Monday, December 12, 2016

مُهين جو دڙو - احمد شاڪر


مُهين جو دڙو

تهذيبن جي ماءُ ڏانهن وڃڻ کان پوءِ منهنجا تاثرات

احمد شاڪر

جهڙيءَ طرح اسان وسيلن جِي مالڪيءَ کان اوجهل آهيُون، اهڙيءَ ئي طرح وانگيان اسان پنهنجن ماڳن جي تحفظ کان به غير ذميوار آهيُون! دُنيا وارن فيض احمد فيض جِي هنن سٽن “ستارون ڪي آگي جهان اور بهي هين!” سان اهڙو ته نڀاءُ ڪيو آهي جو، هُو پهريان چنڊ تي پوهتا ۽ هاڻي هُو ٻين سيارن ۽ نئيُن دُنيائُن کي دريافت ڪري رهيا آهن، ۽ مسلسل ڪاميابين جي طرف روان دوان آهن. ۽ اسان هر روز نئين اُڀرندڙ سج جيان نه، پر لهندڙ سج جيان لهندا ٿا وڃون، ۽ اُونداهيُن جي طرف ڌڪجندا زورداريءَ سان ڌڪجندا ٿا وڃون! اِهو الميو چئجي، پنهنجِي ڪوتاهي، لاپرواهي چئجي، يا غُلاميءَ جو ڪارڻ..!!؟؟


ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاليج مان ڪلاس وٺي، جيئن ئي ڪلاس مان ٻاهر نڪتاسين ته موسم ڪُجهه پياري ۽ وڻندڙ لڳي. ڀر ۾ بيٺل پياري دوسٽ يوسف اصغر ٻُٽڙي کي چيم ته ڇا خيال آ ڪڏانهن چڪر لڳائجي؟ يار به هاڪار ڪري ڦٽڦئيءَ جي ڪِڪ لڳائي ۽ آءُ ويٺُس، يار هلڻ واري ڪئي. تهذيبُن جِي ماءُ، سنڌهو تهذيبَ جي سينٽر ايريا، مُهين جي دڙي ڏانهن هلڻ لڳاسين! هي پروگرام اتفاقن جُڙيو، ميهڙ منجهان بائيڪ تي راڌڻ روڊ کان باڊهه روڊ کان مُهين جي دڙي لاءِ روڊ جي کاٻي پاسي کان يُوسف پئي ڊرائيو ڪئي. آءُ پوئيان ويٺو رهيس! دل ۾ وسوسا جنم پئيا وٺندا وڃن، ته الائي روڊ سهي آهي الائي نه، ڪو ڦُر وغيره نه ڪري وڃي. وري دل کي دلجائي ڏنم ته، چري چوندا ناهن ته، “ٻه ته ٻارنهن.!” پوءِ وري آءُ چهري کي ٺاهي، اکيُن کي کولي رکيو، ۽ ڪڻڪ جو لابارو ڪندڙن هارين، نارين تي نظروُن وجهندو رهيس. ۽ ذهن ۾ مُهين جي دڙي جو خاڪو ۽ منظر پسندو رهُيس! هيءُ منهنجو مُهين جي دڙي ڏانهن ۲۰ سالن جِي عُمر ۾ پهريون ڀيرو پنڌ هُيو! هيءَ “سفر نما_لکڻي!” لکندي مونکي پنهنجي بچپن جِي هڪ دل ڏُکائيندڙ يادگيري پاڻ ڏانهن سِرڪائيندي پئي وڃي! “آءُ جڏهن ٻين ڪلاس ۾ پڙهندو هُيس، ته اُن وقت اسان جي ٻين ڪلاس جي سائين مُحترم نظير احمد خاصخيليءَ، ڪلاس جي شاگردن جي ڄاڻ ۽ تفريح جي لاءِ هڪڙو پروگرام رٿيو هُيو. سڀني دوستن پنهنجي، پنهنجي حصي جِي “ڦوڙي” جمع ڪرائي، جن ۾ منهنجا اڄ جا دلي دوست فهد عباسي ۽ بلاول لاکير به شامل هُئا. پر افسوس ته مون وٽ اُن وقت هڪ سوء رُپيا به نه هُئا “ڦوڙيءَ” جي لاءِ جو آءُ پنهنجن وڏڙن جي عظيم ورثي کي ڏسي سگهان هان!” جنهن وقت يعني هن وقت جڏهن آءُ هيءَ “سفر نما_لکڻي!” لکي رهيو آهيان، ته اين اُن وقت آءُ بيروزگاريءَ جي بحري بيڪران ۾ ٻُڏ، ترَ جو شڪار آهيان! خير! اِها به هڪ ياد سيني جي کاٻي پاسي يعني دل م دفن ٿيل هُئي، ۽ مُهين جي دڙي جي ذڪر ڪرڻ وقت دريافت ٿي پئي، ۽ هن لکڻيءَ جو حصو بڻجي پئي..!!

