Saturday, April 02, 2011

ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (2) الطاف شيخ


ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (2)
الطاف شيخ
ٻي وڏي لڙائي دوران، 11 جنوري 1942ع تي، جپاني فوج ڪوالالمپور تي قبضو ڪري ورتو. اٽڪل ساڍا ٽي سال کن، سڄو ملايا جپاني اثر ۽ انتظاميا هيٺ رهيو. منهنجي ڪيترن ئي اهڙن ملئي مسلمانن سان واقفيت رهي، جن انهيءَ عرصي دوران، جپانين جي قائم ڪيل اسڪولن ۾، جپاني پڙهي ھئي. ملاڪا ۾، هڪ اهڙو پوڙهو جپاني رهندو هو جو مسلمان ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اتي ئي رهيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ بعد، سنگاپور ۽ ملايا ۾ مقيم جپاني فوج جي جنرل، سائيشيرو اتاگاڪيءَ 15 آگسٽ 1945ع تي، انگريز انتظاميا اڳيان هٿيار ڦٽڪا ڪيا. هتي اهو به لکندو هلان ته؛ هن جنگ ختم ٿيڻ بعد آمريڪن، جپاني فوجين تي سندن ڪيل ظلمن خلاف، ڪيس هلايا. جنهن ۾ جنرل اتاگاڪي سخت ظالم قسم جو قاتل ثابت ٿيو. کيس ٽوڪيو جي مشهور جيل سوگامو ۾ 23 ڊسمبر 1948ع تي ڦاهي ڏني وئي. جپانين اھو جيل، يورپين ۽ انگريز فوجين ۽ شهرين کي سزا ڏيڻ لاءِ، جنگ دوران ٺهرايو هو.
هن جنگ دوران، جپانين جي سنگاپور ۽ ملايا تي قبضي ۾ حقيقت اها آهي ته، جپانين ملئي مسلمانن تي ايڏا ظلم نه ڪيا جيڏا انگريزن ۽ چينين مٿان. ڇو جو چينين، جپانين جي ڪافي مزاحمت ڪئي. هڪ اندازي مطابق، فقط سنگاپور جي ٻيٽ تي جپانين 5 هزار کان 25 هزار چيني ٽارچر ڏئي ماريا. اهو ئي حال، هنن انگريزن سان به ڪيو. جپانين جي قيد مان ورلي ڪو انگريزPOW (Prisoner of war)  بچي نڪتو ٿي. زندگي ماڻڻ وارن انگريز فوجي قيدين مان، هڪ اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جو پرنسپال ڪرنل ڪومبس پڻ هو.
1941ع ۾ ڪرنل ڪومبس کي ”137 فيلڊ ريجمينٽ“ جي پلٽون جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. کيس، پنھنجي پلٽون سميت، ملايا ۾ موجود يارهين انڊين ڊويزن سان شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جپانين سان جنگ دوران، سندس ريجمينٽ پهرين هئي. ڪرنل ڪومبس جي پلٽون جي پوزيشن، سنگاپور جي سامونڊي ڪناري (بيچ) تي هئي. 15 فيبروري 1942ع تي، سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان وارو پرنسپال ڪرنل ڪومبس، آگسٽ 1945ع تائين، ٽي سال پنج مهينا، جپانين جو قيدي ٿي رهيو. کيس شروعاتي سال کن، چانگي جيل ۾ رکيو ويو. ان بعد ٿائلينڊ جي Nangpladuk ڪئمپ ۾ POW جي حيثيت ۾ رکيو ويو.
