Monday, December 12, 2016

برمودا ٽڪنڊي ۾ حادثن جا سببَ - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي ۾ حادثن جا سببَ

الطاف شيخ

جواني جي ڏينهن ۾ تعليم دوران اسان ڪلاس ميٽ پنهنجن پوڙهن جهازي آفيسرن کان ”برمودا ٽڪنڊي“ ۾ٿيندڙ حادثن جو سبب پڇندا هئاسين ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيندو هو پر اسان مطمئن نه ٿي سگهندا هئاسين. تعليم ختم ڪرڻ بعد اسانجو جهازن ۽ دنيا جي سمنڊن سان واسطو رهيو. اڄ منهنجا جهاز هلائڻ وارا مڙيئي ڪلاس ميٽ مون وانگر زندگي جا ستر سال ٽپي چڪا آهن .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو جهازراني ۽ جهازسازي ۾ ڀڙ آهن، سالن جا سال سمنڊن ۽ جهازن سان واسطو هجڻ ڪري هنن جو وڏو تجربو آهي، هنن کي هر معاملي جي وڏي ڄاڻ آهي، هو جهازراني ۽ جهازسازي جي معاملي ۾ ايڪسپرٽ آهن. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ  جڏهن اسان سمنڊ جي نوڪري شروع ڪئي هئي تڏهن سائنس اڃان ايتري ترقي نه ڪئي هئي. سمنڊ تي پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ، يعني اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته اسان جو جهاز دنيا جي گولي تي ڪهڙي نقطي وٽ آهي .... يا گذريل ۲۴ ڪلاڪن ۾ اسانجي جهاز ڪيترو سمنڊ جھاڳيو آهي، ان جي خبر لهڻ لاءِ اسان کي Sextant اوزار ذريعي سج ۽ ٻين تارن ۽ سيارن ڏي ڏسڻو پيو ٿي ته اهي ڪهڙي Angle تي آهن ۽ پوءِ ٽرگناميٽري ذريعي calculation ڪئي وئي ٿي. اڄ بنا محنت جي جهاز ۾ لڳل ”سئٽلائيٽ نيويگيٽر“ اسان کي exact پوزيشن کان آگاهه ڪريو ڇڏي. اهڙي طرح اسان کي اڳواٽ طوفانن ۽ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ زلزلن (سونامين ۽ سئڪلونن) بابت ماڊرن اوزار آگاهه ڪريو ڇڏين .... پر افسوس جو اڄ به ڪو ”برمودا ٽڪنڊي“ ۾ ٿيندڙ انهن حيرتناڪ حادثن ۽ غيباتي ڳالهين جو ڪو ٺوس سائنسي سبب ٻڌائي نه سگهيو آهي.


هي مضمون لکڻ کان اڳ مون پنهنجن پوڙهن ڪلاس ميٽن کان ان بابت جڏهن پڇيو ته هر هڪ اها ئي راءِ ڏني جيڪا سالن کان مختلف ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پڙهندا رهيا آهيون. جيئن ته Methane گئس جي موجودگي ڪري جهاز ٻڏيو وڃن .... سمنڊ اندر لوهه جي کاڻين ۽ جبلن ڪري ڪمپاس (قطب نما) ۾ error اچيو وڃي ۽ جهاز غلط راهه ڏي ڀٽڪيو وڃن .... غيبات ۽ جن ڀوتن ڪري ائين ٿئي ٿو .... هن هنڌ تي ڪئين شيدي غلام ٻوڙيا ويا هئا انهن جا روح بد دعائون ٿا ڏين .... هن سمنڊ ۾ خوفناڪ قسم جا ڪُن (Under Currents) آهن جن جي گھير ۾ جهاز اچي غرق ٿيو وڃن .... يا سمنڊ جو هي حصو تمام بزي رهي ٿو _ ان ڪري جهاز به ان حساب سان ٻڏن ٿا .... سمنڊ جي هن حصي جي موسم اوچتو خراب ٿيو پوي ۽ جهاز هلائيندڙ بچ بچاءُ ڪري نٿا سگهن .... وغيره وغيره. پر سچ ته جهازن سان واسطو هجڻ ڪري مونکي انهن سببن ۾ ڪا به اهڙي عقل يا سمجهه واري ڳالهه نظر نٿي اچي .... ڇا طوفان ۽ ڪُنون بحر اسود، چائنا سمنڊ .... ويندي خليج بنگال ۽ خليج بسڪي جهڙن سمنڊن ۾ گهٽ آهن؟ ڇا جهازن جي آمدرفت ٻين سمنڊن تي گهٽ آهي؟ سنگاپور ۽ جبرالٽر وٽ ته ايڏي ٽرئفڪ آهي ۽ سمنڊ ايترو سوڙهو آهي جو بس. پر اتي ته ان قسم جا ايترا حادثا هرگز نٿا ٿين.

رهيو سوال غيبات ۽ جنن ڀوتن جو سو رات جي ڊيوٽي يعني جهاز هلائڻ وارن کي اهڙا ڪئين خيال پريشان ڪندا رهندا آهن چاهي آفريڪا جو ڪنارو هجي يا ناروي سئيڊن وارو اتر قطب وارو برفاني علائقو .... جتي سياري ۾ رات ويهن ڪلاڪن کان به وڏي ٿئي ٿي ۽ اونهاري ۾ چوويهه ئي ڪلاڪَ روشني لڳي رهي ٿي. سوال آهي ته ڪٿي به جهاز ٻڏن ٿا ته انهن جا ڍانچا سمنڊ جي تري ۾ نظر اچن ٿا. هتي ڪجهه غائب ٿيل جهازن جا ڍانچا به نه مليا. ٻي ڳالهه ته دنيا جي سڀني سمنڊن تي ڏينهن رات ڏهن سالن کان به مٿي عرصو اسان جهاز هلائيندا رهياسين، مختلف سمنڊن تي انجڻ جي خرابيءَ ڪري جهازن کي هڪ هنڌ به بيٺل ڏٺوسين پر برمودا ٽڪنڊي سمنڊ کان علاوه ٻئي ڪنهن به سمنڊ تي اسان پاڻ يا ڪنهن ٻئي کان اهڙي جهاز جو نه ٻڌو جنهن تي ڪو بني بشر نه هجي. يا ڪنهن به هوائي جهاز کي بنا خرابيءَ جي سمنڊ ۾ ڪرندو نه ڏٺوسين.

سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ پاڻي وارا ۽ هوائي جهاز ان پراسرار طريقي سان ڇو غائب ٿيندا رهيا ٿي. انهن جي ٻڏڻ يا غائب ٿيڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو! ان لاءِ سالن کان ڪيتريون ئي ٿيوريون هلنديون اچن پر سڀ ماڻهو ڪنهن هڪ theory تي متفق راءِ نه آهن. مختلف جهاز مختلف حالتن ۽ مختلف مصيبتن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ تي هميشه اوچتو ۽ بنا ڪنهن اطلاع جي حادثا ٿيندا رهيا آهن ۽ جيتوڻيڪ غيبات جي هجڻ يا سمنڊ ۾ ٻوڙيل غلامن جي پٽن پاراتن جهڙيون ڪيتريون ئي theories موجود آهن پر چند جيڪي حقيقت جي ٿورو ويجھو محسوس ڪريان ٿو ۽ منهنجا ڪليگ جن مون سان يا ٻين سان هي ”برمودا ٽڪنڊي“ وارو سمنڊ ۽ دنيا جا ٻيا سمنڊ جھاڳيا، اهي انهن theories کي بهتر سمجھن ٿا، هن ريت آهن:

ميٿين گئس واري ٿيوري: Methane هوا کان تمام هلڪي گئس آهي. سگريٽ دکائڻ وارا جيڪي لائيٽر ٿين ٿا انهن ۾ گهڻو ڪري ميٿين يا اِيٿين گئس ٿئي ٿي. چيو وڃي ٿو ته سمنڊ جي تري ۾ تمام گهڻي ميٿين گئس ڦاٿل آهي جيڪا رکي رکي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري ٿي ۽ نڪرڻ وقت اها سمنڊ جي پاڻيءَ سان جڏهن مڪس ٿئي ٿي ته پاڻيءَ جي density ايتري ته گهٽجيو وڃي جو ان مٿان ترندڙ ننڍو توڙي وڏو، ڪاٺ جو توڙي لوهه جو جهاز يڪدم ائين ٻڏيو وڃي جيئن ڪو پٿر پاڻيءَ ۾ اڇلڻ سان يڪدم غائب ٿي وڃي. هونءَ ته سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لوڻ هجڻ ڪري اهو عام پاڻيءَ کان ڳرو ٿئي ٿو. ان ڪري ته چوندا آهن ته سئمنگ پول جي مٺي پاڻيءَ ۾ ترڻ کان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ ترڻ سولو آهي جو ان جي مقابلي ۾ انسان جو جسم ڪجهه هلڪو ٿئي ٿو. جيئن پاڻيءَ جو جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ جھاڳي جڏهن مسي سپي نديءَ ۾ گهڙندو آهي يا هندي وڏو سمنڊ لتاڙي بئنڪاڪ وڃڻ لاءِ ٿائلنڊ جي نديءَ ۾ گھڙندو آهي ته هن جو ڊرافٽ وڌي ويندو آهي .... يعني جهاز پاڻيءَ ۾ ڪجهه وڌيڪَ اندر گهڙي ويندو آهي جو درياهه جو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ کان هلڪو ٿئي ٿو.

سو اهو مٿيون مثال ڌيان ۾ رکي سوچيو ته هوا کان به هلڪي گئس مِيٿين ائين يڪدم سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملي وڃي ته اهو پاڻي ڪيترو هلڪو ٿي ويندو ۽ جهاز سمنڊ جي تر تائين پهچڻ ۾ ويرم ئي نه وٺندو. ۽ اها گئس سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ملڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ مهل سمنڊ جي ان حصي کي صابڻ جي گجيءَ جهڙو ڪريو ڇڏي ۽ اها گئس هلڪي هجڻ ڪري سمنـڊ مان نڪرڻ سان مٿي آسمان جو رخ رکي ٿي ۽ ان وقت مٿي ڪو جهاز لنگهندڙ آهي ته ان کي باهه وٺيو وڃي. ڦوڪڻن ۾ جيڪا هلڪي گئس ڀري ٿي وڃي اها ”هيليم“ آهي. هيليم گئس کي باهه نٿي لڳي جو اها Inert (مردار) آهي پر ميٿين گئس ته آهي ئي پيٽرول جو حصو. ميٿين ۾ هڪ ڪاربن ۽ چار هائڊروجن جا حصا آهن جيڪي سڀ کان جلد ۽ خطرناڪ ٻارڻ آهن. ۽ هيءَ گئس جڏهن بوهارا ڏئي سمنڊ جي تري مان نڪري ٿي ته ڪو ڪلو اڌ ڪلو نه پر ٽنن جي حساب سان نڪري ٿي. ۽ هوائي جهاز کي گهيري منٽن ۾ مڪمل طرح تباهه ڪريو وجھي. آمريڪا طرفان جيڪي ان سلسلي ۾ کوجنائون ڪيون ويون آهن انهن مطابق بنا شڪ جي سمنڊ جي تري ۾ ”ميٿين هائڊريٽ گئس“ جا وڏا ذخيره موجود آهن پر ان جي ڪا ثابتي يا رڪارڊ نٿو ملي ته برمودا ٽڪنڊي مان رکي رکي ڪا اها گئس نڪرندي رهي ٿي جنهن ڪري جهاز ٻڏندا رهن ٿا.