آءُ هن “سفر نِما_لکڻيءَ!” ۾ مُهين جو دڙو پيو لکان. هُوئين عام طور تي موهن جو دڙو يا وري موئن جو دڙو ڪري لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي. سائين لطف پيرزادو پنهنجي لکڻيءَ ۾ لکيو آهي ته، “سائين انور پيرزادو مُهين جو دڙو ڪري لکندو ۽ پڙهندو هُيو. جنهن جو رفرنس، سائين انور پيرزادو، سر جان مارشل پاران استعمال ڪيل اسپيل جو سنڌيءَ ۾ اُچار ‘مُهين جو دڙو’ ٿيندو.!” سو اِها ڳالهه مونکي وڻي. ۽ دل سان به لڳي! سو اِن ڪري مون به مُهين جو دڙو ڪري لکيو آهي. منهنجي ذهن ۾ مُهين جي دڙي جو جيڪو نقشو، خاڪو هُيو، سو ٻيو هُيو، يعني جيئن دُنيا جا ٻيا عجُوبا آهن، تاج محل، پيٽرا، ديوارِ چين، عيسي جو مُجسمو وغيره! اُنهن عجُوبن، ماڳن تي جيئن سيڪورٽي، انتظاميه، گائيڊ ۽ خاص ڦورس جيڪا اُنهن عجوبن، ماڳن جي تحفظ جي لاءِ هوندي آهي. سو ائين ئي بلڪل مُهين جي دڙي تي به انتظام هُوندو، پر هتي ته ڪجهه به نه هُيو..!! ٽڪيٽ وٺي مُهين جي دڙي جِي ايريا ۾ داخل پئي ٿياسين ته، بلڪل سامهون مين روڊ جي ساڄي پاسي بُورڊ لڳل هُيو، جنهن تي لکيل هُيو،“شاهراهه انور پيرزادو، ڳوٺ ٻُلهڙجِي.!” دل سَٽ کاڌي ته يارَ! هيءُ ئي مُهين جي دڙي جي عاشق سائين انور پيرزادي جي ڳوٺ ڏانهن اشارو آهي. جتي هينئر سائين لطف پيزادو ۽ آزادي پسند، هيمون ڪالاڻيءَ جي تسلس شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ حفيظ پيرزادو،(جيڪو هن وقت سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ “ديوارن جِي دنيا پوئيان!” قيد آهي.“بندي ٻيا به قرار...اسين لوچيون لوهه ۾.!”) ۾ رهائش پزير آهن. ڪنهن دورَ ۾ هيءُ ڳوٺ ڪميُونسٽ نظريعي جو مضبوط مورچو هُيو، ۽ اڄ وري سنڌ جِي آزاديءَ جو هتان سج اُڀرندي نظر اچي رهيو آهي.!