. اونهاري جي مُند ۾ محل جي گارڊ جي تبديليءَ واري رسم، محل جي اڳئين پاسي کان عمل ۾ ايندي آهي، جيڪا هر عام ۽ خاص ڏسي سگهي ٿو. لنڊن وڃڻ دوران آ اُها تقريب ٻارن کي ضرور ڏيکاريندو هئس. هي محل برطانوي آئيني بادشاهت جو دفتر توڙي مرڪز جي حيثيت جو حامل آهي ۽ سندس شاندار اڳياڙي پوري دنيا جي عمارتن ۾ نرالي آهي. هن محل ۾ ڊيوڪ، راڻي ۽ سندس ڪٽنب جي روزاني ڪمن ڪارن لاءِ مقرر ملازمن جا دفتر موجود آهن. هتي ڪيتريون ئي سرڪاري شاهي تقريبون منعقد ٿينديون آهن، انهن تقريبات جو انتظام شاهي انتظاميه طرفان ٿيندو آهي.


اڏاوت ۾ محل ته تمام وڏي عمارت آهي پر انهيءَ جا اسٽيٽ رومس راڻي ۽ شاهي خاندان جي گهڻي استعمال هيٺ آهن. هتي هر سال تقريبن پنجاهه هزارن کان به وڌيڪ تعداد ۾ شاهي مهمان استقباليه ضيافات، انعامات ۽ ٻين تقريبات ۾ شموليت لاءِ ايندا آهن. گُهمندڙن کي محل جي ڪن ڀاڱن جي اجازت آهي، اسان به ٻين سياحن سان گڏ ڪافي فوٽو ڪڍيا. هن محل اندر کائڻ پيئڻ جي اجازت ڪانهي، سو مِنا کي چيم ته، هاڻ هلڻ واري ڪريون، چيائين ته اڃا گهمون ٿا. محل جي گارڊ جي تبديليءَ واري تقريب پهرين اپريل کان جولاءِ جي شروعات تائين روزانو ۽ سال جي باقي عرصي ۾ هر ٻئي ڏينهن عمل ۾ ايندي آهي. انهيءَ تقريب کي ڏسڻ لاءِ توهانکي انهيءَ وقت هزارين ماڻهو ملندا. شاهي محلن تي مقرر فوجن، بادشاهه سلامت ۽ سندن محل محلاتن جي حفاظت سن ۱۶۶۰ع کان وٺي پئي ڪئي آهي. راڻيءَ جي حفاظتي جٿي ۾ شامل پيادل سپاهين کي پهريل فوجي پوشاڪ سُرخ ٽيونڪس ۽ رِڇَ جي کَلَ جي ٺهيل هوندي آهي. محل جي گارڊ جي تبديليءَ واري تقريب اٽڪل مُنو ڪلاڪ وٺي ٿي، جنهن دوران ڊيوٽيءَ تي چڙهندڙ گارڊ ويلنگٽن بيرڪن مان بئنڊ وڄندي محل ڏانهن ايندو آهي. جتي پهچندي اهو حاضر گارڊ کي بيدخل ڪندو آهي. بيدخل ٿيندڙ گارڊ وارو جٿو واپس بيرڪن ڏانهن ويندو آهي.
بڪنگهم محل هڪڙي مخصوص وڻراهه سان گهيريل آهي. اها وڻراهه محل کان مشهور چارنگ ڪراس تائين وڃي ٿي. چارنگ ڪراس لنڊن شهر جو قديم مرڪز آهي. سڄي شهر جا مختلف طرفن کان مفاصلا هن هنڌ وٽان ماپيا ويندا هئا، يعني شهر جو زيرو ميل آهي. جيئن ڪراچيءَ جو زيرو ميل ميٽروپول وٽان شروع ٿيندو آهي ۽ ٺٽي ڪراچيءَ جو مفاصلو غلط لکيل آهي پر ڪنهن انهيءَ طرف ڌيان ڪونه ڏنو آهي. مٿي ڄاڻايل وڻراهه تي پٿرن ۽ سيمينٽ سان ٺاهيل زمين جي سطح کان مٿي اڀريل لائين آهي. انهيءَ کي الائنمينٽ يا لي لائين ڪوٺين ٿا. تنهن کي سنڌيءَ ۾ ٻجرو چئي سگهجي ٿو. اها لائين بڪنگهم پئلس کان ٿيندي ٻين طرفن ڏانهن به وڃي ٿي، مثال طور، اها لائين ڏکڻ اولهه طرف ويندي پهرين ٻن ڪليسائن ۽ سينٽ ليوس واري چيلسي ڪليسا مان لنگهي ٿي. اُتان