Monday, December 14, 2015

ڪوهه مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال - مٺل جسڪاڻي

ڪوهه مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال...
مٺل جسڪاڻي
پهرين ڳالهه ڪجي پراڻي! آئون ننڍو هئس. هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. شايد 75-1974ع سال هو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زمانو هو. هر ڪنهن وات ڀٽو هوندو هو. ان زماني ۾، هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ڪنهن سنڌي اخبار جي سرخي هئي ”ڀٽو مري ويو“. ان سرخي گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ گهميل ماڻهن کي حيران ۽ ذوالفقار ڀٽو سان محبت ڪندڙن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هو! ڇو ته خبر جو مطلب هو ”ذوالفقار علي ڀٽو ڪوهه مري ويو“، گهڻن ماڻهن کي خبر نه هئي ته ڪوهه مري کي صرف مري به چون ٿا ۽ مري ملڪ جو سهڻو ۽ ٿڌو علائقو آهي. ان زماني ۾ شايد مون کي به ان خبر عيوض خبر پئي هئي ته مري به ڪو علائقو آهي!مريءَ جي حوالي سان، ماڻهو هجي ڌن دولت ۽ مال ملڪيت وارو، ته سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ هيٽر هلائي، ۽ اونهاري ۾ جتي هجي گرمي، اتي ايئر ڪنڊيشن جو مزو وٺي، يا وري وڃي ڪوهه مريءَ ۾ گذاري، هجي هڙ ۾ ته نه لڳي سيءَ نه لڳي گرمي. جتي هيٽر ۽ اي سي هلائڻ ممڪن نه هجن، اتي ڪپڙا اهڙا هجن، جن ۾ ٿڌ ۽ گرمي جو اثر گهٽ هجي.


آئون مسڪين جو اولاد، ڪوهه مري جي سنبت ٿي، احوال ورتم، خبر پئي ته اتي نومبر 2015ع جي پهرئين هفتي ۾ ئي برف باري ٿي آهي ۽ برسات ته هونئن پنهنجي مرضي واري ئي آهي، سو ڏاڍو حيران پريشان، نيٺ نومبر 2015ع جي ٻئي هفتي ۾ سج لٿي کان پوءِ وڃي مري ۾ پهتس! رهڻ جو انتظام ڪري، رات جي ماني کائي، رات جو هڪ وڳي واندو ٿيس! سمهڻ مهل منهن کي اجرڪ ويڙهيم، مٿان پهرين گرم لوئي (شال)، پوءِ ان مٿان گرم ڪنبل وجهي، ستس ته سهي، پر اڪيلو هئس ان ڪري يا ٿڌ گهڻي هئي، تنهن ڪري، ٿورو ٿورو سيءَ محسوس ٿيو پئي، پر ٿڪل به گهڻو هئس، ان ڪري ننڊ به آئي، ته رکي رکي سجاڳي به ٿي پئي، سجاڳ ٿيڻ سان سيءَ به محسوس ٿيو پئي. مون کي لڳي ٿو، سيءَ نه لڳيم ها، ته سجاڳي نه ٿئيم ها!
ٻئي ڏينهن صبح سوير سجاڳ ته ٿيس، پر ٻاهر نڪرندي صبح جا ڏهه ٿي ويا. نڪتو هئس اهو سوچي ته ڪوهه مري يعني مال روڊ، گهڻو گهمڻ جو شوق، ته ڪشمير پوائنٽ ۽ پنڊي پوائنٽ ڪافي آهي. اهي منهنجا اڳ ۾ به ڏٺل وائٺل آهن، ان ڪري ارادو ڪيو هئم، ته مال روڊ جو چڪر هڻي، هيٺ، ڪپڙي مارڪيٽ ۾ لهي ويندس. اتان مون اڳ ۾ به گهر لاءِ ڪپڙا ورتا هئا، جيڪي مون کي سستا مليا هئا ۽ جنهن جنهن کي اهو ڪپڙو ڏنو هئم، تنهن کي وڻيو هو. دڪاندار ٻڌايو هو ته اهو ٻاهرئين ملڪ جو امپورٽيڊ ڪپڙو آهي.
