Saturday, March 11, 2017

ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر- الطاف شيخ

ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر
الطاف شيخ                                      
”جپاني ڇوڪرين جي ڌارين سان شادي ڪرڻ، واري مضمون بعد ڪاگوشيما جي ”ماري تسورُو زوئي“ (Mari Tsuruzoe)  جي سنڌي مڙس فهيم جروار جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندو. ٽنڊي الهيار ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”خير محمد جروار“ جو فهيم جروار گذريل ويهن سالن کان يوڪوهاما ۾ رهي ٿو. هن جو جپان ۽ جپان کان ٻاهر ڪارن جو بزنيس آهي. ان کان اڳ هن ڏهه سال کن اوساڪا، ٽوڪيو ۽ جپان جي ٻين شهرن ۾ پڻ مختلف ماڻهن ۽ ڪمپنين وٽ محنت مزدوري ۽ نوڪري ڪئي.


فهيم جروار جي ڪهاڻي محنت، ايمانداري، ذهانت ۽ ڀاڳ نڀاڳ جي ڪهاڻي آهي. نڀاڳ کي به سندس زندگيءَ ۾ حصيوار ان ڪري بنايو اٿم جو هن جي سڄي زندگي Smooth Sailing به نه رهي آهي. جتي ڀاڳ جي ديويءَ هن جو قدم قدم تي آڌر ڀاءُ ڪيو آهي اتي اڄ به ڪنهن موڙ ۽ منزل وٽ ”بئنڊلڪ“ کيس چهٽندو رهي ٿو. اڄ به رکي رکي کيس هلندڙ بزنيس ۾ لاها چاڙها اچن ٿا پر هو هميشه وانگر انهن کي ائين منهن ڏيندو اچي جيئن شروع جي ڏينهن ۾ جپان ۾ هن کي پڙهائيءَ دوران سيمسٽر جي في نه هجڻ ڪري پڙهائي ڇڏڻي ٿي پيئي يا نوڪري ختم ٿيڻ تي ٻه ويلا هٿ ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو ٿي. مون وانگر جيڪي ماڻهو جپان ۾ رهي چڪا آهن اُهي سمجهي سگهن ٿا ته جپان ۾ ٽِڪڻ ڪو سولو ڪم ناهي جتي جي موسم ۽ ٻولي ته ڏکي ۽ نرالي آهي پر مقامي ماڻهو به، خاص ڪري جپاني مرد ماڻهو بيحد ڏنگا ۽ اڻ سهو آهن. آئون اهو به سمجھي سگهان ٿو ته جپان ۾ پورهيو ڪرڻ ـــ چاهي جسماني هجي يا ذهني، ڪا آسان ڳالهه ناهي. جپاني پاڻ به سخت پورهيت آهن ۽ هو جيڪو ڌارين کي ڪم ڏين ٿا اهو پاڻ کان به وڌيڪَ سخت ڏين ٿا. ان ڪري آئون هميشه چوندو آهيان ته جپان ۾ جيڪو به ڌاريون ماڻهو پورهيو مزدوري ڪري وڏو ماڻهو ٿئي ٿو اهو واقعي ٽف ۽ رف هوندو. هو صحيح معنيٰ ۾ محنتي هوندو. جنهن تمام گهڻو پورهيو ڪيو هوندو ۽ پئسو بچائي پنهنجو بزنيس شروع ڪيو هوندو. جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ جتي پگهار يا مزدوري کڻي ڪيترن ملڪن کان گهڻي ملي ٿي پر بنا پيٽ ڀرڻ جي ته توهان جي نه سگهندائو ۽ جپان ۾ ٻه ويلا به ڪيڏو مهانگا آهن! اهو ملڪ جتي ٻه پٽاٽا يا ٻه ٽماٽا هڪ سؤ يين (سؤ رپين) جا هجن. جتي پاڻيءَ جي اڌ لٽر واري بوتل ڏيڍ سؤ رپين جي هجي اتي ماڻهو ڇا ٿو بچائي سگهي. ان جي مقابلي ۾ ملائيشيا ۽ ايران ته سستا آهن پر آمريڪا ۽ انگلنڊ به سستا آهن. جپان ۾ اڄ ڪاروبار ڪندڙ انڊين ۽ پاڪستاني مالڪن وانگر فهيم جروار به جنوني ماڻهو چئي سگهجي ٿو جيڪو هن باهه جي درياهه مان ڪاميابيءَ سان پار نڪتوآهي.
جيستائين محنت ۽ جنون جو سوال آهي فهيم جي طبيعت تي سندس والد محترم مرحوم غلام محمد جروار جو به اثر آهي. غلام محمد صاحب به اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جيڪو اڄ به آسان ناهي. هو جنهن ڳوٺڙي ۾ ڄائو ان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو رجحان نه هو. پاڻ اڃان صغير ئي هو ته سندس والد (فهيم جو ڏاڏو) محمد پناهه جروار گذاري ويو. پر فهيم جي والد کي اهو شوق هو ته تعليم حاصل ڪجي. اڄ ته ٽنڊو الهيار ڪيترن ئي تعليمي ادارن سان مالا مال آهي پر اڄ کان سؤ سال اڳ سنڌ ۾ ڪٿي هئا ايڏا تعليمي ادارا، ڪٿي هئا هلڻ جوڳا روڊ رستا ۽ وقت تي پهچائيندڙ بس سروسون. چون ٿا ته مرحوم غلام محمد جنهن حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، سواري نه هجڻ جي صورت ۾ سائيڪل تي به پهچي ويندو هو. پاڻ ڏکين حالتن ۾ تعليم پرائي ٽريزري آفيسر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي مسلمان پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ ۾ عيب يا گهٽتائي سمجھيو ٿي پر فهيم جو والد ٻارن جي تعليم لاءِ ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو جيئن سندس ٻارن کي هن وانگر تڪليفون نه سهڻيون پون .... هو اهو وقت به پڙهائيءَ ۾ لڳائي سگهن ۽ هن پٽن سان گڏ نياڻين کي به اعليٰ تعليم ڏياري. کيس پنج پٽ ٽي ڌيئون ٿيون. وڏي ڌيءَ غزالا جيڪا هاڻ انگلنڊ ۾ رهي ٿي، ڪافي عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڻ پڙهايو. وڏو پٽ وسيم پنهنجي پيءُ واري نوڪري حيدرآباد جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪري ٿو. ان بعد فهيم آهي ۽ پوءِ نعيم آهي جيڪو والد جي 2006ع ۾ وفات بعد زمينون سنڀالي ٿو. فهيم کان جڏهن پڇيم ته هو ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ ڪٿي رهندا هئا.... گاڏي کاتي ۾، صدر ۾، هير آباد ۾.... ته هو صحيح طرح نه ٻڌائي سگهيو جو حيدرآباد ڇڏي هن کي ٽيهن کان به مٿي سال ٿي ويا آهن. کانئس ٻيون به ننڍپڻ جون ڳالهيون پڇيم پر هن کي چٽيءَ طرح يادگيري نه هئي. ان تي مون چيومانس ته اهي احوال پاڪستان وڃي تنهنجي ڀاءُ نعيم کان وٺندس جيڪو لڳاتار اتي رهي ٿو ۽ زمينداريءَ ڪري واندڪائي جام هوندس ۽ ڪنهن به وقت سوال پڇڻ تي جواب ڏئي سگهندو. اها ڳالهه فهيم کي به وڻي ۽ ان وقت اهو به ياد اچي ويس ته نعيم اسان جي ڳوٺ هالا مان ابڙن مان شادي ڪئي آهي.
