Sunday, December 22, 2013

پرديس پهچندڙن سان ٿيندڙ جٺيون - الطاف شيخ

پرديس پهچندڙن سان ٿيندڙ جٺيون
الطاف شيخ
پرديس ۾ جڏهن ڪو ماڻهو نوڪريءَ لاءِ پهچي ٿو، ته شروع جا ڏينهن ڏاڍو پريشانيءَ ۾ گذاري ٿو. ڀلي کڻي پهچڻ سان هن کي رهائش ۽ مهيني يا اڌ جو پگهار ائڊوانس ۾ ڏنو وڃي، ته به ڪيترين ئي ڳالهين جي کوٽ: جهڙوڪ، مائٽن مٽن کان دوري، موسم جي تبديلي، زبان جي ڏکيائي ۽ ماحول جي اوپرائپ تمام گهڻي محسوس ڪري ٿو. ويندي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي به ڪجهه ڏينهن دل ٻڏندي محسوس ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ جهازن جو ماحول گهر جهڙو ٿئي ٿو، جِتي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي ملڪ جي ماني ٽڪي ۽ ريتون رسمون ٿين ٿيون. توهان کي ڇا ڏک ڀريا داستان ٻڌايان، ته اسان جي ملڪ جا مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو حق حلال جي روزي ڪمائڻ لاءِ ڌارين ملڪن ۾ جڏهن پهچن ٿا، ته هنن سان پنهنجا ئي هم وطني، (جيڪي هاڻ انهن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن)، ڪيڏا ظلم ڪن ٿا. هنن جي پورهئي ۽ پگهر مان پاڻ امير ٿين ٿا ۽ هنن نون وطن ڇڏي آيلن جي باوجود احتجاج ڪرڻ تي پراڻا رهاڪو کين حق ڏيڻ بدران هنن کي پوليس ۽ ڪورٽ جي چڪرن ۾ ڦاسائي سزائون ڏيارين ٿا. نيويارڪ ۾ هئس، ته اتي پنهنجي هڪ ڳوٺائيءَ کي ڏٺم، جيڪو اتي اچڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلارڪ هو. آمريڪن ويزا واري لاٽريءَ ۾ سندس نالو نڪتو. پنهنجي وطن ۾ پگهار مان پُورت نٿي ٿيس. پنهنجا ۽ ٻچن جا خواب پورا ڪرڻ لاءِ اچي آمريڪا کان نڪتو هو. هن کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ گرين ڪارڊ ته ملي ويو پر روزگار ملڻ ڪو سولو ڪم نه هو، جو ولايت ۾ اچي ڏٺائين، ته وڌيڪَ تعليم يافته، ڊاڪٽر، يا انجنيئر به پيا سب وي ۾ برگر وڪڻن يا سپر مارڪيٽن ۾ گوشت ڍوئين. آخر هن کي هڪ پاڪستانيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ڪڪڙين ترڻ جو ڪم ملي ويو. نيويارڪ ۾ جِتي سخت سردي ٿئي ٿي، اُتي اونهاري جي مهينن ۾ سخت گرمي به رهي ٿي ۽ هن کي ان گرميءَ ۾ اٺ ڪلاڪ پيرن ڀر بيهي وڏي ڪڙهائيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ ڪڪڙيون ترڻيون پيون ٿي. قانوني طرح جيڪو پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار آهي، کيس ان کان به گهٽ مليو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ريسٽورنٽ جي وڏي ڏاڙهيءَ واري پاڪستاني مالڪ اهو چئي، ته کيس ٽئڪس وغيره به ڏيڻا پون ٿا، کانئس ”صحيح“ گهڻي پگهار واري انگ تي ورتي ٿي. مون پنهنجي ڳوٺائيءَ کي چيو ته، اهو نسورو ظلم آهي. تنهنجو حق پيو ماري.... توکي احتجاج ڪرڻ کپي. اسانجو ڳوٺائي، جنهن کي ڪيترا مهينا ڌڪا کائي مس مس نوڪري ملي هئي ۽ هِتي جي حالتن کان واقف ٿي چڪو هو، تنهن مونکي نِماڻائيءَ سان چيو: ”سائين هِتي جيڪو پئسي پٺيان آهي، ان لاءِ ڪو دين ڌرم ناهي. اسان مزدورن جي ئي پگهار ۾ ڪٽوتي ڪري هي سيٺ ٿيا آهن. مونکي ته وري به گرين ڪارڊ هجڻ ڪري هو ايترو به پگهار ڏئي ٿو ... ٻيا ويچارا پاڪستاني جن جي ويزا ختم ٿي وئي آهي ۽ هِتي هاڻ غير قانوني طور آهن، انهن جو ته رت ست ٿو چُوسيو وڃي ۽ مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن. سيٺ کي رڳو هڪڙو فون اميگريشن پوليس کي ڪرڻو پوي ٿو ۽ هو جيل حوالي ٿيو وڃن....“


