Sunday, September 22, 2019

اهڙو مُنهنجو ٿر آ - علي نواز آريسر


اهڙو مُنهنجو ٿر آ
ٿر ياترا - لجپت پيارا قرب
علي نواز آريسر
Image result for Thar desert after rains
ٿر جو تصور ايندي ئي مُنهنجو ذهن باغ بھار ٿي ويندو آهي ۽ مُنهنجي چپن تي هلڪي مُسڪراهٽ ايئن تَري ايندي آهي، جيئن ننڍڙي ٻار جي چپن مان ماءُ جو کير ريلا ڪري وَهڻ لڳندو آهي، ڇاڪاڻ جو ٿر منهنجي لاءِ رُڳو خيال ڪونهي، رُڳو واريءَ جون ڀِٽون ڪونهي، رُڳو اَڪن ۽ ٿُوهرن جو وطن ڪونهي، پر ٿر منهنجي لاءِ هڪ خوشحال، ڍاول، سرسبز ۽ شاداب خِطو آهي. ڀلين کڻي اين جي اوز ڪلچر ٿر کي بُکيو ديس ڪري پيش ڪندو هُجي، پر منهنجي نظر ۾ ٿر دنيا جو خوشحال ترين خِطو آهي، جيڪو خِطو شعوري طور ايترو ته سرسبز آهي، جو جڏهن دنيا وٽ لوڪ ڏاهپ جو تصور به نه هو، اُن وقت ٿر جي ماڻهن لوڪ ڏاهپ جا ڪيئي مثال قائم ڪري ڏيکاريا، سالن تائين پاڻيءَ کي اسٽور ڪرڻ، ورهين تائين اناج کي محفوظ ڪري استعمال ڪرڻ، اَڪ جي ڪاٺين مان باهه ٻارڻ، مِٽيءَ مان ساز ٺاهي مَن پِرڀائڻ ۽ جن ماڻهن کي مِٽيءَ سان عشق هوندو آهي، اُهي ماڻهو ئي دنيا جي هن گولي تي پنهنجي پاڻ کي گهڻي عرصي تائين زنده رکي سگهندا آهن ۽ منهنجي ٿر جي ماڻهن ته دنيا کي سڀ کان پهرين ريشمي کٽولن تي ويهڻ جو هُنر سيکاريو، هٿ سان ڀرت ڀري حُسن جي اُڻت ڪئي، وڏيون لوڪ ڪٿائون ٺاهي، گيتن کي ترنُم ڏيڻ ٿر جي ماڻهن جي ذهني خوشحاليءَ جو چِٽو ثُبوت آهي. هيءُ پهريان ماڻهو آهن، جن فطرت کي ويجهي کان ڏٺو آهي، هنن آسمان ۾ ٿيندڙ تبديلين جا اُهڃاڻ ڳولي لڌا، هنن کي موسمن جي مَٽجڻ جي خبر پوندي آهي، ڪتيون، تارا، نِکٽ وغيره جي ڪرشماتي تبديليءَ کي سمجهڻ هنن ماڻهن لاءِ ڪو مشڪل به ڪونهي. ٿر جا ماڻهو تاڙي جي تنوار ۽ ڏيڏر جي ٽان ٽان مان مينهن جو اندازو ڪري وٺندا آهن. کِنوڻين جي تجلن کي هنن الڳ الڳ نانءُ ڏنا آهن، آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ جي رنگن مان به هيءُ سائنسي اُهڃاڻ ٻڌائي سگهندا آهن. هنن جي لاءِ ڄڻ ته ٿر جو آسمان دنيا جي آسمان کان ئي نرالو آهي.


