Saturday, December 12, 2015

رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد - مٺل جسڪاڻي

رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد
مٺل جسڪاڻي
اسلام آباد پهريون دفعو ڪڏهن ويس، ياد نه آهي! گهڻا دفعا ويو آهيان، اهو به ياد ڪونهي! هڪ دفعي جيئن ئي شام جو اسلام آباد پهتس، ته مون کي هڪ هوٽل ۾ وڃي ڇڏيائون! اتي رات گذاري، صبح سوير کڻي ويا اسلام آباد کان ٿورو ٻاهر، جتان واپس شام جو اچي هوٽل ڇڏيائون! ٻئي ڏينهن صبح سوير وري به کڻي ويا ساڳئين جاءِ تي، ورائي آيا ساڳئين هوٽل تي! ٽئين ڏينهن به صبح سوير کڻي ويا، شام جو پهچايائون هوائي اڏي تي! اتان کنيو جهاز، جنهن اچي ڇڏيو ڪراچي ۾...


۽ هڪ دفعي وري ويس ته سڄا سارا ڇهه مهينا اسلام آباد ۾! ان عرصي ۾ اسلام آباد ۽ ان جو آسپاس به گهميم، هڪ ٻه دفعو اسلام آباد مان ٽنڊو ڄام اچي، هڪ رات رهي، وري واپس اسلام آباد ويس!
هن دفعي سڄيون ساريون چار راتيون رهيس هڪ اهڙي هوٽل ۾، جيڪا هئي اهڙي روڊ (رستي، شاهراهه) تي، جنهن جي هوٽل واري پاسي وارو علائقو هو راولپنڊي جو ۽ ٻئي پاسي هو اسلام آباد. پهتو رات جو دير سان هئس، صبح سوير اٿي، روانو ٿيس اسلام آباد. پهرين وڃي ڏٺم پاڪستان جي فطري سونهن ۽ تاريخ واري ميوزيم ۾ مصنوعي پر وڻندڙ، عجب ۾ وجهندڙ، فطري سونهن ۽ ڄاتم تاريخ بابت. اهو هو پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو قائم ڪيل پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري. ان ۾ ڪراچي وٽان سمنڊ ڪناري لڌل وزندار مڇي جو ڍانچو به محفوظ ڪري رکيل آهي، ته ڊائنوسار کان پوءِ جي وڏي مخلوق، جنهن جا اهڃاڻ بلوچستان مان مليا، ان جو سائنسي تحقيق جي روشني ۾ ٺاهيل هٿرادو وڏو مجسمو به آهي، ته تمام ڊگهي مانگر مڇ جو تاريخي ڍانچو (هڏائون پڃرو) پڻ موجود آهي. اهڙيون تمام گهڻيون شيون، جن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا، وڻ، پکي، جانور ۽ ٻيءَ جيوت سميت مختلف قسم جا ڌاتو به رکيل آهن. وقت هجي ها گهڻو، ته هر هڪ بابت تفصيل نوٽ ڪجن ها ۽ پڙهندڙن کي پڙهندي گهمايان ها سڄو سارو ميوزيم...
اهو ميوزيم اسلام آباد ۾ گارڊن اوينيو واري علائقي ۾، لوڪ ورثه جي ويجهو هجڻ سبب، منهنجي ٻيءَ منزل لوڪ ورثي لاءِ مخصوص عمارت ۾ موجود لوڪ ورثو ڏسڻ ۽ ان مان پرائڻ جو مقصد هو. اتي پهتس ته ٽڪٽ وٺي اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي ڀر ۾ ويٺل هو هڪ ٽولو، جنهن ۾ موجود ماڻهو، لباس جي نسبت سان پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ پئي لڳا، پر مون کي انهن ۾ ڪو هڪ به سنڌي، بلوچ يا پٺاڻ نه لڳو! اهي ڪي وڏا فنڪار هئا، وٽن ساز هئا، جنهن مهل پئي آيو سنڌي ماڻهن جو ڪو جٿو، ته هنن سنڌي راڳ پئي ڳايو، جيڪڏهن پئي ڏٺائون بلوچ ته بلوچي يا وري پٺاڻ ڏسي، پشتو راڳ پئي ڳايائون ۽ انعام به گهري پئي ورتائون. کين ملندو انعام ڏسي، منهنجي ذهن ۾ آيو، ته انهن کي پگهار کان وڌيڪ ته انعام ۾ ڏوڪڙ ملي ويندا هوندا. ڪاش! اتي سڀني ٻولين جا ڳائيندڙ هجن، انهن کي پگهار به ملندو هجي، رٽائر ٿين ته پينشن به سندن حق هجي. جيڪڏهن ائين آهي يا ناهي، مون کي معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي!
