Monday, April 23, 2018

ڪوريا جتي سَڳن سئوٽن سان شاديءَ تي قانوني بندش آھي - نصير اعجاز


ڪوريا جتي سَڳن سئوٽن سان شاديءَ تي قانوني بندش آھي!
نصير اعجاز
ڪوريا ۾ ھر ڪنھن کي انگريزي ٻولي نٿي اچي. تمام گھٽ ماڻھو، مرد ۽ عورتون انگريزي لکڻ، پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ ڄاڻن ـ ڪوريائي ماڻھن جا نالا به ڏاڍا ڏکيا، سو جِن ماڻھن، خاص طور چوڪرين جو واسطو پرڏيھين سان پوي ٿو، تِن انگريزي به سِکي ورتي آھي ته پنھنجي نالن کي به سَوَلو ڪرڻ لاءِ ھنن ڪو ھِڪ _ اکري انگريزي نالو به اختيار ڪري ورتو آھي ـ مثال طور گذريل ٽن سالن کان ڏکڻ ڪوريا ۾ گڏ ٿيندڙ دنيا جي صحافين کي مُلڪ گھمائڻ لاءِ مقرر گائيڊ ڇوڪرين منجھان سينئر گائيڊ جو اصل نالو ته ڪو ٻيو ھيو پر ھوءَ پاڻ کي شَيرون چَوءِ سڏرائيندي ھئي ته جيئن ساڻس مخاطب ٿيڻ ۾ صحافين کي ڏکيائي نه ٿئي ـ مان کيس گھمندڙ ڦرندڙ اينسائيڪلوپيڊيا سڏيندو ھئس ڇو ته کيس ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين سمورن شعبن جي ايتري ته ڄاڻ ھئي جو بنا ڪنھن لکيل نوٽس جي لاڳيتو اسان کي ڪوريا جي باري ۾ احوال ڏيندي رھندي ھئي ـ جيئن ئي ڪوچ ھلڻ لڳندي ھئي ته شيرون مائيڪ ھٿ ۾ کڻي ڳالھائڻ شروع ٿي ويندي ھئي.


ھن ڀيري جڏھن پنجين مارچ تي ڪوريائي اُپٻيٽ تي امن جي حوالي سان صحافين جي عالمي ڪانفرنس جا اجلاس ختم ٿيا ۽ ٻئي ڏينھن کان اسان ٽن ڪوچُن ۾ سوار ٿي سڄو ملڪ گھمڻ نڪتاسين ته شيرون دستور موجب ڳالھائڻ شروع ڪيو ـ ھڪ ھفتي جي ٽُوئر ۾ ھن ٻيون ته گھڻيون ڳالھيون ڪيون، پر جنھن ڳالھه منھنجو ڌيان ڇڪايو، اُھا ھُئي ڪوريائي ماڻھن منجھه سئوٽن ماساتن سان شادي ڪرڻ تي قديم زماني کان بندش ـ
اسان وٽ سنڌ ۾ ھندو ڌرم وارن منجھه اھڙي بندش رھي آھي ـ اڳي ته ھندو جاتيءَ ۾ سئوٽ ماسات ڀيڻ ڀائرن جيان ھوندا ھئا پر ھاڻي ماساتن سان پرڻي جو سلسلو ھلي پيو آھي جڏھن ته سڳا سئوٽ اڃان به ڀيڻ ڀائر سمجھيا وڃن ٿا ـ سينئر صحافي سرڳواسي گُرداس واڌواڻي، جيڪو سڄي عمر شادي نه ڪري سگھيو ۽ اسي نوي ورھين جي عمر ۾ اڪيلائيءَ ۾ گذاري ويو، ٻڌائيندو ھو ته رت جي رشتن سان پرڻو ٿيڻو ڪونه ھو ۽ ٻين جاتين مان پرڻو ڪرڻ لاءِ وٽس ايترا ڏوڪڙ ڪونه ھئا ـ