اهڙي ديس جو سفر ڪرڻ اسان جي به حصي ۾ آيو، جيتوڻيڪ آئون پاڻ ٿر ڄائو آهيان ۽ آئون ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو آهيان، پر گذريل ۱۵ سالن کان آئون ٿر کان پرڀرو رهيو آهيان ۽ انهن ۱۵ سالن ۾ مون پنهنجي پاڻ کي ويڳاڻو ئي محسوس پئي ڪيو، اهو سوچي آئون پنهنجي پرين پيارن سڪندر انڙ ۽ پروفيسر علي ارشد چانڊئي سان ۶ سيپٽمبر تي ٿيلهو ڪُلهي ۾ لٽڪائي نڪري پيس، ميرپورخاص مان علي رضا ۽ آتش فقير اسان جي ساٿ ۾ سلهاڙيا ۽ پوءِ نڪري پياسين ٿر جي فطري حُسن کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪرڻ. شام جا پاڇا اڃا لڙيا ئي ڪونه هُئا ته اسان جو قافلو نئين ڪوٽ جي قلعي جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺل هو، هيءُ قلعو مير ڪرم علي خان ٽالپر ۱۸۱۴ع ۾ ٺهرايو، جيڪو نئين ڪوٽ کان مٺي ويندڙ رستي تي ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. قلعي جي اڏاوت ۾ پڪيون سِرون ۽ اوساريءَ ۾ مٽيءَ جو گارو ۽ چُن استعمال ٿيل آهي. قلعي جون ديوارون ۴ کان ۹ فوٽ ٿُلهيون آهن، قلعي جي ڇت محرابي، سڌي ۽ گولائي صورت ۾ ٺهيل آهي. هن قلعي جي اڏاوت اُن دور جي ٻين قلعن کان منفرد ۽ سُهڻي ٿيل آهي، هيءُ قلعو جيتوڻيڪ زبون حال ۾ اچي ويو آهي، پر قلعي جا اُهڃاڻ ٻڌائن پيا ته هيءُ ان دور جو شاهڪار هوندو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ دور ۾ ٿر اڃا تعميراتي لحاظ کان ترقي ڪونه ڪئي هئي. جيڪڏهن هن تي سرڪار سڳوري ڌيان ڏئي، قلعي جي اندر پارڪ وغيره لڳائي ۽ ننڍا ننڍا پاڻيءَ جا چشما ٺهرائي ۽ پري کان ڪَهي ايندڙ سياحن جي رهڻ لاءِ ڪجهه ڪمرا تيار ڪرايا وڃن ته، هيءُ هڪ بهترين سياحتي ماڳ بڻجي سگهي ٿو. نئين ڪوٽ جي قلعي کان روانو ٿياسين مِٺيءَ جي گڍي ڀٽ ڏانهن ۽ سِج اڃا پوين پساهن ۾ هو ته اسان گڍي ڀِٽ تي پهچي ويا هئاسين، گڍيءَ تان شام جي سِج لھڻ جو منظر دل لُڀائيندڙ هو. ان وقت علي بابا جا تاريخي جملا منهنجي ذهن تي تري آيا:
”آئون جڏهن مٺيءَ جي گڍي ڀِٽ تي بيهي مٺيءَ جي فطري حُسن کي پَسان ٿو ته مون کان دانهن ٿي نڪري وڃي ته گهوڙا ڙي ههڙي خوبصورت ڌرتيءَ سان ماڻهو غداري ڪيئن ٿا ڪن.“
اها حقيقت به آهي، اسان به هن ڀِٽ تان مٺيءَ جو منظر ڏٺوسين، جنهن علي بابا جي من کي موهيو هو، هڪڙي آرٽسٽ جي من کي موهڻ جو فن سواءِ فطرت جي ٻيو ڪنهن وٽ هوندو! هيءُ ڀِٽ زمين جي سطح کان اٽڪل ۳۰۰ فُٽ اوچي آهي، مٺيءَ جو شهر ان جي هنج ۾ ٽن چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. انهيءَ ڀِٽ تي مير فتح علي خان ٽالپر هڪ دفاعي قلعو ٺهرايو هو، جيڪو اڳتي هلي ۱۸۵۷ع جي زلزلي ۾ ڊهي ويو. اڃان اُتي ئي سج لهڻ جي منظرن کي پنهنجي اکين ۾ سمائڻ جي جُستجو ڪري رهيا هئاسين ته پيارو غفار به اچي ويو، غفار به منهنجي انهن دوستن مان آهي، جن سان آئون دل جون ڳالهيون ڪري سگهندو آهيان، ۽ پوءِ اسان اچي بجيرن جي هوٽل تي ويٺا سين، جتي ”تيلي ٻوڙ“ چانهه پيئڻ کانپوءِ غفار جي جڳهه تي آياسين، جتان فريش ٿي، وري گڍي ڀِٽ تان