Thursday, April 21, 2011

مون سي ڏٺا ماءُ - الطاف شيخ



مون سي ڏٺا ماءُ
الطاف شيخ
ڪئالالمپور ۾، 132 جالان ائمپنگ تي پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني ۾ مٽياري جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز سان خبرون ڪرڻ بعد اٿيس ٿي ته هن نيول اٽيچي سان به ملڻ لاءِ چيو.
”گذريل دفعي توهان آيا هئائو ته ان آفيس ۾ ان وقت جي نيول اٽيچي سان فوٽو ڪڍرايا هئا.“ ڊاڪٽر امتياز قاضيءَ چيو.
”ان کي ته ڪافي عرصو ٿيو، توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”توهان جا ملائيشيا وارا ڪتاب اسان جي لئبرري ۾ آهن. ان مان هڪ ”ملائيشيا ڪي دن“ ۾ توهانجو هن سان گڏ فوٽو آهي.“
”پوءِ هلو ته هاڻ پاڻ به اتي فوٽو ڪڍرايون.“ مون چيو ۽ اسان هلڻ لڳاسين. رستي تي ڊاڪٽر امتياز کان هاءِ ڪمشنر (سفير) جو پڇيم؛ ”اڃا پهريون وارو فوجي آهي يا ڪو ڊپلومئٽ به آيو آهي؟“
”مسعود خالد آهي.“ ڊاڪٽر امتياز ٻڌايو.
”ڏاڍو سٺو.“ مون چيو.
”توهان جي وافقيت آهي؟“
”نه ڪا گهڻي ناهي. آئون ان ڪري سٺو ٿو چوان جو ملائيشيا جي حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته سفارتخانن ۾ ڊپلومئٽن بدران فوجي جرنيل هجن.“
ڊاڪٽر امتياز کي ٻڌايم ته؛ ”1992ع ۽ 1993ع وارن سالن ۾، منهنجي مسعود خالد سان ٻه ڄار دفعا ملاقات ٿي هئي، جڏهن هو اسانجي لنڊن واري سفارتخاني ۾ هو. اسان سئيڊن ۾ هوندا هئاسين، جتان IMO جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ لنڊن ايندا هئاسين.“
اسان مٿئين فلور تي، مين هال ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين. اتفاق اهڙو ٿيو جو ان وقت، سفير صاحب پنهنجي آفيس مان نڪري، ڪيڏانهن ٻاهر وڃي رهيو هو. امتياز منهنجو ٻڌايس ته هو اتي ئي ترسي خبر چار ڪرڻ لڳو ۽ ٻئي ڏينهن ملڻ جو پروگرام رکيوسين.
مسعود خالد، مون کان 10 سال کن ننڍو آهي. انٽر نيشنل رليشن ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، 1979ع ۾ فارين سروس ۾ نوڪري شروع ڪيائين. لنڊن کان علاوه نيويارڪ، تاشقند ۽ سيول (ڪوريا) ۾ پڻ رهيو آهي. هاڻ ڪئالالمپور ۾ آهي. پر سندس ڳالهين مان لڳو ته کيس ڪنهن ٻي اهم پوسٽ تي موڪليو پيو وڃي ۽ هتي جو سفير (هاءِ ڪمشنر) ڊاڪٽر امتياز قاضي ٿي رهيو آهي. ساڻس وڌيڪ خبر چار نه ٿي سگهي. ڇو جو ٻئي ڏينهن مون کي ملاڪا وڃڻو پئجي ويو.