ڪيترا ماڻهو ”سرگاسو سمنڊ“ جي پڻ ڳالهه ڪن ٿا. هتي هڪ عام پڙهندڙ جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته وڏن سمنڊن جي آخري حصن جا مختلف نالا ٿين ٿاجيئن عربي سمنڊ، ايراني نار وارو سمنڊ، خليج بنگال وارو سمنڊ ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا سمنڊ ”هندي وڏي سمنڊ“ ۾ اچي وڃن ٿا تيئن انهن وڏن سمنڊن جي وچ ۾ به مختلف سمنڊ اچن ٿا جن جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجي خاصيت ٿئي ٿي .... ڪٿي ڪٿي سمنڊ اندر ڪُنون ۽ Under Currents ٿين ٿا جن جي وَٽ ۾ اچي ڪيترا جهاز ۽ ٻيڙا گھوماٽجيو ٻڏيو وڃن .... ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته سمنڊ اندر درياهه به ٿين ٿا انهن ۾ جي جهاز اچي ٿو وڃي ته ڪک پن وانگر لڙهي وڃي ٿو .... خاص ڪري انجڻ بنا وارا جهاز.

سو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هن برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ واري حصي اندر ”سرگاسو“ نالي هڪ سمنڊ پڻ آهي. هي سمنڊ هڪ عجيب سمنڊ آهي جنهن جي چوڌاري ڪنارو نه پر پاڻي جا وهڪرا (Currents) آهن. برمودا ٽڪنڊي مان گذرندي ڪو جهاز خراب موسم ۾ سرگاسو سمنڊ ۾ گهڙيو ٿي ته هن سمنڊ جي چوڌاري پاڻيءَ جا تيز وهڪرا ان کي لوڙهي وڃن ٿا ۽ وڏا وڏا ناکئا ۽ ڪئپٽن منجھي پون ٿا ۽ سندن جهاز بتال ٿيووڃن. ماضيءَ ۾ جڏهن سڙهن وارا  ڪاٺ جا جهاز هئا ته اهي ته هيڪاندو سولائيءَ سان سرگاسو سمنڊ جي تيز رفتار وهڪرن ۾ لڙهي ويا ٿي.

ڪي سائنسدان ۽ نيويگيٽر برمودا ٽڪنڊي ۾ جهازن سان پيش ايندڙ پراسرار واقعن جو سبب ”اليڪٽرانڪ ڌنڌ“ (Electronic Fog)  چون ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته مينهن جي کنوڻ ڪرڻ وانگر هڪ عجيب قسم جو گھاٽو ڪڪر اوچتو ئي اوچتو نموندار ٿي پاڻي جي جهاز يا هوائي جهاز کي چادر وانگر ويڙهيو ڇڏي ۽ جهازن جا رستو ڏيکاريندڙ سڀ اوزار نڪما ٿيو پون .... ۽ پوءِ هوائي جهاز يا شپ (پاڻيءَ جو جهاز) غائب ٿيو وڃي.

سوال آهي ته  ڪيڏانهن غائب ٿيو وڃي ان جو ڪو جواب نٿو ڏئي ۽ اها اليڪٽرانڪ فاگ واري theory فقط برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ سان ئي وابسته ڇو آهي؟ ٻين سمنڊن سان ڇو نه؟

اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ جڏهن ۱۹۶۸ع ۾ مون سامونڊي نوڪري اختيار ڪئي، ان وقت کان اڄ تائين برمودا ٽڪنڊي تي گهٽ ۾ گهٽ ڊزن کن ڪتاب، سؤ کن مضمون ۽ ڪيتريون ئي فلمون ۽ ٽي وي ڊاڪيومينٽريون ڏسي چڪو آهيان پر آئون پاڻ به مونجھاري جو شڪار آهيان. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ڳالهه ۾ آهي ڪجهه ڪونه اسان جهازي ماڻهن، ڪهاڻي نويسن ۽ ميڊيا وارن کڻي ان ڳالهه کي اڇاليو آهي جيئن رکي رکي سنڌ ۾ ڪنهن قبر تي مقبرو اڏجي ويندو آهي، چوڌاري جھنڊا لڳي ويندا، مجاور ويهي ويندا ۽ اهو مشهور ڪيو ويندو آهي ته هي وڏي ڪاني ڪرامت وارو بزرگ آهي ۽ پڙهيل توڙي جاهل ماڻهو دل جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ سکائون باسڻ لاءِ پهچي ويندا آهن. اخبارن ۽ ٽي وي وارا به اهڙين ڳالهين کي کڻي کڻندا آهن ۽ پوءِ ڪيترا اهڙا مريد به  نڪري پوندا آهن جيڪي ان پير جون هٿ ٺوڪيون ڪرامتون ٻڌائي ماڻهن جي دلين ۾ خوف ۽ تجسس پيدا ڪندا آهن. ”برمودا ٽڪنڊو“ به ائين آهي.  پر ڳالهه آهي ته ان کان به ته ڪو انڪاري ناهي ته سمنڊ جي هن حصي ۾ صدين کان .... گهٽ ۾ گهٽ ڪرسٽافر ڪولمبس کان (جيڪو هي سمنڊ اڪرڻ وارو پهريون ماڻهو هو) جهاز جا پُر اسرار واقعا ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به ٿيندا رهن ٿا.  برمودا ٽڪنڊي جي حيرت انگيز حادثن جو سبب ڪيترا ماڻهو سخت موسم به چون ٿا. جيئن ۱۵۰۲ ۾ هتي لڳندڙ سخت قسم جي هوائن ۾ اسپيني ٻيڙو Fleet ٻڏي ويو هو. طوفانن ڪري جهازن جي ٻڏڻ جو هي پهريون دستاويزي واقعو آهي. ڪيترائي جهاز ۽ انساني جانيون هنن طوفانن ۾ غرق ٿي ويون .... خاص ڪري هڪ صدي اڳ تائين جڏهن جهاز هلائڻ وارن کي سمنڊ ۾ ايندڙ طوفانن جي اڳواٽ خبر نٿي پئي. ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ مٿان گرم يا گهڻي ٿڌي هوا جي تيز لهر اچڻ ڪري به جهاز ٻڏيو وڃن. ۱۴ مئي ۱۹۸۶ع تي برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ”پرائيڊ آف بالٽيمور“ نالي هڪ جهاز ٻڏي ويو پر ان جا هڪ ٻه ماڻهو بچي ويا. اهي ٻڌائين ٿا ته هوا جي رفتار اوچتو ئي اوچتو ۲۰ ميل في ڪلاڪ مان وڌي ۹۰ ميل في ڪلاڪ ٿي وئي .... ان سان گڏ هوا پنهنجو رخ به ڦيرائي ورتو هو. اهڙيءَ ئي حالت ۾ ۲۰۱۰ع ۾ Concorida جهاز ٻڏي ويو هو. جنهن لاءِ طوفانن جو ماهر جيمس (James Lushine) پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته:

“....... During very unstable weather conditions the downburst of cold air from aloft can hit the surface like a bomb, exploding outward like a giant squall line of wind and water.”

بہرحال اہي جهاز ته موسم جي خرابيءَ ڪري ٻڏي ويا ۽ ٻڏي ويل ماڻهن مان جيڪي بچي سگهيا انهن پنهنجو ۽ جهاز جي ٻڏڻ جو احوال ٻڌايو پر ”ايلن آسٽن“ نالي جهاز جيڪو ۱۸۸۱ع ۾ نيويارڪ ڏي وڃڻ لاءِ برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ لتاڙي رهيو ان لاءِ ٻڌائين ٿا ته اهو جهاز ڏسندي ئي ڏسندي غائب ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن هو وري نظر آيو ته ان تي هڪ به ماڻهو موجود نه هو .... نه مسافر نه جهاز هلائڻ وارا! نيٺ جهاز جي مالڪ ٻئي جهاز ذريعي نئون عملو هن جهاز تي موڪليو جيڪي ان کي هلائي نيويارڪ وٺي آيا.

برمودا ٽڪنڊي ۾ ٿيندڙ حادثن جو وڏو سبب جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڪمپاس (قطب نما) ۾ نقص (error) به چيو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي .... يعني اهو سبب. ڪراچي بندرگاهه کان يا ٻئي ڪنهن بندرگاهه بمبئي يا ڪولمبو کان آفريڪا کنڊ جي ڪنهن بندرگاهه ڏي وڃڻ لاءِ الهندي جو رخ اختيار ڪر ته ڪجهه ڪلاڪن بعد چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي ٿو. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن وڏي ٿالهه جي وچ ۾ فقط توهان جو جهاز بيٺو آهي. ٿالهه جو مثال ان ڪري ڏنو اٿم جو دنيا گول آهي. چورس هجي ها ته پوءِ چوڪنڊي رومال جي وچ ۾ محسوس ڪجي ها.