رات جا نظارا پسياسين. ان وقت غفار چيو ته رات هتي رهون ٿا، جڳهه جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ۽ انگور جي ڌيءَ جي رس جو به بندوبست ڪيو آهي، پر سڄي سنگت جو اصرار هو ته رات هلي اسلام ڪوٽ ۾ رهجي، جيئن صبح جو سوير اُٿي هلي ڪارونجهر تان سج اُڀرڻ جو منظر ڏسجي. پوءِ غفار چيو، جي رات نٿا رهو ته ماني منهنجي کائو، آخر اسان هُن جي ضد اڳيان هار کاڌي ۽ ”ڪيفي ٿر“ تي اچي کُنڀين ۽ مريڙي سان ماني کاڌي سون، کُنڀي، مريڙو، پِپُون ٿر جي حقيقي سوغات آهن. رستي ۾ ويندي کِل ڀوڳ به ٿيندي رهي، شاعري ۽ ادب تي بحث به ٿيندو رهيو، آتش سان بحث هلندي چئي ويٺو هُئم، مون ادب ۾ پنهنجي حيثيت مڃائي ورتي آهي ته آتش ٺهه پهه وراڻيو، ڀائو! ان خوشفهمي ۾ نه رهو، چيم تون ڀلي هنن ڀِٽن، ڏهرن کان پُڇي ڏس مون کي سُڃاڻن ٿيون، آتش به مذاق جي موڊ ۾ هو، سو ڪيفي ٿر تي پهچندي ئي هڪڙي نوجوان سان سلام ورائي مِليو، ان کان پڇيائين ته ادا، توهان علي نواز آريسر کي سُڃاڻو ٿا؟ هُو ويچارو فوري طور ڪنفيوز ٿي ويو ۽ چيائين ته نه ادا، آئون ڪونه ٿو سُڃاڻان، ته مون کي سڏ ڪري چيائين ڏٺئي! ڪير به نه ٿو سُڃاڻي، ماني کائيندي ٿر جي هڪڙي سُوٽھڙ وچان فارم ڀرايو آزاد اميدوار طور ۽ بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي اسان جي بحث ۾ حصو وٺي شروع ٿي ويو، چيائين ته آئون هندستان پاڪستان گهميو ويٺو آهيان، انچ انچ، ٻاڙي ٻاڙي جو واقف آهيان ته آتش ان کان به پُڇي ورتو ته علي نواز آريسر کي سُڃاڻو ٿا؟ ته ان به ٺهه پهه وراڻيو مون ته آريسر ڪا ذات به ناهي ٻُڌي، مارئي جي دور ۾ اها ذات ڪا هُجي ته ٻي ڳالهه آهي، مون ڏانهنس ڏٺو ۽ چپن ئي چپن ۾ ڀُڻڪو ڪيم، واقعي هي ڀائو هندستان پاڪستان نه پر پوري دنيا گُهميل ٿو لڳي، پر منهنجي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه ضرور هئي ته هُن اسان آريسرن کي مارئي جي دور سان منسوب ڪيو هو، ۽ بحث وڌندو ويو ته هُن چيو اسان به ڪاني قرامت وارا آهيون، ان تي سڪندر چيو، ڀائو اسان به موجوده دور جا پهتل فقير آهيون، ٿي وڃي قرامتن جو مقابلو، پوءِ ته همراهه ايترو بوکلائجي ويو، جو کيس خبر به نه پئي پوي ۽ پنڌ روانو ٿي ويو، اڌ پنڌ تان موٽي اچي چيائين يار! آئون ته موٽر سائيڪل تي آيو هئس، پوءِ ته بس ٽھڪن جو هڪڙو نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اسلام ڪوٽ رات جو سمھڻ تائين جاري رهيو.
ڪيفي ٿر تان ماني کائي غفار کان موڪلايوسين، رات جي ٿڌڙي هوا جو مزو وٺندي، ٿر جي رات مان لُطف اندوز ٿيندي، فوزيه کي ٻُڌندي اچي اسلام ڪوٽ پُڳاسين. جڏهن اسان مٺيءَ کان اسلام ڪوٽ وڃي رهيا هئاسين ته مون سوچيو هيءُ ٿر ته هاڻي ٿر رهيو ئي ناهي، وڏا ڪُشادا روڊ، لائيٽون، روشنيون، سڀني شهرن ۾ سُٺا سُٺا ريسٽورنٽ ٺهي ويا آهن، بس هتي اسان کي جيڪا کوٽ محسوس ٿي سا پاڻيءَ جي آهي، جيڪڏهن مقامي نمائندا هن پاسي ڌيان ڏين ۽ پاڻيءَ جي لاءِ ڪي جديد سهوليتون مُيسر ڪري ڏين ته ٿر، سڄي مُلڪ ۾ شاهوڪار خِطي طور سُڃاتو ويندو.