”پوءِ سمجهه ته مائٽ ٿياسين جو هالا جا ابڙا سمجهو ته اسان جا فرسٽ ڪزن آهن.“ مون چيومانس. ڳوٺ اچي پهرين جنهن اسانجي مائٽ ۽ دوست عبدالقادر ”منور“ ابڙو جي گهران سندس پُٽن شڪيل ۽ عقيل کان پڇيم ته هنن ٻڌايو ته سندن ڀيڻ زرقا جي شادي ٽنڊوالهيار ۾ ٿيل آهي. سندن والد منور ابڙو ننڍي عمر ۾ جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته گذاري ويو. پاڻ بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو ۽ مشهور ادبي شخصيت سائين عبدالرئوف ابڙو ”منصور ويراڳيءَ“ جو ننڍو ڀاءُ ۽ اڄ جي مشهور ٽي وي ائنڪر ۽ ايف ايم ريڊيو جي انائونسر ثاقب ابڙو جو چاچو هو.
نعيم ٻڌايو ته هنن جو ننڍپڻ حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ گذريو. اسان جي محلي ۾ کٽي به رهندا هئا ۽ ڀرسان دادوءَ جي ”بچل گهلو“ جو گهر هو جيڪو پڻ هاڻ اسان وانگر قاسم آباد ۾ رهي ٿو. نعيم بعد ٻه ڀيڻون ڊاڪٽر سهيلا ۽ نائلا آهن. سهيلا پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر اسماعيل راڄپر سان گڏ وئنڪوئر ڪئناڊا ۾ رهي ٿي ۽ نائله حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. اسان واري مائٽ ”مامي بچل گهلو“ جي ڌيئن: ڊاڪٽر شاهده ۽ ڊاڪٽر منصورا کي فون ڪري سهيلا ۽ نائلا جو پڇيم ته هنن ٻڌايو ته هو سندن ڪلاس ميٽ هيون. ڊاڪٽر شاهده چيو ته نعيم جيتوڻيڪ ڊاڪٽر سهيلا کان سال وڏو آهي پر اهو ۽ ڊاڪٽر سهيلا حيدرآباد جي ٽريننگ اسڪول ۾ پرائمري تعليم دوران ساڻس گڏ هئا ۽ نائلا، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر منصورا گهلوءَ جي ڪلاس ميٽ هئي. بعد ۾ نزهت اسڪول ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ به ٻئي ساڻن گڏ هيون. شاهده چيو ته: ”هو مائٽن وانگر پاڙيسري هئا ۽ سڀ ڀاءُ ڀيڻ..... آپا غزالا کان ننڍي نبيل تائين هر وقت پڙهائيءَ ۾ رڌل رهيا ٿي.“
”بس بس. مون اهو ئي ٻڌڻ چاهيو ٿي ۽ پڙهندڙن کي اهوئي ميسيج ڏيڻ چاهيان ٿو“، مون ڊاڪٽر شاهده کي چيو، ”ته اڄ به قدرت ڪنهن جي محنت رائگان نٿي ڪري. اڄ به آئون ملڪ اندر يا ٻاهر ڏسان ٿو ته ڪيترائي ڳوٺن جا رهاڪو، گهٽ سهولتن هوندي به محنت ڪري تعليم ۾ نالو پيدا ڪري ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن.“
فهيم جي باقي ٻن ننڍن ڀائرن مان سهيم آمريڪا ۾ بزنيس ڪري ٿو ۽ نديم جيڪو ڪجهه عرصو فهيم سان گڏ جپان ۾ رهيو هاڻ دبئي ۾ بزنيس ڪري ٿو ۽ اتي جي هڪ گلاس فئڪٽري جو مئنيجر پڻ آهي.
اسان وارو جپاني يار فهيم جروار 14 جنوري 1960ع تي ڄائو. انهن ڏينهن ۾ سندس والد صاحب ڳوٺ خير محمد جروار کان حيدرآباد شفٽ ٿي چڪو هو. فهيم به پنهنجن ڀائرن ڀيڻن وانگر پرائمري تعليم حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي ان بعد هو ماڊل اسڪول ۾ پڙهيو جيڪو پراڻي سنڌ يونيورسٽي واري بلڊنگ ۾ هو. ان بعد ڦليلي واري گورنمينٽ ڪاليج مان 1983ع ۾ B.Sc ڪئي. سندس اهم سبجيڪٽ فزڪس هو. هن M.Sc لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا به ورتي پر ان دوران 1984ع ۾ هو جپان هليو آيو.