ٻاهر اڪيلو نه نڪتو هئس. اسان پاڻ ۾ ٽي ڄڻا هئاسين. اسان ٽنهي جو حدف ساڳيو هو، پر ٻاهر جو نڪتاسين، ته ڪي ٻيا به مليا، پوءِ انهن سان ڪمپني ڪندي، اسان شام تائين رڳو انهن ٽن جاين کي گهمندي، شام ڪري ڇڏي! گهڻي دير فوٽوگرافي ڪرائي ۽ وقفي وقفي سان وسندڙ برسات اسان کي پريشان پئي ڪيو.
مال روڊ جا ٻئي پاسا، ماضيءَ وانگر دڪانن سان سينگاريل هئا، ڪٿي ڪا هوٽل، ڪٿي ڪو چانهن ۽ ڪافي وارو، اتان کان گهمندي ڦرندي، پري پري تائين جبلن جون چوٽيون ۽ انهن جي ڀر واريون کاهيون، ڪٿان گهر ۽ ٻيون عمارتون تہ ڪٿان ڊگها ۽ ساوا چهچ وڻ، ڪن وڻن ۾ سوڪهڙو، ڪن ۾ پنن جو ڇاڻو، ڪن ۾ گلڪاري، ڏسندا، اسان اچي ڪشمير پوائنٽ پهتاسين، ۽ اتي گهڙي کن ساهي کنئيسين، پريان ٿورو پرڀرو، ڪاٺ جو جديد ۽ خوبصورت ڇٽيءَ نما هڪ ڇپرو ڏٺوسين، ان هيٺ تغاريءَ ۾ ڪاٺيون ٻري رهيون هيون، اسان جيڪي به گڏ هئاسين، اتي ويهي هٿ سيڪياسين، ته ڌڻي رسيا اچي. انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ اسان مان گهڻن ڪافي پيتي، ڪجهه ٿورن چانهن پيتي. اتان رستو بدلائي واپس مال روڊ ڏانهن روانا ٿياسين. ٿورو ئي اڳتي، هڪ هنڌ هڪ ننڍي عمارت هئي، ان تي عورتن جي هاجت لاءِ جاءِ جو بورڊ لڳل هو. ان عمارت جي اڳواڙي ۾، جتان ضرورتمند اندر وڃي ها، اتي ٻه ٽي مرد گهوڙا جهليو بيٺا هئا! اهي ڏوڪڙ وٺي گهوڙيسواري جو مزو وٺرائڻ وارا هئا. مون کي اهو منظر ڏسي حيرت به ٿي، ڪاوڙ به چڙهي، پر ڇا ڪريان ها!؟ مون صرف ايترو ڪيو ته پاڻ سان گڏ ماڻهن مان هڪ کي چيم ته يار هتي منهنجي تصوير ضروري آهي! ان همراهه حدف ڏسي، کلندي، ٻين کي به ٻڌايو ۽ مون کان سبب به پڇيو. مون کين چيو پهرين تصوير پوءِ سبب. جڏهن تصوير نڪتي، ته اڳتي وڌي، کين چيم ته هي ڪٿان جي شرافت آهي، ته خواتين لاءِ مخصوص جاءِ تي ڪاروبار ڪندڙ گهوڙا جهلي بيهن. اهڙي صورت ۾ ڪهڙي عورت هاجت پوري ڪرڻ لاءِ اتي ايندي!؟ ۽ پوءَ ٿوري کل ڀوڳ ٿي، مون چيو ته ان ماحول ۾ آئون به ڇو نه شامل ٿيان!؟ هاڻ جيڪا هونئن اچڻ جو ارادو به ڪري ها، جيستائين منهنجي تصوير محفوظ ٿئي، تيستائين ته پريشان به ٿئي. (ان وقت عورتن جي چهل پهل نه هئي، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن عورتون هجن به ها، اهي گهوڙا ۽ انهن جا ڌڻي اتي ئي هجن ها، صرف آئون پنهنجي تصوير نه وٺي سگهان ها).
