Monday, December 23, 2019

گورک - يونس رومي

گورک
سنڌ جو خوبصورت ماڳ
يونس رومي
دنيا جا کوڙ ملڪ آهن جن جي معيشت جو انحصار ئي سياحت تي آهي. انهن ۾ فرانس، اسپين، آمريڪا، چين، اٽلي، ترڪي ۽ فرانس وغيره شامل آهن. فرانس ۾ ساليانو ۸۲ ملين ماڻهو گهمڻ ويندا آهن ۽ دنيا جو سپر پاورآمريڪا ساليانو ۴۸۸ بلين آمدني رڳو سياحت مان ئي حاصل ڪري ٿو. ايستائين جو ڀارت به سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اسان کان اڳتي آهي. پاڪستان جي اتر وارن علائقن کي ٽوئرزم جي لحاظ کان به خاصي اهميت حاصل آهي، جتي هزارين سياح ڏيهه ۽ پرڏيهه مان گهمڻ ايندا آهن. خاص طور تي مري، ناران، ڪاغان، نيلم ويلي، سوات، قابل ذڪر آهن. عام طور تي سنڌ جا ماڻهو انهن علائقن ڏانهن سير سياحت لاءِ ڏورانهن علائقن کان سفر ڪري سنڌ جي سخت گرمي کان آجا ڪي پل گهارڻ لاءِ ويندا آهن، پر اها ڳالهه انهن کان اوجهل آهي ته سنڌ به ڪنهن علائقي جي تهذيب، ثقافت، خوبصورتي، قدرتي نظارن، درياهه، سمنڊ ،جبلن جي لحاظ کان گهٽ نه آهي.


