Saturday, December 07, 2019

ڪجهه گھڙيون ڀنڀور ۾ - خالد ٻانڀڻ


ڪجهه گھڙيون ڀنڀور ۾
خالد ٻانڀڻ
Banbhore site.jpg
تاريخي ڪتابن جي ورقن ۾ اچي ٿو ته ڀنڀور جو شهر جيڪو قديمي بندر گاهه هئڻ سبب باربريڪا ۽ ديبل بندر جي نالي سان پڻ مشهور هيو. پراڻي زماني ۾ هي وڏي سامونڊي بندر گاهه طور پڻ مشهور رهيو آهي. هن شهر جي آثارن کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته جاين جا بنياد، قلعي جون ڀتيون ڏاڍيون مضبوط، ويڪريون ۽ پٿرن جون ٺهيل هيون. ڏند ڪٿائن ۾ اچي ٿو ته هتان جي بادشاهه راجا دلو راءِ جي ظلمن سبب هي شهر تباهه ۽ برباد ٿيو. هن شهر کي باهيون لڳيون، چوندا ناهن ته ڳالهه ائين پکڙي جيئن ڀنڀور کي باهه لڳي. هاڻي اها ڏند ڪٿا تحقيق طلب آهي. پر ڀنڀور جي اصل مشهوري سسئيءَ جي ڪري ڏيهان ڏيهه آهي. چون ٿا ته سنڌو درياهه جي ڪپ تي ڀانڀر واهه ڀرسان نائون مل ٻانڀڻ رهندو هيو، جنهن کي اولاد ڪونه هو. نيٺ عمر جي آخر ۾ هن جي گھرواري مُندر کي ڌيءُ ڄائي، جيڪا چنڊ مثل هئي. پر ان وقت جا ڀاڳ پڙهندڙن نجومين، نائون مل کي چيو ته تنهنجي ڌيءُ وڏي ٿي هڪ مسلمان سان عشق ۾ شادي ڪري ڇڏيندي. چون ٿا ته اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ نائون مل خوف ۾ اچي ان ٻارڙيءَ کي هڪ صندوق ۾ وجھي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. جيڪا صندوق لڙهندي ڀنڀور شهر ڀرسان اچي نڪتي. شهر جي ٻاهريان ڌوٻي گھاٽ تي ڀنڀور جو مشهور ڌوٻي محمد عرف لالا جيڪو گھاٽ تي ڪپڙا ڌوئي رهيو هو، ان جي وڃي پيٽيءَ تي اک پئي. جيڪا هن درياهه مان ڪڍرائي کولي ڏٺي ته ان ۾ ٻارڙي ستي پئي هئي. عجيب ڳالهه آهي ته ان ڌوٻيءَ کي به اولاد ڪو نه هو. هن ٻارڙيءَ کي ڏسي خوشي ۾ نٿي ماپيو ته درياهه کيس ڌيءُ جو اولاد ڏنو آهي. جنهن کي هن گھر کڻي اچي پالي وڏو ڪيو ۽ مٿس نالو سسئي رکيو. سسئي لفظ جي معنيٰ پڻ چنڊ آهي. ان ڌوٻي پنهنجي اڪيلي ڌي کي عاليشان گھر اڏرائي ان ۾ رهايو.


