Tuesday, January 03, 2017

برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ

الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ بابت ڪنهن انگريز، يورپين يا آمريڪن جهازران کان پڇڻ بدران پنهنجي ملڪ جي جهازيءَ کان ڇو نه پڇجي. ڪجهه ڪجهه اسان جا  جهازران آهن جن جي تعليم، ڄاڻ ۽ جهاز هلائڻ جي تجربي سان گورو، ڪو چيني، ڪو جپاني به  مقابلو نٿو ڪري. انهن مان هڪ ٻيو جنهن کان پڻ مون برمودا ٽڪنڊي بابت پڇيو ڪئپٽن مظهر حسين زيدي آهي. هو مونکان پنج ڇهه سال ننڍو آهي پر هن جيترو وقت سمنڊ تي گذاريو آهي اوترو ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ ته ڇا ڪنهن انگريز به ورلي گذاريو هوندو. هو هن وقت 65 سالن جو آهي پر هن جو اڄ به جهازن سان واسطو آهي. هن آئل ٽئنڪر ۽ پئسينجر جهازن کان وٺي ڪارگو، ڪنٽينر، ڪار ڪئريئر ۽ ڪئٽل ڪئريئر (رڍون ٻڪرين کڻڻ وارا جهاز) دنيا جي هر سمنڊ تي هلايا آهن. ايران ۽ عراق واري جنگ ۾ جڏهن ايرانين جا جهاز هلائڻ لاءِ ايراني جهازران آفيسر نه بچيا هئا ۽ بم باري ڪري ڌارين ملڪن جي جهازرانن ايراني جهازن تي نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي ان وقت به ڪئپٽن مظهر زيدي خوشي ۽ دليري سان ايران جا ڪيترائي جهاز هلائيندو رهيو جن مان ٻن جهازن تي عراق وارن جي طرفان ميزائيل هنيا ويا جنهن ڪري جهاز ته سخت طرح تباهه ٿي ويا پر قدرت اسان واري ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي بچائي ورتو. منهنجو ايران بابت اڙدو وارو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ جيڪو ويلڪم بڪ پورٽ، اڙدو بازار ڪراچي وارن ڇپيو آهي، اهو ڪئپٽن زيديءَ کي منسوب ٿيل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت 1970ع کان ٿي جڏهن اسان هيٺين پوسٽ تي ساڳي جهاز تي يورپ لاءِ Sail ڪيوسين. ان بعد به جڏهن هو چيف آفيسر (چيف ميٽ) هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر ته اسان وري هڪ ٻن جهازن تي ڏور اوڀر واري روٽ تي جهاز هلاياسين. شادين بعد ٻار وڏا ٿيا ۽ ٻارن جي اسڪولنگ لاءِ هڪ هڪ ٿي سمنـڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪندو رهيو پر ڪئپٽن مظهر زيدي لڳاتار Sail ڪندو رهيو. سو هن جي قابليت ۽ تجربي کان ڪو به انڪاري ناهي. هن کي ڪيترا ئي دفعا مختلف جهازن کي برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ اڪارڻو پيو. منهنجي ٻڌائڻ تي ته اڄ ڪلهه آئون برمودا ٽڪنڊي تي لکي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙن لاءِ سندس ان بابت views پڇڻا آهن هن فون ذريعي جيڪا پنج ڇهه منٽ گفتگو ڪئي اها هن ريت آهي:


”برمودا ٽڪنڊي جي جيڪڏهن توهان تاريخ پڙهندائو ته جيترا به هن سمنڊ ۾ جهازن جي غائب ٿيڻ جا واقعا ٿيا آهن اهي اوڻهين صديءَ جي شروعات وارن سالن جا آهن. ان زماني ۾ جيئن ته اڃان اليڪٽرونڪ نيويگيشن ايجاد نه ٿي هئي جهاز هلائڻ وارن سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ فقط Magnetic ڪمپاس (قطب نما) تي depend  ڪيو ٿي.

”سڄي دنيا ۾ نيويگيشن جا جيڪي اصول آهن انهن اندر اسان جي ڪڏهن Magnetic Compass ٿا استعمال ڪريون ته زمين (earth) جو جيڪو Terrestrial Magnetism آهي اهو ڪمپاس تي effect ڪري ٿو. اهو T.M سمنڊ جي هر حصي لاءِ Known ٿئي ٿو. سائنسدانن ۽ جهازرانن مختلف جاين جي data جمع  ڪري ان کي دنيا جي سمنڊن جا جيڪي چارٽ (نقشا) آهن انهن تي In terms of Variation پهرين کان لکرائي ڇڏيو آهي جيئن سمنڊ تي يا هوا ۾ جهاز اڏائڻ واري پائلٽ کي ڄاڻ هجي ته ڪهڙي  هنڌ تي چقمق جي لهرن جو ڪيترو اثر آهي جيئن هو ان چقمقي اثر کي ڌيان ۾ رکي پوءِ ان موجب پنهنجي رستي جو تعين ڪري سگهي. ڇو جو جهاز تي موجود ڪمپاس تي هڪ  مقامي چقمقي لهرون اثر ڪن ٿيون ٻيا لوهي structure جهڙوڪ سمنڊ ۾ ٻڏل لوهي جهاز، لوهه جي کاڻين وارا جبل يا ٻيو ڌاتو .... جنهن جو اثر چقمق تي ٿئي ٿو. اهي سڀ اثر گڏجي رستي جي غلط رهنمائي ڪن ٿا ۽ ان error کي جهاز هلائيندڙ ڪمپاس جو error سڏين ٿا ۽ مئٿس ذريعي ان error جو حساب رکي جهازي پنهنجي جهاز کي صحيح طرح منزل تي پهچايو وڃن.

پر اسان جي ڌرتي جي گولي تي ڪجهه اهڙا هنڌ آهن جِتي هيءَ Magnetic Field تيزيءَ سان بدلندي رهي ٿي جنهن کي اسان نيوگيشن جي زبان ۾ Magnetic anomalies سڏيون ٿا. Anomaly جي معنيٰ آهي فرق، بدنظمي، تبدليي، ائبنارملٽي يا Irreguarlity سمنڊ جي اهڙن هنڌن تي جتي Magnetic Anomaly آهي اتي مٿين جدول يا فارمولو نٿو لڳي جو چارٽن (نقشن) ۾ جيتري چقمقي طاقت ڏنل آهي ان کان گهڻي گهڻي وڌيڪَ ٿيو وڃي ۽ هر وقت اها تيزيءَ سان تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ برمودا ٽڪنڊي جهڙي سمنڊ تي ته ڪجهه حصا اهڙا آهن جتي ڪمپاس گهميو وڃي. اهڙن هنڌن تي توهان جي ڪڏهن جيرو ڪمپاس يا اليڪٽرونڪ ڪمپاس بدران رڳو چقمقي ڪمپاس استعمال ڪري رهيا آهيو، جيئن اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين جهاز ۽ ٻيڙيون هلائڻ وارن ڪيو ٿي ته پوءِ توهان جي ڀٽڪي وڃڻ ۾ ڪا دير نٿي لڳي. توهان ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪرندائو. توهان کي طرفن ۽ جهاز جي پوزيشن جي ڪا خبر نه پئجي سگهندي. ٻي ڳالهه اها ته برمودا ٽڪنڊي ۾ اڄ به Magnetic Anomaly ايترو ته تيز رفتار سان تبديل ٿئي ٿي جو هڪ هوشيار ۽ قابل نيويگيٽر ئي رستي جو صحيح تعين ڪري سگهي ٿو. گذريل زماني ۾ ته حالتون اهڙيون هيون جو موسم جي ڄاڻ Weather Report به صحيح نٿي ملي. جهاز هلائڻ وارا پاڻ ئي ان سمنڊ تي ايندڙ ڏينهن جي موسم جو اندازو لڳائيندا هئا. هو مختلف Parameters ذريعي جهڙوڪ هوا جو رخ، هوا جي رفتار، هوا ۾ پاڻيءَ جو حصو (Humidity)، ڇولين ۽ هوا جي دٻاءَ جهڙين شين مان ايندڙ موسم deduce ڪندا هئا. ان مان ڪڏهن ته هو صحيح اندازو لڳائي ويندا هئا پر ڪڏهن (بلڪه گهڻو ڪري) هنن کي ان ۾ ناڪامي نصيب ٿيندي هئي. ڪمپاس جي به اهڙي طرح correction نه ڪري سگهندا هئا. ويتر جي سڄو سڄو ڏينهن آسمان تي جھڙ هوندو هو ته پوءِ ته هنن کي پنهنجي جهاز جي صحيح پوزيشن جي ڪا خبر نه پوندي هئي. پوءِ ڪم هلندو هو ڌڪن تي. هو اندازي مطابق هلندا ويندا هئا .... اهو سوچي ته ڪمپاس ۾ هيترو يا هيترو error هوندو مگر هنن کي ڪهڙي خبر ته سڄو ڪم ابتڙ پيو ٿئي .... اتر بدران هو پنهنجي جهاز کي اوڀر يا اولهه ڏي وٺيو پيا وڃن! نتيجي ۾ برمودا ٽڪنڊي جهڙي سمنڊ ۾ جتي رکي رکي طوفان لڳندا رهن ٿا .... جتي ڪيترن هنڌن تي سمنڊ تمام تانگھو آهي .... جِتي چوڌاري ننڍا ننڍا ٻيٽارا آهن .... جتي سمنڊ هيٺ ٽڪرين جا سلسلا آهن .... اتي جڏهن هو پنهنجي جهاز جي صحيح راهه قائم رکي نه سگهندا هئا ته پوءِ ظاهر آهي سندن جهاز ڪڏهن ڪنهن ٻيٽ تي چڙهي ويا ٿي ته ڪڏهن تانگھي سمنڊ ۾ ڦاسي پيا ٿي. يا وري ٻڏي ويا ٿي. ۽ پوءِ هر وقت ٿيندڙ ههڙن حادثن ڪري ماڻهن جي دلين ۾ هن سمنڊ (برمودا ٽڪنڊي) لاءِ خوف پيدا ٿي پيو .... ۽ ٻڌڻ وارو هرڪو هن سمنڊ کي خطرناڪ قرار ڏيڻ لڳو ته برمودا ٽڪنڊي ۾ جادو آهي .... يا غيبات آهي جو جهاز ٻڏيو وڃن .... جهاز غائب ٿيو وڃن!

پر اهو به ته ڏسو ته اڄ به دنيا جي هر ملڪن جا جهاز هن برمودا ٽڪنڊي واري Area مان گذري رهيا آهن ۽ Safe & Sound گذري رهيا آهن. انهن سان ڪجهه به نٿو ٿئي. ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون  به پار اڪريو وڃن اهو ان ڪري جو اڄ ڪلهه سڀني جهازن توڙي هوائي جهازن تي جديد ۽ Sophisticated اوزار لڳل آهن جنهن ڪري ڪميونيڪيشن بهتر ٿي وئي آهي .... حادثا به هاڻ ان حساب سان گهٽ ئي ٿين ٿا ۽ اوترائي ٿين ٿا جيترا دنيا جي ٻين سمنڊن تي ٿين ٿا. ان ڪري برمودا ٽڪنڊي ۾ اڄ ڪلهه ٿيندڙ حادثا خبرن ۾ ايترو Highlight نٿا ٿين. ٻي ڳالهه ته اڄ ڪلهه دنيا جي ٻين سمنڊن تي توڙي برمودا ٽڪنڊي تي جيڪي حادثا ٿين ٿا ته انهن جا سبب Known چيا وڃن ٿا. گذريل وقت ۾ جيڪو حادثو ٿيندو هو .... خاص ڪري برمودا ٽڪنڊي ۾، ته ان جا سبب Unknown هوندا هئا ۽ انهن کي افسانوي ۽ سنسني خيز رنگ ڏئي چيو ويو ٿي ته جهاز ڏسندي ئي ڏسندي خبر ناهي ڪيئن غائب ٿي ويو. هڪ قسم جو ڪارو ڪڪر جهاز کي چوگرد وڪوڙي ويو .... اوچتو اوچتو  موسم ۾ ڦيرو اچي ويو .... وغيره وغيره .... پر اهي سڀ ڳالهيون هِتان هُتان کان ٻڌل هيون.

”گذريل ويهه ٽيهه سال آئون به لڳاتار هن سمنڊ برمودا ٽڪنڊي ۾ جهاز هلائيندو رهيو آهيان. اسان کي به ڪڏهن سمنڊ خراب ته ڪڏهن موسم خراب ملي ٿي .... ڪڏهن وري انجن بريڪ ڊائون ڪري جهاز توائي ٿي سمنڊ جي لهرن جي رحم ڪرم تي هليو ويو ٿي پر اسان  ماڊرن نيويگيشنل اوزارن جي استعمال ذريعي معلوم ڪري ٿي ورتو ته اسان ڪٿي آهيون يا ڪهڙي طرف لڙهي (Drift ٿي) رهيا آهيون .... پوءِ حساب ڪتاب (Mathematical Calculation) صحيح رکي، صحيح رستي کي ڳولي سلامتي سان پار اڪري وياسين ٿي.

ماضيءَ ۾ هن سمنڊ برمودا ٽڪنڊي مٿان اڏامندڙ هوائي جهازن سان به اها ئي ويڌن هئي. هن ايريا ۾ پهچڻ سان هنن جي ڪمپاس ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿي ڏنو يا ان ۾ تمام گهڻو error اچي ٿي ويو ۽ هو بتال ٿي تباهي ڏي هليا ويا ٿي. ائين ناهي ته هن سمنڊ ۾ اهي مسئلا نه آهن .... اڄ به برمودا ٽڪنڊي ۾ ڪمپاس ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏي، موسم يڪدم خراب ٿيو وڃي پر اڄ جو پائليٽ يا ڪپتان رڳو Magnetic Compass نٿو استعمال ڪري. اڄ ڪلهه جئرو (Gyro) ڪمپاس ۽ اليڪٽرانڪ ڪمپاس کان علاوه ٻيا به انيڪ نيويگيشنل اوزار استعمال ٿين ٿا جيڪي رستي ۽ موسم جي تفصيلي ڄاڻ ڏين ٿا. پر ان هوندي به هن سمنڊ ۾ جهاز  هلائڻ ڪو آسان ڪم ناهي .... جهاز يا ٻيڙي هلائيندڙ جي ٿوري بي خيالي به وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي .... انهيءَ ڪري ته پائلٽن ۽ نيويگيٽرن کي خبردار ڪرڻ لاءِ نيويگيشن چارٽن تي ٿلهن اکرن ۾ لکيل رهي ٿو ته ”هن ايريا (برمودا ٽڪنڊي) ۾ تمام گهڻيون Magnetic Anomalies آهن جيڪي تيزي سان وڌنديون رهن ٿيون ان ڪري رستو ڳولڻ لاءِ خبرداريءَ سان حساب ڪيو وڃي.“

No comments:

Post a Comment