صوفين جي سر زمين سنڌ، جتي انيڪ اوليائن جون مزارون آهن، ته ٿر جو ريگستان به آهي جتي مور پنهنجا پر پکيڙي ايندڙ ويندڙن جي سدا آجيان ڪندا آهن. موهن جو دڙو هزارين سال پراڻي تهذيب جا آثار، ڪارونجهر جا پهاڙ، مارئي جو ملير، ڪيٽي بندر، ڪينجهر جي ڍنڍ ۽ کيرٿر جابلو سلسلو به آهي، جنهن ۾ نيشنل کيرٿر پارڪ به آهي.
سنڌ جي هموار پٿريلي جابلو سلسلي ۾ کيرٿر جي هنج ۾ گورک هل به آهي. گورک هل جو هڪ تاريخي پسمنظر به آهي. ڪن محققن جي راءِ آهي ته ان جو نالو گورک ناٿ جي ڪري پيو. ڪن چيو آهي ته بلوچي لفظ گرک مان نالو پيو. کرک معنيٰ بگهڙ آهي جيڪو فارسي لفظ گرگ جو بگاڙ آهي. مشهور معروف محقق ۽ مورخ تاج صحرائي پنهنجي ڪتاب “ڍنڍ منڇر” ۾ لکي ٿو ته “گورک جي ڪري سڏي وئي” هن وڌيڪ لکيو آهي ته “ورهاڱي کان اڳ هندو جوڳي عام طور تي هن چوٽي جي زيارت لاءِ ايندا هئا. ان واٽ تي اڃا تائين عبادت جي جاءِ آهي جنهن کي تيرت ڪنب سڏيو ويندو آهي. مٿي ٽڪري تي ان ڍنڍ (چشمو) تي بيٺل مندر هو. هندو اڪثر ڪري مندر ۽ ڪنڀ جو سير ڪندا هئا ۽ پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندا هئا. ڪن محققن لکيو آهي ته گورک سنڌي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ مشڪل يا ڏکي آهي. گورک سر ڪرڻ مشڪل آهي تڏهن نالو پيو.
گورک هل اسٽيشن دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي ۾ واقع آهي، جنهن کي انگريزن جي دور ۾ ۱۸۶۰ ۾ دريافت ڪيو ويو جيڪا هڪ جابلو اسٽيشن جي حيثيت ۾ هئي ۽ ۲۵۰۰ ايڪڙن تي مشتمل گورک هل اسٽيشن دادو کان ۹۴ ڪلوميٽر ۽ سيوهڻ کان ۱۴۰ ڪلوميٽر، جوهي کان ۷۰ ڪلوميٽر ۽ ڪراچي کا ۴۵۰ ڪلوميٽرن تي واقع آهي. تاريخي ڳوٺ واهي پانڌي کان ۳۲ ڪلوميٽرن تي واقع آهي. گورک هل جي بلندي ۵ هزار ۶۸۹ فوٽ (۱۷۳۴ميٽر) آهي. گورک هل جي موسم نارمل ۲۵ ڊگري ٽيمپريچر هوندي آهي ۽ سياري ۾ ۵ سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندي آهي. گورک هل سياري جي موسم ۾ برف جي اڇي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي.
سنڌ موسم جي لحاظ کان پاڪستان جي اترئين علائقن کان گهٽ سرد آهي پر سنڌ جي ڪوهه مري گورک کي اسين اکين کان اوجهل ڪري ويٺا آهيون. گورک هل تي ڪوهه مري جيتري ٿڌ هوندي آهي، سنڌ گرمي لاءِ مشهور آهي پر ان ڳالهه جي گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌ ۾ به برف باري ٿيندي آهي. اسان کي صرف مري ۽ ٻين علائقن جي برف باري بابت ڄاڻ آهي. سنڌ ۾ برف باري ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه آهي. سنڌ ۾ سردي جي موسم ۾ صرف گورک هل ۾ ئي برف باري ٿيندي آهي.
گورک هل قدرتي نظارن سان مالامال آهي، جتي خوبصورت، مٺي پاڻي جا آبشار، تلاءَ جيڪي سڄو سال پاڻي سان ڀريل هوندا آهن، سرسبز سوين قسمن جا وڻ، پکي، جانور ۽ نه ختم ٿيندڙ جبلن جا سلسلا آهن. عام طور تي هي جابلو علائقو مري جي مقابلي ۾ آهي، پر کوڙ سارا نظارا اهڙا به آهن جيڪي مري کان به وڌيڪ خوبصورت آهن ۽ سياحن کي پنهنجي طرف ڇڪيندا آهن.
گورک هل جي وڻندڙ موسم، خوبصورت ماحول، سڀني کان وڌيڪ اهم ان جو سفر جيڪو ڪنهن ايڊوينچر کان گهٽ نه آهي پر گورک هل جو سڀ کان خطرناک کاول لڪ آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڪچا جبل آهن جتي برسات جي موسم ۾ لينڊ سلائيڊنگ به ٿيندي آهي. حڪومت ان پاسي اڃان تائين ڌيان نه ڏيئي سگهي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب ٿي سگهي ٿو. سياحت سان چاهه رکندڙ جيڪي پنهنجن علائقن کان گرمي کان بچڻ لاءِ نڪرندا آهن ته گورک تي رات جي ٿڌ انهن کي ڪوهه مري جو احساس ٿيندو آهي، رات جي ٿڌ کانپوءِ هڪ خوشگوار صبح منتظر هوندي آهي.
۱۹۸۹ع ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ صوبائي حڪومت جي ڪوششن سان ترقياتي ڪمن جي شروعات ٿي. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پڻ گورک هل جو دورو ڪيو هو، ۽ ان پروجيڪٽ جو ڪم ۱۹۸۹ع ۾ شروع ڪيو ويو هو. محترمه بينظير ڀٽو جو اهو خواب هو ته گورک هل اسٽيشن تي سنڌ جو مکيه سياحتي مقام قائم ٿئي جنهن جي باقاعده رٿابندي به ڪئي وئي هئي. ۲۰۰۵ع ۾ گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جي سالياني بجيٽ به مختص ٿيل آهي. گورک تي سياحن لاءِ ريسٽ هائوس، بجلي، پاڻي ۽ روڊن جي منصوبن تي ڪم ٿيا آهن پر نه هجڻ برابر آهن. واهي پانڌي کان گورک هل تائين ۴۵ ڪلوميٽر روڊ جي تعمير ڪئي وئي آهي سا به خسته حالت ۾ آهي. گورک هل اسٽيشن جي اربين رپين جا ترقياتي ڪم صرف فائلن تائين محدود آهن، گورک هل اسٽيشن ڏانهن جيڪڏهن ڪو ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سفر ڪري ته انهن جو هڪ رات قيام يقيني هوندو آهي.
گورک هل اسٽيشن جي ترقي جي تيز ڪوشش ٿيڻ گهرجي. ان کي جديد ٽيڪنالاجي سان استوار ڪيو وڃي، روڊ، رستا تحقيقي انسٽيٽيوٽ، علائقي جي تهذيب کي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اهم ميوزيم، چيئر لفٽ، هوٽل، بازار جو قيام، مختلف جاين ٿي مختلف پڪنڪ اسپاٽ سان گڏ پوليس پڪٽ قائم ڪيل هجن.
مطلب ته گورک کي اڃا به بهترين سياحتي مرڪز بڻايو وڃي، جيڪو هڪ جديد شهر جو ڏيک ڏئي. هتي پري کان آيل سياح علائقائي ۽ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ خوبصورتي ڏسڻ سان خوش ٿي وڃن. رستا سڀني موسمن موجب جوڙيا وڃن. امن امان کي يقيني بڻايو وڃي جيئن گورک جي سياحت کي وڌيڪ ترقي ملي سگهي، جنهن سان علائقي جي به ترقي ٿيندي.

No comments:

Post a Comment