اسان خوبصورت منظر ۽ عمارتون ڏسندا، اڳتي وڌندا، وري به اچي مال روڊ تي پهتاسين، جتان پوءِ پنڊي پوائنٽ ڏانهن رخ ڪيوسين. اتي پهچندي ئي اسان کي هڪ ڪيبن تي ويٺل نوجوان پٺاڻ ڦاسايو. ان چيو اچو، اوهان کي مفت ۾ راند ڪرايان. راند ۾ هن وٽ ٽي چار ڇڪا، جيڪي ڍارو هڻندڙ فقيرن وٽ ڍارا هوندا آهن ۽ جيڪي لڊو راند ڪندڙن وٽ هوندا آهن، انهن جهڙا ئي، ڄڻ ته ساڳيا هئا. ان پٺاڻ، اهي ڇڪا اڳيان سندل تي اڇلي، ٽٻڪا ڳڻي، ٽٻڪي واري نمبر تي رکيل انعام  ڏيکاريو، ته اسان مان هڪ هرکجي (هرڪي) پيو، تنهن کان پٺاڻ هڪ سئو رپيا وٺي، جڏهن نڪتا، ٽٻڪا ڳڻڻ جو عمل پورو ڪيو، ته خبر پئي ان نمبر تي ڪو به انعام نه آهي! ان دوران مون چيو به پئي ته ٺڳي آهي، پر منهنجي ڪنهن به نه ٻڌي. جنهن سئو رپيا زيان ڪيو، تنهن مون کي ٽوڪيو، ته تنهنجا به نصيب پورا آهن! ان تي مون کانئس هڪ سئو رپيا گهريا، ته ڏي ڀاڳ آزمايان. ان سئو رپيا ڏنو، ساڳئين ڪرت ساڳيو نتيجو. اهو سئو مون سعيو ڪري ورتو هو، واپس نه ڪرڻ جي ارادي سان، جيڪو واپس نه ڪيم، نه ڪندس. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڳالهه نه مڃي وئي هئي. جڏهن چار پنج ڄڻا هڪ هڪ ٻه ٻه سئو ڦرائي چڪا، تڏهن اعتبار ٿين.
پنڊي پوائنٽ تي ٻيءَ جيڪا خاص شيءَ هئي، اها هئي لفٽ چيئر. لفٽ چيئر لاءِ ايوبيا طئه ٿيل هئي، ان ڪري اتان واپس ورياسين، ته تمام گهڻا ٿڪي چڪا هئاسين ۽ رات به ورڻ واري هئي، برسات به وقفي وقفي سان جاري هئي، تنهن ڪري خريداري ڪرڻ بنا، رات گذارڻ واري جاءِ تي وري آياسين... اسان جن خريداري جو سوچيو هو، اهي خريداري نه ڪري سگهياسين!
اسان کي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڪشمير ڏانهن نڪرڻو هو. ڪشمير ۾ مظفرآباد تائين وڃڻو هو. ان لاءِ ٽرانسپورٽ جو جنهن سان طئه ڪيوسين، تنهن اسان کي دير ڪرائي، صبح جا ڏهه ڪري ڇڏيا. بهرحال روانا ٿياسين. ڳچ پنڌ تائين جيئن اسلام آباد کان ڪوهه مري جا جابلو سلسلا، لاهيون چاڙهيون، کاهيون ۽ وڻ هئا، تيئن ئي ساڳيا سهڻا منظر ڏسندا اڳتي نڪري وياسين. ان کان پوءِ اوچن جبلن جي وچ ۾، هيٺ اونهائي ۾ نيلم دريا پئي وهيو. ان دريا جي هڪ پاسي ڪوهه مري کان مظفر آباد وارو پڪو رستو هو. ان رستي جي هڪ طرف هڪ سئو فوٽن کان وڌيڪ اونهائي ۾ نيلم دريا پئي وهيو، ته ٻئي طرف ايتري يا شايد ان کان وڌيڪ اوچائي تي جبل جي چوٽيءَ هئي. اسان جو سفر ڄڻ ته سوين فوٽ اوچائي واري جبل جي اڌ واري خطرناڪ اڀ ڪپرائي ۾ هو.
اهڙي خطرناڪ رستي ۾ ڪٿي منظرن جا مزا، ته ڪٿي ڪرڻ جو خوف، ٿورو اڳتي وياسين ته خبر پئي رستو خراب آهي!؟ مون سمجهيو هاڻ واپسي ٿيندي، پر نه، ڪنهن ٻئي طرف کان نعم البدل رستو هو. ان رستي جي هڪ طرف اوچي کاهي ۽ ٻئي طرف اوچي جبل جي چوٽي. جتان ڦيرو ڪري، وري نيلم دريا جي ڪناري وارو رستو وٺي، اڳتي نڪري، نيٺ اچي مظفر آباد پهتاسين.