قيد واري عرصي دوران، اسان جي پرنسپال پنهنجي ڪتاب Banpong Express ۾ پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن. ان ۾ هن، جپاني قيد اندر، جنگي قيدين جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي ته هو ڪيئن هر وقت موت جي پاڇولي ۾ زندگي گذاريندا هئا. هو پنهنجي بند جي تڪليف جي ڪهاڻي، پنن تي لکي، قيد جي رڌڻي اندر رکيل هڪ ڊرم ۾، لڪائي ڇڏيندو هو. جنهن جي آخر تائين جپاني سپاهين کي خبر نه پيئي. هن جي ريجمينٽ 9 هفتا وڙهندي رهي، پر افسوس جو هار سندن مقدر بڻي. 700 ماڻهن مان 3 آفيسر ۽ 28 سپاهي ويڙهه ۾ مارجي ويا. 184 ڄڻن کي، جپانين قيد دوران چيچلائي چيچلائي ماريو. ڪرنل صاحب، پيٽارو ۾ ڊنر تي، ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي زندگيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته؛ اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا. هو چوندو هو: ”جنگ هارائڻ جي ڪؤڙاڻ ۽ جنگي قيديءَ جي صورت ۾ بي عزتي سهڻ جهڙي ٻي ذليل ڳالهه آهي ئي ڪا نه.“ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو ته؛ ”اسان وري به خوش نصيب هئاسين جو بچي وياسين ۽ پوءِ سوڀ به ماڻيسين. تنھن ھوندي به آئون اها ئي دعا گهرندس ته؛ ”اسان جي تجربن مان ايندڙ نسل سبق سکن. جنگيون ڪري هڪ ٻي جو سک نه ڦٽائين.“ جنگ بعد ڪرنل ڪومبس کي انگلينڊ گهرايو ويو ۽ 1954ع ۾ کيس سنگاپور ۾ چيف ايڊيوڪيشن آفيسر جي حيثيت سان رکيو ويو. سنگاپور ۾ هڪ ڏينهن گاڏي هلائيندي، ڪرنل جو ڪنھن واٽهڙوءَ سان حادثو ٿي پيو، جنھن ۾ اھو ماڻهو مري ويو. ڪرنل ڪومبس، پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ڪورٽ کيس ڏوهاري بڻائي، ڇهه مهينا جيل جي سزا ڏني. جيڪا هن سنگاپور جي ان ساڳئي چانگي جيل ۾ گذاري، جنهن ۾ هو جنگي قيديءَ (P.O.W) جي حيثيت سان رهي چڪو هو.
ڪورٽ طرفان سزا ٿيڻ ڪري، ڪرنل ڪومبس جو فوجي ڪيريئر ختم ٿي ويو. ور نه ته هو هاڻ ميجر جنرل جي عهدي تي پهچڻ وارو هو. هن سوچيو پئي ته؛ ترقي ملڻ بعد ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي علائقي گرنسي جو گورنر ٿيندس. افسوس جو انھيءَ حادثي سبب، هو پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. 1957ع ۾، هو انگلينڊ پهتو ته هن اتي جي اخبار ۾، ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص جي لاءِ پرنسپال جو اشتهار  ڏٺو. ان وقت پيٽارو واري بلڊنگ، اڃا ٺهي رهي هئي. هن لنڊن مان ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. ساڳئي وقت، اسان عبرت اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا جو اشتهار پڙهي، چونڊ لاءِ فارم ڀريو. ڪرنل ڪومبس ۽ مون جهڙن شاگردن کي، هڪ ٻئي سان ملڻو هو ۽ 1958ع کان 1963ع تائين گڏ گذاريوسين. سندس ڳالهين ۽ تعليم مان مستفيض پڻ ٿياسين. بهرحال اڄ ڪوالالمپور جو ٻي وڏي لڙائي جي حوالي سان احوال لکندي، ڪرنل ڪومبس ياد اچي ويو جنهن جي انهن ڏينهن کان تنڪو عبدالرحمان سان سٺي عليڪ سليڪ هئي. ايتري قدر جو ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم ٿيڻ بعد، هڪ دفعو هو لنڊن وڃي رهيو هو ته ڪراچيءَ ۾ اسٽاپ اوور هجڻ تي، ڪرنل ڪومبس اسان ڪجهه شاگردن سان گڏ، ساڻس ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ اچڻ کانپوءِ، ڪرنل ڪومبس جي حوالي سان، تنڪو صاحب سان منهنجيون ملاقاتون پڻ سندس وفات تائين جاري رهيون. هن هميشه اسان جي پرنسپال لاءِ، عزت ۽ قرب جو اظهار ڪيو ٿي.
جنگ جي ڪري سڄي ملايا جي معاشي حالت خراب ٿي پئي. انگريزن نه فقط ڪوالالمپور کي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿي پر پنهنجي لنڊن کي به پيرن تي بيهارڻ چاهيو ٿي. چوڌاري بيروزگاري، کاڌي جي کوٽ ۽ مهانگائي عروج تي هئي.
مڪاني ماڻهن چاهيو ٿي ته؛ جپانين سان گڏ انگريز به هليا وڃن. ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويڙهاڪ ڊويزن MNLA (ملاين نئشنل لبريشن آرمي) انگريزن سان گوريلا جنگ جوٽي، جيڪا 1948ع کان 1960ع تائين هلي. ان کي انگريز، ملاين ايمرجنسي سڏڻ لڳا. 1957ع ۾، ملايا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. 1963ع ۾ ملايا بورنيو ٻيٽ جي ٻن رياستن سباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي، هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. ٻن سالن بعد، 9 آگسٽ 1965ع تي، سنگاپور ملائيشيا مان نڪري الڳ ملڪ ٺاهيو.
ملائيشيا ۾ 10 سيڪڙو کن انڊين ۽ ٻين قومن جا ماڻهو رهن ٿا. باقي 90 سيڪڙو ۾ اڌواڌ ملئي مسلمان ۽ چين کان آيل چيني رهن ٿا. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد، ملئي ۽ چينين جي پاڻ ۾ اڻ بڻت وڌڻ لڳي. ايتري قدر جو 13 مئي 1969ع تي ٻنهي ڌرين، ڪوالالمپور ۾ خوب مار ماران ڪئي. اٽڪل 200 کن ماڻهو، شهر جي گهٽين ۾ مارجي ويا. ان بعد قاعدا قانون سخت ڪيا ويا. اڄ تائين وري اهڙو واقعو رونما نه ٿيو آهي.
1978ع کان ڪوالالمپور، سڄي ملڪ جو گاديءَ جو شهر قرار ڏنو ويو. سريمبان رياست جو، ’شاهه عالم‘ شهر، گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. شاهه عالم، مسجدن، باغن ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. سندس هڪ آڳاٽي ڪاليج ۾، جيڪو پوءِ يونيورسٽي بڻيو، اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي پڙهائڻ جو شرف حاصل آهي. پاڻ پهريون سنڌي شاگرد آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ صاحب بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. هن وقت سندس ٻه ڀائيٽا ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر آهن. هڪ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ، جيڪو دل جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر عديل جيڪو آرٿوپيڊڪ سرجن آهي.
ڪوالالمپور، جيتوڻيڪ سلينغور رياست جي وچ ۾ آهي، پر کيس فيڊرل ٽيريٽري سڏيو وڃي ٿو. 2001ع کان،، سلينغور جو هڪ ٻيو شهر پتراجايا پڻ، فيڊرل حڪومت ۾ اچي ٿو. اھو شهر، ڪوالالمپور کان ڪجهه ٻاهر-ڀرو ٺاهيو ويو آھي، جتي فيڊرل حڪومت جون انتظامي آفيسون ۽ عدالتون ٺاهيون ويون آهن. ڪوالالمپور کي پتراجايا سان اليڪٽرڪ گاڏين ۽ بسين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي. جيئن ڪنهن کي به سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار هجي ته هو سولائيءَ سان اتي پهچي سگهي. ملڪ جي وزيراعظم جو گهر توڙي آفيس به، پتراجايا ۾ آهي. سڀ وزير ۽ ڪامورا، هڪ ئي هنڌ موجود رهن ٿا. هونئن به، ملائيشيا جا ماڻهو نوڪريءَ کان گسائين نٿا. هو ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏين ٿا. ملڪ جو وزيراعظم به ڏيھاڙي صبح جو اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي. ڇو جو کيس به، هر سرڪاري پگهار کڻندڙ ملازم وانگر، پوري ٽائيم تي اچڻ ۽ موڪل تائين آفيس ۾ حاضر هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ، ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوي ٿو.
پارليامينٽ هائوس ۽ بادشاهه جو محل، ڪوالالمپور ۾ ئي آهن. ڪوالالمپور جو انتظام هلائڻ جو ڪم، ميئر حوالي آهي، جيڪو لارڊ ميئر ۽ ملئي زبان ۾ ”داتڪ بندر“ سڏجي ٿو. پارليامينٽ، ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ House of Representatives جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ديوان رعيت“ سڏين ٿا ۽ ٻيو House of senate جيڪو ”ديوان نگارا“ سڏجي ٿو.
سلنغور رياست جي وچ ۾، فيڊرل حڪومت جا شهر ڪوالالمپور ۽ پتراجايا آهن. منجھانئس ڪلانگ ندي پڻ وهي ٿي. اھا ڊيگهه ۾ 120 ڪلوميٽر کن ٿيندي. هن نديءَ وارو علائقو، ڪلانگ وئلي يعني ڪلانگ ماٿري سڏجي ٿو. ڪلانگ ندي، بندرگاهه وٽ، ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رستي تي ساڻس ٻيون يارهن نديون پڻ ملن ٿيون. منجھانئن ڪجهه هن ريت آهن؛ گومباڪ ندي، باتو ندي، دمن سارا ندي، ڪيروح ندي، پينچالا ندي، ائمپنگ ندي.
نديءَ کي ملئي زبان ۾؛ سنگائي سڏجي ٿو. ان حساب سان سندن نالا آھن سنگائي گومباڪ، سنگائي باتو.... وغيره. جتي گومباڪ ندي، ڪلانگ نديءَ سان ملي ٿي، اتي ڪوالالمپور آهي. ان کانپوءِ هيءَ ندي پتلانگ جايا شهر جي ڏکڻ مان گذري ٿي. اڳتي هلي ڪلانگ، سلنغور رياست جي گاديءَ واري شهر، ”شاهه عالم“ مان گذري ٿي. سلنغور جو شهر ڪلانگ، هن نديءَ جي بلڪل پُڇڙ وٽ آهي. ان بعد اھا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.



No comments:

Post a Comment