چون ٿا ته ان وقت ڀنڀور سامونڊي بندر گاهه هجڻ سبب هتان ڪاروبار مختلف ملڪن سان ٿيندو هو. ڪيچ مڪران تائين قافلا واپار سانگي ايندا ۽ ويندا هئا. هڪ ڀيري واپارين جو هڪڙو قافلو ڪيچ مڪران کان ڀنڀور آيو. جيڪو قافلو ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيچ مڪران جي سردار آري ڄام جي خاص نوڪر ٻاٻيهو جي اڳواڻي ۾ ڀنڀور ۾ پهتل هيو. جنهن سسئيءَ جي سونهن ڏسي ڪيچ مڪران واپس وڃي سردار آريءَ ڄام جي پٽ پنهونءَ سان سسئي جي حسن بابت داستان اپٽيا. جنهن تي پنهون پڻ اچي ڀنڀور اسهيو. جتي ٻنهي جو عشق چوٽ چڙهيو، شادي ٿي وئي، جيڪا ڳالهه آري ڄام تائين پهتي ته هن کي پنهونءَ ۽ سسئي جي شادي پسند ڪونه آئي. پنهنجي باقي ٽن پٽن چنري، هوتي ۽ نوتي کي اماڻي پنهونءَ کي کڻائي واپس ڪيچ مڪران آندو. جنهن کانپوءِ ڇا ٿيو، ڪيئن سسئيءَ، پنهونءَ جي عشق ۾ ڪڇالا ڪٽيا، ان کان توهان پڙهندڙ خود واقف آهيو. هن امر ۽ لازوال داستان جي ظاهري يا باطني حقيقت مجازي عشق جي رمزن کي لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ سمائيندي پورا پنج سر جنهن ۾ سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري ۽ سر حسيني لکيا آهن. جيڪي سسئيءَ جي عشق سان ٽمٽار آهن. هونئن ته هيءَ وڏي ڪهاڻي آهي، جنهن کي هن ڪالم ۾ پورو نٿا لکي سگھون. مختصر ئي صحيح منهنجي زندگي جي به وڏي خواهش هئي ته هڪ ڀيرو سسئيءَ جي امر داستان واري تاريخي شهر ڀنڀور کي پنهنجي اکين سان وڃي پسان ۽ اهڙو موقعو تڏهن مليو جڏهن سکر پريس ڪلب، سکر يونين آف جرنلسٽ جي صحافين جو وفد صحافي برادريءَ جي روح روان اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ جي سربراهيءَ ۾ ڪينجھر کان ٿيندو ٺٽي رستي ڪراچي پي ايف يو جي جي مرڪزي اليڪشن ۾ شرڪت ۽ ووٽ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته گھارو ڪراس ڪندي، پياري سليم سهتي گوگل تي ڀنڀور کي سرچ ڪيو ۽ نيٺ ٻڌايو ته ڀنڀور جو هتان فاصلو يعني گھاري کان ۱۲ ڪلوميٽر آهي. پوءِ ته سنگت جو پروگرام جڙي پيو ۽ گاڏين جو رخ ڀنڀور ڏانهن موڙي ڇڏيوسين. ائين وڃي پهريان ڀنڀور جي ميوزيم تي پهتاسين. جتي موئن جي دڙي وانگر ڀنڀور ۽ ديبل جي پوري تاريخ شيشن وارن ڪٻٽن اندر محفوظ ٿيل هئي. انهن جي مٿان ڪجهه لکڻيون پاڻ پڙهي ورتيوسين. جن جو مختصر ذڪر ڪندي ٻڌايان ته هن شهر جي کوٽائي جو ڪم ۱۹۵۸ع کان شروع ڪيو ويو، يعني موئن جي دڙي کان پوءِ- ڇو ته موئن جي دڙي جي کوٽائي وارو ڪم انگريزن جي حڪمراني واري دور ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو هيو. خير، ڀنڀور جي کوٽائيءَ کانپوءِ هن شهر کي تاريخي ورقن ۾ محفوظ ڪندي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ قديمي سيٿو پارٿي نسل جي ماڻهن وارو زمانو، بعد ۾ هندو، ٻڌ مذهب جي ماڻهن وارو زمانو، جيڪو پهرين صدي ۾ اچي ٿو، جڏهن ته ٻي صديءَ کان اٺين صدي عيسويءَ تائين مسلمانن جو دور اچي ٿو.