ھِندو برادرين جي ڀيٽ ۾ وري سنڌي مسلمان ذاتين ۾ اڳي برادرين توڙي پنھنجي گھراڻي کان ٻاھر پرڻو ڪرڻ خلاف سختي ھئي ـ ھاڻي ته خير گھڻو فرق اچي ويو آھي ۽ گھراڻي ۽ برادرين کان ٻاھر به ٻين ذاتين ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جون شاديون ٿين ٿيون پر ڪن ھنڌن تي اڃان به اھڙيون رسمون ۽ رواج جاري آھن ـ رت جي رشتن جون شاديون موروثي بيمارين جي حوالي سان ڪيتريون ھاڃيڪار آھن، ان تي سڄي دنيا ۾ سُجاڳيءَ جي مُھم ھلي رھي آھي ۽ خود آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ سڳن سئوٽن سان شاديءَ تي قانوني بندش پيل آھي ـ انھيءَ پسمنظر ۾ مونکي حيرت ھئي ته ڪوريائي قوم ھزارين ورھيه اڳ به اھڙن پرڻن جي ھاڃيڪار نتيجن کان آگاھه ھئي ـ
“پراڻي زماني کان اِھا پابندي آھي ته ڪوبه ڇوڪرو يا ڇوڪري پنھنجي خاندان ۾ شادي نٿو ڪري سگھي ۽ اھڙي بندش اڄ به جاري آھي،” منھنجي پُڇڻ تي شيرون ٻڌايو ھو ـ اسان اُن ڏينھن ڪنفيوشس جي فلسفي جي زيرِاثر ڪوريا جي روحاني گاديءَ واري شھر اَندونگ مان اوچتي شروع ٿيل برفباري ھلندي روانا ٿي ھاھوءِ Hahoe (اھڙو علائقو جنھن جي چوڌاري ندي وھندي ھجي) نالي ۶۰۰ ورھيه پُراڻي ڳوٺ پھتا ھئاسين، جنھن کي عالمي ورثي طور سنڀاليو ويو آھي ـ شيرون کان ان بندش جو ڪارڻ پُڇڻ تي ھن ٻڌايو ته انھيءَ جو ڪارڻ آھي صحتمند نسل پيدا ڪرڻ پر ساڳئي وقت گھراڻن جا سياسي ۽ سماجي رشتا سگھارا ڪرڻ به ھڪ مقصد رھيو آھي ـ سئوٽ ماساتن جي شادي Cousin Marriages  تي پابندي به ڪنفيوشس جي ئي فلسفي تحت ھنيل ھئي ـ
جيئن ته ھاھوءِ ڳوٺ منھنجو پھرين به گھميل ھو تنھنڪري انھيءَ کان وڌيڪ مونکي ڪوريا جي رسمن رواجن ۽ خاص طور سئوٽن ماساتن سان شادين تي بندش بابت معلومات ۾ دلچسپي ھئي تنھنڪري مان شيرون کان حال احوال وٺڻ ۾ لڳي ويس ـ “سئوٽ ماساتن سان شاديءَ تي بندش سال ۲۰۰۰ قبل مسيح کان به ڪجھه اڳ ڪوريا ۾ پھرين بادشاھه جَوسيان جي وقت کان آھي،” شيرون ٻڌايو ـ “جيڪو به ٻار ڄمي ٿو اُھو پيءُ جي ذات سان يا وري آبائي گھراڻي سان سُڃاتو وڃي ٿو ۽ اھڙن ٻارن کي پنھنجي گھراڻي ۾ ڪنھن سان شادي ڪرڻ جي اجازت نه ھئي ـ” اِن سماجي بندش کي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ھَونِن بِيوپ Honinbeop سڏيو ويندو ھو جنھن جو بُڻ بڻياد اصل چين مُلڪ ۾ پيو ۽ پوءِ ان جي شروعات ڪوريا ۾ ٿي ـ
