Friday, September 06, 2019

روپلو ڪولھي رزارٽ ننگرپارڪر - محمد سليمان وساڻ


وئلڊن سردار شاه، وئلڊن ڪلچر ڊپارٽمينٽ
محمد سليمان وساڻ
Image may contain: 1 person, smiling
ننگرپارڪر ۾ روپلو ڪولھي موٽل، ڪنھن نعمت کان گهٽ ناهي. بلڪل ڄڻ جنگل ۾ منگل هجي. اي سي وارا ڪمرا، چانھ ۽ کاڌي جي سھوليت ۽ ٻيون سهوليتون.... اصل دل خوش ٿي وئي.
ٿر گهمڻ نڪتاسين ته پريشاني ٿي رهي هئي ته ماڻھن جي رش سبب، رات جو رهائش جو مسئلو حل ڪيئن ٿيندو. اسان مٺيءَ بدران ڪارونجهر جي دامن، ننگرپارڪر ۾ رات گذارڻ پئي چاهي. ڪراچيءَ مان نڪرڻ کان اڳ، امر فياض کان مدد گهريم ته ننگر ۾ گيسٽ هائوس ۾ ٻه ڪمرا وٺي ڏيو. پر خبر پئي ته جسٽس گلزار ان ئي ريسٽ هائوس ۾ وڃي ترسيو آهي ۽ ٻين جي داخلا بند آهي. مٺيءَ ۾ گڊي ڀٽ تي، ڳوٺ جي عزيزن نذير وساڻ ۽ ٻين سان اوچتو ملاقات ٿي. جنھن ۾ هنن ٻڌايو ته؛ ”ننگر ۾ رات مڇرن خوب کاڌو آهي. ڇو ته رش سبب، ڪنهن به ريسٽ هائوس ۾ جاءِ نه ملي.“ مٺيءَ ۾ سائين نور احمد جنجهي جي چانھ پيئندي، رهائش جو ذڪر ڪيوسين ته پاڻ صلاح ڏنن ته؛ ”ننگرپارڪر گهمي، رات مٺيءَ ۾ اچي رهو. رهائش ڪري وٺبي ۽ ماني به گڏ کائبي، هتي سھوليت پڻ آهي.“


سلام ڪوٽ پھتاسين ته جسٽس صاحب پروٽوڪول سان واپس پئي وريو ۽ امر فياض ٻرڙي جي فون به آئي ته اوھان لاءِ ٻه ڪمرا بڪ ڪرايا آهن. اسان هاڻي بي فڪر ٿي، ننگر جا نظارا ۽ ڪارونجهر کان ڪاسبي جا رنگ پسي، رات جو اچي روپلو ڪولھي ريسٽ هائوس پهتاسين. جتي محڪم صاحب سان ملي، ڪمرن جي رقم جي ادائگي ڪري، ڪمرن ۾ پهتاسين. ڪمرا بھترين نموني سجايل مليا. جن ۾ اي سي، ٽي وي، فرج ۽ بيڊ موجود هيا. واش رومز ۾ مٺي پاڻي جي سهوليت به موجود هئي. ڊنر جو آرڊر ڏنوسين ته سروس ڏيندڙ ڇوڪرن چيو ته؛ ”بورچيخاني ۾ هلو ۽ پسند جو آرڊر ڏيو.“ صاف سٿرو بورچيخانو هيو. ڊنر ۾ تازو کاڌو مليو ۽ پوءِ ڪلاڪ کن ٻاهر واڪ به ڪئي ته ڪرسيون رکي ڪچھري به ڪئي. جتي هلڪي ڦڙ ڦڙ پئي وسي ۽ ٽن پاسن کان کنوڻين جا تجلا هيا.
هڪ اڌ شين جي واڌاري جي ضرورت آهي. جيئن اها کوٽ محسوس ڪيم ته شام جو ڪلاڪ ٻه مقامي فنڪارن کان راڳ رنگ ڪرايو وڃي ۽ کاڌن ۾ به ٿر جا ديسي کاڌا جيئن؛ کنڀيون، چڀڙ، مکڻ، لسي، کير وغيره جو بندوبست هجڻ گهرجي....
هن ريسٽ هائوس ۾ سنڌ ٽوئرزم جي ويبسائيٽ تان آنلائين بڪنگ پڻ ڪرائي سگهجي ٿي. مختلف قسم جي اي سي ۽ نان اي سي ڪمرن جا تفصيل ۽ ريٽ ۽ بڪنگ جا تفصيل سندن ھيٺ ڏنل لنڪ تي موجود آهن.
https://www.stdc.gos.pk/
هي ريسٽ هائوس هڪ نعمت آهي، جتي رات جا ٻه پھر سٺو ۽ پر سڪون آرام ڪري ماڻھو سڄي ڏينھن جو ٿَڪُ لاهي صبح جو تازو توانو ٿي سفر تي نڪري ٿو.
ثقافت کاتي کي جس ڏجي ٿو جن هي هڪ سٺو عمل ڪيو آهي.

(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment