Monday, June 18, 2018

دبئيءَ جو سير - حيات علي شاهه بخاري


دبئيءَ جو سير
حيات علي شاهه بخاري
اهلاً و سهلاً مرحبا
دبئي پهچي جهاز مان لهي ضروري ڪارروائين مان واندا ٿي، بيگ کي هٿ ڪيوسين. ڇوڪري چيو ته نومي ڪلاڪ کانپوءِ اسان کي وٺڻ ايندو. ڪرسين تي ويهي رهياسين. اسان سان گڏ آيل مسافر وڃي چڪا هئا ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن فلائٽ جي وڃڻ جو وقت نه هو، ان ڪري ڪو مسافر نظر نه آيو. رڳو اسٽاف جا ماڻهو اچي ۽ وڃي رهيا هئا. آئون ڪرسيءَ تان اُٿي چهل پهل ڪرڻ لڳس ته جيئن وقت گذري. ۲۰ منٽن کانپوءِ منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته نومي اچي چڪو آهي. ٽرالي تي بيگ کي گهليندو ٻاهر نڪتس ته منهنجو فرزند نومي گاڏي جهليو بيٺو هو، ڀاڪر پائي ملڻ کانپوءِ گاڏي ۾ ويٺاسين. اسٽيئرنگ تي نومي جو ڪو دوست ذيشان نالي ويٺو هو، اخلاق سان مليو. ذيشان چيو ته ”انڪل سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو، ڇو جو ان تي به ساڍا چار سؤ درهم فائن آهي“ مون سيٽ بيلٽ ٻڌي سوچيو ته اڃا خيرن سان دبئي پهتا آهيون. سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ايڏو وڏو فائن، اڳتي ڏسجي ته قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙين تي ڪيترو فائن ٿو لڳي. گاڏي دبئي جي مختلف رستن تان ٿيندي هڪ هنڌ پهتي، جتي نومي جو دوست موڪلائي هليو ويو ۽ نومي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو. رات جا اٺ کن ٿيا هئا. چوڻ لڳو ته پهرين ماني ٿا کائون، ڪار دبئي جي عاليشان روڊن رستن تان هلندي رهي ۽ آئون دبئي جون وڏيون عمارتون ۽ رنگ برنگي بتيون ڏسندو رهيس. نومي ٻڌايو ته روڊ جي وک وک تي ڪئميرائون لڳل آهن، جيڪي اها چڪاس ڪن ٿيون ته ڪار ڊرائيو ڪندڙ ۽ سندس ڀرسان ويٺلن سيٽ بيلٽ ٻڌو آهي يا نه، ڪار جي رفتار ڪيتري آهي، ڊرائيونگ ڪندڙ موبائل تي ڳالهائي ته نه پيو يا ڪار ڊرائيو ڪندڙ گاڏي هلائيندي ڪجهه کائي ته نه پيو. نيٺ ڪار مختلف روڊن تان ٿي هڪ هنڌ بيٺي، جتي هڪ هوٽل هئي. نالو هئس ”ٽرڪ اڊه“ دبئي ۾ ڪار پارڪنگ جو وڏو مسئلو آهي. سو نومي اسان کي لاهي چيو ته اوهان ويهو ته ڪار پارڪ ڪري اچان. آئون ۽ منهنجي ڌيءَ هوٽل ٻاهران وڻن هيٺان رکيل ٽيبل تي ويهي رهياسين. نومي ڪار پارڪ ڪري ۱۵ منٽن کانپوءِ آيو. ويٽر کي مانيءَ جو آرڊر ڏئي ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. ماني آئي کائڻ لڳاسين، اسان جي ٽيبل ڀرسان هڪ فيملي اچي ويٺي جن سنڌيءَ ۾ پئي ڳالهايو. لهجي مان پتو پيو ته سنڌي هندو فيملي آهي. اسان ماني کائي، چانهه چڪو پيتو، نومي بل ڏنو. مون اندازو لڳايو ته ٻوڙ جي هڪ ڊش، چئن نانن، سلاد، ڌونئري ۽ ٻن چانهين جو بل پاڪستاني رپين ۾ ٽي هزار رپين کان به وڌيڪ هو. خير پنڌ ڪندا ان جاءِ تي پهتاسين جتي ڪار پارڪ ڪيل هئي. ڪار ۾ ويهڻ شرط مون پهرين سيٽ بيلٽ ۾ پاڻ کي سوگهو ڪيو. هاڻي اسان جو رُخ ”دبئي مال“ ڏي هو. رات جو وقت هئڻ ڪري وڏيون عمارتون رنگ برنگي بتين سان ٻري رهيون هيون. ڪافي دير کانپوءِ دبئي مال پهتاسين. اُتي به گاڏين جي پارڪنگ لاءِ اٺ ڏهه فلور هئا، اسين منو ڪلاڪ ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ سڀني فلورن تي ڦرندا رهياسين. نيٺ هڪ ڪنڊ ۾ گاڏي بيهارڻ جي جاءِ ملي. گاڏي پارڪ ڪري تڙ تڪڙ ۾ مال ۾ داخل ٿياسين، لفٽ تي لهندا چڙهندا گرائونڊ فلور تي پهتاسين. اُتي مختلف جاين تان ٿيندي اڳتي وڌندا رهياسين، چئني پاسي مختلف شين جا شاپس هئا. نومي اُتان جو سونهون هو، اُهو اڳيان ۽ اسين پويان هزارين ماڻهو هئا مختلف ملڪن جا پر مون نوٽ ڪيو ته ٽوئرسٽن ۾ وڏو تعداد عرب ملڪن جي مردن ۽ عورتن جو هو. يورپ جي ملڪن جا ماڻهو به هئا ته ٻين ملڪن جا ماڻهو به هئا پر اهي تمام گهٽ.


خير اسين دبئي مال جي پوئين پاسي پهتاسين، جتي گهمڻ لاءِ آيل عورتن ۽ مردن جا ميڙا لڳا پيا هئا، اُتي هڪ مصنوعي ڍنڍ هئي، جنهن ۾ ٻه ٻيڙيون تري رهيون هيون، ڀرسان ”برج خليفه“ هو. اصل ۾ ان ڍنڍ ۾ ميوزيڪل فائونسٽين ڏسڻ وٽان هئا. اسين اُتي پهتاسين ته ميوزيڪل فائونٽين پنهنجو وارو وڄائي بند ٿي رهيا هئا. نومي ٻڌايو ته ميوزيڪل فائونٽين جو نظارو ڪرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو. خبر پئي ته اهو نظارو هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ٿيندو آهي، ان دوران اسان پنهنجا فوٽو ڪڍڻ ۾ لڳي وياسين ۽ آئون خاص طور تي پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪرڻ لڳي ويس، پر ٽيڏين اکين سان ڇو جو دبئي ۾ عورت جو تمام گهڻو احترام ڪيو وڃي ٿو، ڪابه اڪيلي عورت آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهي ٿي. مجال جو ڪو ان ڏي اک کڻي به نهاري. دبئي جون مون کي ٻه ڳالهيون تمام سٺيون لڳيون، هڪ عورت جو احترام، ٻيو قاعدي ۽ قانون تي سختيءَ سان عمل. مون ڏٺو ته اُتي عرب ته عربي لباس ۾ هئا پر ٻين ملڪن جا همراهه به عربي لباس پاتل هئا. باقي ٻين ملڪن جي رهواسين کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. اُتان جي هوٽلن ۾ ڪائونٽر تي يا ويٽر طور جيڪي ڇوڪريون ڪم ڪري رهيون هيون. تن مان اڪثر فلپائن، چائنا، جاپان ۽ ڪوريا وارن ملڪن جون هيون. صفائي جو تمام سٺو نظام، وک وک تي هر صفائي ڪندڙ ڪم ڪندي نظر ايندو. جڏهن ته عام توڙي خاص ماڻهو به صفائي جو خاص خيال رکن ٿا. مجال آهي جو ڪو ڪاغذ يا ڪا ٻي شيءِ پٽ تي اڇلائين. هاڻي ته ٻڌو اٿم ته سگريٽ جو ٽوٽو اڇلائڻ تي به فائن آهي، اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ملڪ ۽ اُتان جا ماڻهو بلڪل ”فائن“ آهن.