لوڪ ورثي واري عمارت ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي رهڻي ڪهڻي جا منظر، پوشاڪ، پيشا وغيره ڏيکاري، انهن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي حوالي سان به ڳچ سارو مواد آهي. اطمينان سان ڏسڻ لاءِ منهنجي خيال ۾ اتي به هڪ سڄو ڏينهن خرچ ڪجي.
لوڪ ورثي جي احاطي ۾ موجود سڀني شين ۽ ماڻهن تي نظر ڦيرائيندو، ٻاهر نڪتس ته گهميم شڪر پڙيان واري ڊٻ نما جبل جي سائي ستابي چوٽي، جنهن ۾ گلڪاري به ڏاڍي سٺي ٿيل آهي ۽ قسم قسم جا وڻ، ملڪي ۽ پرڏيهي نمايان شخصيتن پاران پوکيل وڻ، انهن وڻن تي پوکيندڙ جو تفصيل به موجود هو.
شڪر پڙيان جي چوٽي تان لهي هيٺ آيس، ته اتي هو نيشنل مانيومينٽ يا شايد مونامينٽ، سڀني ائين پئي پڙهيو ۽ اچاريو. اتي هڪ عمارت ۾ ملڪ جي معروف، مشهور، امتيازي شخصيتن جي ياد تازي ڪرائيندڙ سامان، ڏيک آهن. جڏهن ته ان جي ڀر ۾ هڪ اهڙي نموني اڏاوتي ڪم ڪيل آهي، جنهن لاءِ اتي جي ماڻهن پئي ٻڌايو، ته هوائي جهاز مان سفر ڪندي ان حصي کي ڏسبو، ته چنڊ ۽ تاري جو منظر محسوس ٿيندو.
هاڻ اتان ٿي پوءِ پهتس فيصل مسجد، جتي به ماڻهن جي رش ائين ئي هئي، جيئن شڪر پڙيان تي، جيئن ڪنهن وڏي درگاهه تي رش هوندي آهي. ماڻهن مسجد جي به ”زيارت“ پئي ڪئي. ڪن ڪن نفل پئي پڙهيا.
مسجد جا منظر ڏسي روانو ٿيس دامن ڪوهه. دامن ڪوهه جي پڪنڪ پوائنٽ تي پهچندي پهچندي، رستي جي ورن وڪڙن ۾ ڀولڙا به ڏٺم، جيڪي هئا جهنگلي، پر سڌريل به هئا، نه ڊنا پئي نه وڙهيا پئي. جيڪي ماڻهو پنهنجين گاڏين ۾ هئا، انهن مان ڪي انهن ڀولڙن سان بيٺا به پئي. کين ڪجهه ڏنو به پئي. ڪن تصويرون ڪڍڻ لاءِ ساڻن هجتون به ڪيون پئي.
دامن ڪوهه جا دلربا منظر ڏسي، سيءَ سهسائي، هيٺ لهي آيس اسلام آباد جي جانورن واري باغ يعني زُو ايريا ۾. اتي به گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ هو. مون تازو لاهور جو زُو ڏٺو هو، ان ڪري ساڳيا جانور وري ڏسڻ بدران، ٻاهران چڪر هڻڻ کي ترجيجھ ڏنم. ان دوران ڪي اهڙا ملي پيا، جيڪي پڻ لاهور ۾ جانورن جو باغ گهمي آيا هئا. انهن پئي هڪ ٻئي سان احوال ڪيو. مون پنهنجي ڪنن سان ٻڌو، ته هن کان ته لاهور وارو زُو گهڻو ڀلو هو، جانور ۽ پکي به اتي ججها هئا. انهن مان هڪ چيو آئون ان ڪري ويس ته اسلام آباد ۾ ڪو اڃا وڌيڪ سٺو زُو هوندو، پر هتي ته اچڻ ئي اجايو لڳو.
صبح کان لڳاتار گهمندي ڦرندي هاڻي سج لهي چڪو هو، ان ڪري اتان رخ ٿيو جناح سپر مارڪيٽ جو، پر مون سان گڏ گهمندڙ اڪثريت ايتري ٿڪي پئي، جو مجبور ٿي، اسان رخ ڪيو پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن.