دل ۾ اِهو خيال ڪري مُهين جي دڙي جِي مين گيٽ اندر پير رکيو ته، مُوٽَ تي ضرور سائين لطف پيرزادي سان هٿ به ملائبو ۽ سندس عظيم پُٽ شهيد سرويچ پيرزادي جي دعا به گُهربي ۽ شهيد سرويچ جِي مزار تي حاضري به ڀربي! جيئن ئي جو مُهين جي دڙي جِي ايريا ۾ گهڙياسين ته وڏن، وڏن وڻ جِي وڻندڙ ڇانوءَ لڳي پئي هُئي، ۽ ٿڌڙي، ٿڌڙي هيرَ سنڌهو دريا منجهان ٽُٻي لڳائي ڪُونئرن جسمن کي جيئن جو ڇُهي پئي ته، وهه..واهه سُرور..سُرور سفر جا سمورا ٿَڪَ هڪ جهونڪي منجهه لهي پئي ويا.! هَٿِ مُنهن ڌوئي ڪينٽين تان ٻاڙي پاڻيءَ سان ميڪسچر کيرَ جِي کٽي، مٺي چانهن پيتي، هينيانو تي پٿر رکي.! ڪُجهه گهڙيُون پسار کان پوءِ گهمڻ جِي شُرعات ميُوزم کان ڪئي، جنهن جِي اصل وزٽ فيس ۲ روپيا پرچيءَ تي لکيل هُئي، پر وري تنهن ٻِي رُپين جي مٿهان ۲۰ رُوپين جو اسٽيمپ لڳل هُيو. ٻن ڄڻين جا چاليهه رُوپيا ورتن، ميوزم انٽري فيس ڀري ته يُوسف پر، اندر مُنهنجو سڙي ويو! ادا! هل ته هلي گهمون! “نو سموڪنگ...نو ڦوٽو گرافي...نو مُووي رڪارڊنگ.!” ميوزم جِي پاس گيٽ تي ننڍڙين سُهڻين تختين تي هيءُ ٽئي جملا انگريزيءَ ۾ لکيل هُئا. مون يوسف کي هُوشياري وٺرائيندي چيو ته“ٻُٽڙا! متان موبائل ڪڍي اسٽائلن سان وتين ڦوٽا ڪڍندو ته، انتظاميا موبائل نه ضبط ڪرئي!”ته موٽ ۾ هُن بنا هٻڪَ جي جملو اُڇليندي چيو ته، “شاڪر ميان! پاڪستان آ سڀ ڪُجهه هلي ٿو!” چڱو ادا! هل ته اندر ڏسُون آهي ڇا؟ ڇا ڏسُون ته ميوزم اندر مايُن، مُڙسالن جا ڊنبلا هُئا. وتن پيا سڀ نوادراتن سان سيلفيُون ٺائيندا. ميوزم مون کي وڻيو. ايڏو به ڪو چڪو خاصو انتظام نه هُيو جو ويهي تعريف ڪجي. بهرحال ٿوريُون ئي شيُون (نوادرات) سُهڻا، سٺا ۽ حيرت ۾ وجهندڙ لڳا. ۽ سنڌ جي شاهڪار تهذيبَ جو دور اکين آڏو ڦرڻ لڳو. انساني هڏا، جانورن جا هڏا، هاٿيءَ جا ڏندَ، ٽامي جا ٿانوء، مٽيءَ ۽ ٽامي جا زيورات، ۽ ٻيُون به لاتعداد نوادرات عام شيشن جي شوڪيسن ۾ پيل هُئا. نه اُنهن مٿهان ڪو چوڪيدار ۽ نه ئي ڪو ڪڙڪ عملدار پهرو ڏيندي نظر آيو! جنهن کي جيئن وڻي پيو ڏسن پيا ۽ وتن پيا سيلفيُون ٺاهيندا..!!

