Friday, July 28, 2017

آمريڪا ۾ برف تي گاڏي هلائڻ- ثريا ڪپري

آمريڪا ۾ برف تي گاڏي هلائڻ
اَلرٽ رهو، آهستي هلو، ڪنٽرول ۾ رهو
ثريا ڪپري
(نيو جرسي آمريڪا)
اسان وٽ يعني اتر اوڀر آمريڪي صوبن ۾ نومبر کان سخت سيءُ شروع ٿي وڃي ٿو. برفباري جي باقائده شروعات ته ڊسمبر کان ليکي وڃي ٿي پر  ڪڏهن ڪڏهن نومبر کان ئي گرمي پد ايترو هيٺ  هليو وڃي ٿو، جو جي مينهن پوي ته اهو برف ٿي  پائوڊر جي شڪل ۾ آهستي آهستي هيٺ ڪري ٿو، جنهن کي اسين برفباري ڪوٺيون ٿا. سو برفباري صرف ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن سياري ۾ مينهن وسندو آهي. اسان وٽ ڊسمبر کان وٺي فيبروري تائين ته باقائدي برفباري جو موسم رهندي آهي جيڪا  اڪثر  هن مهينن دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن برفاني طوفانن کي به وٺي ايندي آهي.


ڪجھه سال اهڙا به آهن جڏهن مارچ، اپريل يا مئي ۾ به برف وسي آهي ڇو ته گرمي پد ٻڙي کان هيٺ هيو ۽ مينهن وسي پيو ته ظاهر آهي ته اهو برف جي شڪل ۾ ئي هيٺ ايندو،  پر عام طور تي مارچ ۾ ماڻهو پنهنجا لان يا بئڪ يارڊ برف کان پاڪ ڏسي انهن کي ڀاڄيون پوکڻ لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. مارچ کان مئي جي موسم سڏبي ته بهار آهي، پر انهي ٽن مهينن ۾ اڍائي مهينا ته سخت سيءُ  هوندو آهي، جو ماڻهو ٽي ٽي ڪپڙن  مٿان سياري جو ٿلهو ڪوٽ پائي گهر کان ٻاهر نڪرن ٿا.
برفباري ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونورسٽيون  يا ته ڪجھه ڪلاڪ دير سان کلنديون آهن ته جيئن  ڪئمپس تي برف کي پگهرائڻ خاطر لوڻ هارجي ۽  برف تي بجري هارجي ۽ برف کي سنو بلوئر مشينن سان هٽائجي ته شاگرد ۽ اسٽاف برف  تي هلڻ مهل  نه ترڪن  يا وري  برفاني طوفان جي صورت ۾ مڪمل سڄو ڏينهن بند رهنديون آهن، جنهن جو اعلان لوڪل ٽي وي اسٽيشنن تي ٽِڪر جي صورت ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ ادارن جي ويب سائيٽن تي به لکيل هوندو آهي ته هي ادارو اڄ بند رهندو. برفباري دوران  رستن تي برف  ٿڌي پائوڊر جي شڪل ۾ پيل هوندي آهي ۽ انهن روڊن تي گاڏي هلائڻ يا پنڌ هلڻ جي لاءِ تمام احتياط جي ضرورت آهي. انتظاميه وسندڙ برف ۾ پنهنجي ملازمن ذريعي Snow plows يا برف صاف ڪرڻ واري گاڏي (جنهن جي اڳيان ڪيڻ لڳل هوندي آهي) کي روڊن تي آڻي، مسلسل ڪيڻ ذريعي برف هٽائي روڊ جي هڪ پاسي ڪرڻ شروع ڪندي آهي. انهي مهل عوام کي باقائده ريڊيو ۽ ٽي وي اعلانن ذريعي چيو ويندو آهي ته فلاڻو روڊ اڃا صاف ناهي ٿيو يا فلاڻي جڳھه تي هڪ ڏينهن اڳ ڪريل برف گرمي پد هيٺ ڪرڻ سبب ڄمي ويئي آهي ۽ هاڻ گاڏي ترڪڻ  يا ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃڻ  جو خطرو آهي. ايڏانهن نه وڃو يا هيترن ڪلاڪن کان پوءِ وڃو. آمريڪا جي پنجاھه رياستن مان اڪثريت اهڙي صورتحال مان گذرندي آهي. تازي ڪِريل برف يا Snow ۾ پنڌ هلڻ ايترو خطرناڪ ناهي جيترو اها ڄمي وڃڻ کان پوءِ يعني Ice تي هلڻ ۾ آهي، ڇو ته Snow پائوڊر وانگر نرم هوندي آهي، تڏهن به ماڻهو آهستي آهستي هلندو آهي نه ته ڪرڻ جو خطرو آهي. ساڳئي صورتحال گاڏي هلائڻ وارن کي درپيش هوندي آهي. ڇو ته آئس تي گاڏي تمام آساني سان ترڪي وڃي ڪنهن ٻئي گاڏي کي ڌڪ هڻندي آهي. برف ۾ گاڏي هلائڻ وقت بريڪ تي يڪدم پير ناهي رکيو ويندو، بلڪ آهستي سان بريڪ کي پير رکي ان کي ڪافي دفعا دٻايو ويندو آهي.
برف تي گاڏي روز واري رفتار کان اڌ رفتار سان هلائبي آهي ۽ روز واري بريڪنگ فاصلي کان ٽي دفعا پري کان ئي بريڪ هلڪي هلڪي دٻائي گاڏي گهربل جاءِ تي بيهاري ويندي آهي. برف وسڻ کان ٻئي ڏينهن تي جڏهن اها ڄمندي آهي ته ان کي بلئڪ آئس ڪوٺيو ويندو آهي. بلئڪ آئس ان ڪري ته ماڻهو جي هلڻ يا گاڏي هلائڻ ڪري برف جو اڇو رنگ ميرو ٿي ويندو آهي ۽ بلئڪ آئس تمام خطر ناڪ آهي.  اڪثر ماڻهو پنهنجي گاڏي جا چارئي ٽائر مثائي برفاني موسم جا خاص ٽائر  يعنيSnow tyers لڳرائيندا آهن، جيڪي روڊ تي برف جي ڄميل تهه تي Traction رکندڙ هجن ٿا.  گاڏي جي ڊڪي ۾ هر وقت  ٽي چار گرم سوڙون رکڻ ضروري آهي ڇو ته خدانخواسته جي گاڏي برف ۾ ڦاسي پوي جيڪو اڪثر ٿيئي ٿو ته گاڏي ڪڍڻ واري آمريڪي روڊ سروس  AAA کي اچڻ لاءِ ڪلاڪ يا ان کان به وڌيڪ وقت به لڳي سگهي ٿو ۽ آمريڪي قانون مطابق ت هاءِ وي تي سياري ۾ گاڏي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ وهان کي گاڏي کان ٻاهر ناهي نڪرڻو. سو گاڏي بند هجڻ جي صورت ۾ ان جو هيٽر ته ڪونه هلندو ۽ ماڻهو sub zero  سيءُ ۾ مري سگهي ٿو سو سوڙون يا ڪمبل رکڻ لازمي آهي. اهو ان ڪپڙن کان علاوه آهي جيڪي توهان هن موسم ۾ تهن جا تھ پائي ٻاهر نڪرندؤ.

برفباري ٿيڻ کان پوءِ جيستائين روڊ تان برف صاف ڪرڻ واريون گاڏيون پهچن تيسين ته تمام محتاط رهڻو آهي، برف تي جن ماڻهن گاڏي هلائي آهي جيڪي پاڪستان جي برفاني علائقن جهڙوڪ ڪوئٽه، زيارت، ڪوه مري، گلگت بلستان يا هُنزه ۾ رهندڙ آهن انهن کي اندازو آهي پر جن ناهي هلائي  اهي اهو ٻڌي شايد حيران ٿي وڃن ته برف تي گاڏي هلائڻ ڪو ٻاراڻو کيل ناهي.  ايتري احطياط باوجود به  هر سال خطرناڪ حادثا ٿين ٿا.  اسان وٽ سترهين ڊسمبر 2016 تي جيڪا ڇھ انچ برف ڪري.  ان ميريلئنڊ صوبي جي هڪ هاءِ وي تي ستهٺ گاڏين ۽ هڪ آئل ٽئنڪر وچ ۾ حادثو ڪرايو هو. ٿيو ايئن جو آئل ٽئنڪر ترڪي وڃي ڪنهن گاڏي کي ٽڪر هنئين، ان گاڏي ٻئي کي  وڃي ٽڪر هنئي. سو هڪ  هڪ گاڏي ترڪي ٻئي کي لڳندي وئي ۽ پوءِ سڀ گاڏيون قطار سان هڪ ٻئي سان لڳنديون ويون. ڪافي ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪافي زخمي ٿيا. پر آمريڪي انتظاميا هر دفعي  اهڙو سمورو ملبو ڪجھ ڪلاڪن اندر رستي تان هٽائي ڇڏيندي آهي. اهڙي Efficiency ڪنهن زماني ۾ مسلم ملڪن جي سڃاڻپ هوندي هئي.

No comments:

Post a Comment