کان اڳتي اها فلهام محل مان پڻ گذري ٿي. اهو محل ڪيترين ئي صدين تائين لنڊن جي وڏن پادرين جي رهائشگاهه ٿي رهيو آهي. انهيءَ کانپوءِ اها لائين ٻن رائل پارڪن هڪ رچمونڊ پارڪ ۽ ٻئي بُشي پارڪ مان لنگهي ٿي. اها لائين سينٽ ميري واري چرچ کان ٿيندي، ٽيمس نديءَ جي ڪناري تي والٽن نالي ماڳ تي پهچي ٿي. تنهن کانپوءِ اها اوٽلينڊس محل، آل سينٽس چرچ، سڪس ڪراس روڊس ۽ هل ٽاپ پيرش چرچ وٽان گذرندي، وڃيو سينٽ ايڊورڊ دي مارٽر واري آرٿو ڊاڪس چرچ ۽ بروڪوڊ قبرستان وٽ ڇيهه ڪري ٿي. هي بڪنگهم محل سان وابسته لائين يا سڙڪ قديم لنڊن جي نشاندهي به ڪري ٿي. اهو انڪشاف هيئر فورڊ واري الفريڊ ويٽڪنس سن ۱۹۲۵ع ۾ ڪيو. اها لي لائين اٽڪل ۲۳ وکون ويڪري ڏٺي وئي آهي.
اسان هتي اڍائي ڪلاڪ کن گهمياسين. مِنا چيو ته، پئرس ۾ فرانس جي اڳوڻي بادشاهن جي رهڻ جي محلات ورسيلز هن کان تمام سُٺي ۽ پروقار ٿي لڳي. مون مِنا کي چيو ته، فرانس اڄ به انگلينڊ کان وڌيڪ شاهوڪار ۽ امير مُلڪ آهي. اهو نه صرف هن محل مان پر ملڪ ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سونهن سوڀيا، نفاست ۽ نزاڪت مان به محسوس ٿئي ٿو، ته فرانس انگلينڊ کان وڌيڪ امير ملڪ آهي.
بڪنگهم پيلس، جنهن ۾ ويهي انگريز حاڪمن
1.     فاتح وليئم
2.     بادشاهه جان
3.     هينريVIII  .
4.     ايلزبيٿ اول
5.     اوليور ڪرام ويل
6.     وليئم پِٽ (وڏو)
7.     وليئم پٽ (ننڍو)
8.     وليئم ولبر
9.     ويلنگنٽن
10. راڻي وڪٽوريا
11. راڻي ايلز بيٿ....
انهن بادشاهن ۽ راڻين سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي. يعني آسٽريليا کان آمريڪا تائين سَون سالن تائين هنن بادشاهن هن محل مان ويهي حڪم هلايا. ڇا نه شان هوندو هن محل جو، پر اڄ ٽڪي جي ٽڪيٽ تي هر ماڻهو هن محل جو ديدار ڪن ٿا. جتي اڳ ڪن ملڪن جي بادشاهن کي به اچڻ جي اجازت نه هئي.
 اسان بڪنگهم پيلس مان ٻاهر نڪري پنڌ ئي پنڌ، ٿورو ئي اڳيان هڪ شاهي ڍنڍ، جيڪا به شاهي محل جي وچ ۾ انهن جو ئي هڪ حصو آهي، تنهن جي ڪپرن تي پيل بئنچن تي ڪجهه دير لاءِ ويهي رهياسين. وچ شهر ۾ هوندي به ڪافي وڏي ڍنڍ آهي. جنهن ۾ خوبصورت بوٽس ۾ سياح گهمي ڦري رهيا هئا. ڍنڍ ۾ بَدَڪون ۽ ٻيا پکي به پاڻيءَ ۾ تري ۽ اُڏري رهيا آهن. اسان اڳ به هن ڍنڍ تي اچي چُڪا آهيون پر اڄ ڪجهه وڌيڪ گهما گهمي نظر اچي رهي آهي. شايد موڪل جي ڪري. آچر ۽ ڇنڇر جا ڏينهن يورپ ۽ آمريڪا ۾ مڪمل موڪل هوندي آهي پر ڇنڇر جي بنسبت آچر کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ترجيح وڌيڪ ڏين ٿا. آچر کانسواءِ ٻين موڪلن جي ڏينهن ۾ به انگلينڊ ۾ بي پناهه رش نظر ايندي آهي.


No comments:

Post a Comment