Saturday, July 29, 2017

ڀوپال رياست جون بيگمات - الطاف شيخ

ڀوپال رياست جون بيگمات
الطاف شيخ
هاڻ سوال آهي ته ڀوپال جي نوابي رياست ڪڏهن کان شروع ٿي ۽ هن گهراڻي جو بنياد ڪنهن رکيو؟
ڀوپال رياست ۱۷۲۳ع ۾ قائم ٿي جنهن جو باني افغانستان جي شهر تيراح جو اورڪزئي پٺاڻ سردار دوست محمد خان هو. دوست محمد ۱۶۷۲ع ۾ ڄائو ۽ ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ (۱۷۰۳ ڌاري) مغل شهنشاهه اورنگزيب جي فوج ۾ سپاهي جي حيثيت ۾ دهليءَ ۾ اچي رهيو. هوشياري ۽ دليري ڪري هو تڪڙو تڪڙو مٿاهين درجي تي پهچندو ويو. اورنگزيب جي وفات بعد مغل گهراڻي جي ڪمزورين جو فائدو وٺندي هن ڀائرسا واري علائقي (جنهن جو پاڻ ان وقت گورنر هو) جي خود مختياري جو اعلان ڪيو. ان بعد ڀر وارن علائقن تي به قبصو ڪري پاڻ ان جو حاڪم ٿي ويٺو. ويندي ڀر واري گوند سلطنت جنهن جي راڻي ڪملا پتي کي هو ڀاڙي تي سپاهي سپلاءِ ڪندو هو تنهن جي مرڻ تي سندس وارث پٽ کي قتل ڪري اها سلطنت به ڀوپال رياست ۾ ملائي ڇڏيائين. پنهنجي هن رياست جي گادي جو شهر پهرين اسلام نگر ڪيائين ان بعد اڳتي هلي ڀوپال ٿيو. اسلام نگر ڀوپال ضلعي ۾ آهي. جنهن وقت نواب دوست محمد خان هنن علائقن تي قبصو ڪري ڀوپال رياست ٺاهي.... يعني ۱۷۲۳ ڌاري ته ڀوپال هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. انهن ڏينهن ۾ ڀوپال جي ڀر وارو شهر جگديسپور هڪ سکيو ستابو ۽ سٺو شهر  هو جنهن جو دوست محمد ”اسلام نگر“ نالو رکي پنهنجي رياست جي گادي جو شهر بڻايو. ڀوپال جي هنن نوابن مان ڪيترن اسلام نگر ۾ جنم ورتو.... ويندي بيگم شاهجهان جنهن لنڊن جي ڀر واري شهر ووڪنگ ۾ مسجد ٺهرائي.


نواب دوست محمد خان ڀوپال رياست جو پنج سال ۱۷۲۳ع کان ۱۷۲۸ع تائين حاڪم ٿي رهيو ان بعد سندس اولاد رهيو. انگريزن جي حڪومت ۾ ٻه چار نوابي رياستون جيڪي انگريزن سان وفادار ۽ فرينڊلي رهيون انهن مان ڀوپال رياست هڪ آهي. ۱۹۴۹ع ۾ انڊيا حڪومت هندستان جون سموريون رياستون ختم ڪري ”يونين آف انڊيا“ ۾ ملايون. ان بعد ڀوپال جي نوابن جي اها اٿارٽي ۽ حڪم نٿي هليو پر بهرحال هنن جو اهو لقب قائم رهيو ته هو ان رياست جا ”هيڊ“ آهن. نواب دوست محمد بعد سندس پٽ نواب يار محمد ۱۷۲۸ع کان ۱۷۴۲ع تائين ڀوپال رياست جو حاڪم رهيو. ان بعد ۱۸۱۹ع تائين.... يعني اٽڪل هڪ صدي مختلف نواب حاڪم رهيا ان بعد هڪ صدي کن، ۱۹۲۶ع تائين ڀوپال رياست تي لڳاتار عورتن راڄ ڪيو. هنن پاڻ کي بيگم سڏاريو ٿي. هندستان جي تاريخ ۾ اها هڪ حيرت واري ڳالهه سمجھي وئي ٿي جو ڪنهن رياست يا ملڪ جي حصي تي ايڏو وڏو عرصو عورتن راڄ ڪ يو. ۽ نه فقط ملڪ جو انتظام سنڀاليو پر ملڪ جي معاشي توڙي سماجي حالتون بهتر رکيائون.
قدسيه بيگم پهرين ڀوپالي عورت آهي جيڪا ۱۸۱۹ ۾ جڏهن ۱۸ سالن جي هئي ته سندس مڙس جي قتل بعد ڀوپال رياست جي نواب ٿي. ڀوپال جي هنن خاتون نوابن جن ڀوپال رياست تي هڪ صدي راڄ ڪيو، مونکي پڪ آهي ته مون جهڙا سنڌ جا رهاڪو حيرت کائيندا هوندا. ڀوپال رياست ڪا مورو يا ميهڙ جيڏي نه  هئي پر نظامن جي نوابي رياست حيدرآباد دکن بعد ٻئي نمبر تي وڏي رياست هئي جنهن تي  مسلمان حاڪمن جو راڄ رهيو ۽ عورتون ٿي ڪري هنن پنهنجي رياست ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي سک ۽ سڪون لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. افسوس اهو آهي ته اڄ هن ماڊرن دور ۾ به اسان جا حاڪم پنهنجن علائقن ۾ عوام جي تعليم، صحت، روزگار ۽ حفاظت لاءِ ڪجهه ڪرڻ بدران ان کي تباهه ڪري رهيا آهن. هنن عورتن ۱۸۱۹ کان ۱۹۲۶ تائين عرصي ۾ ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي.... روڊ رستا، شهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪالي، شفا گهر، تعليم، پارڪ، مسجدون ويندي ماڻهن جي سفر جي سهولت لاءِ ريل جو پنهنجي خرچ تي بندوبست ڪيائون... ۽ هيڏانهن اسان جي حاڪمن، وزيرن، سياستدانن جي ڪارڪردگي کي ڏسو... لوپ لائين واري گاڏين جا ته پٽا ۽ سليپر به نڪري ويا آهن، هلندڙ اسڪول بند ٿيندا وڃن.... سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن آهي پر ذرا سنڌ جا روڊ ۽ پنجاب ۽ PKP جا روڊ ڏسي ٻڌايو ته ڪهڙي صوبي جو وڌيڪَ خانو خراب ٿيو پيو آهي؟
۱۸۱۹ ۾ قديسه بيگم ڀوپال رياست جي پهرين خاتون نواب ٿي.... عمر فقط ۱۸ سال هئس پر سندس دليري ۽ devotion جي مسلمان ته ڇا هندو ۽ انگريز به تعريف ڪن ٿا. جيتوڻيڪ هوءَ اڻ پڙهيل هئي پر ڇا ته رياست جو انتظام هلائين. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ پڙدي جو سخت رواج هو پر هن چيو ته هن کي رياست هلائڻي آهي ۽ بنا پڙدي جي ملڪ ۽ ماڻهن جي چڪاس ڪندي رهي. چون ٿا ته هن کي پنهنجي ملڪ (يعني ڀوپال رياست) ۽ ان جي ماڻهن جو ايڏو خيال هوندو هو جو رات جي ماني کائڻ کان اڳ پڪ ڪندي هئي هر غريب غربي پيٽ ڀري ماني کاڌي يا نه. ڊسپلين ۽ انصاف جي معاملي ۾ ايڏي سخت هئي جو مرد به پيا ڪنڀندا هئس. هن حڪومت جو ڪاروبار سنڀالڻ سان پنهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ سڪندر لاءِ اعلان ڪيو ته سندس مرڻ بعد ڀوپال رياست جي نواب سڪندر بيگم ٿيندي. خاندان جي هڪ مرد کي به همت نه ٿي جو کڻي ”چون چران“ ڪري. ڀوپال جي جامع مسجد ۽ سهڻو محل ”گوهر محل“ (جيڪو نذر باغ به سڏجي ٿو) قدسيه بيگم ٺهرايو. پاڻ ۱۸۳۷ تائين (وفات تائين) ۱۸ سال حڪومت ڪيائين ان بعد سندس ڌيءَ سڪندر بيگم ڀوپال جي نواب ٿي. سڪندر بيگم کي سندس ماءُ سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني. ايتري قدر جو هن ڪيترين لڙائين ۾ به حصو ورتو. ۱۸۵۷ وارو بلوو هن جي دور ۾ ٿيو ۽ پاڻ انگريزن جو پاسو کنيائين. بلڪه ڀوپال جا نواب شروع کان انگريزن جا طرفدار هئا جنهن ڪري انگريز راڄ ۾ هنن کي انگريزن طرفان وڏيون سهولتون ملنديون رهيون. هن مائيءَ به پبلڪ ويلفيئر لاءِ وڏا ڪم ڪيا ۽ ڀوپال کي ٺاهي ڇڏيو. ڀوپال وارو قلعو ۽ موتي مسجد هن سڪندر بيگم ٺهرايا. سڪندر بيگم پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي حڪومت جون واڳون پنهنجي اڪيلي ڌيءَ شاهه جهان بيگم حوالي ڪيون جنهن جو احوال پاڻ لنڊن واري شاهه جهان مسجد جي حوالي سان شروع ۾ ڪري چڪا آهيون. هن ڀوپال ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ٺهرايون جيڪي اڄ به مشهور آهن..... جهڙوڪ تاج محل (آگري وارو تاج محل نه پر هي ان نالي سان ڀوپال ۾ محلات آهي) شاهه جهان بيگم جي ٻين ڪمن کان علاوه هن جي دور ۾ وڏي خوشحالي آئي.... ٻني ٻارا، دڪان، ڌنڌا ۽ امن امان ايترو رهيو جو انڊيا ۾ سڀ کان گهڻو GDPڀوپال جو هوندو هو...... تهنڏهن ته چوان ٿو ته اسان جا حاڪم به کڻي قدسيه بيگم، سڪندر بيگم يا شاهه جهان بيگم ٿين ۽ سنڌ ۽ ان جي عوام جي خوشحاليءَ لاءِ ڪجهه ڪن.
شاهه جهان بيگم جي وفات بعد سندس ڌيءَ جهان بيگم ۱۹۰۱ ۾ ڀوپال جي نواب ٿي.  هن به عوررتن جي آزادي ۽ بهبود لاءِ گهڻي جدوجهد ڪئي. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جنهن جي ٺهڻ تي سندس ماءُ شاهه جهان تمام گهڻي مالي مدد ڪئي هئي ان جي هيءَ جهان بيگم پهرين چانسلر مقرر ٿي. ۱۹۳۰ ۾ سندس وفات ٿي پر هن پنهنجي وفات کان اڳ ۱۹۲۶ع ۾ پنهنجي پٽ حميد الله خان کي نواب بڻايو. هن جي ڏينهن ۾ ۱۹۴۷ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو.
ڀوپال رياست جي بنجڻ ۽ انهن جي نوابن جي هيستائين ڳالهه توهان کي سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته پوءِ ان بعد جو احوال دلچسپ به آهي ته توهان جي هن ڀوپالي نوابن جي پوئيرن مان ڪيترن ئي حوالن سان واقفيت به آهي. توهان جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري لکندس ته ۱۷۲۳ع ۾ نواب دوست محمد خان ڀوپال رياست قائم ڪئي. سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي..... فقط ۴ سال اڳ يار محمد ڪلهوڙي جي وفات ٿي هئي ۽ ان سال ۱۷۱۹ ۾ نور محمد ڪلهوڙو تخت تي ويٺو.... شاهه لطيف پنجويهه ٽيهن کن سالن جو جوان هو ۽ ضرور ڀوپال جا به چڪر هنيا هوندائين جو سنڌ سان لڳو لڳ راجستان ۽ گجرات رياستون  آهن جِتي هن جو وڃڻ ضرور ٿيندو رهيو ٿي اهڙي طرح انهن جي ڀر واري رياست مڌيا پرديش به ٿي سگهي ٿو ويو هجي جنهن ۾ ڀوپال آهي. بهرحال ڀوپال رياست جي جنم واري سال ۱۷۲۳ کان ۱۸۱۹ تائين هڪ صدي کن ڀوپال جا ”نواب“ مرد حضرات ٿيا. ان بعد ۱۹۲۶ تائين يعني هڪ صدي کن چار عورتون (قدسيه، سڪندر، شاهه جهان ۽ ڪئخسرو جهان) ڀوپال جون ”نواب“ ٿيون جيڪي پاڻ کي بيگمات سڏائينديون هيون. ان بعد ۱۹۲۶ع ڪئخسرو جهان جو پٽ نواب حميد الله خان ڀوپال جو حاڪم (نواب) ٿيو  جيڪو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد به ٻه سال نواب رهيو.... يعني ۱۹۴۹ تائين.

نواب حميد الله خان کي اولاد ۾ ٽي ڌيون هيون. سندس وفات بعد سندس وڏي ڌيءَ عابده سلطانا ڀوپال جي نواب ٿيڻ واري هئي پر پاڪستان ٿيڻ تي هن ڀوپال جي راڻي (نواب) ٿيڻ تان هٿ کڻي پاڪستان هلي آئي، جِتي هن فارين سروس Join ڪئي. پاڪستان اچڻ وقت هن جي عمر ۳۷ سالَ هئي ۽ ساڻس گڏ ننڍڙو پٽ به هو. پاڻ وڏو عرصو پاڪستان ۾ گذاريائين. ۲۰۰۲ع ۾ سندس ڪراچي ۾ وفات ٿي. سندس پٽ شهريار جيڪو پاڪستان جو فارين سيڪريٽري ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ٿيو.

No comments:

Post a Comment