Sunday, April 22, 2018

ڪوريا جي روحاني گاديءَ جو سفر - نصير اعجاز


ڪوريا جي روحاني گاديءَ جو سفر
ماسڪ ڊانس -جنھن سان رئيسن جي ظلمن خلاف آواز اُٿاريو ويندو ھو
نصير اعجاز
جرنلسٽس ائسوسيئيشن آف ڪوريا پاران ھر سال جيان مارچ ۲۰۱۸ ۾ ڪوٺايل ورلڊ جرنلسٽس ڪانفرنس ۾ سٺ ملڪن مان آيل صحافين جو وفد چئن ڏينھن کان ڪوريا جا مختلف شھر ۽ تاريخي ماڳ گھمندو ستين مارچ تي جڏھن جيانگ سنگ Gyeongsang صوبي جي گاديءَ واري شھر اندونگ Andong جي حدن ۾ گھڙيو ته مون کي محسوس ٿيو ڄڻ مان پنھنجي روحاني مرڪز پھچي ويو آھيان ڇو ته ھن علائقي کي چيني فلسفي ڪنفيوشس جي پوئلڳ دانشورن جي ديس واري حيثيت حاصل آھي ۽ انھن ئي دانشورن جي تعليمات جو سموري ڪوريا ئي سماج تي اثر آھي ـ ھتان جي دانشورن جو جپان جي بيٺڪي راڄ کان آزاديءَ واري ويڙھه ۾ به وڏو ڪردار رھيو آھي ۽ اھو ئي ڪارڻ آھي ته ڏکڻ ڪوريا جي ڪرنسي نوٽن تي به ھتان جي دانشورن جون تصويرون ڇپيل آھن ۽ ھن علائقي کي ڪوريا جي روحاني گاديءَ جي حيثيت حاصل آھي ـ اندونگ ھونئن ته قبل مسيح جي زماني جو شھر آھي جڏھن ان جو نالو گوچانگ Gochang ھو، پر ويجھي تاريخ ۾ به ھن علائقي وڏا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن ـ ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ جپان کان جند ته ڇُٽن پر آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين جي مفادن ۽ ڪوريائي اُپٻيٽ کي طاقت جي زور تي ورھائڻ سبب ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۴ تائين جيڪا جنگ ھلي، تنھن ۾ ته اندونگ شھر توڙي آسپاس جو علائقو مڪمل طور تباھه ٿي ويو ھو ـ ڏکڻ ڪوريا وارن جيئن ۱۹۷۰ کان وٺي ترقيءَ جي نئين راھه اختيار ڪئي، تيئن ھن شھر کي به اھڙو ته ٺاھي ڇڏين جو ڪير نه چئي سگھندو ته ھيءُ شھر ڪڏھن تباھه به ٿيو ھو ـ