اسان ڪموڊور زاهد اڪرم جي ڪمري ۾ اچي ويٺاسين. هو ٻن سالن کان هتي ڊفينس ائڊوائيزر آهي. زاهد مون کي بيحد سلڇڻو، ذهين ۽ دنيا جي ڄاڻ رکڻ وارو لڳو. ڀر واري ٽيبل تي رکيل ڪٽليءَ ۾ پاڻي ٽهڪي رهيو هو. اسان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي، سندس خاني مان چانهه جون پڙيون، پائوڊر وارو کير ۽ ڪئنڊرل جون گوريون ڪڍي، چانهه ٺاهي پيئڻ لڳاسين. گڏوگڏ دنيا جهان جون خبرون پڻ ڪرڻ لڳاسين، خاص ڪري نيويءَ جي آفيسرن جون، جيڪي اسان ٻنهي جا سڃاڻو هئا. ائڊمرل وقار سڪندر جي ڳالهه نڪتي ته مون کين 25 سال اڳ جون ڳالهيون ٻڌايون، جڏهن وقار ڪمانڊر هو ۽ هتي هن آفيس ۾ نيول اٽيچي ٿي آيو هو. مون کين ٻڌايو ته هو پاڻ سان هڪ پنجابي ڳوٺاڻو نوڪر وٺي آيو هو. ڪمانڊر وقار کي جاگنگ ۽ پي ٽي ڪرڻ جو ايڏو شوق هوندو هو جو پاڻ سان گڏ نوڪر کي به صبح جو سوير اٿاري ڊوڙائيندو هو. دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ آيل هي نوڪر، ٻن مهينن بعد توباھون ڪندو وطن موٽي ويو. مون کين ٻڌايو ته ملاڪا کان ڪوالالمپور آئون ايندو هوس ته ڪڏهن ارشاد عباسي (پريس سيڪريٽري) وٽ رهندو هوس ته ڪڏهنPIA  جي مئنيجر اسرار شاهه وٽ. ڪمانڊر وقار اسان کي وڏي خلوص سان دعوت ڏيندو هو. کارائڻ پيارڻ ۽ گهمائڻ ڦيرائڻ جو به مڙس ماڻهو هو. پر صبح جو سوير جيڪو جاگنگ لاءِ اٿاريندو هو، ان ڪري اسان سندس گهر ۾ رهڻ کان ڀڄندا هئاسين.
ڪمانڊر وقار بعد ۾ ڪئپٽن، ڪموڊور ۽ ائڊمرل ٿيو. ڪامڪار يعني ڪمانڊر ڪراچي به ٿيو ۽ منهنجيPNSC  مان رٽائرمينٽ بعد، پي اين ايس سي جو چيئرمين به ٿيو. ساڻس اڃا تائين سلام دعا هلندي اچي. اڙدو اخبار ۾ منهنجو ڪو ڪالم پڙهندو آهي ته يڪدم ٽيليفون ڪندو آهي يا Email ڪندو آهي.
ملائيشيا ۾ تعليم جي ميدان ۾، زبردست ترقيءَ جي ڳالهه اچي نڪتي ته، 30 سال کن اڳ تائين به هتي ايترا تعليمي ادارا نه هئا. انٽر پاس ڪرڻ بعد، هتي جا نوجوان، پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا جو رخ رکندا هئا. جڏھن ته هاڻ هتي هر قسم جا تعليمي ادارا آهن. انهن ۾ وري پڙهائيءَ جو معيار ايڏو ته مٿانهون آهي، جو هاڻ ڌارين ملڪن جا شاگرد به اچن ٿا. هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾، اسان جي ملڪ جا ڪيترا ئي شاگرد، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.
علي سولنگي ۽ ڊاڪٽر امتياز قاضي ڪجهه انهن پاڪستاني شاگردن جا نالا کڻڻ لڳا، جن هتي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري، پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. انهن نالن ۾ ھڪڙو نالو ڊاڪٽر عبدالله ساند جو به نالو آيو، جنهن کي مون به سڃاتو ٿي. گذريل دفعي، ملائيشيا آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾، هو جوهور رياست جي شهر سڪڊائي(Sukdai)  جيUTM  يونيورسٽيءَ مانPh.D.  ڪري رهيو هو. هونئن پي ايڇ ڊي لاءِ گهڻو ڪري ست سال هوندا آهن. ڪي شاگرد ڪوشش ڪري، چئن پنجن سالن اندر ڪري وٺندا آهن. جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالله ساند، فقط ٽن سالن ۾Ph.D.  ڪري ورتي. سندس محنتي ۽ ذهين هجڻ جو اعتراف، هتي جا پروفيسر به ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالله ساند، اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ نئين کليل، قائد عوام انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال آهي. سندس زندگيءَ تي ڪجهه سٽون، هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس زندگي؛ محنت ۽ پورهئي جي ڪهاڻي آهي، جدوجهد ۽ پختي عزم جي عڪاسي آهي.
ڊاڪٽر عبدالله ساند اڏيري لعل جي ڀر ۾ ”هاشم ساند“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾، محترم قبول ساند جي گهر ۾ 11 آڪٽوبر 1961ع تي جنم ورتو. سندس ڏاڏو، جنهن جو نالو پڻ عبدالله هو، جيتوڻيڪ مڇيءَ ماني وارو هو ۽ کيس پنهنجي زمين به هئي، پر سندس وفات وقت خانداني حالتون ڪجهه اهڙيون ٿي ويون جو عبدالله جي پيءُ قبول کي ڪجهه به نه ملي سگهيو. سڄي عمر سخت غربت ۾ ڪاٽي، ھو 2004ع ۾ وفات ڪري ويو. پر اهو آهي ته هو پٺيان ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ويو. اھو اھو ته؛ کڻي ڪيڏيون به ڏکيون حالتون هجن، پر هڪ انسان جيڪڏهن پڪي عزم سان محنت ۽ جفاڪشي ڪري ٿو ته هو پنهنجن خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري سگهي ٿو. قبول ساند صاحب جا ڇا خواب ۽ خيال هئا، اهي ڪنهن کان ڪي لڪل نه هئا. هن چاهيو ٿي ته سندس اولاد پڙهيل لکيل ٿئي. جيتوڻيڪ پاڻ فقط ست درجا سنڌي جا پڙهيو (جنهن کي تن ڏينهن ۾ ڪاميٽيءَ جو امتحان سڏبو هو) پر سندس اٿڻي ويهڻي سلجهيل ماڻهن سان هئي. سندس سوچ پازيٽو هئي. اڏيرو لعل جي آس پاس جا ماڻهو، ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته ڳوٺ هاشم ساند جي رهاڪو قبول ساند ڪيئن پورهيا ۽ مزوري ڪري، پنهنجن چئن پٽن کي پڙهايو. ڪيئن بکون ڪاٽي ٻارن جي اسڪول جون فيون ڏنيون. ڊاڪٽر عبدالله ساند پنهنجيPh.D.  جي ٿيسز پنهنجي والد کي منسوب ڪندي، مون کي ٻڌايو ته؛ ”سائين اڄ جيڪي ڪجهه آهيان، اهو پنهنجي پيءُ جي ڪري آهيان. نه رڳو تعليم پر محنت، ايمانداري، جدوجهد جهڙيون شيون، مون کي والد کان ورثي ۾ مليون.“


ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته ”اڄ به منهنجي اکين اڳيان، پنهنجي والد جو چهرو سامهون ٿو اچي ته هو ڪيئن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪاٺيون ڦوڙي، ڀر واري شهر ۾ وڪڻڻ ويندو هو. سيارو هجي يا اونهارو، سخت مينهن ھجي يا واچ، هو پنهنجي ڳوٺ کان پيرين پنڌ، ريلوي اسٽيشن تي ويندو هو ۽ رات جو موٽندي کيس ڪڏهن ڪڏهن آڌي رات ٿي ويندي هئي. هن اهو ئي چاهيو ٿي ته اسين ڀائر تعليم حاصل ڪري، پڙهيل ڳڙهيل سڏايون.“
ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته هو اڃا ڇهين ڪلاس ۾ هو ته سندس والد کيس تقرير ڪرڻ سيکاري. هيمشه اسان کي چوندو هو ته پاڻ سان آٽو گراف بڪ رکندا ڪريو ۽ ڪنهن به اهم شخصيت سان ملاقات ٿئي ته ان کان آٽو گراف وٺندا ڪريو. مون پهريون آٽوگراف 1967ع ۾ امير علي شاهه ڄاموٽ کان ورتو، جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ هوس. اسان جي ڀر واري شهر ”اسٽيشن وهاب شاهه“ ۾ هڪ سياسي جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ مهمان خصوصي طور مٽيارين جو امير علي شاهه ڄاموٽ آيو هو. هو صاحب، انهن ڏينهن ۾ ريلوي جو وزير هو. منهنجي تقرير کين ۽ جلسي ۾ آيل ماڻهن کي ڏاڍي وڻي.
ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته؛ ”منھنجي والد کي ڏاڍو شوق هو ته آئون نه فقط حيدرآباد ۾ پڙهان پر اتي جي ماڊل اسڪول ۾ پڙهان، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪئمپس ۾ آهي. منهنجو پيءُ مون کي اتي وٺي هليو، پر اسڪول جي انتظاميه مون کي داخلا ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هنن جي ڳالهه به صحيح هئي ته هن اسڪول جي في ڳري آهي، پر منهنجو پيءُ جنهن هن اسڪول جي تعريف ٻڌي هئي، اهو پنهنجي ضد تي قائم رهيو ته هو ڏينهن رات محنت مزوري ڪري به کين هر مهيني جي پهرين تاريخ اسڪول جي في پهچائيندو. بابا کين اهو به چيو ته جيڪڏهن هنن داخلا نه ڏني ته هو مون کي پوءِ ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ به نه پڙهائيندو. ان هوندي به اسڪول وارن داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ٻاهر نڪري ڳوٺ ٿي موٽياسين ته بابا کي ڪجهه ياد اچي ويو ۽ مون کان پڇيو ته آٽو گراف بڪ اٿئي؟ اهو مون وٽ هر وقت کيسي ۾ رهيو ٿي. بابا ڳوٺ موٽڻ جو ارادو لاهي امير علي شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي آيو ۽ هن کي سندس آٽو گراف ڏيکاري ٻڌايو ته هي اهو ئي ڇوڪرو آهي، جنهن جي توهان تعريف ڪئي ته هي ذهين شاگرد آهي، پر اڄ هن کي اسڪول وارا داخلا نٿا ڏين. امير علي شاهه ڄاموٽ سڄي ڳالهه ٻڌي اسڪول وارن کي فون ڪيو ۽ مون کي يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ داخلا ملي وئي.“
ڊاڪٽر عبدالله ساند، ماڊل اسڪول مان مئٽرڪ 1978ع ۾ ۽ انٽر 1980ع ۾ ڪرڻ بعد، مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج نوابشاهه ۾ داخلا ورتي. جتان 1986ع ۾ بي اي (سول انجنيئرنگ) جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد اتي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو تعليمي ادارو هاڻ قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي سڏجي ٿو. ھن 1987ع کان وٺي 2010ع تائين، انھيءَ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر کان پروفيسر تائين ڪم ڪيو، جنهن وچ ۾ 1995ع ۾ اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾M.E.   ڪيائين، جنهن لاءِ هن ڏيڍ سال ترڪي جي انقره يونيورسٽيءَ ۾ به گذاريو. بعد ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ملائيشيا جي مشهور يونيورسٽي UTM (يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا) ۾ نومبر 2004ع ۾ داخلا ورتائين. اھا يونيورسٽي، ملائيشيا جي ڏاکڻي رياست ’جوهور‘ جي سُڪدائي شهر ۾ آهي. سُڪدائي (Skudai) جوهور بارو شهر کان 16 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي (UTM) هتي جي پراڻي انجنيئرنگ يونيورسٽي آهي، جتي ايڊيوڪيشن، مئنيجمينٽ، هيومن ريسورسز ڊيولپمينٽ لاءِ الڳ Faculties آهن. ملائيشيا جا ڪيترا ئي انجنيئر هن يونيورسٽيءَ جا گريجوئيٽ آهن. ڊاڪٽر عبدالله هتان Ph.D. ڪرڻ بعد به ٻه سال کن نوابشاهه ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو، ان