رنگن جي برسات
ڳالهه پئي هلي دبئي جي؛ سو جڏهن اسين تڙ تڪڙ ۾ ”دبئي مال“ جي پوئين حصي ۾ کلي آسمان هيٺان پهتاسين ته اسان جي ساڄي پاسي دنيا جي اوچي عمارت ”برج خليفه“ ڪر کنيو بيٺي هئي. ايڏي اوچي ۽ تمام ويجهو مشهور عمارت کي ڏسي خوشي ٿي. جيڪڏهن ڪو ٽوپي پاتل ويجهي کان ان عمارت کي مٿي تائين ڏسي ته هوند سندس مٿي تان ٽوپي ڪري پويس. مون کي ڳڻتي انڪري ڪونه هئي جو مونکي ٽوپي پاتل ڪانه هئي. باقي سلوار قميص بدران لفافي سوٽ پاتل هو. اُهو مون کي ڪيئن ٿي لڳو اهو ته فيس بڪ تي منهنجون سدا ملوڪ تصويرون ڏسڻ وارا ئي بهتر ٻڌائي سگهن ٿا. خير ميوزيڪل فائونٽين جو ڊانس ڏسڻ لاءِ بيٺا آسپاس جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. جيڪو هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ٿيندو هو ۽ اسان جي اچڻ تي آخري نظارو سو به اڌو گابرو ڏٺوسين. نظارو ڪندي ۽ تصويرون ڪڍندي اڌ ڪلاڪ خير سان گذري ويو ۽ بتيون اُجهامي ويون. رنگن جي برسات برج خليفه تي جهومر ڪرڻ لڳي. واهه جو ڏيک هو. پنجن منٽن کانپوءِ اهو نظارو بند ٿي ويو ۽ هڪ ميوزيڪ وڏي آواز ۾ وڄڻ لڳو ۽ مصنوعي ڍنڍ ۾ ڦوهارا اٿي پيا، جيڪي ان ميوزڪ تي ڊانس ڪرڻ لڳا. ٻين وانگر مون به پنهنجي موبائل تي ان جي مووي ٺاهي. ڏهه پندرنهن منٽ اهو نظارو هليو ۽ پوءِ اسان دبئي مال کي ڏسندا، حيرت ڪندا واپس موٽڻ لڳاسين. ڳپل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ منهنجي فرزند ”نومي“ چيو ته تڪڙ ۾ ڪار ته پارڪ ڪري آياسين پر خبر ناهي ته ڪهڙي فلور تي ۽ ڪٿي پارڪ ڪيل آهي. اسين به ڳڻتيءَ ۾ پئجي وياسين ته هاڻي ڪار ڪيئن ڳوليون پر نومي چيو ته فڪر نه ڪيو ان جو حل آهي. ايئن چئي هو اڳتي وڌيو ۽ سامهون ڊسپينسر ٽائپ مشين، جنهن تي ٽي وي جهڙي اسڪرين لڳل هئي وٽ پهچي گاڏي جو نمبر لکيائين ته اسڪرين تي ڪار نظر اچڻ لڳي پر مسئلو وري به اهو هو ته اها ڪار پارڪنگ جي ڪهڙي فلور تي بيٺل آهي. نومي وري به ڪجهه ان مشين تي لکيو ته اسڪرين تي  P-۷نظر آيو. مطلب ته ڪار “P-۷پارڪنگ تي بيٺل آهي، وري ڊوڙ ڊوڙان ۽ اها خبر نه پئي پوي ته “P-۷آهي ڪٿي. پڇائون ڪندا، لفٽ ۾ سوار ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا گهرندا نيٺ “P-۷تي پهتاسين ۽ ڪار ۾ سوار ٿي  مال مان ٻاهر نڪتاسين. هاڻي اسان جو رخ ”عجمان“ طرف هو. جتي اسان جي رهائش جو بندوبست ڪيل هو. نومي ڪجهه بيچلرز سان گڏ رهندو هو ۽ اتي گڏجي رڌ پچاءُ ڪري کائيندو هو. آئون اڪيلو هجان ها ته انهن سان گڏ رهان ها پر مون سان منهنجي ڌيءَ هئي، انڪري نوميءَ رهائش جو هيئن بندوبست ڪيو هو جو سندس دوست مشتاق ڀٽي نالي جيڪو اُتي جاب ڪندو هو، اُهو عجمان ۾ رهندو هو ۽ ڪنهن ڪم سانگي هڪ مهيني لاءِ پاڪستان آيل هو. ان کان جاءِ اڌاري ورتي هئي پر ان جي چاٻي ان جاءِ هيٺان هڪ دڪان واري کي ڏنل هئي. جيڪا اسان کي ان دڪان تان کڻڻي هئي. دڪان ۱۲ وڳي بند ٿي ويندو هو، انڪري اسان تڙ تڪڙ ۾ عجمان طرف روانا ٿياسين. واٽ تي شارجه آيو، جيڪو ٻاهران ٻاهران ڏٺوسين. دبئي ۽ شارجه وچ ۾ هڪ وڏو ريگستاني علائقو هو، جتي پري پري گاڏيون بيٺل هيون ۽ چارجر لائٽون ٻري رهيون هيون. پڇا ڪرڻ تي نومي ٻڌايو ته اهي عرب سڳورا آهن، جيڪي ”ويڪ اينڊ“ تي پنهنجين فيملين سان ان ريگستان ۾ تفريح ڪرڻ ايندا آهن ۽ اتي ”باربي ڪيو“ اسٽائل تي پاڻ کاڌو رڌي کائي ڪچهريون ڪندا رهندا آهن. مون ڏٺو ته ڪيتريون ئي گاڏيون هڪ ٻئي کان پري بيٺيون هيون. مون کي عربن جي اها تفريح عجيب لڳي. جيڪي ”جهنگ ۾ اڱارو“ يعني (جنگل ۾ منگل) ڪيو ويٺا هئا. خير سان ڪار ۾ هلندا رهياسين. شارجه شهر کي ڪراس ڪري اڳتي وڌياسين ته اسان جي کاٻي روڊ تي پري کان کوڙ ساريون ٽرڪون اچي رهيون هيون. منهنجي اندازي موجب ۲۰۰ کان به وڌيڪ ٽرڪون هيون. پڇا ڪرڻ تي نومي ٻڌايو ته فلاڻي شهر ۾ ڊرينيج سسٽم ناهي. ان ڪري اهي  ٽرڪون روز رات جو شهر جو گند ڪچرو کڻي وينديون آهن. خير اسين عجمان پهتاسين. هڪ وڏي اسٽور جي سامهون ڪار پارڪ ڪري ان اسٽور ۾ وياسين جيڪو ۵۰ کن ايڪڙن تي هو ۽ ضرورت جي هر شيءَ اُتي موجود هئي. اسان کير، ڊبل روٽي، بيضا ۽ چانهه جي پتي ورتي ۽ ان علائقي طرف وياسين جتي رهائش هئي. ان علائقي جو نالو ”عجمان الزهره“ هو. ۱۲ ٿي رهيا هئا، اسان کي فڪر هو ته دڪان بند ٿي ويو ته فليٽ جي چاٻي ڪانه ملندي ۽ پريشاني ٿيندي. جڏهن رهائش واري عمارت وٽ پهتاسين ته واقعي دڪان بند هو، ڏاڍي پريشاني ٿي. ان دڪان ڀرسان هڪ درزي جو دڪان کليل هو، نومي اوڏانهن ويو ۽ گهڙي کن کانپوءِ اچي ٻڌايائين ته درزي کان نمبر وٺي دڪان واري سان ڳالهايو آهي، هو اچي پيو. اسان کي دلجاءِ ٿي. ۱۵-۲۰ منٽ انتظار ڪرڻ کانپوءِ دڪان وارو آيو ۽ دڪان کولي اسان کي فليٽ جي چاٻي ڏنائين. اسان لفٽ ۾ فرسٽ فلور تي پهتاسين. فليٽ کولي اندر پهچي الله جا شڪرانا ادا ڪياسين. هڪ وڏي ڪمري، ڪچن ۽ باٿ روم تي مشتمل سٺو فليٽ هو. سامان رکي ويٺاسين ته ڳالهيون ڪندي ٻه ڪلاڪ گذري ويا ۽ نيٺ سمهي پياسين. ٻئي ڏينهن جمعو هو ۽ نومي کي آفيس مان موڪل هئي ۽ اهو سڄو ڏينهن اسان کي گهمڻو هو.