هاڻ جيستائين ماڻهو بندرگاهه ۾ آهي ته عمارتن جي رخ  مان خبر پئجيو وڃي ته هي پاسو اتر آهي، هي پاسو ڏکڻ. پر سمنڊ تي جيڪڏهن توهان کي ڪو به اوزار نه هجي ته توهان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو طرف ڪهڙي پاسي آهي. صبح جو يا شام ڌاري ته سج اڀرڻ ۽ لهڻ مان توهان کي اوڀر ۽ اولهه جي خبر پئجي سگهي ٿي جنهن مان اتر ۽ ڏکڻ جو به اندازو لڳائي سگهو ٿا پر منجھند مهل جڏهن سج بلڪل مٿان آهي يا رات جي وقت جڏهن ڪڪرن ڪري تارا به نظر نٿا اچن ۽ توهان جي ٻيڙي يا جهاز مختلف طرفان کان لڳندڙ ڇولين ۽ تيز هوائن ڪري ڦيرا پيو کائي ته ان کي توهان ڪيئن سڌي واٽ تي آڻيندائو .... مثال طور توهان ڪيئن معلوم ڪندائو ته الهندو ڪهڙي پاسي آهي جنهن طرف ڏي آفريڪا کنڊ آهي جنهن جي ممباسا، زنجبار يا مپوتو بندرگاهه ۾ توهان کي لنگر انداز ٿيڻو آهي؟ سو بنا طرف سڃاڻن جي سمنڊ تي جهاز هلائڻ نا ممڪن ڳالهه آهي. زمين تي ته اڳواٽ روڊ ٺهيا پيا آهن جن تان توهان ڪار يا بس هلايو ٿا. بلڪه روڊ تي ميلن يا ڪلوميٽرن جا پٿر به  لڳا پيا آهن جن مان توهان کي خبر پوي ٿي ته توهان ڪيترو فاصلو طيءِ ڪيو آهي ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ اڃان ڪيترا ميل يا ڪلوميٽر مفاصلو رهي ٿو. ان کان علاوه توهان کي ڪار جي ”اسپيڊو ميٽر“ مان به خبر پئجيو وڃي ته اها ڪيتري رفتار سان هلي رهي آهي ۽ گهر کان نڪرڻ بعد ڪيترا ميل هلي آهي.

سمنڊ تي زمين وارو حساب ناهي ۽ نه جهاز موٽر ڪارون آهن. سمنڊ تي پاڻ رستو ٺاهڻو پوي ٿو ۽ طرفن جي معمولي غلطي به حادثي جو سبب ٿي سگهي ٿي. جهازن تي جيتوڻيڪ ڪار وانگر اسپيڊو ميٽر آهي جيڪو رفتار به ٻڌائي ٿو ته طيءِ ڪيل فاصلو به پر سمنڊ تي طوفانن ۽ لهرن ڪري ضروري ناهي ته جهاز اوترو اڳيان وڌيو به هجي. ذرا تصور ڪريو توهان ڪار ۾ هڪ سؤ جي رفتار سان حيدر آباد کان ڪراچيءَ پيا وڃو. ٽن ڪلاڪن بعد  جڏهن توهان ڪنهن واٽهڙوءَ کان پڇو ته ”بابا ڪراچي اچي وئي يا نه؟“ ۽ هو توهان کي  جواب ڏئي ته ”هي ته ڄامشورو آهي“ ته توهان جي ڇا حالت ٿيندي. پر سمنڊ تي اها ڪاروائي هڪ نارمل ڳالهه  آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سامهون جا ايڏا ته سخت طوفان ۽ انهن سان گڏ سمنڊ جون سامهون جون ڇوليون هونديون آهن جو ۲۴ ڪلاڪن بعد جڏهن دنيا جي گولي تي پنهنجي جهاز جي پوزيشن معلوم ڪبي آهي ته خبر پوندي آهي ته جتان کان هليا هئاسين ان کان به پٺيان ٿي ويا آهيون .... يعني ڄامشورو ته ڇا بلڪه حيدرآبد جي به پٺيان مٽياري يا هالا ۾ بيٺا آهيون.