بعد لاڙڪاڻي ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کلڻ تي، کين هن ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته؛ ڊاڪٽر عبدالله جي ٽن ڀائرن مان ٻه انجنيئر ۽ هڪ ڊاڪٽر ٿيو. عبدالله بعد ڊاڪٽر عبدالغفار ڪراچيءَ ۾ ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، ان بعد عبدالستار اليڪٽريڪل ۾ B.E. ڪئي ۽ نوابشاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ خدا بخش، مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E. ڪئي. هو دبئي ۾ ڪوريا جي هنڊائي ڪمپني ۾ انجنيئر هو، پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالله کي هڪ ٻار صدف نالي ڌيءَ آهي، جيڪا هينئر انٽر ۾ آهي. ڊاڪٽر عبدالله جي Ph.D. دوران فئملي به هن سان گڏ رهي ٿي ۽ سندس ڌيءَ ماشاءَ الله ايتري ذهين آهي جو هوءَ هتي جي ملئي زبان fluently ڳالهائي سگهي ٿي. ڊاڪٽر عبدالله کي ادب ۽ خطاطي سان به دلچسپي آهي. سندن ڪالم، ڪڏهن ڪڏهن سنڌي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ سندن خطاطي (Calligraphy) جو ڪم به تعريف جوڳو آهي. پاڻ ٻڌايائين ته هو جڏهن ماڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ان وقت جي ڊرائنگ ٽيچر جي سٺي هئنڊ رائيٽنگ ڏسي، هن جو ان طرف شوق پيدا ٿيو. هن ٻڌايو ته هو اڄ به ان اسڪول جا ڪجهه سٺا ٽيچر ياد ڪندو آهي، جن جي ٽيچنگ پروفيشن سان سچائي ۽ Devotion کي هو به فالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن؛ عبدالله سمون، اسماعيل پهوڙ، هالا جو احمد پٽ يوسف جو ۽ عبدالرحمان ميمڻ وغيره.
اڳئين دفعي منهنجو جڏهن ملائيشيا اچڻ ٿيو هو ته ان وقت ڊاڪٽر عبدالله سُڪڊائي ۾ پي ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ رهيل هو. کانئس علاوه ٻيا به ڪيترا ئي اسان جي ملڪ جا شاگرد ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا هئا. هڪ ته نور احمد ميمڻ هو جيڪو هينئر قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ آهي. اسريٰ يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر سهيل قاضي، خضدار وارو ڊاڪٽر در محمد سومرو، مهراڻ يونيورسٽيءَ وارو پروفيسر ڪامران انصاري ۽ ٻيا به ڪيترا ئي هئا. ٽي چار ته فقط منهنجي ڳوٺ هالا جا هئا. جهڙوڪ ڊاڪٽر زبير ميمڻ، آفتاب ميمڻ ۽ اسان جي مرحوم پياري دوست انجنيئر عبدالعزيز بَنا جو پٽ نعيم ميمڻ وغيره. نعيم ۽ سندس زال قرةالعين ان وقت اتان ماسٽرس ڪري رهيا هئا. نعيم، انجنيئرنگ ۾ ته سندس زال ايڊوڪيشن ۾. نعيم، اڄڪلهه انگلينڊ جي ناٽنگهام يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪري رهيو آهي. قرة العين جو والد ڊاڪٽر يعقوب ميمڻ جيڪو نعيم جو چاچو به ٿئي، حيدرآباد ۾ گورنمينٽ سرجن آهي. نعيم جي والد انجنيئر عبدالعزيز (بَنا) جو جيتوڻيڪ ننڍي هوندي انتقال ٿي ويو، پر سندس ٻار پڙهيا ۽ انجنيئر ڊاڪٽر ٿيا ۽ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي (Merit) تي مختلف ملڪن ۾ نوڪريون حاصل ڪيائون.
نعيم جا باقي ٻه ڀائر، ڊاڪٽر فهيم ۽ وسيم ۽ هڪ ڀيڻ شاهده اڄ ڪلهه مالديپ (Maldives) ۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر فهيم، ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي ۽ فهيم سنڌ يونيورسٽي مان  MBA  ڪئي. نعيم جو ڏاڏو ”چاچو ممن“ سڏبو هو. کيس هالا جي شاهي بازار ۾ گاجڻين جي گهٽيءَ وٽ ڪپڙي جو دڪان هو. نعيم جو پيءُ عبدالعزيز بَنا ۽ چاچو سرجن يعقوب جيڪي اسان کان گهڻو ننڍا هئا، اڪثر پنهنجي پيءُ جي دڪان تي نظر ايندا هئا. اهي پنجاهه واري ڏهي جا آخري سال هئا، جڏهن آئون اٺين، نائين ڪلاس ۾ هوس. ان بعد منهنجي هڪ دفعو 1970ع ۾ عبدالعزيز سان ڪراچي جي ميٺارام هاسٽل ۾ ملاقات ٿي، جڏهن هو NED مان انجنيئرنگ ڪري رهيو هو. کيس ۽ سندس ڪجهه ڪلاس ميٽن کي آئون پنهنجي جهاز تي وٺي آيو هوس. جهاز گهمڻ ۽ لنچ کائڻ بعد هو واپس هليا ويا. ٻئي ڏينهن اسان جي جهاز جي Sailing هئي. سالَ ٻن بعد، اسان جو جهاز ڪراچي آيو ته هو B.E. ڪري چڪو هو ۽ سکر روهڙي پاسي سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. پوءِ سال ٻن بعد، سندس حادثي جي خبر پيئي ته هو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي.
مرحوم انجنيئر عبدالعزيز جو والد ۽ ٻه چاچا: سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف اسان جي ڀر واري گهٽي ”ڪَڪَا محله“۾ رهيا ٿي. هالا اسڪول جو شايد ئي ڪو شاگرد هجي جو سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف کي نه سڃاڻندو هجي. هو قابل ۽ محنتي استاد هئا. هنن هر شاگرد کي مٿانهين ليول تي ڏسڻ چاهيو ٿي. کين پنهنجي درس تدريس واري پيشي سان عشق هو. ڪنهن شاگرد جو فيل ٿيڻ ته ڇا گهٽ مارڪن سان پاس ٿيڻ کي به هنن پنهنجي بي عزتي سمجهيو ٿي. هنن هر شاگرد کي پنهنجو اولاد سمجهيو ٿي. منهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ماستريءَ ۾ گذريو آهي. اڄ جي ٽيچر کي اهي مشڪلاتون نه آهن، جيڪي اڳ ۾ هيون. اڄ پڙهائڻ جا سائنسي طريقا ۽ اوزار (Audio Visual Aids) ايترا ٿي ويا آهن جو پڙهائڻ ۾ ايتري مغز-ماري نٿي ڪرڻي پوي ۽ هو پنهنجي ڳالهه يڪدم شاگرد کي سمجهايو وٺن. مون کي حيرت ٿي ٿئي، سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف جهڙن استاد محترمن تي، جيڪي ان دور ۾ فقط ۽ فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ ذريعي، ٻارن کي تعليم ڏيندا هئا. اهو ئي درس و تدريس جو ڪم، سائين عبداللطيف جو پٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمود قائم رکندو اچي. محمود M.E. ۽ Ph.D. انگلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ سندس شروع کان نوابشاهه جي قائدِ عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي سان واسطو هلندو اچي. سندس ڄم جي تاريخ پهرين مارچ 1952ع آهي. سندس ڌيءَ شهناز به B.E. اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد هاڻ M.E. ڪئي آهي. شهناز جي گهوٽ عبدالرشيد جي ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمود جي باقي ٽن ڀائرن مان، ننڍي ڀاءَ عبدالفتاح B.E. سول انجنيئرنگ ۾ ڪئي ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿو، باقي وچ وارا ٻه ڀائر ڊاڪٽر عبدالله ۽ ڊاڪٽر غلام قادر ميڊيڪل جا ڊاڪٽر آهن. کين هڪ ڀيڻ قزبانو آهي، جيڪا پنهنجي وڏي ڀاءُ محمود ۽ والد صاحب (سائين عبداللطيف) وانگر درس و تدريس جو ڪم ڪري ٿي. پاڻ M.A. ڪرڻ بعد ٽيچر ٿي. اڄڪلهه گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا جي هيڊ مسٽريس آهي.




No comments:

Post a Comment