ابوظهبي - فراري ورلڊ
ٻئي ڏينهن جمعو هو ۽ فرزند کي آفيس مان موڪل هئي. سو صبح ساجهر اُٿي نيرن ڪري نڪري پياسين. عجمان مان دبئي ۽ اتان ابوظهبي ڏي رخ ڪيوسين. جڏهن هڪ پُل هيٺان ڪار لنگهي ته منهنجي نظر پل تي لڳل هڪ بورڊ تي پئي، جنهن تي عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ”ٽول ٽيڪس“ لکيل هو. مون سمجهيو ته اُتي ڪار بيهاري ٽول ٽيڪس ڏئي اڳتي وڌڻو پوندو. پر نڪو فرزند ڪار بيهاري، نڪو مون ٻيون گاڏيون بيهندي ۽ ٽول ٽيڪس ادا ڪندي ڏٺيون. پڇڻ تي ٻڌايائين ته جيئن هتي هر هنڌ ڪئميرائون لڳل آهن، تيئن پل تي به ڪئميرا لڳل آهي، اها هر گاڏيءَ کي اک ۾ رکيو اچي ۽ ڪار جو نمبر نوٽ ڪري ڪار جي مالڪ جي اڪائونٽ مان ٽول ٽيڪس ڪٽيو ڇڏين. مون کي پاڻ وارو ملڪ ياد آيو. جتي ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ ڊگهيون قطارون لڳل هونديون آهن. بهرحال اسان ابوظهبي ڏي وڃي رهيا هئاسين. فرزند ٻڌايو ته جڏهن اسٽريٽ لائٽس جي ڊزائن ۾ تبديلي ۽ رستي جو رنگ به مٽيل ڏسو ته سمجهو اسين ابوظهبيءَ جي حدن ۾ پهچي ويا آهيون ۽ واقعي ايئن ٿيو. دبئي جي اسٽريٽ لائٽس ۽ ابوظهبي جي اسٽريٽ لائٽس ۾ فرق هو. رستي جو رنگ به تبديل ٿيل هو. مون سمجهيو ته جيئن دبئي کان عجمان ڳچ پنڌ تي آهي، ايئن ابوظهبي به اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي وينداسين. پر نه سائين. نڪو پنڌ کُٽي نڪو جند ڇُٽي. ڏيڍ ڪلاڪ فُل اسپيڊ ۾ گاڏي هلائڻ کانپوءِ ابوظهبي جي شهر ۾ پهتاسين. اسين سڌو ”فراري ورلڊ“ ڏي وياسين. شُڪر جو پارڪنگ جلدي ملي وئي. فراري ورلڊ تمام وڏو مال آهي. اسين ”فراري ورلڊ“ ۾ داخل ٿياسين، جتي هر هنڌ اسڪرين تي رنگن جون بهارون لڳيون پيون هيون. مختلف شين جا دڪان اهڙا ته سينگاريل هئا جو ڇا کڻي چئجي. انهن دڪانن تي خوبصورت ڇوڪريون خدمتگار طور هيون. آئون دڪانن کي ڏسڻ بدران انهن ملوڪڙين کي ٽيڏيءَ اک سان ڏسي دل وندرائيندو رهيس. ڪا به اهڙي حرڪت نه پيو ڪري سگهان. جو هڪ ته اتان جا قاعدا ۽ قانون سخت، ٻيو ته مون سان منهنجو فرزند ۽ ڌيءَ گڏ، ڪٿي ڄاڻي واڻي ڍرو ٿيو وڃان ۽ انهن کان پوئتي رهجيو وڃان ته پنهنجي منهن ديدار بازي ڪريان پر منهنجو فرمانبردار اولاد مون کي پوئتي ڏسي پاڻ به بيهو رهي. جيسين آئون وٽن نه پهچان، مجال جو وک اڳتي وڌائين. فراري ورلڊ ڪمال جي تفريح واري جاءِ آهي. اُتي مون هڪ ڳالهه اها به نوٽ ڪئي ته وڏن دڪانن کان علاوه جيڪڏهن ڪاريڊور ۾ ڪا ٿوري به گنجائش هئي ته اُتي ننڍڙي ئي سهي پر کاڌي جي هوٽل هئي. ان کان به گهٽ اسپيس واري جاءِ تي به ٻه ننڍيون ٽيبلون ۽ چار ننڍيون ڪرسيون هيون ۽ ڀت سان لڳل هڪ ڪٻٽ ۾ ڪافي ٺاهڻ لاءِ جاءِ هئي. اسان وانگر ٻيا به کوڙ ٽوئرسٽ نه صرف تفريح ڪري رهيا هئا پر تصويرون به ڪڍي رهيا هئا. اسان به اُتي کوڙ تصويرون ڪڍرايون. مون ان خيال سان تصويرون ڪڍرايون ته متان ڪو دوست چرچي طور چوي ته ”دبئي ڪونه ويو آهي، دڱاڻي بوزدار مان ٿي آيو آهي“. ”فراري ورلڊ“ تي هڪ خوبصورت ڪار بيٺل هئي، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اها ڪار مسٽر فراري ٺاهي آهي. ان جو پس منظر ڪجهه هيئن هو ته فراري اصل ۾ ٽريڪٽر مينيوفيڪچر ڪندو هو. ڪارون ٺاهڻ واري هڪ همراهه کيس ٽرڪ ٺاهڻ وارو مهڻو ڏنو ته فراري جي غيرت جاڳي پئي ۽ هن اها ڪار ٺاهي، جيڪا هن وقت دنيا جي خوبصورت ۽ مهانگي ڪار آهي. مون به موقعو وٺي فراري جي تيار ڪيل ڪار سان فوٽو ڪڍرائي دل وندرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
خير سائين ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ ”فراري ورلڊ“ ۾ گهمي ڦري موٽياسين. هڪ هنڌ پمپ تان گاڏي ۾ پيٽرول وجهرائڻ مهل مون فرزند کي چيو ته اڄ جمعي جو ڀلارو ڏينهن آهي. جمعي نماز ڪنهن به حالت ۾ پڙهڻي آهي. چوڻ لڳو ته نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي. پوءِ اسان ويجهي هڪ مسجد ۾ پهتاسين. اُتي مسجد ٻاهران سوين ڪارون نمازين جون بيٺل هيون. مسجد اندر ته گنجائش جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي ۽ نماز به ٿيڻ واري واري هئي. سو ڊڪندا مسجد ٻاهران بيٺل صفن ۾ بيهي رهياسين. اُتي هر ڪنهن وٽ مصلحو هو. اسان وٽ نه هو ته اسان صف ۾ پٺ تي بيٺاسين. منهنجي ڀرسان هڪ عرب سڳورو مصلحو وڇايو، مون کي بنا مصلحي ڏسي هن مصلحي کي سڌو وڇائڻ بدران ويڪر ۾ وڇايو ته جيئن آئون به ان تي نماز پڙهان. پر ويڪر ۾ وڇائڻ جي ڪري صرف سجدو مصلحي تي ڪري سگهياسين. باقي مون وانگر اهو عرب سڳورو به پٺ تي بيٺل رهيو. نماز پڙهي موٽياسين. ان ڀڄ ڀڄان ۽ ڊڪ ڊڪان ۾ مون کي ٿڪاوٽ ٿي. ڪار ۾ ويهڻ کانپوءِ اسان جو رُخ دبئي ڏانهن هو. گرمي به هئي ۽ ڀڄ ڀڄان جي ٿڪاوٽ ڪار ۾ به بي چين ڪري رهي هئي. هلندي هلندي سامهون کاٻي پاسي هڪ وڏي مسجد نظر آئي. جيڪا ابوظهبي جي قديم ۽ وڏي مسجد هئي. ماڻهو ان کي پري پري کان ڏسڻ ايندا هئا. هاڻي ٿيو هيئن جو مسجد اسان جي کاٻي پاسي مين روڊ کان پرڀرو صاف نظر پئي اچي پر اسان کي موبائل تي نقشو رهنمائي ڪري رهيو هو ٻه ڪلاڪ کن مسجد جي پوئتي واري روڊن تي ڦرندا رهياسين. پر مسجد جو رستو هٿ نه آيو ۽ اسين مايوس ٿي مسجد جي زيارت ڪرڻ بدران دبئي ڏي روانا ٿياسين.
ناشتو ٽائٽ ڪرڻ جي ڪري منجهند جي ماني جي طلب ڪانه هئي. ان ڪري دبئي جي رستن تي مختلف تفريح گاهن تي گهمندا رهياسين. اوچيون اوچيون عمارتون، وڏا ويڪرا روڊ، قانون جي پابندي ۽ عورت جي عزت ۽ احترام مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.

گلوبل وليج
ابوظهبي جي سير و تفريح سج لاهي ڇڏيو، رات ٿي چُڪي هئي، بُک به لڳي رهي هئي، سڌو دبئي جي هڪ پوش قسم جي علائقي ۾ وياسين اُتي ”پنجاب درباڙ“ نالي هڪ هوٽل ۾ وياسين. ويٽر آيو ان کي مانيءَ جو آرڊر ڏئي مون کائنس واش روم جو پڇيو، ويٽر هڪ طرف اشارو ڪري هليو ويو ۽ آئون واش روم مان ٿي ٻاهر آيس ته خبر پئي ته اهو ليڊيز واش روم هو. ڏوهه ويٽر جو هو، جنهن ان طرف اشارو ڪيو. مون کي اها خبر هجي ها ته ليڊيز واش روم مان تڪڙو نه اچان ها. خير ماني کاڌي سين. رزق هو، پر مانيءَ ۾ مزو ڪونه هو، خير سان وري ڪار ۾ سوار ٿياسين. هن ڀيري اسان جو رُخ گلوبل وليج ڏانهن هو. اهو هڪ فيسٽيول هو جيڪو دبئي ۾ ڇهن مهينن لاءِ لڳندو آهي. اسان جا ڀاڳ ڀلا جو اهو ڏسڻ جو موقعو مليو. ”گلوبل وليج“ ۾ دنيا جي سمورن ملڪن جا وڏا وڏا اسٽال هئا. جن ۾ سندن ملڪن جي ثقافت ۽ صنعت وغيره جا دڪان هئا. مون چاهيو پئي ته سمورن ملڪن جا اسٽال گهمي ڏسان ته جيئن انهن ملڪن جي ثقافت ۽ تهذيب بابت پروڙ پوي. پر ابوظهبي ۾ ”فراري ورلڊ“ واري ڊڪ ڊوڙ منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ ٻيو ڪار پارڪنگ لاءِ به ”گلوبل وليج“ کان اڌ ڪلوميٽر پري جاءِ ملي. اتان جڏهن گلوبل وليج جي گيٽ تي پهتاسين ته ٽڪيٽ لاءِ وڏيون قطارون لڳل هيون. ليڊيز جي قطار ڪجهه ننڍي هئي. ان ڪري منهنجي ڇوڪريءَ کي ان قطار ۾ بيهاريوسين منهنجي فرزند منهنجو شناختي ڪارڊ وٺي منهنجي ڌيءَ کي ڏنو. جنهن جي آڌار تي مون کي سينيئر سٽيزن هئڻ جي ناتي فري انٽري ٽڪيٽ ڏني وئي. باقي ۱۵-۱۵ درهم ورتا ويا. خير سائين گلوبل وليج ۾ داخل ٿياسين، عجيب منظر هو. هڪ ته سڄي دنيا جي ملڪن جا ٽوئرسٽ هئا ٻيو ته عرب ۽ ٻين مسلم ملڪن جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو تعداد هو. مون ٿڪاوٽ جي ڪري هندستان جو اسٽال ڏٺو، آمريڪا ۽ آفريقا جو اسٽال ڏٺو، پاڪستاني اسٽال ۾ ان وقت اسٽيج تي لياريءَ جا مڪراني مرد ۽ عورتون سنڌي گيتن تي ڊانس ڪري رهيا هئا. آخر ۾ هو ”هو جمالو“ تي ڊانس ڪرڻ لڳا. مون ڏٺو ته ٻين ملڪن جا ٽوئرسٽ ان ناچ ۽ ناچ ڪندڙن جي پاتل سنڌي ڊريس کي شوق ۽ پسنديدگيءَ جي نظرن سان ڏسي رهيا به هئا ۽ پنهنجي موبائلن تي موويون به ٺاهي رهيا هئا. گهمندا ڦرندا اسين هڪ هنڌ پهتاسين جتي فلمن ۾ اداڪارن بدران نهايت خطرناڪ سين پڪچرائز ڪرڻ وارن جو تماشو لڳو پيو هو. ان وقت شو هلي رهيو هو صرف ٻاهران بيهي ڏٺوسين ته ”اسٽنٽ“ موٽرسائيڪلون ۽ ڪارون هوا ۾ اڏائي رهيا هئا. منهنجو ته فلم ميڪنگ جو شعبو رهيو آهي ان ڪري اهي قلابازيون مون کي ايترو متاثر نه ڪري سگهيون. باقي ٻين لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه هئي. اهو سڀ نظارو ڪري هڪ وڏي علائقي ۾ پهتاسين. جتي ماڻهو خاص طور تي عرب فراسيون ۽ ٻيا ڪپڙا وڇائي ويٺا ۽ ليٽيا پيا هئا. پڇا ڪرڻ تي فرزند نومي ٻڌايو ته سامهون اسٽيج تي ميوزڪ  ڪنسرٽ ٿيڻ وارو آهي ۽ هي سڀ اڳواٽ جاءِ والاريو ويٺا آهن. اسين به ڇٻر تي ويهي رهياسين. نومي ٻڌايو ته هتي سموري دنيا جا پاڪستان ۽ هندستان سميت ناليوارا گلوڪار ۽ گلوڪارائون اينديون آهن. اڄ هڪ عرب گلوڪار ڳائيندو. منهنجي دل نه پئي چاهيو ته هروڀرو وقت سيڙايون. ڇو جو عرب گلوڪار جيڪو ڳائيندو سو ته اسان کي سمجهه ۾ ڪونه ايندو، پر نومي ۽ ڇوڪريءَ جي ڪري ويهي رهيس. نيٺ عرب گلوڪار سازن سميت اچي سهڙيو. ڳائڻ شروع ڪيائين، سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو  پر اسٽيج تي رنگن جي بهار ۽ ميوزڪ من موهي ڇڏيو. خير اتان ٿي مختلف اسٽال ڏٺاسين. هڪ هنڌ تمام گهڻي تعداد ۾ وڏا ۽ خوبصورت وهاڻا پيا هئا. جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ پئسا ڏئي پلاسٽڪ جا بال وٺي اهي بال هڪ وڏي ٽب ۾ وجهڻا ٿي پيا، جنهن جو بال ٽب ۾ بيهي رهيو ان کي وهاڻو انعام طور ڏنو پئي ويو. پر گهڻو ڪري بال ٽب مان ٻاهر ٿي آيو. مون سمجهي ورتو ته جيڪا ڇوڪري ٽب ڀرسان بال وڪڻي رهي هئي ان جي پير يعني جوتيءَ ۾ ڪا اٽڪل هئي جو ڪنهن جو بال ٽب ۾ نه پئي ترسيو. اُتي ئي ٻه ٽي پينگها ۽ جهولا هئا. فرزند جي باوجود اصرار جي آئون انهن تي ڪونه چڙهيس ان ڊپ کان ته متان منهنجو هانءُ نه ڦاٽي پوي.

پنجابي ڊيرا
صبح جو سوير فرزند نومي ڊيوٽي تي هليو ويو، باقي رهياسين آئون ۽ منهنجي نياڻي، اسان دبئي ۾ ”پنجابي ڊيرا“ نالي هوٽل تي هڪ ڀيري ماني کاڌي هئي ته اُتي بورڊ تي لکيل هو ته هِن هوٽل جي عجمان ۾ به برانچ آهي، فون ڪري ناشتو گهرايوسين، پُريون ڇولا، لسي، ڏاڍو مزو آيو، آئون گهڙي گهڙي فليٽ مان لهي هيٺ اسٽور تي وڃڻ لڳس، ڪڏهن فروٽ وٺيو اچان ته ڪڏهن ڪا ٻي کائڻ جي شيءِ، هڪ ڀيري انڊيا جي آچار جي برني وٺي آيس، آچار تمام گهڻو لذيذ هو، گهر ۾ چانهه ٺاهڻ جو ته سوال ئي نه پيو پيدا ٿئي جو چانهه جي جيڪا پتي استعمال ڪري کوڙ سارو کير وجهون ته به چانهه جو رنگ صفا ڪارو ۽ ذائقو به اُگرو، ان دوران مون آسٽريليا جي ڍڳين جي کير جي بوتلن مان ڍَوَ ڪيا.
سڄو ڏينهن ٽي وي تي اردو ڊراما، اردو فلمون ۽ گيت ڏسندا رهياسين، شام جو نومي (فرزند) جو فون آيو ته رات جو تيار رهجو، نائين وڳي ايندس پوءِ گهمڻ هلنداسين، رات جو همراهه اچي نڪتو، گاڏي ۾ سوار ٿي پهرين بيلٽ کي چيلهه سان ٻڌندو هئس، ڇو جو ڀڃڪڙي تي ساڍا چار سؤ درهم ڏنڊ هو، وري خيرن سان دبئي ڏي روانا ٿياسين، ڪافي تفريح جون جايون گهمي ڏٺيون سين، واهه جو مزو لڳو پيو هو، هڪ هنڌ وڏين عمارتن وچ ۾ هڪ خالي پلاٽ هو، اتي گاڏي پارڪ ڪئي سين، همراهن هڪ ٽوڪن ڏنو، نومي ٻڌايو ته اتي ڪار پارڪ ڪرڻ جا پئسا ڏبا آهن، هڪ ڪلاڪ جا ۱۰ درهم وٺندا آهن، خير، پنجابين جي هوٽل تي ماني کائي گهمي ڦري وري موٽي عجمان آياسين، رات جو دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين، صبح جو سوير فرزند نومي ڊيوٽي تي هليو ويو، اسان ”پنجابي ڊيرا“ هوٽل تان ناشتو گهرايو، شام جو اسان کي دبئي وڃڻو هو، منهنجي نياڻيءَ جي ڪا ساهيڙي اتي رهندي هئي، گاڏي نومي کڻي ويو، سو اسان ٽيڪسي تي وياسين، ٽيڪسي واري کي پتو ٻڌايوسين جتي نياڻيءَ جي ساهيڙي اڳ اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي، ٽيڪسي جا ۱۰۰ درهم ٿيا، مون ڏيڻ چاهيا، پر ميزبان ڇوڪري مون کي ٽيڪسي جو ڀاڙو ڏيڻ نه ڏنو ۽ پاڻ ڀاڙو ڏنائين، اسان کي وٺي هڪ عاليشان بلڊنگ ۾ سندس فليٽ ۾ وٺي وئي، اتي مون ڏٺو ته جن فليٽن ۾ مسلمان ٿي رهيا انهن جي فليٽ جي در تي ”الله“ جي نالي جا پتلا لڳل هئا، هندن جي گهرن تي ”اوم“ ۽ عيسائين جي گهرن تي صليب واري تصوير لڳل هئي. فليٽ تمام خوبصورت هو، ان ڇوڪريءَ جو مڙس ڪاروبار ڪندو هو، سو ڪنهن ٻئي ملڪ ويل هو، ڇوڪري اسان جي تواضع سموسن، چڪن پيس ۽ چانهه سان ڪئي، ڪجهه دير کانپوءِ اسان گڏجي فليٽ مان نڪري هيٺ آياسين، مختلف روڊن تان ٿيندي، مختلف دڪانن تان خريداري ٿيندي رهي، هلندي هلندي منهنجون ڄنگهون ٿڪجي پيون. ڀرسان سمنڊ ڪناري ”ڪارنيٽس“ تي هڪ ڪاٺ جي بئنچ تي ويهي رهيس، سامهون وڏين ٻيڙين ۾ ٽوئرسٽ پئي گهميا ڦريا، سمنڊ جو هي ڪريڪ هو، سامهون ”سينٽ جان“ نالي هوٽل جي وڏي عمارت هئي، ڪافي دير کانپوءِ وري ڇوڪري فليٽ تي وٺي وئي ۽ کاڌي لاءِ مون کان پڇيائون ته ڪي ايف سي جو برگر، پيزا يا نهاري کائيندا، برگرن ۽ پيزا سان منهنجي اصل کان ڪانه پوي سو نهاري جي چوائس ٻڌايم، فون تي آرڊر بڪ ٿي ويو ۽ اڌ ڪلاڪ اندر نهاري ۽ ٻيون کاڌي جون شيون پهچي ويون، مون نهاري کاڌي، خاص مزو نه آيو، نهاري هجي ته ڪراچيءَ جي ناظم آباد چورنگي جي هوٽل ”ڪيفي ذائقه“ جي، ٻيو سڀ ڪوڙ آهي، جن به ڪيفي ذائقه جي نهاري کاڌي هوندي، سي منهنجي هِن ڳالهه سان اتفاق ڪندا.
خير، رات جو ڪافي دير تائين اتي رهياسين ۽ پوءِ عجمان وڃڻ لاءِ ٽيڪسي ڪئي سين، پاره چنار جو ڪو پٺاڻ ٽيڪسي وارو هو، اسان کي به عجمان جي ان علائقي جو ڪو خاص پتو ڪونه هو، سو عجمان پهچي اسان فليٽ هيٺان دڪان واري سان ٽيڪسي ڊرائيور جي ڳالهه ڪرائي، دڪان واري کيس علائقي جو پتو ٻڌايو، ان باوجود ٽيڪسي ڊرائيور سڌو سنئون ڏسيل جاءِ تي ڪونه پهتو، ڦيرا ڏئي مس مس پهتو، ٽيڪسي واري کي هڪ سؤ ۲۰ درهم ڀاڙو ڏئي پنهنجي رهائش واري فليٽ تي پهتاسين، ڪجهه دير ٽي وي تي گيت ٻڌندا رهياسين ۽ پوءِ سمهي رهياسين، اهو ٻڌائيندو هلان ته دبئي جون تفريح جون تقريبن سموريون جايون گهمڻ کانپوءِ دل پئي چوي ته موٽي پاڪستان وڃان، پر ڌيءَ ٻڌايو ته پنهنجي ٽڪيٽ پاڪستان مان بُڪ ٿي آهي ۽ فلائيٽ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جا چڱا خاصا پئسا لڳندا، اهو ٻڌي ماٺ ٿي ويس. صبح جو سوير وري فون ڪري ”پنجابي ڊيرا“ هوٽل تان پُريون گهرائي کاڌيون سين. ان دوران مون جيڪي فوٽو ڪڍيا يا ڪڍرايا يا موويون ڀريون، سي واٽس اپ تي رکندو آيس، جن کي دوستن لائڪ به ڪيو پئي ته ڪمينٽس به پئي ڏنا، سؤٽ غلام رسول شاهه ڪمينٽس ڪيو ”بخاري انجوائي، مٺل جسڪاڻي لکيو، مون کي خليفو نه سهي مريد ئي سهي گڏ وٺيو وڃو ها“.

برج خليفه
هڪ هفتي جي وڇوٽي کانپوءِ وري دبئي جو سير ڪريون ٿا، جيئن ته اسان جي رهائش عجمان جي الزهره علائقي جي هڪ فليٽ ۾ هئي، فرزند صبح سوير ڊيوٽي تي هليو ويندو هو، آئون منهنجي نياڻي فون ڪري پنجابين جي هوٽل تان نيرن گهرائيندا هئاسين، ان سان لسي به گهرائبي هئي، گهر ۾ چانهه ٺاهڻ وارو خيال ئي لاهي ڇڏيوسين، ڇو ته جيڪي چانهه جون پتيون مليون، انهن مان چانهه ڪاري ۽ بد ذائقه ٺهندي هئي، ڏينهن جو فليٽ تان لهي آئون علائقي ۾ پسار ڪندو هئس يا بلڊنگ هيٺ هڪ اسٽور تان ڪڏهن فروٽ ته ڪڏهن ڪا ٻي شيءِ وٺي ايندو هئس. هڪ ڀيري انڊيا جو آچار وٺي آيس، ڏاڍو ذائقي وارو هو، پوءِ خبر پئي ته اهو آچار کٽو نه پر مٺو هو، هڪ ڀيري ان اسٽور تي ويس ته هڪ پيڪيٽ ۾ هيڊي رنگ جا بال جهڙا نظر آيا، پچائي خبر پئي ته لڏون هئا، مون هڪدم اهو پيڪٽ ورتو، جنهن ۾ ڇهه لڏون هئا، فليٽ تي کڻي ويس، نياڻيءَ صفا ڪونه چَکيا، بلڪه مون کي به منع ڪيائين ته ”توهان کي شگر آهي، اهي لڏون نه کائو“ پر آئون روز هڪڙو لڏون کائيندو هئس.
هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندو هلان ته اسٽور تان شيون خريد ڪندي اتان جي اسٽاف خاص طور تي ڪائونٽر تي ويٺل ملباري سان واقفيت ٿي وئي، اهو مون سان اڌو گابري انگريزي ڳالهائيندو هو، ڪڏهن اردو (هندي) ڳالهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هو، هڪ ڀيري ڪجهه خريدڻ لاءِ اسٽور تي ويس ته ٽٽل ڀڳل اردو ۾ پڇائين ”آپ بي عزت هوني آيا“ مون کي سخت حيرت ٿي ته ڇا ٿو چوي، اڃان ان ٻڏتر ۾ هئس ته هُن ساڳيو جملو ورجايو، پوءِ مون سمجهيو ته چوي ٿو ”آپ وزٽ پي آيا“ مون ڪاوڙ ۾ جواب ڪونه ڏنومانس، فرزند نومي سان اها ڳالهه ڪيم ته چوڻ لڳو مون سان به شروعات ۾ اهڙا ڪيترا ئي واقعا ٿيا، جنهن دڪان تان سامان وٺندو هئس، سو به اتفاق سان ملباري جو هو، هڪ ڏينهن دڪان تي ويس ته چوڻ لڳو ”سيريا ڪا بادشاهه مرگيا“ مون کي حيرت ٿي ته شام ملڪ جو بادشاهه ڪيئن مُئو، بيمار هو يا ڪو ٻيو سبب، مون کانئس پڇيو ته ”سيريا ڪا بادشاهه ڪيسي مرگيا“ ته ڀرسان بيٺل هڪ همراهه مون کي چيو ته هي چوي ٿو ته ”چڙيا ڪا بچا مرگيا“.
اتي هوٽلون يا پاڪستاني پنجابين جون آهن يا ملبارين جون، ان ڪري ٻوليءَ جي باري ۾ اهڙا دلچسپ واقعا ٿيندا رهن ٿا. فرزند ٻڌايو ته هڪ ڀيري دبئي ۾ ”فلي“ جي هوٽل تان چانهه پيئڻ ويس، ايتري ۾ هڪ عرب سڳورو پالتو ڪتو کڻي آيو، اچي منهنجي ٽيبل ڀرسان واري ٽيبل تي ويٺو، ڪتو گهڙي گهڙي اچيو منهنجي پيرن ۽ ٽنگن کي چنبڙي، سو مون لت اُلاري کيس پري ڪرڻ چاهيو ته عرب سڳورو تپي باهه ٿي ويو ته تو ڪتي کي لت ڇو هنئي، وڏي مشڪل سان ان کان معافي وٺي جان ڇڏائي.
دبئي ۾ دنيا جي سمورن ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا، پر اتان جي عام عرب جي به وڏي حيثيت آهي ۽ ان کي ڪافي رعايتون مليل آهن، هڪ ته اوهان ان سان جهيڙو فساد نٿا ڪري سگهو ۽ ٻيو ته ڪنهن عرب جي گهر ٻاهران گاڏي پارڪ نٿا ڪري سگهو. دبئي جا قانون ۽ قاعدا تمام سخت آهن، اتي رهڻ يا گهمڻ ويندڙن لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن سان به جهيڙو جهٽو نه ڪن، ڇا به ٿي پوي پر ڪنهن تي هٿ نه کڻن، باقي ها جيڪو مٿس هٿ کڻندو ته ان هٿ کڻڻ واري جو خير ناهي، ٽريفڪ جي قاعدن ۾ به اهو ضروري آهي ته سگنل وٽ اوهان پنهنجي گاڏي اڳين گاڏي کان ايترو پري بيهاريو جو وچ ۾ هڪ گاڏي جي جاءِ هجي يعني اوهان کي اڳين جا پويان ويل نظر اچن، اِها به ڪوشش ڪريو ته اوهان ڪنهن گاڏي کي ٽڪر نه هڻو، نه ته ڏنڊ ڏيڻو پوندو، باقي پويان ڪا گاڏي اوهان جي گاڏي سان ٽڪرائبي ته ان جو خير ناهي، پوءِ ڀلي ڏوهه اوهان جو هجي.
دبئي ۾ گهمڻ دوران اڌ رات جو رستن جي مرمت ڪندي باوردي مزدور نظر آيا، انهن کي پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ سخت تاڪيد ڪيل هوندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن مزدور کي حفاظتي لباس نه پهريل هوندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، نظريو اِهو آهي ته اسان کي اوهان جي ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ اوهان جي جان جو فڪر آهي، ان ڪري پنهنجي حفاظت ڪريو.