ميوزم گهمين ٻاهر نڪري ڪائوونٽر تي آياسين، جتان ميوزم گهمڻ جُون ٽڪيٽون جاري ٿين پيُون. چند منٽَ اُتان جي انچارج سان (جنهن جو نالو ته مونکان وسري ويو، ها پر ذات ياد آهي، هو ذات جو چنو هُيو.) ڪُجهه مُهين جي دڙي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، سو به مون جيان مُهين جي دڙي جِي لتاڙَ حوالي سان پريشان نظر پئي آيو. هاڻي اسان جو رُخ مُهين جي دڙي جي کوٽائي ڪيل حصي طرف هو. ڪُجهه قدم ميُوزم کان اڳتي وڌياسين ته ٻيا به ماڻهو گُهندي نظر آيا. مُون جيئن جو ڪنڌي کي ڦيرائي اسٽوپا تي نظر وڌي ته سچ اُن وقت کيرٿر ۽ ڪارُونجهر ڄڻ ته اسٽوپا جو ٻيو رُوپَ ڀاسيا! جيئن ئي آءُ ۽ يوسف ننڍڙي گيٽ تي پوهتاسين جيڪا مُهين جي دڙي جي کوٽيل کنڊڙات جِي ايريا جي هُئي. مُون جُهڪي اسٽوپا کي ٻانهُون ٻڌي سلام ڪري اندر داخل ٿيم. مُون ڏٺو ته، انتظاميا جي لاپرواهي ايڏي ته هُئي جو هڪ دم ته شديد ڪاوڙ آئي اِن تي ته، مين گيٽ جتان پاسنگ فيس وٺي ماڻهن کي داخل ڪيو پيو وڃي، اُتي ٽي، چار ڄڻا دٻدٻي سان سينو تاڻي بيٺل نظر ٿي آيا. پر، هتي جتي مين جڳهه آهي، اسٽوپا، سُوئمنگ ۽ ٻيُون جڳهيُون جيڪي کوٽائي ڪري نمُوندار ڪيُون ويُون هُيون، اُنهن جِي حفاظت جي لاءِ هڪ به همراهه نظر نه ٿي آيو. افسوس ۽ ڪاوڙ ڪنهن تي ڪجي، انتظاميا تي يا جيڪي سنڌ جي مالڪيءَ جِي دعوا ڪندا آهن، تن تي! مُون پهريان وڃي اسٽوپا کي غور سان ڏٺو، ۽ عجيب و غريب ڪيفيت جنم ورتو ٿي ته، هي مُهين جو دڙو ايتري ڪيتري پاڻ منجهه ڪشش ٿو رکي جو دُنيا جي ڏاهن، فيلسوفن جو پاڻ ڏانهن توجهه ٿو ڇڪرائي. مون محسوس ڪيو ته، سرجان مارشل ۽ سائين انور پيرزادي سميت يا کڻي ايئن چئجي ته، مهين جي دڙي جي عاشقن جُون محنتون اڄ سڦلتا جِي سرحد ٽپي منزل جِي مسند تي وڃي ويٺيُون آهن، جو روز بروز ڏيهي توڙي پرڏيهي تاريخ، فلسفي، ڏاهپَ جا شاگرد ٿا اچن، ۽ پنهنجا نيڻ ٿا ٺارن مُهين جو دڙو ڏسي.! گُهمندي، گُهمندي مُون ٻه کُونهه ڏٺا. مُمڪن آ ته ٻن کان مٿي به هُجن، هڪ بيضوي جِي شڪل ۽ ٻيو عام کُونھن جيان گول هُيو، ٻئي هُئا ته لَٽيل پر، اُنهن جِي شڪل واقعي ۾ به سچَ جو اولڙو پئي لڳيُون. کُونهن جي ڀرَ کاٻي پاسي ۾ نالي هُئي جيڪا ڍڪيل نالي هُئي، ٿورو اڳتي وڌياسين ته سُوئيمنگ پول به ڏٺو، ۽ سچ ته هنن جڳهين کي ڏسي ڪري مُنهنجو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيڻ لڳو، ته جڏهن دُنيا اُونداهين، عام انساني زندگيءَ جي گُذاري کان به نا آشنا هُئي اُن وقت سنڌ جا رهواسي اڄ جِي انساني زندگيءَ جي ذري گهٽ ساڳي سهولتن واري زندگي گذاريندا هُئا. اُن وقت اَن به اُپائيندا هُئا ته، وڻج واپار به مُلڪان مُلڪن تائين آسانيءَ سان ڪندا هُئا. مُهين جي دڙي گُهمڻ دوران ٽه نوجوان نظر آيا، جيڪي هُئا ته سنڌي پر، ڳالهائي وري اُڙدو رهيا هُئا، اهڙو ته هشر اُڙدو ٻوليءَ سان ڪين جو ڪو جُملو سرائيڪي ته، ڪو وري بلوچي ته، ڪو وري سنڌي، هُئا به بلڪل پوئيان سو لفظ بلفظ چٽو ٿي ٻُڌڻ ۾ آيو، کل به اچي پئي ته ڪاوڙ به.! کنڊڙات گُهمندي، گُمندي ۽ غور و فڪرَ سان ڏسندي ڪنهن دم دل ئي دل ۾ آزادِ سنڌ جو خاڪو جُڙندي نظر آيو. اُهو ڪيڏو نه دلفريب منظر، وقت، پل، سمئه هُوندو، جنهن وقت، پل، سمئه آزاد سنڌ هُوندي.! ڪافي جڳهيُون گهڻ کان پوءِ وري اسٽوپا جي سامهون آياسين جتي بيهندي سامهون ئي سامهون سنڌهو بادشاهه طرف مُنهن ڪري پاڻ کان وچن ورتم پئي ته، “جيئبو به ته سنڌ لئه، ته مربو به سنڌ لئه.!” تنهن کان پوءِ اسٽوپا طرف بيهي ڪري ٻانهُون ٻڌي سلام ڪري مُهين جي دڙي جي کنڊڙاتن کان ٻاهر نڪري، ڪينٽين تي آياسين چانهن جا گرم، گرم ڍُڪ سُرڪندي ڪُجهه گهڙين جِي پسار کان پوءِ نڪرڻ جا سانڀا ڪياسين. يُوسف گاڏي اسٽارٽ ڪئي، آءُ پوئيان شاهي سواري سمجهي ٻلانگهه ورائي بادشاهن جيان ويٺس. يار! ايڪسليٽر کي زور سان ڦيرائيندي هليو. مُهين جي دڙي جي ايريا جي مين گيٽ ٽپي جيئن جو ٻاهر نڪتاسين ته، هڪ دفعو وري ٻيهر ڳوٺ ٻلهڙجي جي ڊاريڪشن بورڊَ تي نظر پئي، مون يوسف کي هلڪي ڪُلهي تي ٿڦڪي هڻدي چيو ته بيههو، بيهندي هڪ واٽهڙو کان پُڇا ڪئي ته، “ادا ڳوٺ ٻُلهڙجي ڪيترو پنڌ ٿيندو هتان کان؟” چيائين ته، “ڀاءُ! ڪو اڍائي، ٻه ڪلوميٽر پنڌ ٿيندو!” يُوسف دل نه ٻڌي، چيائين ته،“يار! هلون ٿا گهر وارن کي به ڪو اطلاع ناهي ته اسان ڪو ٻاهر آهيُون!” ۽ مُون به پاڻ ۾ وسعت نه ساري ته، ڪئين هلجي، ڪهڙو ماحول هُوندو ڳوٺ جو، سائين لطف پيرزادو هُوندو به الائي نه.! بس! ٻي واري ضرور هلبو ٻُلهڙجي ۽ سائين لُطف سان ڪچهري به  ڪبي، ۽ شهيد سرويچ جِي مزار تي به حاضري به ڀربي. هاڻي اسان ميهڙ جي لاءِ نڪتاسين ٿورو اڳتي هلياسين ته، مُون هڪ دفعو ٻيهر مُهين جي دڙي تي الوداعي نهار سان نهاريو، ته اسٽوپا جو اوچو سينو تاڻيل نظر آيو. ٿڌي ۽ گرم هوا جي ميلاپَ جو گڏيل لطف وٺندا باڊهه، راڌڻ واري روڊ ته چڙهياسين. ڪافي اڳتي هلياسين ته باڊهه ۽ راڌڻ جي وچ تي، هڪ چوڪي نظر آئي جنهن تي ڪُجهه ٻيا به مسافر ڪاري ورديءَ وارن جي هٿان يرغمال ٿيندي نظر ٿي آيا. اسان به جيئن ئي جو چوڪي تي پوهتاسين ته، سنهڙي سپاهيءَ هٿَ جي اشاري سان هڪ وڻ طرف اشارو ڪندي چيو ته، اِن وڻ جي هيٺان صاحب ويٺو آهي، تنهن سان ملو. مُون ڏٺو ته پَرينئن ڀرَ ۾ واقعي وڻ هيٺان هڪ “ديو!” ويٺل نظر آيو.سندس جِي ڀيانڪ شڪل ڏسي ڪري رحم جِي اپيل ڪرڻ تي دل ئي نه چيو، ته “جنابي عالي شاگرد آهيُون، مُهين جي دڙي ڏانهن گهمڻ آيا هُئاسين، ڪو چورَ، ڌاڙيلَ ناهيُون جو اوهان رستا روڪَ ڪئي آهي!” جيئن ئي جو پوهتاسين ديوَ جي سامهون ته، چيائين“ڪير آهيو، ڪڏانهن اچو پيا ۽ ڪڏانهن وڃو پيا.؟” سوالن پُٺيان سوالن جِي بوڇاڙ ڪري ڏنائين.! آءُ پاڻ ننڍڙيءَ دل وارو سو ٿورو پري ٿي بيٺم. سڄو احوال ۽ لين ڌين يُوسف کي سونپي ته، يارَ! ڏي مُنهن ! هڪ سپاهيءَ ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪندي چيو ته، صاحب ڏاڍو ڏنگو آ، ڪاغذ ڏيکاريس نه ته گاڏي چالان ڪندوَ! اڙي ڀڻا هاڻي ته وڏي ڏچي ۾ اچي وياسين! پر نه، همراهه ڪي صفا سُڃا هُئا، ۽ پيءُ، ماءُ کي ڇڏي ڪري وتن پيا عوام کان خرچي گُهرندا! ڪنهن کان ويهه ته ڪنهن کان ۳۰ ايئن وڃي ڪنهن کان ۱۰۰،۲۰۰ به.! پاڻ کي چين ته، ۲۰۰ ڏيو ۽ تڪڙا کسڪ صُورت پڙهو! صاحب! ۱۰۰ رُوپيا وٺو شاگردَ آهيُون. مُون چيو! وراڻيائين ته “شاگردَ آهيو تڏهن ۲۰۰ سو، نه ته گاڏي چالان!” اها ڳالهه ٻُڌي يُوسف بٽُون ڪڍي تڪڙو ۱۰۰ جو ڳاڙهو لالي نوٽ ڪڍي سپاهيءَ جي تريءَ تي بشهت جيان رکيئن. ۽ سپاهي باغ بهار ٿي پيو.!

هل يُوسف هل! واهه جِي پاڻ سان سنڌ پُوليس روئيداد ڪري وئي. ٿورو اڳتي وڌياسين ته، هڪ سائن بورڊ ڊاريڪشن ڏني، سيهڙ اسٽيشن طرف جتي سنڌ جو مجنُون عاشق مدفُون آهي. جنهن کي دنيا وارا ديش ڀڳت ۽ ذالفقار ڪولاچيءَ جي نالي سان سُڃاڻيندا آهن. هِن شهيدَ به سنڌ جِي آزاديءَ جِي جنگ منجهه شهادت ماڻي. هن روڊ سان ڪو راڄپڙن جو ته، ڪو ٻُٽن ۽ زردارين جو ڳوٺ نظر ٿي آيو. اسان ڏوڪريءَ وارو روڊ ڏي راڌڻ پوهتاسين. راڌڻ پوهچڻ وقت مونکي سنڌ جا ٻه نوخيز شاعرَ ياد آيا. هڪ رُومانوي شاعر سائين معصوم بُخاري ۽ قومي، عوامي شاعر سائين عاجز سرگاڻي ٻنهن کي آءُ خيالي سلامَ ڏنا. اسان اڳتي وڌياسين. ٿورو اڳتي وڏياسين ته، هڪ لِنڪ روڊ آيو جيڪو سعيدي موساڻيءَ جي طرف هُيو. جنهن تي چڙهياسين ته، مُختصر پنڌ کان پوءِ اسان سعدي موساڻي واري دڳ تي پوهتاسين. اِتائين شارٽ ڪٽ ٿي نڪتو سنڌي ٻُٽڙا جي لاءِ جيڪو يُوسف جو ڳوٺ هُيو، هن ڳوٺ سنڌ ڌرتيءَ کي تعليم جي ماهر، اڳوڻي هيڊماستر هاءِ اسڪول ون ميهڙ، سائين محمد صديق خميساڻي کي به جنم ڏنو آهي. جيڪا هِن ڳوٺَ لاءِ وڏي خوش قسمتي چئبي. ۱۰، ۱۵ منٽن جِي مُسافت بعد اسان سيتا روڊ تي چڙهياسين. هن روڊ تي جي ٻنهين طرفن کان سرنهن ۽ وڏڦ جو فصل هُيو، جن جِي گڏيل خُوشبو اهڙو ته، هڪ عجيب قسم جو واسو ڏنو ٿي جو ذهن مُعطر بڻجِي پئي ويو. سنڌي ٻُٽڙا پوهتاسين هٿ، مُنهن ڌوئي ڪري ڪُجهه منٽن پُڄاڻا يوسف ماني آندي جا کائڻ کان پوءِ ڪُجهه گهڙيون ڳوٺ جي ڳليُن جو چڪر لڳائڻ کان پوءِ چانهن جا ڪوسا، ڪوسا سُرڪا ڀرڻ کان پوءِ مُون به وڃڻ جُون وايُون پئي ڪيُون. ته سنگت جو خيال هو ته، رات رهو ۽ ڪچهريءَ ڪجي. مون ٻي ڀيري رات رهڻ جو واعدو ڪري موڪلائيو، ٻاهر اسٽاپَ تي يوسف ۽ حسام الدين اڪبر جيڪو يُوسف جو سوٽ آهي، سو گڏيا آيا. اسٽاپَ طرف ئي پئي وياسي ته، سيتا کان ويئن ايندي نظر آئي ۽ ڪنڊيڪر ميهڙ، ميهڙ جا هوڪا ڏيندي ٻُڌڻ ۾ آيو. مون هوا ۾ هٿِ لوڏيندي بيهڻ جو اِشارو ڪيو، وين اچي پنهنجي ڀر ۾ بريڪ لڳائي، ۽ آءُ سُهڻي يُوسف ۽ حسام کان موڪلائي وين ۾ ويٺس، وين تقريبن ۱۵، ۲۰ منٽن ۾ ميهڙ رسايو. وين ميهڙ جي وينجهر مُحله، سائين اسحاق راهي روڊ تي لاٿو. جتان آءُ سِڌ ڪيو گهرَ جِي گهٽي ڏي گهر پوهتم.

هيءَ سفر نِما لکڻي لکندي منهنجي من ۾ هزارين خدشن جنم وٺڻ شروع ڪيو ته، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جِي لاپرواهي مُهين جي دڙي جي آثارن کي تباههي، بربادي جي ڪناري نه لڳائي! هڪ طرف عام جِي لتاڙَ ته ٻئي طرف موسمي اثرات ۽ ٽين طرف اسان جِي لاپرواهيءَ جو نتيجو ته ظاهر آهي ڀيانڪ ئي ايندو. ڪنهن شاعر چيو آهي ته، “ڪٿي تنهنجي غفلت...ڪراچي نه کسي!” ڪراچي به ته سنڌ جِي مارئي آهي نه.! اچو ته: امرڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، نيرون ڪوٽ، مُهين جو دڙو وغيره، وغيره جيڪي به سنڌ جا ڪوٽ، قلعا ۽ تاريخي ماڳَ مڪان، آثارن جي تحفظ کي يقيني بڻائيُون! هيءُ اسان جِي زميواري آهي. ۽ هيءُ ماڳَ، آثارَ زندهه جاويد بڻائڻا آهن، ۽ ايندڙ نسلن کي ورثي طور ڏيڻا آهن.!!

No comments:

Post a Comment