Sunday, December 15, 2013

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي - الطاف شيخ

شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي...!
الطاف شيخ
گذريل ڏينهن هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. ”آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.“
”ڏاڍو سٺو.“ مون جواب ڏنومانس.
ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾، جِتي سندن مقامي ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، اُتي ڪنهن ڌارئين مُلڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ”پر سائين هڪ مسئلو آهي، جنهن بابت توهان کان پُڇڻو آهي.“ هن چيو.


”ڀلي پُڇو...... ڇا پگهار گهٽ ٿو لڳي؟“ مون چيو.
”نه. اها ڳالهه ناهي. اسان جي ڇوڪري کي هيپيٽائيٽس آهي پر اسان جي هڪ ڊاڪٽر چيو آهي ته، هو هن کي فِٽنيس جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيندو.“
”پر هو ته (يعني ملائيشيا وارا ته) پنهنجي مقرر ڪيل ڊاڪٽر جي رپورٽ قبول ڪندا ۽ جنهن بنا توهان جي پٽ کي ڪراچيءَ ۾ ملائيشيا جو قونصل خانو نوڪري ڪرڻ جي ”ورڪ ويزا“ هرگز نه ڏيندو.مون هن کي سمجھايو. دراصل ملائيشيا ۾ (توڙي ٻين ملڪن ۾) ڪنهن کي به نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ هن جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي وڃي ٿي، جيئن هن کي ڪا اهڙي بيماري ته نه آهي، جيڪا هن کي نوڪري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجھي سگهي يا اها ٻين کي بيمار ڪري سگهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته گهمڻ لاءِ وڃڻ جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ به ميڊيڪل تپاس ورتو وڃي ٿو. جيئن ايران وڃڻ لاءِ بلڊ ٽيسٽ ۽ ايڪسري ورتو وڃي ٿو...... ۽ هاڻ ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي اهو لکرائڻ به ضروري آهي ته، هن کي سلهه جهڙي ڪا بيماري ناهي.... ڇو جو سلهه هڪ وچڙندڙ بيماري آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن ۾ تمام عام ٿي پئي آهي.
فون ڪندڙ چيو ته، ”ملائيشيا وارن کي ڪهڙو اعتراض ته منهنجو پٽ ڪهڙي ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي اچي ٿو.“
ان تي مون هن کي سمجهايو ته، اهو ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ کڻي هلندو هجي پر اسان پاڪستانين لاءِ ڪيترن ملڪن اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه ڊاڪٽر يا اسپتالون مقرر ڪيون آهن، جن جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کي ئي مان ڏنو وڃي ٿو. جيئن ايران وارا عيسيٰ لئبارٽريز جي ئي ميڊيڪل رپورٽ قبول ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ملائيشيا وارن به ڊفينس سوسائٽيءَ جي تاج لئبارٽريءَ وارن کي مقرر ڪيو آهي ۽ هو فقط انهن جي ٽيسٽ رپورٽ قبول ڪن ٿا. انهن لئبارٽرين وارا رشوت جي چڪر ۾ هڪ صحتمند کي بيمار ڏيکاري Unfit ته ڪري سگهن ٿا پر ڪيڏي به رشوت تي هو بيمار کي fit هجڻ جو سرٽيفڪيٽ نٿا ڏئي سگهن. ڇو جو اسان جا نوڪري حاصل ڪندڙ نوجوان جڏهن ملائيشيا پهچن ٿا، ته مهيني ڏيڍ بعد هنن جو هڪ دفعو وري اُتي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ اُتي بيماريءَ جي خبر پوڻ تي ڪراچيءَ جي پئنل واري لئبارٽري يا ڊاڪٽر بليڪ لسٽ ٿي سگهي ٿو ۽ هو ڪمائيءَ کان هٿ ڌوئي ويهندا. اسان وارو همراهه شايد اهڙين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي ضِدَ تي قائم رهيو. چوڻ لڳو: ”ملائيشيا وارا (يعني جن هن جي پٽ کي نوڪري ڏني آهي اُهي) ته چون ٿا ته، ڪنهن به ڊاڪٽر کان ميڊيڪل فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچ.“
مون هن کي سمجھايو ته، ملائيشيا جي سرڪاري يا پرائيويٽ ڪمپني جڏهن نوڪريءَ جو خط توهان کي موڪلي ٿي، ته ان جي ڪاپي پاڪستان ۾ سندن سفارتخاني (ايمبسي/هاءِ ڪميشن/قونصل خاني) ڏانهن به موڪلي ٿي. توهان نوڪريءَ جو خط کڻي جڏهن سفارتخاني پاسپورٽ تي نوڪريءَ جي (Work Visa) لاءِ وڃو ٿا، ته هو توهان کي ڊاڪٽرن/ميڊيڪل لئبارٽريز جي لسٽ ڏين ٿا، ته انهن مان ڪنهن کان پنهنجو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ پاسپورٽ سان ملائي ڪوريئر سروس ذريعي هنن ڏانهن موڪليو.... ۽ پوءِ ئي هو پاسپورٽ تي ورڪ ويزا جو ٺَپو هڻي ڏين ٿا ۽ توهان ملائيشيا پهچي بنا خوف خطري جي ان ڪمپنيءَ وٽ نوڪري ڪري سگهو ٿا. پر ان ۾ به ڪيتريون ئي ٺڳيون ٿيڻ ڪري، هاڻ اهو قاعدو ڪڍيو ويو آهي ته، ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي پهچڻ تي توهان کي ائين نٿو ڇڏيو وڃي، جيستائين توهان کي نوڪري ڏيڻ واري ڪمپنيءَ جو مالڪ يا ان جو نمائندو ايئرپورٽ تي پهچي اميگريشن وارن کي خاطري ڏئي ته، هن جي ڪمپنيءَ نوڪري ڏني آهي ۽ هو هر قسم جي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار آهن.
مون هن همراهه کان پڇيو ته، هن کي نوڪريءَ جو خط ملي ويو آهي؟ ان تي هو مُنجھي پيو ۽ ٻڌايائين ته، اهو اڃان ڪونه مليو آهي. سندس مائٽ يا شايد دوست ملائيشيا ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. انهن آسرو ڏنو آهي ته، هو سندس ڇوڪري کي پاڻ وٽ يا ڪنهن ٻئي وٽ نوڪريءَ ۾ لڳائي ڇڏيندا.
”پوءِ کيس هتان ورڪ ويزا ڪيئن ملي سگهندي؟“ مون پڇيو.
”هنن چيو آهي ته، هي هِتان گهمڻ (Visit) جي ويزا وٺي اچي ۽ پوءِ هو اُتي ان جي ويزا جو status بدلائي ورڪ ويزا ڪرائي ڏيندا.“ هن چيو.
ساڻس وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران کيس ٻڌايم ته، اهي سڀ اَٽڪلون سَٽڪلون آهن ۽ ان ۾ وڏو Risk رهي ٿو ۽ اسان جي مجبور ۽ نوڪريءَ لاءِ پريشان ماڻهوءَ کي نوڪريءَ جا دلاسا ڏئي هڪ طرف هن کان پئسا ڦُريا وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف چڪاس ٿيڻ تي نوڪري ڏيڻ وارا ڀڄيو وڃن يا نَٽايو وڃن، غريب پرديسي جيل حوالي ٿيو وڃي ۽ پريشان مائٽ پڻ پري ويهي هن کي بچائي نه ٿا سگهن. اهڙيءَ طرح ميڊيڪل جي به ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي نوڪريءَ بدران پرديس ۾ سزائون ڪاٽڻيون پون ٿيون. اسانجي ملڪ ۾ ان قسم جون ٺڳيون ايتريون ته عام ٿي پيون آهن ۽ انهن تي وٺ پڪڙ يا عبرتناڪ سزائون نه هجڻ ڪري اسان جو ماڻهو نفسياتي طرح سمجھي ٿو ته، ٻين ملڪن ۾ به ائين پيو ڪم هلي ۽ هو هر حالت ۾ ڦٻجي ويندا پر ائين ناهي، ملائيشيا جهڙا ملڪ به اڄ نه پر اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن اهي يورپ جهڙا نه پر اسانجي ڪچي جي علائقي جي جهنگ جهڙا هئا، ته به هنن انصاف ۽ امن امان خاطر نه فقط قاعدا قانون سخت ڪيا پر ڏوهارين کي سخت سزائون ڏنائون، جيئن ڪو به غلط ڪم ڪرڻ جو سوچي نه سگهي. اهو ئي ته سبب آهي جو ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ سال ٿي ويا، پر پوليو، ٽائيفائيڊ يا مليريا جهڙيون بيماريون نه آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته، مڇر ته جام آهن پر مليريا بيماري پئدا ڪرڻ وارو جراثيم ناهي.

مونکي ياد آهي ته، اَسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندو هئس، ته ان آفيس ۾ هڪ ٻئي به پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي. هو ٻارن سان گڏ اُتي پهتو. موسم جي تبديليءَ يا ٿَڪاوٽ ڪري هن جي ڏهن سالن جي پٽ کي پهچڻ مهل بخار هو. بخار جو ٻڌي هِتي جي اميگريشن ۽ صحت کاتو پريشان ٿي ويا، ته هن کي مليريا ته ناهي. هِتي جي قانون مطابق هن ٻار کي ٽي ڏينهن الڳ (ڪئارنٽائين ۾) رکيو ويو، جيستائين پڪ ٿئي ته، هن کي مليريا ناهي. ڇو جو مليريا جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته، ڪو مڇر هن کي چڪ هڻي (يعني رت چوسي) ٻئي ماڻهوءَ ۾ داخل ڪري هن کي مليريا ڏئي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهڙيءَ طرح هن مان ٻه، ٻن مان چار مليريا جا مريض وڌي سگهن ٿا. اها ته آهي ۱۹۸۳ع يا ۱۹۸۴ع جي ڳالهه..... اڄ ۳۰ سالن کانپوءِ ته هو اڃان به وڌيڪ خبردار ٿي ويا آهن. ۽ جڏهن مليريا جهڙي بيماري به هنن لاءِ خطرناڪ آهي، ته هو ڪيئن چاهيندا ته، ڪو ڌاريون سلهه يا هيپيٽائيٽس جهڙيون بيماريون کڻي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿئي.

No comments:

Post a Comment