برج خليفه ته پهرين رات دبئي مال مان ڏسي ورتوسين. هڪ ڏينهن سمنڊ ڪناري جو سير ڪيوسين، اتي انگريز عورتون ۽ مرد اڌ ڪپڙا پاتل ليٽي سن باٿ ڪري رهيا هئا، اتي به ڪافي جاين تي ڪپڙا مٽائڻ لاءِ مردانه ۽ زنانه ڌار ڪيبن ٺهيل هئي، ڪافي ماڻهو هڪ ٻئي جون تصويرون ڪڍي رهيا هئا، اسان به سمنڊ ڪناري ڪافي تصويرون ڪڍيون. سمنڊ ۾ ڪيترا ئي بحري جهاز بيٺل هئا، سمنڊ ۾ ئي ٻيڙيءَ جي سڙهه واري ڊزائن وارو برج خليفه ڪر کنيو بيٺو هو، اسان پري کان ان جو نظارو ڪيو ۽ تصويرون ڪڍيون، ان عمارت ۾ ان ڪري ڪونه وياسين جو ان عمارت ۾ صرف وڃڻ جي ٽڪيٽ ۱۵ درهم هئي، اسين ٽي ڄڻا هئاسين، سو ايتري رقم هرو ڀرو خرچ نه ڪئي سين ۽ پري کان برج خليفه جو ديدار ڪيوسين، آئون انگريزياڻين کي ٽيڏي اک سان ڏسندو رهيس، خيال ڪيم ته اولاد سان اهڙين جاين تي تفريح ڪرڻ لاءِ نه وڃڻ گهرجي.

عربي ڊش ”مندي“
دبئي جو سير تفريح جاري هئي، اسين ڏينهن جو به گهمڻ نڪرندا هئاسين پر رات جو تفريح وڌيڪ سٺي لڳندي هئي، دبئي جا پوش علائقا يورپ جي ڪنهن شهر کان گهٽ ڪونه هئا، اتان جي هوٽلن ۽ دڪانن تي اڪثر ملازم عورتون نڪ جون منيون هيون، سي چين، تائيوان، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ ٻين ملڪن جون هيون، ڪجهه فلپائن مرد ۽ عورتون به ملازمت ڪنديون آهن پر انهن جا منهن مهانڊا پري کان پڌرا هئا، انهن عورت يا ڇوڪرين سان بي ڌڙڪ ڳالهائي سگهبو هو، ويچاريون اخلاق سان مرڪي جواب ڏينديون هيون ۽ ها، مون اندازو لڳايو ته اهڙيون ڇوڪريون جيڪي دڪانن ۽ ريسٽورينٽس تي نوڪريون ڪنديون هيون، سي ڪنهن کي به جواب ڪونه ڏينديون هيون، اُهي ڇوڪريون پنهنجي وطن کان پري صرف پئسا ڪمائڻ لاءِ نڪرنديون هيون، پوءِ اهو پئسو ڪيئن به ملي، سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ سان ته کين ايترا پئسا نٿي ملي سگهيا، سو اهي ڇوڪريون ”اوور ٽائيم“ به ڪنديون هيون، مون کي اهو ڄاڻي سچ ته افسوس ٿيندو هو، هونئن به عورت پئسن لاءِ ايترو ڪِري پوي، سٺو ناهي لڳندو.
ٻاهرين ملڪن ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي نپائي وڏو ڪري هڪ خاص عمر ۾ انهن مان ائين هٿ ڪڍي ڇڏيندا آهن، ڄڻ ته واقف ئي ناهن، ڇوڪرا هجن يا ڇوڪريون، جڏهن والدين جي بي مروتي جيڪو انهن جو رواج آهي، گهر مان نڪري هِن ظالم دنيا ۾ گم ٿي ويندا آهن، پوءِ هو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ هر اُهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا يا وينديون آهن، جنهن جي ڪوبه مذهب ۽ اخلاق اجازت نٿو ڏئي، ٻين ملڪن جا دبئي سميت ٻين عرب علائقن ۾ اهو سلسلو ائين جاري ۽ ساري آهي، ويچاريون عورتون....!
هڪ ڀيري رات جو گهمڻ نڪتاسين ته منهنجي فرزند چيو ته اڄ اوهان کي عربي ڊش ”مندي“ کارايان ٿو، مون سمجهيو ته واقعي ڪا خاص مزيدار ڊش هوندي، فرزند ٻڌايو ته جرمني ۾ رهندڙ منهنجي ڌيءَ به کيس تاڪيد ڪئي آهي ته ابو ۽ آپي کي اها عربي ڊش ”مندي“ ضرور کارائجان، اهو ٻڌي مون کي وڌيڪ شوق جاڳيو ته اها ڊش ڪا تمام خاص قسم جي هوندي ۽ مزيدار به اهڙي هوندي جو آڱريون چٽڻيون پونديون. خير سان دبئي جي روڊن تان ٿيندا هڪ علائقي ۾ پهتاسين، جتي کاڌي پيتي جا ڪافي دڪان هئا، هڪ هنڌ گاڏي پارڪ ڪري، ڪجهه پنڌ هلي هڪ ريسٽورينٽ تي پهتاسين، ان وقت رات جا ۱۲ ٿي چڪا هئا، ريسٽورنٽ خالي هو، اسين هڪ هنڌ ويٺاسين ته شرٽ پتلون پاتل هڪ عرب آيو ۽ مرڪي پڇڻ لڳو ته ”ڇا خدمت ڪريان“ منهنجي فرزند ”مندي“ جو آرڊر ڏنو، پندرنهن منٽن کانپوءِ ويٽر جيڪو ڪائونٽر به سنڀاليندو هو سو هڪ وڏي ٽري ۾ برياني يا پلاءَ ٽائپ چانور کڻي آيو، جن جي مٿان هڪ وڏو ٽُڪر پڪل گوشت جو پيو هو، رات دير ٿي وئي هئي ۽ ان وقت گوشت ڪونه هو، سو همراهه اصل حقيقت ڪري گراهڪ نٿي وڃائڻ چاهيا، ان ڪري چانورن مٿان گوشت جو وڏو ٽڪر پيو هو، ان ۾ چرٻي وڌيڪ گوشت گهٽ هو، مون رُکا چانور کائڻ شروع ڪيا، انهن جو به ايترو سٺو ذائقو ڪونه هو، ٽماٽن جي چٽڻي سان مڙئي ٿورا گهڻا چانور کاڌم، باقي مزو اصل ڪونه هو، پوءِ مون ان عربي ڊش ”مندي“ جو نالو انڌي منڊي رکي ڇڏيو ۽ ٻيهر اها ڊش کائڻ کان توبهه ڪري ڇڏي.
جرمن واري ڌيءَ کي فون ڪري چيم ته ”شاباس اها ڊش کائڻ جي سفارش ڪئي هيئي“ اها به حيران ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته ”مندي“ تمام مزيدار ٿيندي آهي، پوءِ مون اندازو لڳايو ته اسان رات جو تمام دير سان ريسٽورينٽ تي وياسين، منديءَ جو مال ختم ٿي چڪو هو ۽ هنن مڙئي ٽڪو پنجو ڪري اسان کي اڌو گابري ڊش آڻي ڏني. خير، ان کانپوءِ مون کاڌي خوراڪ ۾ ڪوبه ڪمپرومائز نه ڪيو، ڪنهن به اهڙي ڊش جي خواهش نه ڪئي، جيڪا مون لاءِ بلڪل نئين هجي، سو پنجابين جي هوٽلن ۽ رهائش واري پاڙي جي ملباري هوٽلن تي گذارو ڪيوسين، مون اندازو لڳايو ته جيڪي شيون اسان جي ملڪ ۾ ٿين ٿيون يا ٺاهيون وڃن ٿيون، سي اعليٰ معيار جون ٻاهرين ملڪن ڏي موڪلجن ٿيون ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ”اوبر“ ڏني وڃي ٿي.
رڳو انبن جو ذڪر ڪجي ته دبئي جي شاهوڪار ماڻهن اتان جي واپارين کي اڳ ئي ايڊوانس ۾ وڏيون رقمون ڏئي ڇڏيون آهن، جڏهن به پاڪستان مان سنڌڙي ۽ ٻين قسمن جا انب ايندا آهن ته مارڪيٽ ۾ وڃڻ بدران ايڊوانس ۾ رقم ڏنل ماڻهن کي ملي ويندا آهن، ايڪڙ ٻيڪڙ پاڪستاني دڪانن تي انب وڪري لاءِ پهچندا آهن ته تمام گهڻو مهانگا وڪرو ٿيندا آهن، پاڪستاني انب دبئي ته ڇا سڄي دنيا ۾ شوق سان کاڌا ويندا آهن، باقي ٻين ملڪن هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جا انب ذائقي وارا نه هوندا آهن، انهن جي شڪل به واڱڻ جهڙي ٿيندي آهي، هڪ ٻي چالاڪي اِها ته هندستاني دڪاندار پاڪستاني انبن جي ٽڪرن تي ”هندستاني انب“ ۽ هندستاني انبن جي ٽوڪرن تي ”پاڪستاني انب“ جو ليبل لڳائي پاڪستاني انبن، فروٽن ۽ ٻين شين جو معيار ڪيرائي پنهنجي ملڪ جو مان مٿانهون ڪندا آهن، خير دبئي ڇا، اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري اها سڀني کي خبر آهي، جيڪو تيل هوٽل وارا کاڌي ۾ استعمال ڪندا آهن، اهو صحت لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي، ايتري قدر جو ڪجهه هوٽلن ۾ موبل آئل کاڌي ۾ استعمال ٿيندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ دبئي يا ٻاهرين ملڪن ۾ هرو ڀرو ائين ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اتي ”چيڪ اينڊ بيلنس“ آهي، ان ڪري ڊپ ۾ ڪوبه اهڙي بي ايماني ڪونه ڪري، اتان جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪيڏي مهل به حڪومت جو ڪارندو عرب هوٽل يا دڪان ۾ هليو ويندو ۽ اتان جي شين جي چڪاس ڪندو، معيار ۾ ڪمي هوندي يا صفائي سٿرائي نه هوندي ته ان هوٽل يا دڪان جو لائسنس رد ڪيو ويندو ۽ هتي اسان جي ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري اسان سڀني کي خبر آهي، ڪجهه سال اڳ لاهور جي فوڊ اٿارٽي جي هڪ آفيسر عائشه ممتاز سخت قدم کڻي لاهور جي هوٽلن، شادي هالن تي ڇاپا هڻي صحت لاءِ هاڃيڪار شين جو سخت نوٽيس وٺي اهي دڪان ۽ شادي هال بند ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي مافيا اثر رسوخ استعمال ڪري عائشه ممتاز کي گهر ويهاري ڇڏيو. اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته پنجاب فوڊ اٿارٽي جي اها ايماندار آفيسر عائشه ممتاز مشهور مزاحيه اداڪار رنگيلا جي ڌيءُ آهي.