اسان جي ڏينهن ۾ جپان اچڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. اڳواٽ ويزا وٺڻ جي به ضرورت نه هوندي هئي. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي جهاز ۾ وهبو هو ته اچي ٽوڪيو کان نڪربو هو. ٽوڪيو ايئرپورٽ تان نڪرڻ مهل جپان جي اميگريشن جو آفيسر اسان جي پاسپورٽ تي جپان جي ٽن وڏن شهرن جي ويزائن جا ٺپا هڻي ڏيندو هو.... جيڪو مدو ختم ٿيڻ تي جپان ۾ وڌيڪَ رهائش لاءِ ويزا جو وري نئون ٺپو هڻائبو هو يا وري ٻه ڏينهن کن ڀر واري ملڪ ڪوريا جي ”سيول“ يا ”پوسان“ شهر ۾ رهي وري جپان ۾ نئينءَ سنئينءَ داخل ٿي ويزا جو ٺپو لڳرائبو هو. پر اهي سڀ موج مستيون 1980ع تائين هيون. ان بعد مون ڏٺو ته سائي رنگ جي پاسپورٽ وارن لاءِ..... يعني اسان پاڪستانين لاءِ سختيون ٿينديون ويون. جپان گهمڻ يا جپان ۾ نوڪري يا مزدوري ڪرڻ اسان جي ماڻهن لاءِ آسان نه رهيو. جپان ۾ اچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ موجود سندن سفارت خانن۽ قونصل خانن مان ويزا وٺڻ ضروري ٿي پئي جيڪا پوءِ سولائيءَ سان ملڻ نه لڳي.
فهيم کي چيم ته: ”جنهن زماني ۾..... يعني 1984ع ۾ توهان جپان ۾ آيائو ان ۾ اسان پاڪستانين لاءِ جپان ۾ اچڻ، رهڻ، نوڪري يا ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ڪو آسان ڪم ته نه هو. جپان کان ناروي ڊئنمارڪ، آسٽريليا، ڪئناڊا..... ويندي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ به سولو ڪم هو.... جتي اڻ پڙهيلن کي به ”جابس“ ملي ويا ٿي.... جپان ۾ مقامي ماڻهو ئي بيروزگاريءَ ۾ ڦاٿل رهن ٿا. اهڙي تناظر ۾ توهان جپان اچڻ ڇو پسند ڪيو؟
”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ فهيم وراڻيو، ”مونکي خواب خيال ۾ به نه هو ته آئون ڪو جپان ايندس. آئون پڙهائيءَ ۾ هوشيار هوس ۽ مون ته فزڪس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد ڊاڪٽوريٽ جرمنيءَ مان ڪرڻ جو سوچيو هو. جنهن لاءِ مون حيدرآباد جي گوئٿي انسٽيٽيوٽ مان جرمن ٻوليءَ جو ڪورس به ڪيو.“
”۽ پوءِ؟“
”پوءِ ڇا ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جا اسان جا ٻه سڃاڻا جيڪي ٻن ٽن سالن کان جپان ۾ هئا انهن مان هڪ موٽي آيو ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي هڪ دوست کي جپان وڃڻ جو شوق ٿيو ۽ هن مونکي به Convince ڪيو ته آئون به هن سان گڏ هلان“.