مظفر آباد تائين اسان ڄڻ ته ننڍپڻ توڙي جواني ۾ ڏٺل فلمن، ٽي وي ڊرامن ۽ ٽي وي خبرنامن ۾، جيڪي جيڪي ڪشمير جا خوبصورت منظر ڏٺا هئا، اهي سڀ جا سڀ ڏسندا، اچي مظفر آباد پهتا هئاسين. جتي پهچندي پهچندي جمع نماز جو وقت ٿي چڪو هو. جن کي آسرو هو، اهي ڊوڙي ويا جمع نماز پڙهڻ، پر نماز اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي. ان ڪري هاڻ اسان کي منجهند جي ماني جو فڪر هو. فڪر ان ڪري ته جيئن ماني سٺي به ملي ۽ سستي به ملي. اسان جي ويجهو پريس ڪلب مظفر آباد جي ڪينٽين /  هوٽل هئي. پڇا ڪرڻ تي انهن عجيب ۽ غريب اگهه ٻڌايا! ان دوران هڪ صحافي اچي نڪتو، جيڪو پاڻ وڌي اچي اسان سان مليو. ان ٻڌايو ته هو پريس ڪلب جو عهديدار به آهي.. اسان هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو. مسئلو ٻڌايو. هن ڏاڍي سهڻي نموني ڀليڪار ڏني. سندن وفد پاران بدين پريس ڪلب جي دوري جو احوال به ڏنو. هن اسان کي پريس ڪلب هلڻ، هر قسم جي مدد ڪرڻ، پريس ڪلب ۾ تقريب ڪرڻ جو به چيو، پر اسان کي واپس مري پهچي، اتي رات رهڻي هئي. ان ڪري ٻڌايوسين ته همراهه کلي چيو ته ان جو مطلب اوهان ڪشمير، مظفر آباد کي صرف هٿ لڳائي واپس ورڻ لاءِ آيا آهيو. هن چيو ته ڀلا ٻئي دفعو اچجو، پر گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن رهڻ جو سوچي اچجو. اسان اوهان سان يادگار قسم جي، سهڻي تقريب جو انتظام ڪندايسن.
مظفر آباد ۾ ماني کائي، عام لڙ پاڻي وارو نيلم دريا ۽ گلابي ميٽڙي رنگ واري پاڻي وارو ريشم دريا، جتي ٻئي ملي، پوءِ هڪ نيلم دريا ٿي اڳتي وهن ٿا، ان ملڻ واري هنڌ کي دوميل چون ٿا. اسان دوميل تي اهو خوبصورت نظارو ڪجهه ٻيا ماڳ ڏسي، تڪڙا واپس ورياسين. ڇو ته رستو صحيح نه هجڻ ڪري، واپسي ۾ رات جو سفر خطري کان خالي نه هو. اسان شايد رات جو ڏهين وڳي ڪوهه مريءَ واپس پهچي، رات گذاري، صبح جو ايوبيا روانا ٿياسين.
مريءَ کان ايوبيا سميت اسلام آباد کان مري، مري کان مظفر آباد روڊ تي به، کاهي واري پاسي وٽان گهڻن هنڌن تي بچاءُ لاءِ ڪا جهل، ڪو تحفظ نه هو!؟ شايد ان ڪري به حادثا ٿيندا آهن! هڪ ڪوسٽر واري ٻڌايو ته حادثا ٿيڻ جي ردعمل ۾، بچاءُ جي لاءِ ٻين اپائن بدران، صرف اهو اپاءَ ورتو ويو آهي، ته هاڻ ايوبيا لاءِ وڏي بس، ڪوچ کي روڊ پرمٽ نه ڏيندا آهن. اڳ ۾ 35 هاڻ 30 سيٽن وارين گاڏين کان مٿي وارين گاڏين کي روٽ پرمٽ نه ملڻ جو فيصلو ٿيل آهي. ان جو مطلب ته حادثو ٿئي ته 52 نه 30، 35 جانيون ضايع ٿين!؟...
مريءَ کان ايوبيا ويندي، اسان خيبر پختون خواهه (اڳوڻي سرحد) صوبي ۾ داخل ٿياسين. ڪجهه جاين تي بيٺاسين. خوبصورت منظر ڏسي، تصويرون ڪڍي، اڳتي روانا ٿياسين. هڪ هنڌ مددگار پوليس ۽ معلومات وٺڻ لاءِ جڳهه تي نظر پئي. هڪ همراهه کي خبر نه آهي ڪهڙي مدد گهربل هئي، اهو ان ڏانهن وڌي ويو. در دريون بند ۽ ڪير به نه هجڻ جي پڪ ڪري، منهن خراب ڪري موٽي آيو!