چون ٿا ته هي شهر اٺين صدي عيسوي کان تيرھين صدي عيسوي تائين مڪمل طور تي آباد هيو. بعد ۾ درياهه جي رخ مٽائڻ سبب هن شهر جي سونهن ۽ اهميت ختم ٿي وئي. هاڻي ڀنڀور رڳو ويران، اجڙيل، تباهه حال وارن نشانن جو مرڪز وڃي رهيو آهي. هتي رڳو هن وقت تاريخي آثار آهن. جيڪي ٽڪرين جي ۽ ديوارن جي شڪل ۾ موجود آهن. ميوزيم ۾ برهمڻ زماني جون شيون ڪوفي تحرير وارا ٿانو، چيني نقشن وارا ٿانو، سيٿو پارٿي جي دور وارا کوٽائي دوران مليل آثار، جيڪي ميوزيم ۾ محفوظ ٿيل آهن. انهن ۾ مليل پيالن، وٽين، ٿالين سميت ڪيترائي قديمي آثارن جا نشان ملن ٿا، جن تي مختلف قسم جا گل ٻوٽا چٽيل آهن. جنهن کي انگريزيءَ ۾ گريفياٽو يعني روغني ٿانوَ سڏين ٿا. ان کان علاوه اسلامي دور ۽ ان کان پهريان جون چوڙيون، مُنڊيون، مٽڪا، ڦڙيون، هٿيار، ڪوڏن جي هڏي، هاٿي جا ڏند، زيور پڻ ڀنڀور مان مليا آهن. جيڪي تمام گھڻي اهميت رکن ٿا ته سيٿو پارٿي جو پهرين صدي کان ٻي صدي تائين وارو دور ڀنڀور ۾ مليو آهي. شايد هنن پارٿين جو هن وقت ڪٿي ڪو وجود موجود هجي. ڇو ته سيٿو پارٿي قوم جون رهڻيون ڪهڻيون سمنڊ جي ڪنارن وارن علائقن سان لاڳاپيل هيون، تڏهن ته ديبل بندر به مشهور هيو.
ٻڌايو پيو وڃي ته ڀنڀور مان مليل تاريخي آثارن وارن ٿانون جا قسم ٽيڪسيلا، رنگ محل، اورنگ آباد مان پڻ مليا آهن ۽ هي جيڪي قصا ڪهاڻيون مليل تاريخي نوادرات ميوزيم ۾ محفوظ آهن، اهي پنهنجي تاريخ جي قدامت ٻڌائين ٿا. مٿي مان جيترو به تاريخ ۽ انهن جي مليل آثارن جو، نوادرات جو ذڪر ڪيو آهي، سڀ ڪجهه اتي لکيل ۽ محفوظ ڪيل آهي. پنهنجي طرفان ڪجهه به ناهي لکيو، جنهن کي مان اڄوڪي آرٽيڪل جو حصو بڻايو آهي. ڇو ته ڀنڀور سنڌ جي تمام وڏي اهميت واري تاريخ ۾ حيثيت رکندڙ ماڳ آهي. اسان ڪجهه ڪلاڪن تائين ڀنڀور جا تاريخي آثار، پٿرن واريون ديوارون، کوهه، ٿڌين هوائن وارو محفوظ ٿيل ڪمرو ۽ ٻيا آثار گھمندا وڃي ڀنڀور جي آخري حصي سمنڊ جي ڪناري تي پهتاسين ۽ ڀنڀور ۾ داخل ٿيڻ وارو مين گيٽ جا آخري نشان لنگر انداز ٿيندڙ ٻيڙين جا هنڌ پڻ گھمي ڏٺاسين. ڀنڀور شهر ۾ گھمندي اوچتو اسان جي اڳيان تيزيءَ سان هڪ نانگ گذري ويو، تڏهن مون کي لطيف سرڪار جي سر سسئي آبري جو هڪ بيت ذهن تي تري آيو.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جتي نانگ سڄن نيلا،
اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا،
جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج رهبر راهه ۾.
تڏهن ذهن جي تختيءَ تي اهي خيال اڀرڻ لڳا ته هاڻي جڏهن ڀنڀور جي ويرانين ۾ ڏينهن جو به نانگ ٿا نڪري اچن. اڄ کان ڪيتريون صديون اڳ ڪهڙيون بلائون، شينهن ۽ نانگ ڪيترا نه هوندا، جن کي لتاڙي سسئي ڀنڀور کان ڪيچ مڪران ڏانهن پنڌ ڪيا. اهي خيال ذهن ۾ سانڍي اسان جو قافلو ڪراچيءَ ڏانهن سفر ڪندي اچي ملير پريس ڪلب پهتو. جتي اتان جي صحافي دوستن مانجھاندي ۾ بريانيءَ جو اهتمام ڪيو هو پر منهنجي ذهن تي ڄڻ ڀنڀور نقش ٿي ويل هو. جيڪي خيال منهنجي ذهن مان نڪرن ئي نه پيا. تڏهن لطيف سرڪار جي سر ڪوهياري جو هي بيت جھونگارڻ لڳس؛
ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن
گھڻو پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن.
تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئين.

No comments:

Post a Comment