بهرحال فهيم ٻڌايو ته هو گهران جيڪي ٽي هزار ڊالر کڻي ٽوڪيو پهتو ان مان هن ٽوڪيو جي ”شنجوڪو“ علائقي ۾ ”جئفي لئنگئيج اسڪول“ ۾ جپاني سکڻ لاءِ داخلا ورتي ۽ ڏکيو سکيو هڪ سيمسٽر گذاريو. ”ان بعد خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ مون لاءِ نوڪري ڪرڻ ضروري ٿي پئي. آفيس جاب ته ڪٿي به نه پئي مليو. نيٺ پورهئي مزدوريءَ وارو ڪم ڳوليم جيڪو جپان ۾ ڪو آسان نٿو ٿئي. پهريون ته سخت محنت وارو مليو جنهن ۾ هڪ طرف تمام گهٽ اجورو ٿي مليو ته ٻئي طرف واندڪائي نٿي ملي جو کڻي تعليم جاري رکجي. ڇهه اٺ مهينن بعد هڪ پريس ۾ ڪجهه گهٽ ٿڪائيندڙ ۽ سٺي پگهار وارو پورهيو ملي ويو ۽ آئون نه فقط پيٽ ڀري ٽي ويلا ماني کائڻ لڳس پر اڳتي جي پڙهائيءَ لاءِ بچت به ڪرڻ لڳس. ان دوران منهنجي تعليم واري ويزا ختم ٿي وئي ان ڪري جپان ڇڏي ڪوريا ويس جتان پوءِ جپان لاءِ ”ورڪ ويزا“ وٺي اوساڪا آيس ۽ هاڻ پراڻو پريس جو ڪم ڇڏي هڪ ڪارن جي شوروم تي اچي نوڪري ڪيم. ان دوران هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم. پر سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جو شروع کان ٺاهه ٿي نه سگهيو. هونءَ جيتوڻيڪ توهان ٻڌو هوندو ته جپاني ڇوڪريون وفادار ٿين ٿيون پر شايد منهنجو بئڊلڪ هو.....“
مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ته ”مون نه فقط ٻڌو هو ته جپاني ۽ ملئي ڇوڪريون سڌيون ساديون ۽ وفادار آهن ان ڳالهه جي پرچار به ڪندو رهندو هوس. پر اهي فقط گذريل زماني جون ڳالهيون هيون..... 1980ع واري ڏهاڪي کان اڳ تائين جون .... ان بعد ٽي وي، فلمون، ناول پڙهي جپاني توڙي ملئي ڇوڪريون ڏاڍيون تيز ٿي ويون آهن. هو ڌارين کي ته ڇا پنهنجن جپاني مردن کي به اکيون ڏيکارڻ لڳيون آهن.... جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته جپاني زالن جي ميجارٽي اڄ به دنيا جي انيڪ ملڪن جي زالن کان وڌيڪَ چئيوان، پورهيت ۽ مڙسن کي چاهڻ واريآهي.“
فهيم ٻڌايو ته هن ڪارن جي بزنيس ۾ ڏاڍا دوکا به کاڌا پر ان هوندي به خوب ڪمايو.
”ڪهڙي قسم جا دوکا؟“ مون پڇيو.
”جيئن هڪ همراهه ڪار وٺي پئسا کائي ويو. هو سوٿيءَ طور ڪجهه يين ڏئي غائب ٿي ويو.“ فهيم ٻڌايو.
”يار ڪمال آهي! جپاني ماڻهو اهڙا آهن ته ڪونه.“ مون حيرت جو اظهار ڪيو. فهيم ٽهڪ ڏيندي چيو ته اهو همراهه سري لنڪن هو.
”چئبو ته توسان به خوشونت سنگهه واري ڳالهه ٿي.“
کيس ٻڌايم ته هڪ دفعي ڪو همراهه خوشونت سنگهه سان جپان بابت خبرون ڪري رهيو هو ته اتي ڏاڍو امن امان آهي. چوري چڪاري صفا ناهي.... وغيره. ڳالهه ٻڌي خوشونت ٿڌو ساهه کڻي چيو ته: ”اسان جي ته جپان ۾ به چوري ٿي وئي.“ ماتسوري (جپاني ميلي) ۾ گهمندي ڦرندي ڪو کيسي مان ٻَٽون ڪڍي ويو.... پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو جلدي جھلجي پيو ۽ اهو ڪو جپاني نه پر اسان جو ئي انڊين هو.“
بهرحال فهيم ٻڌايو ته ڪٿي ڪو پئسا کائي ويو ته ڪٿي صحيح گاڏي خريد ڪرڻ ۾ غلط فيصلو ڪرڻ ڪري وڏا وڏا نقصان به ٿيا پر سرسري طور ڪافي ڪمايم ۽ ان ڪم جو ڪافي تجربو ٿيو. اهي ئي ڏينهن هئا جو اسان جي شادي به ختم ٿي ۽ منهنجي جپاني زال ٻار مون حوالي ڪري هلي وئي. نه رڳو ڇڏي ڏنائين پر منهنجي سيٺين جن وٽ مون ڪم ٿي ڪيو انهن کي چئي منهنجو جاب به ختم ڪرائي ڇڏيائين“.