منهنجي هوندي هن منهنجي ڳوٺائي غريب ڇوڪري جو ڪُڪڙيون تريندي ٽهڪندڙ تيل ۾ هڪ هٿ سڙي پيو. پوءِ مون ڏٺو ته، هو سخت تڪليف جي حالت ۾ به روزانو 8 ڪلاڪَ ڊيوٽي ڪندو رهيو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته، هن ريسٽورنٽ جي مالڪ کي سڙيل هٿ ڏيکاري، ڏينهن ٻه موڪل ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيو ته، هو انهن ڏينهن جو پگهار ڪٽي سگهي ٿو پر هو ظالم نه مڃيو ۽ اهو ئي چوندو رهيو ته ”منهنجي ڪاروبار کي نقصان رسندو ۽ هڪ ڏينهن به ڪم کان گُسائيندي، ته توکي ڪڍي تنهنجي جاءِ تي ٻيو رکي ڇڏيندس....گهڻا ئي پاڪستاني ۽ بنگلاديشي بيروزگار پيا ڦرن، جيڪي غير قانوني هجڻ ڪري توکان به گهٽ پگهار تي ڪم ڪندا.“ دراصل اها ذهنيت هر ترقي يافته ملڪ جي ٿيندي وڃي، يعني جنهن ملڪ جي معاشي حالت بهتر آهي، اتي اسان جهڙن ملڪن جا بيروزگار ۽ مجبور ماڻهو پورهئي جي ڳولا ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ مڪاني سيٺ اهڙا غير قانوني ماڻهو ڳوليندا وتن ٿا، جن کي سولائيءَ سان چِيڀاٽي تيل ڪڍي سگهجي. ملائيشيا ۾ به ڏسان پيو ته، اسانجي ئي ملڪ جا ماڻهو، جيڪي گهڻو اڳ هتي اچي Settle ٿيا ۽ هاڻ هتي جا شهري آهن، پنهنجن هم وطني ماڻهن کي ڏٽا ڏئي پاڪستان، هندستان، بنگلا ديش ۽ سري لنڪا جهڙن غريب ملڪن مان وزٽ ويزا تي گهرائي، پوءِ هنن کان گهٽ پگهار تي پورهيو وٺن ٿا. غير قانوني هجڻ ڪري اسانجو مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو، نه گهڻي ڪم جي دانهن ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري ڪا طبي يا ٻي سهولت گهرڻ لاءِ وات کولي سگهي ٿو. هن کي پنهنجو هم وطني، هم زبان ۽ هم مذهب سيٺ هر وقت ان ڳالهه جو خوف ڏيندو رهي ٿو، ته تنهنجي ويزا ختم ٿي چڪي آهي، تون هِتي غير قانوني طرح پورهيو ڪري رهيو آهين، ڪجهه ڪُڇندين ته پوليس اهڙي جيل ۾ هڻندئي جِتي توکي مائٽ به ڳولي نه سگهندا، ٽيهارو سالن کان ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي حاجي غلام علي سولنگي، اهڙن مجبور ماڻهن جي ڏکن جا داستان ٻڌائي روئي ڏنو. هن چيو ته، هن وقت به ملائيشيا جي مختلف جيلن ۾ اسان جا اهڙا 500 کن پاڪستاني قيد ۾ آهن، جن جا پاسپورٽ گم آهن، جعلي ويزائون آهن يا غير قانوني طرح آيا آهن يا گهمڻ جي بهاني مقرر وقت کان وڌيڪ رَهي پيا آهن يا هنن وزٽ ويزا تي هِتي اچي پورهيو يا نوڪري ڪئي .... جن سببن ڪري هو سزا ڪاٽي رهيا آهن. غلام علي ٻڌايو ته، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، هنن ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌي آهن، جيڪي بنا سوچڻ جي ٺڳ ڦورو ايجنٽن جي چنبي ۾ ڦاسي پيا، جن ذريعي هنن ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ طرف پئسو وڃايو، ته ٻئي طرف پاڻ کي جيل حوالي ڪيو. علي غلام اهڙن بي سهارا ۽ بيوقوفيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي جيلن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي ۽  سنڌ جي مختلف ٽي وي چئنلن تان ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ کان علاوه مدد لاءِ به اپيل ڪري رهيو آهي، ته سرنديءَ وارا ماڻهو چندا گڏ ڪري، هنن ماڻهن جي موٽڻ جي ٽڪيٽ جو بندوبست ڪن.