شارجه جو علائقو ”رولا“
دبئي جي احوال ۾ مون جيڪي ڳالهيون لکيون آهن يا اُتان جي قائدن ۽ قانونن جي پابندي مون کي جيڪو متاثر ڪيو آهي، ان جو هڪ سبب اهو آهي ته آئون ڄائو نپنو پنهنجي پاڪ وطن ۾ آهيان، هتي قائدن ۽ اصولن جي جيڪا ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، ان جو تفصيل ڄاڻائڻ جي ضرورت ناهي، اسان سڀني کي خبر آهي ته هتي ڇا پيو ٿئي، ٻي ڳالهه اها ته ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو منهنجو پهريون موقعو هو، ان ڪري ٻئي ملڪ جي رسمن رواجن مون کي تمام گهڻو موهيو.
مون اڳ ئي ذڪر ڪيو ته اسان جي رهائش عجمان ۾ هئي، جيڪو دبئي کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري هو، واٽ تي پهرين شارجه ٿي آيو، ان کانپوءِ عجمان جو شهر هو، جيتري قانون جي سختي دبئي ۾ هئي، ٻين شهرن يعني ابوظهبي، شارجه، عجمان يا ٻين هنڌن تي ڪانه هئي، دبئي ۾ ته رڳو گاڏي جي پارڪنگ وڏو مسئلو هو. پارڪنگ جا علائقا تمام گهٽ هئا، جيڪڏهن ڪا انڌي منڊي پارڪنگ جي جاءِ هئي ته اها اسان جي ملڪ جي پنجابين ۽ پٺاڻن جي حوالي هئي. جيڪي پارڪنگ جا تمام وڌيڪ پئسا اوڳاڙيندا هئا يعني ڪلاڪ جي پارڪنگ جا ڏهه درهم (هڪ درهم ۳۲ پاڪستاني رپين جو آهي) وري جيڪڏهن ڪنهن ڀُل ۾ ڪنهن عرب سڳوري جي گهر جي آڏو ڪار پارڪ ڪئي ته به ڏنڊ عائد ٿيندو، مون محسوس ڪيو ته سڀني لاءِ اتان جا قاعدا قانون هڪ جهڙا آهن پر عرب سڳورن لاءِ وڌيڪ رعايت آهي.
خير هڪ شام جو منهنجي ڌيءَ چيو ته منهنجي ڪجهه ساهيڙين پئسا ڏنا آهن ته انهن لاءِ ”عبايه“ (برقعا) وٺي اچان، اسان گهر مان نڪري عجمان جي هڪ بازار ۾ پهتاسين، هتي عبائي جا ڪافي دڪان هئا، پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته هڪ عبايه ڇهه سئو ۽ ساڍا ست سئو درهم جو هو، مون واري فرزند چيو ته شارجه ۾ مون کي هڪڙو دڪان سُجهي ٿو، اُتي عبايه سستا آهن، خير سائين شارجه جو رُخ ڪيوسين، شام جو شهر اندر داخل ٿي اسان اتان جي هڪ ان علائقي جو پتو ڪيو، جتي عبايه جو دڪان هو. ان علائقي جو نالو ”رولا“ هو. مون مذاق ۾ چيو ته ڪاف جو اضافو ڪن ها ته رولاڪ ٿي پوي ها. خير سگنل تي جڏهن گاڏي بيٺي ٿي ته ڀرواري ٽيڪسي يا ٻي کان ”رولا“ جي پڇا ڪئي سين ۽ نيٺ ان علائقي ۾ وڃي پهتاسين. شارجه جو شهر تمام خوبصورت آهي، سچ پڇو ته مون کي دبئي کان وڌيڪ شارجه سٺو لڳو، خير سان رولا جي علائقي ۾ پهتاسين ۽ گاڏي پارڪ ڪري ٻه ٽي گهٽيون ٽپي هڪ دڪان ۾ هليا وياسين، جنهن ۾ کوڙ عبايه مختلف قسمن جا پيل هئا. منهنجي ڌيءَ پنهنجي ساهيڙين لاءِ اٺ کن عبايه ورتا ۽ پنهنجي ننڍڙين ڀينرن لاءِ ٻه عبايه ۽ اسڪارف ورتا. ان دڪان تي عبايه جي قيمت ۶۰ درهم هئي، عجمان ۾ ساڍا ڇهه سئو ۽ ست سئو درهم، ڪوالٽي به ساڳي هئي. خيرن سان ان دڪان واري کان وري به ڊسڪائونٽ ڪرائي سامان سهيڙي نڪتاسين. مون ياد ڏياريو ته هڪ اليڪٽرڪ  T” وٺڻي آهي، ڀر ۾ هڪ سستو دڪان ”ٽو ٽو ٽينن“ هو، ان ۾ داخل ٿياسين، ڏاڍي رش هئي مرد ته ٺهيو عورتون به ڪلهي گس ڪري رهيون هيون. مون تمام گهڻو احتياط پئي ڪيو ته ڀُل جو مون کان اهڙي غلطي نه ٿئي جو ”پرديس ۾ ڏچي ۾ پوان“. خير الله خير ڪيو. اسين موٽي عجمان آياسين. اتي هڪ ايراني مٺائي جي دڪان تي وياسين، عزيزن، قريبن لاءِ مٺائي ورتيسين. مٺائي جو ”شيپ“ عجيب هو، ڪا گانٺين وانگر، ڪا وري ٽڪين جي صورت ۾ ڪا چوڪور ته ڪا ٽڪنڊي، مڙئي ٿيو ماڻهن کي راغب ڪرڻو، اتان ٿي گهر پهتاسين. ماني اسان عجمان ڀرسان هڪ ملتانيءَ جي هوٽل تي کاڌي. اتي پلاءُ هو. تمام ذائقي وارو هو. رائتي جي هڪ بالٽي وچ تي رکي هئي. جنهن کي جيترو کپي اوترو کڻي. حيدرآباد جي لجپت روڊ تي نهاري جي دڪان ۽ ٻين هوٽلن تي ٻوڙ جي گريبي ته توهان ٻڌي ۽ کاڌي هوندي. ان ملتاني هوٽل تي پلاءُ جي گريبي ملندي آهي. سا به هڪ ڀيرو نه ٻه ٽي ڀيرا، بهرحال گهر ۾ رات دير تائين جاڳندا رهياسين، فرزند نومي پنهنجي ڪم ڪار بابت ۽ اتان جي ماحول بابت ٻڌائيندو رهيو ۽ جنهن شهر يعني جتي سندس نوڪري هئي ”راس الخيمه“ اتان جي خوبصورتي جو ٻڌائيندو رهيو. اڌ رات جو سمهي پياسين. صبح جو سوير فرزند شايد ستين وڳي اٿي ڊيوٽي تي هليو ويو. آئون ۽ منهنجي نياڻي صبح جو نائين وڳي اٿياسين. فون تي ”پنجابي ڊيرا“ هوٽل تان پوريون ۽ لسي گهرائي کاڌيسين. جنهن جي قيمت ۲۸ درهم هئي يعني پاڪستاني ڪرنسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه سئو رپيا ناشتو. مون کي پنهنجو پيارو وطن ياد اچڻ لڳو. جتي وڌ ۾ وڌ سئو رپين ۾ ناشتو ڪري ماڻهو منجهند جي ماني کان به ڇٽي پوندو آهي.
هڪ ڀيري عجمان کان دبئي ويندي ڏٺم ته روڊ جي ڀرسان ”فلي“ جو ٽي شاپ ٺهي رهيو هو، آئون ڏاڍو خوش ٿيس ته فلي جي چانهه پيئڻ لاءِ هاڻي دبئي ڪونه وڃڻو پوندو. عجمان ۾ ئي فلي جي بهترين چانهه ملندي. پوءِ مون خيال ڪيو ته اهو چانهه جو دڪان اڃا ٺهي رهيو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مهيني کانپوءِ تيار ٿيندو ۽ آئون هفتي کن ۾ پاڪستان موٽي ويندس. جتي دي کوتي.... واري ڳالهه مون ڪونه سوچي. باقي ها تصور ئي تصور ۾ فلي جي زعفران واري چانهه جا مزا وٺندو رهيس. ڪيڏي ڪيڏي مهل فليٽ مان لهي هيڏانهن هوڏانهن پسار ڪندو هئس، گهڻو پري ڪونه ويندو هئس ته ڪٿي منجهي نه پوان، پوءِ مسئلو نه ٿي پوي، ڇو جو انگريزي مون کي پوري ساري ٿي آئي، عربي ٺپ ڪانه ٿي آئي، سو احتياط لازمي هو. فرزند صبح جو سوير ڊيوٽي تي ويندو هو ۽ شام جو فون ڪري چوندو هو ته اٺين وڳي تيار رهجو، گهمڻ هلنداسين.