”پوءِ ڀلا ’ماري تسورو زوئي‘ سان شادي ڪڏهن ٿي؟“
”منهنجي هن جپاني زال سان پهريون ملاقات جپان ۾ نه پر آسٽريليا ۾ ٿي هئي. 1988ع ۾ آئون آسٽريليا گهمڻ ۽ اتي نوڪري ڌنڌي جون راهون ڳولڻ جي سلسلي ۾ ڇهه مهينا کن سڊنيءَ ۾ وڃي رهيس جتي هيءَ ”ماري تسورو زوئي“ جيڪا هاڻي ”ماري جروار“ آهي يونيورسٽيءَ طرفان انگريزيءَ جو ڪورس ڪرڻ آئي هئي. منهنجي ساڻس آخري ڏينهن تي ملاقات ٿي. بعد ۾ جڏهن آئون جپان موٽي آياسين ته به اسان جي دوستي قائم رهي پوءِ جڏهن منهنجي پهرين زال کان علحدگي ٿي ۽ جاب به هليو ويو ۽ منهنجي لاءِ جپان ۾ رهڻ مسئلو ٿي پيو ته مونکي هن هيلپ ڪيو. ان بعد اسان شاديءَ جو سوچيو پر سندس پيءُ ”اڪي يوشي سان“ (Mr. Akiyoshi) راضي نه هو. هن نٿي چاهيو ته سندس ڌيءَ جي شادي ڌارئين سان ٿئي. پر پوءِ سندس ڌيءَ جي ضد تي انٽرويو وٺڻ لاءِ هن مونکي ڪاگوشيما گهرايو جتي هو انگريزيءَ جو پروفيسر هو. مون سان ملاقات ڪرڻ بعد هو يڪدم ڳالهه مڃي ويو ۽ اسان جي 1994ع ۾ شادي ٿي. شاديءَ بعد آئون ٽوڪيو ڇڏي يوڪوهاما اچي رهيس ۽ ڪنهن وٽ نوڪري ڪرڻ بدران پنهنجي ڪمپني کوليم جيڪا اڄ تائين قائم آهي ۽ ڪافي وڌي رهي آهي ۽ جپان کان علاوه هتي جون ڪارون ٻاهرن ملڪن ۾ به ايڪسپورٽ ڪريان ٿو......“
فهيم کي هن زال مان ٽي ٻار آهن: هڪ پٽ سيف (Saif) ۽ ٻه ڌيئون: صوفيا ۽ ساره (Sarah)جيڪي جپان ۾ ئي پڙهي رهيا آهن.
فهيم جن دوستن جو اڪثر ذڪر ڪندو رهي ٿو انهن مان هڪ پروفيسر علي گل قريشي آهي. علي گل جپان جي مشهور يونيورسٽي ”ڪيوٽو يونيورسٽي“ (Kyoto Daigaku Katsura) جي ”اربن مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ“ ۾ پروفيسر آهي.

ان کان علاوه ٻه پروفيسر جوهيءَ جو غلام مرتضيٰ کوسو ۽ عبدالله دايو آهي جيڪي هن وٽ جپان ۾ ايندا رهن ٿا انهن جو تعلق سنڌ يونيورسٽيءَ سان آهي.

No comments:

Post a Comment