ايوبيا ۾ آسپاس جا منظر ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي، پيرين پنڌ هلندي، لفٽ چيئر جا مزا وٺندي ڏٺاسين. جوڙا جوڙا ٿي گهمڻ جا منظر، گهمڻ واري هر هنڌ، هر ماڳ مڪان تي هئا. ايوبيا ۾ هڪ خاص منظر ڪجهه ماڻهن ڏٺو، ته هوڪريا ٿي ويا! اسان مان به گهڻن اهو منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو، مون ڏٺو ڪو نه، صرف ڪنن سان ٻڌو. ڪاش! اهو لائيو منظر آئون به ڏسان ها! اهڙو منظر ڪڏهن به، ڪٿي به، ڏسڻ جو موقعو نه مليو آهي!ايوبيا ۾ لفٽ چيئر تي چڙهڻ جو شوق به گهڻن کي هو ته اڄاتل خوف به گهڻن کي ئي هو، ان ڪري... جڏهن ته هڪ عورت ٻن ننڍڙن ٻارڙن سميت هلندي لفٽ چيئر تي سوار به ٿي ۽ هلندڙ لفٽ چيئر تان واپسي مهل اچي لٿي، ان کان پوِ به ڪي اهڙا دلير هئا، جن اهو مزو نه ورتو.
اسان ماڻهو سرسبز آباد زرعي خطي جا، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان جا، اسان جا اڪثر پٽ سڌا، اسان جا جبل توڙي ٿر جون ڀٽون به ڄڻ ته اوچائي واريون آهن ئي نه، ان جي مقابلي ۾ اسين ته اتي وڃي نڪتاسين، جتي اوچين پهاڙين جي وچ ۾ اونهيون کاهيون آهن، ان ڪري اسان مان هڪ ٻه بيمار به ٿي پيا! ڪنهن کي ڦيري ۽ الٽي، ته ڪنهن کي سيءَ سٽيو، پوءِ به سفر پورو ڪري ڪوهه مري مان پنهنجو سامان کڻي، موڪلايو اڻ موڪلايو واپس ٿياسين...
واپسي جو سفر ڪٽيندي، خيالن ئي خيالن ۾ آئون ڪوهه مري، ڪشمير ۽ خيبر پختون خواهه جي پهاڙي سلسلن ڏانهن موٽي ويس، ته مون کي سمجهه ۾ آيو، انهن علائقن جا ماڻهو ڇو پنهنجا گهر گهاٽ ۽ ٻار ٻچا ڇڏي، هتي هر اهو ڏکيو ڪم ڪندا آهن، جيڪو اسان جا ماڻهو نه ڪندا آهن! مون کي هاڻ سمجهه ۾ آيو آهي، ته ڪيئن ٽڪو ٽڪو ڪمائي، ان مان پيٽ قوت به ڪجي، ڪجهه پيسا به بچائجن، ۽ پوءِ جڏهن ڪو ڪاروبار ڪري سگهجي، ته هٿ اهو جهلجي، جنهن مان بچت هر صورت ۾ ٿئي. اترين علائقن جي خوبصورت پهاڙين ۾ قدرت فطري سونهن ڀلي ته ڪيتري به رکي آهي، اتي به ماڻهو رهن ۽ وسن پيا، پر اتي گذر سفر جا وسيلا بلڪل محدود آهن. اتي جي ماڻهن کي گذر سفر لاءِ روزگار جي ڳولا، ٻيا علائقا گهمائي نه رلائي ٿي، پر ٻين علائقن وارا وٽن گهمڻ وڃن ٿا...
ڪوهه مري، ڪشمير ۽ خيبر پختون خواهه جي هوٽلن ۽ دڪانن تي، اسان کي اهو محسوس ڪرايو ويو، ته اسان ماڻهو امير آهيون، اسان ماڻهن کان وڌيڪ منافعو وٺڻ سندن حق ٿئي ٿو. هڪ ٻن ته سڌو سئون چيو به، ته اسان جو پيٽ قوت اوهان سان مشروط آهي...


No comments:

Post a Comment