رات اتي رهي صبح جو پهرئين پھر ۾ اچي ڪارونجهر جا سلامي ٿياسين، هيءُ جيڪو پنهنجي فطرت ۾ اڏول، اڻمِٽ ۽ ارڏو جبل پنهنجي سڀني حُسناڪين سان ٽمٽار اسان کي تڪي رهيو هو، منهنجيون نظرون فوري طور ڪارونجهر جي مٿانهين چوٽيءَ جو طواف ڪرڻ لڳيون هُيون، جنهن تان بيهي ڪيترن ئي شاعرن ٿر جي حُسن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ امر ڪري ڇڏيو هو. ڪارونجهر لاءِ مشهور آهي ته هي روزانو ٻه مڻ سون ڪمائي ڏيندو آهي، اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان مٿي هُئي ۽ پوءِ جڏهن ڪارونجهر جي ٽڪرين تي چڙهڻ شروع ڪيو هو سين ته اُتي وِک وِک تي ماڻهن کي جڙي ٻوٽيون وڪڻندي ڏٺم، جيڪي ڪيترين ئي بيمارين لاءِ فائيديمند ٻڌايون پئي ويون، ان سان گڏ ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ ماکيءَ جا شيشا به هئا ته کؤنر به هو، تڏهن مون کي سمجهه ۾ آيو ته واقعي هي قدرتي حُسن سان ٽمٽار ارڏو جبل آمدني جو به وسيلو آهي. ايئن ڪارونجهر جي چشمن/ندين کي ڏسندي چاڙهيون چڙهڻ شروع ڪيون سين، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي پُڄڻ کان اڳ ۾ دوستن کي چيم ته ”انگريز تروٽ جو ٿلھو ڏسڻ ضروري آهي ڇا؟ جنهن روپلي ڪولهي جھڙي سنڌ جي اڏول، اڙٻنگ ۽ جوڌي جوان کي شھيد ڪري ڇڏيو هو.“ ته دوستن چيو، اسان تروٽ جي ٿلھي کي ڏسڻ نه پر روپلي جي بھادري، حشمت، جُرئت ۽ انهي گجگوڙ سان ڪيل للڪار جو پڙاڏو ٻُڌڻ ٿا چاهيون، جنهن تروٽ جي سامراجيت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. روپلو، جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي هڪڙي پوري سامراج سان مُنهن مقابل ٿيو هو، اسان روپلي جي انهي حُب الوطنيءَ جو واس وٺڻ ٿا چاهيون، جيڪا سندس ڪارونجهر سان هُئي، اسان انهي درد کي محسوس ڪرڻ ٿا چاهيون، جيڪو درد روپلي جي ونيءَ محسوس ڪيو هو، اسان رُوپلي جي ونيءَ جي انهن تاريخي جُملن کي پنهنجي ڪنن ۾ محفوظ ڪرڻ ٿا چاهيون، جيڪي هُن رُوپلي سان مخاطب ٿي چيا هئا ته: ”رُوپا! جي تون هيڻو ٿي هار مڃندين ۽ سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪندين ته ننگر جون ڪولهياڻيون مون کي مِهڻا ڏينديون، پر تون جي سنڌ تان قربان ٿي وئين ته ڪارونجهر جو ڳاٽ اڃان به اُوچو ٿي ويندو، سنڌ اڃا سُنڍ ناهي ٿي، جيڪا پنهنجي ڪُک مان سوين رُوپلن کي جنم ڏيندي رهندي جيڪي سنڌ تان قربان ٿيندا رهندا ۽ ڪڏهن به ڪارونجهر جو ڪنڌ جُهڪڻ نه ڏيندا.“ اسان انهي ڦاهيءَ واري هنڌ کي چُمڻ ٿا چاهيون، جنهن هنڌ تي روپلي کي لٽڪايو ويو هو، دوستن جا ايترا دليل ٻُڌڻ کانپوءِ نه ڪرڻ جي جُرئت مون ۾ به ڪونه رهي هُئي. ۽ پوءِ اسان ڪارونجهر جي انهيءَ چوٽيءَ ڏانهن وڌيا هئاسين. ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي رُڳو تروٽ جو ٿلھو ڪونهي، پر اُتي ته آنچلاسر چشمو به آهي، جيڪو پنهنجي فطري حُسناڪيءَ سان وَهيو پئي. اسان ڪارونجهر جي چوٽيءَ تان ٿر جي حُسن کي پَسي واپس وريا هئاسين ته هڪڙي کوسي اسان کي ٻُڌايو ته هتان ڀرسان هڪڙي ندي وهي ٿي، اُها به ڏسو، پوءِ اسان جو رُخ انهي نديءَ ڏانهن ٿيو، اها ندي توڙي جو ڪوهستان جي ڪونڪر نديءَ جھڙي ته ڪونه هئي، پر انهيءَ نديءَ جا آبشار مينهن وسڻ مهل يقينن رومينٽڪ هوندا، اُتان ٿي موٽياسين ته ڪلچر ڊپارٽمنٽ پاران ٺهرايل ”روپلو ڪولهي موٽل ريسٽ هائوس“ تي آيا سين، جيڪو پڻ ڏاڍو شاندار آهي، پر هي گهڻو مهانگو لڳو، اُصولي طور هن جا ريٽ سستا هجڻ کپن ۽ عام ماڻهن جي سهوليت جي لاءِ هُجڻ کپي، پر مون کي اهڙو ڪجهه نظر نه آيو، اُتان ٻاهر نڪري ننگر جي تاريخي مندر ڏسڻ کانپوءِ اسان جو قافلو ”ڪاسٻي“ روانو ٿيو، جيڪو پنهنجي فطري حُسن ۾ سڄي ڪائنات جو محور بڻيو بيٺو هو، ڪاسٻو، جتي مورن جي ٽهوڪن اسان جي آجيان ڪئي هئي، اسان ڪاسٻي جا سرسبز نظارا ڏسندي، گهٽين مان گهمندا وڃي راما پير جي ۴۰۰ سال قديمي مندر تي پڙاءُ ڪيو سين. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته هيءُ مندر ۴۰۰ سال آڳاٽو آهي ۽ هن جي نئين سِر مرمت ۱۹۸۵ع ۾ ڪرائي وئي آهي، جيڪا ڳوٺاڻي پئنچائت پاڻ ۾ ملي ڪري ڪرائي آهي، هن مندر جي بلڪل ڀرسان ٻنيون هُيون، هي سڄو علائقو بئراجي لڳو، هتي ڪمند ۽ سارين کانسواءِ هر فصل ٿئي ٿو، خاص ڪري هتي بصر ۽ مرچ جو فصل وڏي آمدني ڏئي ٿو ۽ بصر جي ڳنڍ به سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻئي بصر کان وڏي ٿئي ٿي، هتان جا ماڻهو کُوهن تي ٽيوب ويل لڳرائي ان تي زمينون آباد ڪن ٿا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪارونجهر جي هنج ۾ پاڻيءَ جون وڏيون نديون آهن، جتان جو پاڻي آبادي لائق آهي، پر اتي زمينون گهڻيون مهانگيون آهن، کُوهه کوٽڻ جيترو زمين جو ٽُڪرو ۵ لکن ۾ ملي ٿو ۽ پنج کان ڏهه لک ٻيا خرچ ڪري اسان هن ڳوٺ تائين پاڻيءَ جي لائين وڇائيندا آهيون، جنهن وسيلي هي زمينون آباد ٿين ٿيون. ڳوٺ کان ڪجهه ميل پريان ٻيو شِو جو مندر آهي، جيڪو ۱۳ سئو سال پراڻو آهي ۽ اُتي هڪ قديمي کُوهه به آهي، جتان شروعاتي طور جا ماڻهو پاڻي پيئندا هئا. هن ڳوٺ جي نالي پوڻ جي حوالي سان پڇا ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته، هن جو اصل نالو ”ڪاهوو“ آهي، جو ماضيءَ ۾ هتان گهڻيون ڪاهون لگهنديون هيون ۽ پوءِ انهن مان ڪي ماڻهو هتي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيا، ۽ هن ڳوٺ تي نالو پيو ”ڪاهه ڪاهيندڙن جو ڳوٺ“، ”ڪاهوو“ جيئن ته ”ڪاهوو“ لفظ اُچار ۾ ڏُکيو هو، جيڪو ڦري ٿيو ”ڪاڇٻو“ يا ”ڪاسٻو“ اسان اڃا اُتي ئي بيٺا هئاسين ته وڏي آواز ۾ بجلي ڪڙڪڻ لڳي ۽ ڳوٺ ۾ مورن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون، مور ايترو ته نازڪ پکي آهي، جو معمولي ڇِرڪ پوڻ تي به سندن هينئون ڦاٽي پوندو آهي، سو هيڏا وڏا ٺڪاءُ ٻڌي دانهون ڪيئن نه ڪَري ۽ اسان اڃان مندر کان نڪري اچي گاڏيءَ ۾ مس ويٺا سين ته، برسات شروع ٿي وئي ۽ اسان اُتي موجود هوٽل ۾ اچي ويٺا سين، هوٽل تي ويٺل سڀئي ماڻهو نهايت ئي محبتي ۽ مهمان نواز لڳا، فوري طور اسان کي ٻڪريءَ جي کير جي ڪڙڪ چانهن پياريائون، تيسين مينهن به بيٺو ۽ اسان جو قافلو واپس روانو ٿيو، ڪاسٻي کان نڪري رستي ۾ هڪڙي ننڍڙي ڊيم تي چڙهياسين، جيڪو مٿانهين ٽڪريءَ تي آهي، هتي ننڍا ننڍا ڊيم گهڻا آهن، پروفيسر ۽ علي رضا ته ڊيم ۾ وڃي پسار ڪرڻ لڳا ۽ اسان اُتي موجود حسين ڇوڪرين کي تڪڻ لڳاسين ته هڪڙي ڇوڪريءَ مون ڏانهن ڏسي ٿورو مسڪرائي پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري اڳتي وڌي وئي هئي ۽ مون انهي مسڪراهٽ ۾ حقيقي خوشيءَ جي جهلڪ محسوس ڪئي ڪئي، اسان به انهن سان گڏ ڪجهه فوٽو گرافي ڪري روانا ٿياسين ۽ ڀوڏيسر جتي تاريخي مسجد ۽ مندر تي حاضري ڀري سين، مسجد ۾ موجود پيش امام جيڪو ذات جو کوسو هو، سڪندر ان کي به ڪونه بخشيو ۽ پڇي ويٺو ته ”کوسو ۽ مسجد، کوڙو ئي نه لڳي“ ته هُن به چئي ڏنو ته، کوسو پوڙهو ٿئي ته مسجد جو پاسو وٺندو آهي، اُتي سڪندر چيو؛ هي جيڪي پئسا رکيا پيا آهن، اهي ڪنهن جا آهن؟ پوڙهي ٻڌايو ته اهي پئسا الله جا آهن، سڪندر چيو؛ پوءِ ته انهن پئسن تي جھڙو حق تنهنجو تهڙو اسان جو. پوڙهي وراڻيو؛ ها بابا! اهي الله جا پئسا آهن ۽ سڪندر به نه ڪئي هم نه تم، اڳتي وڌي ۲۰ روپيا کڻي ورتائين، جيتوڻيڪ کوسي کي ڳالهه ته ڏکي لڳي، پر اڳيان به کوسو هو، سو ڪٿي ٿو ڇڏي. چيائين الله جي پئسن تي ته سڀني جو حق آهي، پر ڪاڪو هن رُڃ ۾ ويٺو آهي، سو ڪاڪي کي خرچي ته ڏيو. بس ابا، اها قرباني مون ۽ آتش کي ڏيڻي پئي، اُتان ٻاهر نڪري سڪندر اهي ۲۰ روپيا هڪڙي غريب فقير کي ڏنا ۽ اسان سڌو رُخ رکيو گوڙيءَ جي مندر جو. اُتان حاضري ڀري روانا ٿياسين مارئي جي کُوهه طرف، مارئي جي کوُهه تي اڃا لٿاسين مس ته اُها حسين دوشيزه به پٺيان اچي پهتي، وري به اکين ئي اکين ۾ هڪٻئي کي تڪيوسين، مسڪرايوسين ۽ پوءِ اڳتي وڌي کُوهه تي پهتا سين، مارئي جو هي کوهه جيتوڻيڪ هاڻي اُهو ناهي رهيو، مصنوعي طريقي سان ان ۾ پاڻيءَ جو سسٽم رکيو ويو آهي، پر سنڌ جي هن تاريخي کُوهه تي ثقافت کاتي سُٺو ڪم ڪرايو آهي، ميوزيم به ٺهيل آهي، ۽ اُتي ٿر جا راڳي به سڄو ڏينهن موجود هوندا آهن، جيڪي هر ايندڙ کي پيا راڳ ٻڌائيندا آهن. هن سڄي سفر ۾ جنهن ڳالهه گهڻو پريشان ڪيو، سا هئي وِک وِک تي رينجرز جون چوڪيون، هر ماڻهو کان ايتري ته پڇا ڳاڇا پئي ٿي، ڄڻ اُهي ڪي ڊاڪُو هجن، ۽ هر ايندڙ سياح جي گاڏيءَ کي انٽري پاس پئي جاري ڪئي وئي، ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو فلسطيني اسرائيل ۾ داخل ٿي رهيو هجي.