آمريڪا ۽ انگلينڊ پاسي ڏِسان پيو ته، اسان جي ملڪ جا شروع جا لڏي آيل، جيڪي هاڻ هنن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن، اهي پنهنجي ڌنڌي يا ڪاروبار ۾ پوندڙ نقصان به هنن نون آيلن کي بيوقوف بڻائي ڪڍن ٿا. پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ڌارين ملڪن ۾ اچڻ وارن ۾ رڳو بيروزگار ۽ غريب طبقو ناهي پر انهن ۾ ڪيترائي اهڙا امير ماڻهو به آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ اهم کاتن ۾ اهم عهدن تي هئا، جن رشوت ۽ ٺڳين ذريعي خوب پئسو ميڙيو ۽ پوءِ پوليس، NAB ۽ ڪورٽ ڪچهرين جي خوفَ کان ڀڄي آمريڪا، انگليند يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اچي نڪتا آهن، پوءِ انهن کي پهرين جا پهتل ”ٺڳ هم وطني“ دوستي ۽ مائٽيءَ جا ناتا جوڙي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، هنن کي کانئن پيٽرول پمپ، ڪو دڪان يا ڪو ٻيو ڪاروبار خريد ڪرڻ لاءِ راضي ڪن ٿا، جيڪو دراصل نقصان ۾ هلي رهيو آهي. يا ان ۾ پاڻ سان ڀائيوار ڪري سندن الهه تلهه چَٽ ڪريو ڇڏين. ان سلسلي ۾ آئون پنهنجن آمريڪي سفرنامن ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“ ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. مون ڏٺو آهي ته، ڪيترا ماڻهو ٻاهر رهي (شايد) اهڙا ظالم ۽ پٿر دل ٿيو وڃن، جو پنهنجن هم وطنين کي ڦُري فقير ڪرڻ ۾ به هنن کي قياس نٿو ٿئي! نه فقط انهن رشوت خور ۽ چورن کي بيوقوف بڻائين ٿا پر انهن کي به جيڪي گهر ۽ ٻني ٻارو وڪڻي حق حلال جو پئسو کڻي سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ اهڙن دوستن ۽ مائٽن جي چوڻ تي هنن وٽ پهچن ٿا. هي ڪالم به هن وقت اهڙي هڪ شخص جي ڪهاڻي ٻڌي لکو اٿم، جيڪو سٺي مستقبل جي اُميد ۽ دوست جي ڳالهين تي لڳي، پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ڪنهن مائٽَ وٽ رهائي، پنهنجو گهر ۽ دڪان وڪڻي سڀ رقم کڻي ولايت پنهنجي دوست وٽ پهتو، ته جيئن هو هن کي بهتر ڪاروبار کولي ڏي پر هو اٽڪل ڪري سندس سڀ رقم هڙپ ڪري ويو ۽ هاڻ هڪ طرف سندس ٻچا ٻار پريشان آهن، ته ٻئي طرف پرديس ۾ پاڻ آهي، هن وٽ ايترو به پئسو نه بچيو آهي، جو واپس موٽڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪري سگهي. ان لاءِ هو روزانو ڪنهن نوڪريءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو.

No comments:

Post a Comment