ويڪرن ۽ صاف سُٺن رستن، خوبصورت عمارتن ۽ آلودگيءَ کان پاڪ ھن شھر جي سونھن ناڪ دانگ Nakdang ندي وڌائي ٿي ڇڏي جيڪا وچ شھر مان لنگھي ٿي ـ ان نديءَ تي ھڪ پُل آھي جنھن کي لَوَرز بِرج جو نالو ڏنل آھي جتي رات جو جڏھن آڪاش تي تارا ٽمڪڻ لڳندا آھن ته پيار ڪندڙ جوڙا اچي اتي گڏ ٿيندا آھن. ھن پُل جي وچ تي ھڪ ٽاور ٺھيل آھي جنھن جون ڏاڪڻيون چڙھي ماڻھو مٿي وڃي چوڏس آڪاش ۽ ناڪ دانگ نديءَ جي اُجري پاڻيءَ ۾ جھرمر ڪندڙ ستارن جو نظارو ڪندا آھن. نديءَ جي ٻنھي ڪپن تي خوبصورت پارڪون ٺھيل آھن جتي پڻ وندر لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻھو ايندا آھن. اسان به ۲۰۱۶ واري ٽوئر ۾ ھن پُل تي ڪجھه وقت گذاريو ھو پر تڏھن به اھو احساس مونکي ماريندو رھيو ھو ته اسان وٽ به سنڌو ندي مختلف شھرن ڀرسان لنگھي ٿي پر حڪمرانن ڪڏھن به قدرت جي ڏنل انھيءَ نعمت کي بھتر بنائي عوام وندر ۽ ماحول جي بھتريءَ لاءِ ترقي وٺرائڻ تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ اڄ به عظيم سنڌوءَ جي ٻنھي ڪپن تي جھنگ بيٺل آھي ۽ پيٽ ۾ واري اُڏامي رھي آھي.
ھن ڀيري اسان شھر جي ميئر سان ملاقات ۽ دعوت کائڻ کان واندا ٿي اندونگ کان ٿوري فاصلي تي ھڪ قديم ڳوٺ گھمڻ ھليا وياسين. اھو ڳوٺ به منھنجو اڳي گھميل ھو جتي ٿر جي وارياسن دڙن تي ٺھيل چونئرن جھڙا گھر ھجڻ ڪري مونکي وڌيڪ ڇِڪ محسوس ٿيندي آھي ـ ھيءُ علائقو ڪوريا جي لوڪ داستانن جو ڳڙھه آھي ۽ ڪوريا وارن انھيءَ ڪري نه رُڳو ۶۰۰ ورھيه پراڻي ڳوٺ ھَاھوءِ Hahoe کي محفوظ ڪري عالمي ورثي طور مڃتا ڏياري آھي، پر ڀرسان ئي “ماسڪ ڊانس” ڪامپليڪس کي به بلڪل قديم رُوپ ۾ قائم رکيو آھي جنھن ۾ چوڌاري ٺھيل ثقافتي نموني جي ھالن جي وچ ۾ ننڍو کليل ميدان آھي جتي ماسڪ (نقاب) پائي ڊرامائي ڪھاڻيءَ تي ناچ ڪيو ويندو آھي.
ھاھوءِ ڳوٺ ۾ ٿر جي چونئرن جھڙي ڇت وارا ۶۳ گھر، کپريل جي ڇتين وارا ۵۰ گھر ۽ ٻيا ۲۹ گھر آھن جن ۾ اڄ به سوا سئو کن ڪُٽنب آباد آھن ـ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ھاھوءِ جي معنى آھي اھڙي آبادي جنھن جي چوڌاري پاڻي ھجي ۽ جيئن ته ھن ڳوٺ جي چوڌاري ڀر واري گھاٽن ساوَن وڻن سان جھنجھيل جبل مان وھي ايندڙ ھڪ ندي انگريزي اکر “ايس” جي شڪل ۾ گھيرو ڪري اڳتي وڌي ٿي، تنھنڪري مٿس اھو نالو پيو ـ ڳوٺ ۽ ماسڪ ڊانس ڪامپليڪس سياحت جو مرڪز آھي جتي سياحن جي سھولت لاءِ کائڻ پيئڻ کان ويندي ٽوائليٽن تائين ھر سھولت موجود آھي پر ڳوٺ جي گھٽين ۾ گھمندي توڙي ڪامپليڪس جي حدن ۾ نه ڪجھه کائڻ جي اجازت آھي ۽ نه سگريٽ پيئڻ جي، جنھن لاءِ مخصوص جايون مقرر آھن ته جيئن گندگيءَ سان ماحول متاثر نه ٿئي. ڳوٺ گھمڻ لاءِ سياحن لاءِ بئٽريءَ تي ھلندڙ گاڏيون به موجود آھن.
ماسڪ ڊانس جي حوالي سان قديم لوڪ داستان ٻڌايا وڃن ٿا ـ چون ٿا ته ٻه اڍائي ھزار ورھيه اڳ ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ڪندڙ ھڪ واڍَي چونگ ڪاڪ Chongkok کي ديوتائن جو حڪم مليو ته ٻارھن مختلف شڪلين وارا ماسڪ ٺاھي، پر ان وچ ۾ کيس ڪنھن به ماڻھوءَ سان ملڻو نه ھو. جڏھن واڍو پنھنجو ڪم مڪمل ڪرڻ وارو ھو ۽ ٻارھين ماڻھوءَ (ھڪ دانشور جي بيوقوف نوڪر جي ڪردار) جي شڪل جو ماسڪ ٺاھيندي ان جي ڄياڙيءَ جو مٿيون حصو ٺاھيائين، ته سندس سنگتياڻي اوچتو ورڪشاپ ۾ گھڙي آئي ته ڏسجي ته ھمراھه ڪري ڇا پيو، پر بدقسمتيءَ سان ان گھڙيءَ ڪاريگر جي دماغ جون نسون ڦاٽي پيون ۽ ھُو ڄياڙيءَ جو ھيٺيون حصو ٺاھڻ کان اڳ ئي ٿڏي تي مري ويو ـ