ھن ٻڌايو ته نه رُڳو قديم زماني ۾ زباني توڙي ريتن رواجن موجب ھتي ساڳيءَ ذات يا گھراڻي منجھه شاديءَ جي روڪ ھئي پر ڪوريا جي ويجھي تاريخ ۾ به اھڙا قانون پاس ڪري اھڙين شادين تي بندش وڌي وئي ھئي ـ مثال طور ۱۹۵۷ ۾ رت جي رشتن وارن جي ھڪٻئي سان شاديءَ تي بندش جا قاعده قانون لاڳو ڪيا ويا ھئا ـ “ پر جيڪڏھن ساڳيءَ ذات يا گھراڻي جي ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جو عشق ٿي پوي يا اھي ھڪٻئي کي پسند ڪندا ھجن ته انھن جو ڇا ٿيندو ھوندو؟” مون کِلندي شيرون کان پُڇيو ھو ـ “ھا، اھڙا معاملا به آڏو ايندا رھيا آھن ـ اھڙن معاملن جي ڪري ٽي ڀيرا سال ۱۹۷۷، ۱۹۸۷ ۽ ۱۹۹۵ ۾ ھڪ ھڪ سال لاءِ عارضي طور بندش ختم ڪئي وئي ھئي ـ ان جي نتيجي ۾ ۱۹۷۷ ۾ اھڙن ۴۵۷۷ جوڙن جي شادي ٿي؛ ۱۹۸۷ ۾ اھڙن جوڙن جو تعداد ۱۲۴۴۳ ھو جڏھن ته ۱۹۹۵ ۾ اھو انگ وڌي ۲۷۸۰۷ ٿي ويو، پر ڪيترن ئي جوڙن بنا شاديءَ جي گڏ رھڻ شروع ڪيو جن جو تعداد غيرسرڪاري انگ اکرن موجب ٻن لکن کان وڌيڪ چيو ٿي ويو،” ھن ٻڌايو ـ
ڪوريا ۾ ان قسم جي صورتحال تڏھن پيدا ٿي جڏھن ملڪ جي آبادي وڌي، ماڻھن جي وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ شھرن ڏانھن ٿيڻ لڳي ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون آزاديءَ سان پاڻ ۾ ملڻ سان عشق محبت ۾ ڦاسجڻ لڳا ـ اھڙي صورتحال کي مُنھن ڏيڻ لاءِ تڏھوڪي حڪومت ھڪ حڪمتِ عملي تيار ڪئي جنھن تحت ھر ذات جي مختلف گھراڻن کي ھڪٻئي کان ڌار ڪيو ويو ـ مثال طور ڪِم Kim ذات جا ۲۸۲ گھراڻا رت جي رشتن ۾ ڳنڍيل ھئا پر اھي گھراڻن جي نالن سان سُڃاتا ٿي ويا ـ انھيءَ ذات جون ٻه مُکيه شاخون گِم ھاءِ Gimhae ۽ Gyeongju آھن جن جي آبادي پندرھن لک کن ٿيندي ۽ جيئن ته اھي ابن ڏاڏن کان الڳ گھراڻن جي شڪل ۾ ھلندا آيا آھن تنھنڪري انھن کي پاڻ ۾ پرڻا ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اُھا به ۱۹۹۷ ۾ عدالت جي ھڪ فيصلي کانپوءِ ڇوته انھيءَ کان اڳ اھڙن گھراڻن کي به پاڻ ۾ پرڻي جي اجازت نه ھئي ـ ساڳئي نموني مِليانگ پارڪ Milyang Park ۽ جيانِ جُو لِي Jeonju Lee گھراڻن سان به مسئلو ھو جنھن کي پڻ مختلف شاخن ۾ ورھايل ھُجڻ جي بنياد تي حل ڪيو ويو ـ مُنھنجو ڪوريائي دوست ۽ ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو باني صدر سانگ ڪِي به لِي Lee گھراڻي جو آھي ـ