ٻئي ڏينهن صبح سوير تياري ڪري نڪتاسين پئي ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي راولپنڊي گهمڻ، پر ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري رخ ڪيوسين پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي ماتحت اداري، قومي زرعي تحقيقي مرڪز (اين اي آر سي) ڏانهن. جتي زراعت سان لاڳاپيل مختلف شعبا گهمندي، انهن بابت ڄاڻندي، منجهند ٻارهين وڳي اتان روانا ٿياسين ليڪ ويو ۽ راول ڊيم جا منظر ڏسڻ. ليڪ ويو ۾ داخلا في کان پوءِ، ان ۾ اندر ٻيا به اهڙا هنڌ هئا، جتي گهمڻ جي الڳ في هئي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته ليڪ ويو جا سڀ حصا گهمندي، في ڀريندي، اٽڪل پنج سئو رپيا لڳندا، سڀني ٽڪيٽن تي! مون وٽ پنج سئو رپين جي اهميت گهڻي هئي، ان ڪري ٽڪيٽ وارا هنڌ گهمڻ بدران ليڪ ويو ۽ اتان کان راول ڊيم جا منظر پري کان ڏسي، اکيون تازيون ڪري روانا ٿياسين امام بري.
امام بري جي درگاهه کي ويجهو جيئن بس مان لٿاسين، واپس بس ۾ چڙهڻ تائين، سراسري هر ٽئين ماڻهو مون کان پڇيو ”ديڳ کپي؟“. منهنجي حالت اها هئي ته مون درگاهه ڏانهن وڃڻ کان پهرين ڳولي هوٽل، جيڪا نظر نه آئي ته پنجاھ رپين ۾ ورتم برگر، هانءُ جهل ڪري وريس درگاهه ڏانهن ته...  مون ٻڌو ضرور هو، پڪ به ٿي، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي، ته هتي هر وقت هڪ نه ته ڪو ٻيو لنگر (ڀت) پيو ورهائيندو آهي. منهنجي خيال ۾ ٻن يا شايد اڃا به ٽن ديڳن مان لنگر (ڀت) مون به چکيو (کاڌو) ته پيٽ ڀرجي ويو ۽ برگر جي پنجاھ رپين ڄڻ ته منهنجو پتو پئي ساڙي ڇڏيو.
امام بري تان ورندي رات ٿي چڪي ۽ اچي پهتاسين جناح سپر مارڪيٽ ۾. هن مارڪيٽ ۾ پراڻن ڪتابن جي سستي بازار جو ٻڌو هو. اها ڳوليندي، ڪتابن جي هڪ ٽماڙ ۽ وسيع دڪان ۾ وڃي نڪتس. گذريل نو ڏينهن لاڳيتا مختلف شهر لتاڙيندي، بازارون گهمندي، ٻين ته گهڻو ڪجهه ورتو هو، پر مون چاهيندي به اڃا ڪجهه نه ورتو هو. ان ڪري ڪِري ٽوڙيندي ڪجهه ڪتاب ڳولي هٿ ۾ کنيم. آسرو هو رعايت جو، پر ٽڪي جي به رعايت نه ٿي ۽ انهن ڪتابن جي رقم ڏئي، منهن خراب ڪري، اچي ويٺس بس ۾. اها بس کڻي، اچي لاٿو رهائش واري هوٽل.
لاڳيتا ڏهه ڏينهن روز صبح سوير اٿڻ، رات جو دير تائين جاڳڻ، ٿڌ کان پاڻ بچائيندي ڏهه ڏينهن ته گذري ويا، هاڻ يارهين ڏينهن تي صبح سوير روانو ٿيس راولپنڊي جي صدر بازار ۽ اتان پوءِ وري راجا بازار، پر طبيعت اهڙي جو...

سوچيو هئم ته تحفا وٺي ورندس، تحفن لاءِ فرمائشون به ٿيون هيون. هر فرمائش دل ۾ لکيل هئي، هر فرمائش اڃا به ياد اٿم...  تمام ٿورڙيون شيون، صرف ٻارڙا راضي ڪرڻ واريون وٺي، وري آيس هوٽل، ان وچ ۾ ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي کي ڏسندو، اچي پهتس هوٽل. رات ٿي چڪي هئي. رات جو ڪچهري مچي وئي هئي، ان ڪري سڄي رات نه ستس. صبح جو چئين وڳي هوٽل ڇڏي راولپنڊي پهچڻو هو، ان ڪري وقت تي نڪري، وقت تي پهتس ريلوي اسٽيشن، جتان ريل گاڏي وقت تي رواني ٿي، پر صادق آباد وٽ ٿي پيس انجڻ فيل، ان ڪري رات جو ٻارهين کان صبح ٽي وڳي تائين اتي بيٺي رهي ۽ پوءِ نيٺ، دير سوير اچي پهچايائين منزل... 

No comments:

Post a Comment