واڍَي جيڪي ۱۲ ماسڪ ٺاھيا پئي اُھي اصل ۾ ھڪ ڪھاڻي يا کوڙ ڪھاڻين جا ڪردار ھئا جن ۾ ھڪ رئيس، ھڪ نوجوان عورت، ھڪ ٻُڌ پروھت، رئيس جو نوڪر، دانشور، سندس بيوقوف نوڪر، رئيس جي رکيل عورت، قاتل ڪاسائي، پوڙھي عورت، اڻ پرڻيل يا ڇڙو مرد، محصول اوڳاڙيندڙ عملدار ۽ ھڪ پوڙھو مرد شامل ھئا ـ
“انھن ماسڪ يا نقابن کي ثقافتي ورثي جي حيثيت مليل آھي،” اسان جي گائيڊ شيرون ٻڌايو ھو ـ بدقسمتيءَ سان ۱۵۹۲ کان ۱۵۹۸ تائين ڪوريا تي جپان جي قبضي دوران جپاني فوجي عملدار سمورا ماسڪ پاڻ سان کڻي ويا ۽ ۴۰۰ ورھين تائين انھن جي ڪابه خبر چار ڪانه ھئي ـ ڪجھه عرصو اڳ جپان جي ھڪ ميوزم ۾ انھن ۱۲ مان ۹ ماسڪ نمائش لاءِ ظاھر ڪيا ويا. ٽي ماسڪ اڃا به گُم آھن جن ۾ پوڙھي مانُھوءَ، محصول اوڳاڙيندڙ عملدار ۽ ڇڙي مرد جا ماسڪ شامل آھن. ھاڻ ته ڪوريا ۾ انھن نقابن جا نمونا ٺاھي پنھنجي ڪلچر کي اُجاگر ڪيو پيو وڃي. ماسڪ ٺاھڻ لاءِ ڪاٺ، سارين جي تيلين ۽ ڪاڳر جو استعمال ڪيو وڃي ٿو جنھن تي ريشمي ڪارو ڪپڙو ۽ وار به چنبڙايا وڃن ٿا.
ماسڪ پائي ناچ ڪرڻ کي تال نوري Talnori ۽ تال چُم Talchum جا نالا مليل آھن ۽ اھڙيون ڊانسون جن ۾ ڪا نه ڪا ڪھاڻي شامل ھوندي آھي، مختلف قومي ميلن ۽ ٻين موقعن تي ڪيون وينديون آھن. “تال لفظ اصل چيني ٻوليءَ مان ورتل آھي جنھن جي معنى آھي ماسڪ يا نقاب، پر ڪوريا ۾ ان کي “آزاد ڪرڻ” يا “ڇُوٽ ڏيڻ” جي مفھوم ۾ ورتو وڃي ٿو،” گائيڊ ٻڌايو.
قديم داستانن ۽ قصن موجب اڳي علائقي جا شاھي خاندان جا رئيس ۽ ٻُڌ پروھت پنھنجي طاقت جي نشي ۾ شراب، شباب ۽ ناچ گانن ۾ رُڌل رھندا ھئا. سندن ڪرپشن ۽ ظلمن خلاف عوام وٽ آواز اُٿارڻ جو ھڪ مُھذب طريقو اھو ئي ھيو ته ماسڪ پائي ڊرامائي ڪھاڻين ذريعي کين بڇڙو ڪجي. “ماسڪ اندر لڪل مُھانڊا رئيسن توڙي پروھتن جي غلط ڪمن تي پنھنجي ڊرامائي ڪردارن ذريعي سخت تنقيد ڪندا ھئا،” شيرون ٻڌايو.
اھي ئي ماسڪ ڊانسون قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ به ڪيون وينديون ھيون. “ڪجھه اسڪالرن موجب اڳي زماني جا ماڻھو شاماني ڌرم موجب آفتن، بيمارين ۽ شيطاني قوتن کي ڀڄائڻ لاءِ ماسڪ ڊانسون ڪندا ھئا. سندن خيال ۽ عقيدي موجب ماسڪ ڊانس ۾ جادوئي اثر آھي جنھن سان شيطاني قوتن کي ڀڄائي سگھجي ٿو ـ بھرحال ھاڻي اھي ڊانسون صرف مذھبي ڏڻن، قومي ميلن تي يا وندر لاءِ ڪيون وڃن ٿيون،” شيرون ٻڌايو ـ
ماسڪ ڊانس لاءِ رنگين ريشمي ڪپڙا پاتا ويندا آھن ۽ ڊانس مھل ڊرم جو وڄائڻ لازمي ھوندو آھي ـ ڪن قصن موجب قديم زماني ۾ ماسڪ ڊانس کانپوءِ سمورا ماسڪ ھڪ ڪمري ۾ محفوظ ڪري رکيا ويندا ھئا ته وري ڪن علائقن ۾ سمورا ماسڪ استعمال کانپوءِ ساڙي ڇڏبا ۽ ٻئي موقعي لاءِ وري نوان ماسڪ تيار ڪيا ويندا ھئا ـ
ھتي ھاڻي روزانو ايندڙ سياحن لاءِ ماسڪ ڊانس جو مظاھرو ڪيو ويندو آھي ـ اسان به ماسڪ ڊانس جو مزو وٺي، ڊانس جي ڪردارن سان گڏ فوٽو ڪڍي پنھنجي ٻيءَ منزل ڏانھن روانا ٿي وياسين ـ ھتان جي روايت موجب مھمان سياحن کي ڳلي ۾ پائڻ لاءِ ننڍڙي ماسڪ جي سوکڙي به ڏني وئي ـ اھڙا ماسڪ ھاھوءِ ڳوٺ ۾ ھڪ دُڪان تي به مليا ٿي جتي علائقي جي قديم لوڪ ڪردارن جا مختلف نمونا ۽ ٻيون ثقافتي شيون وڪري لاءِ رکيل ھيون.

No comments:

Post a Comment