سال ۱۹۹۵ ۾ ڪجھه جوڙن شاديءَ جو مسئلو فئملي ڪورٽ ۾ اُٿاريو ۽ ۱۹۵۷ واري قانون تي اعتراض ڪندي دليل ڏنو ھو ته اھو قانون (بندش) انسانن جي خوشين ۽ فئملي لائيف واري حق جي ڀڃڪڙي آھي جنھن کي ختم ڪرڻ گھرجي ـ فئملي ڪورٽ اھو معاملو آئيني عدالت ڏانھن موڪليو جنھن ٻه سال پوءِ ۱۹۹۷ ۾ حڪم ڏنو ته قومي اسيمبلي قانون ۾ ترميم ڪري ـ آئيني عدالت جو چوڻ ھو ته وقت سان گڏ اھو تصور بدلجي چُڪو آھي ته شادي صرف ٻن مختلف گھراڻن جو ميلاپ آھي ـ “بدليل حالتن ۾ نئون تصور ھيءُ آھي ته شادي ٻن شخصن جو پنھنجي مرضيءَ سان ميلاپ جو نالو آھي،” عدالت فيصلو ڏنو ھو پر ججن جي پئنل مان ٻن ڄڻن ان جي مخالفت ڪندي زور ڀريو ھو ته شادي پراڻن سماجي ۽ مذھبي رسمن رواجن تحت ٿيڻ گھرجي ـ ڪوريا جي قومي اسيمبليءَ عدالت جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ شاديءَ جي قانون ۾ سڌارن وارا بل مختلف وقتن تي آندا ۽ نيٺ مارچ ۲۰۰۵ ۾ قانون پاس ڪري ورتو جنھن موجب بھرحال ڪزن مئريج يعني سڳن سئوٽن جي شاديءَ تي بندش جاري رکي وئي ـ
ڪوريا ۾ شاديءَ جا قديم رواج ذري گھٽ سنڌ وارا ھئا ـ مائٽن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪنھن کي شاديءَ جي اجازت نه ھوندي ھئي ـ ڇوڪر توڙي ڇوڪريءَ جي شاديءَ لاءِ سندن سماجي رُتبي، معاشي حالت ۽ ڪردار توڙي شخصيت جو جائزو ورتو ويندو ھو ۽ مطمئن ٿيڻ تي شاديءَ جي تجويز ڏني ويندي ھئي، جنھن جي منظوريءَ بعد شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءَ گھوٽ ڪنوار جا مائٽ پاڻ ۾ گڏجاڻي رکندا ھئا ـ شاديءَ جي تاريخ ۽ وقت چنڊ واري ڪئلينڊر تحت طئه ٿيندا ھئا ـ شاديءَ جو ڪاڄ ڪُنوار جي گھر جي اڱڻ تي ئي ٿيندو ھو ۽ گھوٽ ۽ ڄاڃي گھوڙن تي سوار ٿي ايندا ھئا ـ ھاڻ زمانو مَٽجي ويو آھي ۽ شاديون مغربي انداز ۾ ھوٽلن، شادي ھالن ۽ بال رُومز ۾ ٿين ٿيون ـ
جيتوڻيڪ ڪوريائي قوم منگول نسل جي آھي، جنھن لاءِ اھي ماڻھو سندن ڳِٽن جي اُڀريل ھڏين ۽ ننڍين اکين جي ڪري سُڃاتا وڃن ٿا، پر منگوليا ۾ وري اڄ به پنھنجي گھراڻن ۽ قبيلن ۾ شادين کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ـ “اسان وٽ جيڪڏھن ڪو ڇوڪر يا ڇوڪري خاندان يا گھراڻن ۽ قبيلن کان ٻاھر شادي ڪري ٿو ته مائٽ ناراض ٿيندا آھن،” منگوليا جي ھڪ صحافي عورت مُنکبَيار پُڇڻ تي مونکي ٻڌايوـ “باقي خاندان يا قبيلي اندر ايتري آزادي آھي جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پنھنجي مرضيءَ سان پرڻو ڪري سگھن ٿا ـ ان لاءِ کين صرف مائٽن کي اطلاع ڪرڻو ھوندو آھي ۽ پوءِ وڃي شادي آفيس ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻو ھوندو اٿن،” ھن ٻڌايو ـ
ڪوريا ۾ شاديءَ جي قانونن ۾ نرمي ته ٿي وئي، پر اڄ جي مشيني زندگي ڪوريائي ماڻھن جي شادين ۾ رنڊڪ بڻيل آھي ـ ھڪ ته شاديءَ جا خرچ ڳاٽي ڀڳا ۽ مٿان وري نوڪرين جا بار، جنھنڪري ڪوريائي مرد سراسري طور ٽيھه يا ايڪٽيھه ورھين جي عمر ۾ مس وڃي شادي ٿو ڪري جڏھن ته ڇوڪريءَ جي عمر اٺاويھه اُڻٽيھه سال ٿيو وڃي ـ جيڪڏھن شادي ٿيو به وڃي ته ٻار ڄڻڻ به ھنن لاءِ مسئلو، ڇوته اِھي نوڪري ڪن يا ٻار سنڀالن ـ
“ڪوريا جي آباديءَ ۾ عوتن ۽ مردن جو انگ ذري گھٽ ھڪ جيترو آھي، پر موجوده دور ۾ ھر ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڪرڻ ضروري ھجڻ سبب ھنن لاءِ شادي ڪرڻ ۽ وري ٻار ڄڻڻ ۽ سنڀالڻ وڏو مسئلو آھي،” ڪوريا جي صنعتي مرڪز واري شھر ڊَيگُو Daegu  جي ڊپٽي ميئر ڪِم يَون چانگ سندس پاران مانجھاندي جي دعوت ۾ ڪچھريءَ دوران ٻڌايو ھو ـ اسان ھاھَوءِ ڳوٺ مان سڌو ڊَيگُو شھر پھتا ھئاسين ـ يَون چانگ پاڻ ڪِم گھراڻي جو ھو، جنھن جو ذڪر مٿي ڪري چُڪو آھيان ـ ڊپٽي ميئر پاڻ به صنعتڪار ھو پر ايترو ته نماڻي طبيعت وارو ھو جو صحافين جي استقبال لاءِ مِينھن ۽ برفباريءَ ھلندي به شھر جي ھڪ چوواٽي تي بيٺو ھو ـ
“دير سان شادي ٿيڻ ۽ ٻار نه ڄڻڻ يا گھٽ ڄڻڻ سبب ڪوريا جي آبادي وڌڻ بجاءِ گھٽجڻ لڳي آھي ۽ اھو معاملو اڳتي ھلي ڪوريا لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪندو، جنھن تي حڪومت ھاڻي کان ئي سوچڻ شروع ڪيو آھي،” ڪِم يَون چانگ ٻڌايو ھو ـ
جڏھن ڇوڪرين جي ڳالھه نڪتي ته معلوم ٿيو ته ڪوريا ۾ ماءُ پيءُ کي پُٽن جي ڀيٽ ۾ نياڻيون وڌيڪ پياريون ھونديون آھن ـ “جنھن گھر ۾ ڌيءَ نه ڄمي اُن کي بدقسمت سمجھيو ويندو آھي ـ مونکي به ھڪ ڌيءَ آھي ۽ اُھا منھنجي لاءِ سڀ ڪجھه آھي،” جرنلسٽس ائسوسيئيشن آف ڪوريا جي صدر جُنگ يُو سُنگ اسان جي ڳالھين ۾ حصو وٺندي چيو ھو.
ٻاھرين دنيا سان واسطا ۽ رابطا وڌڻ جي نتيجي ۾ ڪوريائي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين پرڏيھين سان به شاديون ڪرڻ شروع ڪيون آھن ـ ڪِن جا رابطا ڪوريا گھمڻ لاءِ ايندڙن سان ملاقات ذريعي ٿين ٿا ته ڪِن جا انٽرنيٽ تي پر اھڙيون شاديون به گھڻو نٿيون ھلن ـ بھرحال، انھن سماجي مسئلن ھوندي به ڪوريائي ڇوڪريون زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ سرگرم آھن ۽ ڪوريا جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيون آھن ـ

No comments:

Post a Comment