دبئي جون اوچيون عمارتون
دبئي يا ان جي ڀرپاسي وارين ”متحده عرب امارات“ جي شهرن ۾ هر دڪان جو نالو اول عربي ۾ لکيل هو. ان هيٺيان انگريزي ۾ ۽ هئڻ به ايئن کپي جو عرب ملڪ ۾ عربيءَ کي ئي وڌيڪ عزت ۽ اهميت ڏني ٿي وڃي. اسان جي ملڪ وانگر نه، ته ڌرتيءَ جي قديم ٻوليءَ کان نفرت جو اظهار ڪيو وڃي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ ته پري پر سنڌي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ به پسند نٿا ڪن. دبئي ۾ عربي ۽ انگريزي ڳالهائي ويندي آهي، باقي ها پاڪستان ۽ هندستاني هندي ڳالهائيندا آهن. هتي مون پاڪستانين لاءِ اردو جو لفظ ان ڪري استعمال نه ڪيو جو اردو ٻولي جو دنيا ۾ ڪو وجود ئي ناهي. جنهن ٻوليءَ کي اردو جو پهراڻ پارائي ان جي اهميت وڌائي پئي وڃي سا دراصل هندي ٻولي آهي. اسان جيڪي بالي ووڊ جون فلمون ڏسون ٿا اهي هنديءَ ۾ آهن. انهن جي انائونسمينٽ به ايئن ئي ٿيندي آهي ته ”اچو ته فلاڻي هندي فلم ڏسو.“
خير! آئون جذبات ۾ اچي اصل موضوع تان هٽي ويس پر جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪئي اٿم ان سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ۽ اميد ته ٻيا به منهنجي ان موقف جي پٺڀرائي ڪندا. سائين منهنجا دبئي جي تفريح جاري هئي، اسان هڪ رات دبئي جي ”مرينا مال“ ۾ وڃي پهتاسين، گهمندي ڦرندي هڪ هنڌ ڏٺم ته ڪافي عورتون ۽ ٻار ايئن ويٺا هئا ڄڻ ڪنهن شيءِ جو انتظار ڪندا هجن يا ڪا خيرات جي ماني اچڻي هجي. ان ڪري پلٿيون ماريو ويٺا هئا، خير، اسان اڳتي وڌي وياسين ۽ سڄو مال نه پر ان جو گهڻو ڪجهه حصو گهمي ڏٺوسين، خوبصورت دڪان هئا، جن ۾ نهايت خوبصورت شيون پيل هيون. هڪڙي ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته ابوظهبي سميت دبئي جي جيترن مالن ۾ گهمياسين، انهن ۾ وڏو تعداد گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح ڪرڻ وارن جو هو. دڪان خالي پيا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ خريدار دڪان ۾ نظر آيو باقي ٻيو ٿيو خير. مرينا مال ٻين سمورن مالن جيان خوبصورت هو.
رات جو عجمان پهچي گهر ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ اڌ رات جو سمهي پياسين، هڪ ڀيري اسان دبئي جي علائقي ايٽلانٽڪ گهمڻ وياسين، سمنڊ جو ڪنارو هو، جتي تفريح ڪرڻ وارن جو وڏو تعداد يورپ جي ملڪن جي ماڻهن جو هو، اتي به پنڌ هلڻو پيو، مون کي ٿڪاوٽ پئي ٿي، سو موٽي آياسين، جنهن روڊ تان موٽياسين اهو سمنڊ جي ڀرسان هو ۽ پري کان برج عرب نظر اچي رهيو هو. مون موبائل سان برج عرب سميت سمورين وڏين عمارتن جي وڊيو ڀري، جيڪا فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي دوستن سان شيئر ڪيم. اڙي ها، هڪ ڳالهه وسري وئي، مرينا مال ۾ گهمندي جڏهن واپس موٽياسين ته ان جاءِ تي جتي عورتون ۽ ٻار پٽ تي ويٺا هئا، اتي اسٽيج تي ڪارٽونن جو دلچسپ شو هلي رهيو هو. ڪجهه گهڙيون اسان به نظارو ڪرڻ لاءِ اتي بيٺا رهياسين ۽ مون پنهنجي موبائل تي ڪارٽونن جي وڊيو ٺاهي. اتي ئي هڪ هنڌ هڪ اسٽال هو، جتي مختلف ٽيوبن جا پيڪيٽ پيا هئا، ان اسٽال جي هڪ ڪنڊ تي شيدياڻي ۽ ٻي ڪنڊ تي هڪ مني نڪ واري ڇوڪري بيٺي هئي. اسان جڏهن ان اسٽال ڀرسان لنگهياسين ته مني نڪ واري ڇوڪري اسان کي سڏ ڪيو پر اسان لنوائي وڃڻ لڳاسين ته ان ڇوڪريءَ منهنجي ڌيءَ جو هٿ جهلي انگريزي ۾ چيو ته اسان جي پروڊڪٽ وٺو يا نه، پر هڪ ڀيرو ڏسو، اسين بيهي رهياسين، مني نڪ واري هڪ ڇوڪري ماچيس جهڙي دٻي کڻي اها منهنجي ڌيءَ جي ننهن تي هنئي ته ننهن تان نيل پالش هڪدم لهي وئي، اسان وڃڻ جي ڪئي ته ڇوڪري هڪ ٽيوب کڻي آئي ۽ منهنجي ڌيءَ جي هٿ تي تمام ٿوري ٽيوب لڳايائين ۽ اُتي ئي موجود واش بيسن تي پاڻيءَ سان هٿ صاف ڪرڻ لڳي، اسان کي سخت حيرت ٿي. هٿن مان ڪارو پاڻي نڪرڻ لڳو، يعني ان ٽيوب ۾ اهڙي خاصيت هئي جو هٿن کي بلڪل صاف ڪري پئي ڇڏي. خير سائين مرينا مال ۾ تصويرون ڪڍندا، گهمندا ڦرندا رهياسين. هڪ دڪان آڏو لنگهياسين ته منهنجي فرزند نومي چيو ته ”ابو هن دڪان تي ان جانور جو گوشت وڪرو ٿيندو آهي جنهن جو نالو ناهي وٺبو“ مون دڪان تي نظر ڪئي ته شيشن مان نظر آيو ته مختلف ٽريز ۾ گوشت جا ٽڪرا پيل هئا، مون کي ڏاڍي ڪرهت ٿي ۽ تڪڙو اڳتي وڌي وياسين، دڪان مٿان نهار ڪيم پر صرف الخنزيه... جو لفظ پڙهي سگهيس.
اتان ٿي اسان دبئي جا مختلف علائقا گهمياسين، وڏيون عمارتون، هڪ عمارت جي ڊزائن اهڙي هئي ڄڻ زلزلي جي ڪري عمارت ليٽي وئي هجي پر اها ٺهيل ايئن ئي هئي. دبئي سميت سمورن شهرن ۾ مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته اتي ڪو به ٺيلهي وارو نه هو، هر ڪا شيءِ دڪانن تي پئي ملي. کاڌي جي دڪانن تي صحت جي حفاظت جا سمورا انتظام هئا. هر شيءِ ڍڪيل، دڪان ۾ اندر ويهي کائڻ مهل به صفائي سٿرائي ۽ پارسل ڪرايو ته ان جي پيڪنگ خوبصورت نموني ڪئي ويندي آهي. فرزند ٻڌايو ته عرب سڳورا اوچتو ڪنهن دڪان ۾ گهڙي پوندا آهن. دڪان ۾ ڪا مک نظر اچي يا کاڌي پيتي جي شين جو معيار خراب هجي ته ان دڪان جو لائسنس رد ڪري ڇڏيندا آهن. انڪري اتي جي هر دڪان تي صفائي جا اعليٰ انتظام آهن. اسان واري ملڪ ۾ ته کاڌي جي شين تي مکين جا انبار هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتي بيماريون وڌيڪ آهن. اسپتالون اُتي به آهن پر صاف سٿريون. مريضن لاءِ دوا درمل به بهترين، هڪ ڳالهه ته اتان جي اسپتالن ۾ هندستان جي ڊاڪٽرن جو وڏو تعداد آهي. ايتري عرصي دوران ”ون ٽو ٽين“ جي هڪ وڏي دڪان ۾ خريداري دوران ڪائونٽر تي ٻه سنڌي نظر آيا. ٻيو مڙئي خير، اتان جو گهڻو ڪاروبار هندستان جي ملبارين، مدراسين، سري لنڪا وارن ۽ بنگلاديشين جي هٿ ۾ آهي. پنجابين جا کاڌي پيتي جا دڪان آهن. سڄي دبئي ۾ هڪ موچي نظر آيو جيڪو هڪ عمارت جي ڪنڊ ۾ ويٺو هو. باقي حجمن مطلب ته هيئر ڊريسرن جا دڪان جام هئا. هيئر ڊريسرن جي دڪانن جي آرائش ڏسي مون کي پڪ ٿي ته رڳو شيو ڪرائڻ جا به پاڪستاني ۵۰۰ رپيا ڏيڻا پوندا. ان ڪري آئون پاڪستان مان ئي شيو جو سامان پاڻ سان کڻي ويو هوس.

No comments:

Post a Comment