اتان نڪتاسين ته ڪڪر به ڪارونڀار ٿي اچي مِڙيا هئا ۽ موسم دلڪش ٿيڻ لڳي هُئي، آسمان مٿان رِلهي وڇائجي وئي هئي ۽ سڄو ڏيهه ڇانوَ جي منظرنگاري ڪرڻ لڳو ۽ اسان گاڏيءَ جي اي سي بند ڪري، شيشا کولي انهي منظرنگاريءَ جو مزو وٺڻ لڳاسين، اڃا ڪجهه اڳڀرو هلياسين، لوڻيون سمون کي ويجها هئاسين ته اسان جي گاڏي گرم ٿي ويئي ۽ دونهون نڪرڻ لڳو ته گاڏيءَ کي روڪي اُتي بيٺا سين، ته هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو ڊوڙندو آيو، جنهن فوري طور اسان کي پريان هوٽل تان پاڻيءَ جون بوتلون ڀري آڻي ڏنيون، تيسين هڪڙو کيکڙي وارو اچي لنگهيو، جيڪو به کيکڙو روڪي لهي آيو ۽ اسان جي مدد ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجي کيکڙي مان پاڻيءَ جون بوتلون ڀري ڏنائين، پر گاڏي جا گرم ٿي ته ٿڌي ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، اسان گاڏي کي ڌڪي اچي هوٽل تي پهتاسين، جتي پڻ سڀئي ماڻهو اسان مٿان ٻلهار پئي ويا ۽ فوري طور چانهن جو انتظام ڪيائون ۽ ويجهو رهندڙ مستريءَ کي فون ڪرڻ لڳا، مون اُتي محسوس ڪيو ته هي ماڻهو نهايت ئي محبتي آهن ۽ هر ڪنهن مسافر جي مدد ڪري دلي سُڪون ماڻن ٿا، جڏهن اسان چيو ته اسان کي ڪا گاڏي هٿ ڪري ڏيو ته اسان گاڏيءَ کي ڌڪي اسلام ڪوٽ ڪنهن مستري وٽ پهچون، ته اُتي بيٺل هڪ نوجوان چيو، اوهان پريشان نه ٿيو، ڪوشش ڪريون ٿا اوهان جي گاڏي ٺهي وڃي، جي نه ٺهي تڏهن به ڪو مسئلو ڪونهي، اوهان کي رهائش، ماني وغيره هر شئي ملندي، ڪنهن به پريشانيءَ جي ڳالهه ناهي، سچ ته مون کي انهن ماڻهن جي محبت تي رَشڪ اچڻ لڳو هو، اسان جيڪي شهري زندگيءَ ۾ ايڏا ته ڪم ظرف ٿي ويا آهيون جو ڪنهن جي مدد ڪرڻ اسان کان پڄي ئي ڪونه، هيءُ ماڻهو هر ڪنهن جا ڀرجهلا ٿيو بيٺا هئا، پوءِ اُتي هڪڙو وڏي عمر جو مستري وٺي آيا، جنهن جو نالو رميش هو، ان گاڏيءَ کي ڏسي چيو ڪا ڳالهه ناهي، گاڏي اوهان کي ٺاهي ٿو ڏيان، وڌيڪ ڪم وڃي حيدرآباد ۾ ڪرائي وٺجو، وچ ۾ اوهان کي پريشان ڪونه ڪندي ۽ پوءِ واقعي رميش گاڏيءَ ۾ اهڙو ته جُڳاڙ ڪري ڏنو، جو اسان کي رستي ۾ ڪٿي به ڪا رُڪاوٽ ڪونه ٿي ۽ اسان روانا ٿياسين اسلام ڪوٽ ڏانهن.
سڄي واٽ ۾ ڪڪر اسان جي مٿان ڇانوَ ڪريو پئي هليا، ان وقت مون کي ياد آيو، لاکي ڦُلاڻيءَ جي ڄڃ سان گڏ پکي قطارون ڪري پئي هليا، ۽ انهن پکين تي نالو پئجي ويو هو ”لاکي ڄاڃي“ اهڙيءَ طرح ڪڪرن جو هيءُ جُهڳٽو اسان جو ساٿاري هو ۽ رستي ۾ هڪڙي ڀِٽ نظر آئي، جنهن تي ڪا به ساوڪ نه هئي، واريءَ جو هڪڙو دلفريب دڙو هو، اسان جي لاءِ اهو هڪڙو سوال به هو ته، هن دڙي تي گاهه ڇو ڪونه ڦُٽو آهي، پوءِ لٿاسين وڃي دڙي جي مٿانهين چوٽيءَ تي بيٺاسين، دڙي جي چوٽيءَ تي بيهي پرئين ڀر جو نظارو ڪيوسين ته، پريان ڏهر ۾ روهيڙي جا وڻ بيٺا هئا، جن ۾ ڳاڙها گُل ٽڙيا پيا هئا، رتن روهيڙن وارو هي ڏهر ڪنهن مارگلا پهاڙيءَ کان گهٽ ڪيئن هو، ايتري ۾ پريان کان مور ٽهوڪا ڪرڻ لڳا ته هيءَ پلَ اڃا وڌيڪ حسين بڻجي ويا، انهي ڀِٽ تي ئي هئاسين ته پياري سلمان سنڌيءَ جي فون آئي، جنهن ضد ڪيو ته رات مون وٽ رهو، غفار به مسلسل رابطي ۾ هو ته رات منهنجي ڳوٺ اچو، پر اسان ڪوبه فيصلو ڪونه پئي ڪري سگهياسين، علي ۽ منهنجو اصرار هو ته امرڪوٽ هلجي، تيسين زاهد اوٺي جي فون آئي، جنهن زور ڀريو ته پنهنجي ڳوٺ اچو، چاچو بلاول به اوهان کي ياد پيو ڪري، پوءِ ته بس غفار ۽ سلمان کان معذرت ڪري، سڌو رُخ ڪيوسون مُهراڻي چاچي بلاول جي ڳوٺ، مهراڻي جو پٽ مٺيءَ کان نڪرندي شروع ٿئي ٿو ۽ چاچي بلاول جو ڳوٺ نئين ڪوٽ ۽ وِڄوٽي جي وچ تي آهي، هيءُ ڳوٺ فطري حُسناڪيءَ جي حوالي سان شاعراڻو پسمنظر رکي ٿو، وڏيون اوچيون، اُڀڪپريون ڀِٽون، جيڪي سائو ويس ڍَڪي اڃا وڌيڪ وڻندڙ ٿي ويون هيون، شام جا پڇاڙڪا لمحا هئا ته اسان زاهد جي اوطاق تي پهتاسين، اڃا ويٺاسين مس ته چاچو بلاول به پهچي ويو ۽ پوءِ شروع ٿيون ٿر، شاعري ۽ موسيقيءَ جون ڳالهيون. چاچو بلاول جيتوڻيڪ هن وقت عمر جي اهڙي حصي ۾ آهي، جو ماڻهو وڃيو کٽ جو پاسو وٺن، پر چاچو اڃا صحتمند لڳو پيو آهي، عمر ۾ پوڙهو پر دل ۽ جذبا جوان اٿس، جسم ڪمزور پر ذهن تندرست، ڪيتريون ئي يادگيريون سليائين، آريسر صاحب جون ڳالهيون ٿيون ته پاڻ شاعري به جُهونگاري ٻڌايائين، سچي ڳالهه اها آهي ته چاچي بلاول جي اندر ۾ ڪيئي ڪٿائون محفوظ ٿيل آهن، ڪو دوست همٿ ڪري ۽ کانئس يادگيريون لکرائي ته اُهي نئين نسل جي لاءِ ترجمان بڻجي سگهن ٿيون.
ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ چاچو بلاول موڪلائي روانو ٿيو ۽ پوءِ اسان جي ڪچهريءَ جو نئون دور شروع ٿيو، جنهن ۾ ادبي بحث به هليو ته کِل ڀوڳ ۽ ٽهڪ به گُونجيا، ماني کائڻ کانپوءِ ماٺيڻي شاعري ٻڌائي ۽ پوءِ سڄي سنگت ننڊ جي گهيرٽ ۾ وٺجي وئي، پر آئون ويهي رهيس ماٺيڻي، عبدالقيوم ۽ فيصل سان ڪچهري ڪرڻ، منهنجي هميشه اها ڪوشش رهندي آهي ته نوجوانن جي اندر ۾ پلجندڙ پيار جي ڪٿائن کي ٻُڌجي، انهن جي شعور جي پرک ڪجي، ذهانت کي ڏسجي، سو ڪچهري ڪندي عبدالقيوم ڪيترائي گيت، غزل جُهونگاري ٻڌايا، کُليل آسمان هيٺيان رکيل کٽن تي ليٽندي، عبدالقيوم جي آواز ۾ انقلاب ٻڌندي، منهنجي ته ڄڻ رات رنگين بڻجي وئي هئي. اڌ رات وِهامي وئي هئي ته مون به سمهڻ جي ڪئي ۽ صبح جو دير تائين سُتو رهيس، باقي ته سڀئي دوست اُٿي تيار ٿي چُڪا هئا، پر آئون ننڊ جي آغوش ۾ هئس، جڏهن سِج مٿي چڙهي آيو ته آئون به اُٿي ويٺس، جلدي جلدي تيار ٿي ناشتو ڪري زاهد ۽ سڄي سنگت کان موڪلايوسين پئي ته چاچو بلاول اچي ويو، چاچي بلاول چيو ته دل چئي ٿي ويٺا هجو ته ڪچهري ڪجي، اوهان مان دل اڃا پوري طرح ڀري ڪونهي، ۽ اسان جي پروفيسر کي ته اڃا وڌيڪ ڀاڪُر پائي پيار ڪيائين، ۽ موڪلائيندي ڀٽائيءَ جا بيت پڙهيائين، جن سچ ته اسان جي دل کي ملول ڪري ڇڏيو هو، محبت جو اهو نرالو انداز هڪڙي ٿري ماڻهو وٽ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ لُڙڪ هاڻين اکين سان اچي گاڏيءَ ۾ ويٺا سين ۽ روانا ٿياسين حيدرآباد.
بھولنا ھے تو ملو کس نے تمھیں روکا ھے؟
یاد رکھنا ھے تو پھر آؤ بچھڑ جاتے ہیں.

No comments:

Post a Comment