صدين کان سمنڊ تي طرف ڏسڻ لاءِ اڄ به بنيادي اوزار ڪمپاس (قطب نما جي دٻي) آهي جنهن جي سُئي هر وقت اتر قطب ڏيکاري ٿي .... يعني اتر ڏيکاري ٿي، پر جيئن ته قطب نما جي هيءَ سئي يا ڪانٽو جيڪو ان بنياد تي ڪم ڪري ٿو ته دنيا جي گولي اندر چقمق موجود آهي. ان ڪري ڪمپاس جي سُئي جيڪو طرف ڏيکاري ٿي اهو اتر ضرور آهي پر اسان ان کي چقمقي اتر (Magnetic North) سڏيون ٿا ۽ ضروري ناهي ته ان سُئيءَ موجب هوائي جهاز يا پاڻيءَ واري جهاز ۾ هلندا وڃون ته بلڪل اتر قطب ۾ وڃي نڪرنداسين. ڌرتي جي گولي وارو ”اتر“ جاگرافيائي اتر (Geographic North) سڏجي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو فرق اچي ٿو ان کي ڪمپاسي فرق (Compass Variation) سڏجي ٿو ۽ سمنڊ تي رستي جو حساب ڪتاب ڪرڻ مهل ان فرق (Deviation) جو هميشه خيال رکڻو پوي ٿو. ۽ اهو فرق مختلف هنڌن تي مختلف ٿئي ٿو جنهن جو مدار سمنڊ اندر  لوهي کاڻين جا جبل به ٿي سگهن ٿا! برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ ان معاملي ۾ بيحد بدنام آهي جو اهو فرق هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ۽ هڪ وقت کان ٻئي وقت تمام گهڻو هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو ۽ هوائي جهاز توڙي پاڻيءَ جو جهاز هلائيندڙن جون وايون بتال ڪريو ڇڏي. سو ڪنهن حد تائين جهازن جي حادثن جو ”ڪمپاس“ (قطب نما) کي ڏوهه ڏيڻ صحيح آهي پر برمودا ٽڪنڊي ۾ هر حادثو ڪمپاس جي error ڪري به ته چئي نٿو سگهجي.

ائين ته جهازن جي حادثن جو سبب انساني غلطيون (Human Error) به آهن. جهازن جي هيڏي ماڊرن هجڻ جي باوجود سمنڊ جي زندگي ذهني توڙي جسماني طرح بيحد ٿڪائيندڙ آهي. سو ٿَڪَ ۽ پريشاني جي حالت ۾ ڊيوٽي وارو نيويگيٽر غلط حساب ڪتاب به ڪري سگهي ٿو. ويتر جي هن کي ڪمپاس ئي غلط رستو ڏيکاري ته هو ڇا ٿو ڪري سگهي! ۽ رستو ڏيکاريندڙ اوزار برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ تي ئي گهڻي خرابي پيدا ڇو ٿا ڪن اهو اڄ به اڃان راز آهي. ۽ ائين به ته نه آهي ته برمودا ٽڪنڊي ۾ هر وقت ۽ هر جهاز سان اها ويڌن ٿيندي رهي ٿي .... آخر اسان به ڪيترا ئي دفعا اهو سمنڊ جو حصو اڪريو هوندو. سواءِ پهرين دفعي بئالر جي مسئلي ڪري جهاز کي برمودا جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي آيا هئاسين نه ته ڪڏهن ڪجهه نه ٿيو .... اڄ به ۽ هن وقت به، برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ تان ڪيترائي جهاز آمريڪا ۽ يورپ ۽ آفريڪا کنڊن جي بندرگاهن ڏي اچي وڃي رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment