Friday, April 29, 2011

ملائيشيا جو نوابشاهه: شاهه عالم - الطاف شيخ


ملائيشيا جو نوابشاهه: شاهه عالم
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان شاهه عالم ۾ ملڻ جو احوال ڪيو. شاهه عالم جو ٻڌي اسان جا ڪيترا ماڻهو منجهي پوندا آهن. هو ان کي شهر جو نه پر ماڻهوءَ جو نالو سمجهندا آهن، جيئن منهنجا ڪيترا پشاور جا دوست نواب شاهه جو لفظ ٻڌي سمجهندا آهن ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي. مون اهو به ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترا پاڪستاني جيڪي شاهه عالم ۾ رهن ٿا، اهي پنهنجي وطن ۾ اهو ئي ٻڌائيندا آهن ته هو ملائيشيا ۾ ڪئالالمپور ۾ رهن ٿا. دراصل هي ٻئي شهر هڪ ٻئي جي ائين ويجهو آهن، بلڪ مليا پيا آهن، جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد يا جيئن روهڙي ۽ سکر، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد. ڌارين ملڪن جا ماڻهو شاهه عالم شهر کان ايترو واقف نه آهن جيترو ڪئالالمپور کان.
هتي مختصر طور ملائيشيا جي هن اهم شهر ”شاهه عالم“ بابت لکان ٿو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا آهن ۽ اسان جا ڪيترا ئي ماڻهو، بلڪ سڀ کان گهڻا، شاهه عالم ۾ رهن ٿا. ان بعد ٻئي نمبر تي ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو شهر آهن.

 
ڪئالالمپور ائين آهي، جيئن اسان وٽ اسلام آباد. جيئن اسلام آباد جاگرافيائي طور پنجاب صوبي ۾ هجڻ جي باوجود سياسي ۽ انتظامي طرح ڪنهن به صوبي سان گڏ ناهي بلڪ ”فيڊرل ڪئپيٽل“ آهي، تيئن ڪئالالمپور سلينگور رياست جي وچ ۾ هجڻ جي باوجود هن کان الڳ آهي ۽ هن تي ملائيشيا جي سڀني رياستن جو حق آهي، ان ۾ ملڪ جا فيڊرل وزير، وزيراعظم، اعليٰ ڪورٽن جا جج، اعليٰ فوجي عملدار ۽ انهن جون آفيسون آهن. ملڪ جي بادشاهه جو محل به ڪئالالمپور ۾ آهي. ياد رهي ته ملائيشيا ملڪ ائين ٻن حصن ۾ آهي، جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان هو. ملائيشيا جو پاڪستان وانگر هڪ حصو ويسٽ ملائيشيا سڏجي ٿو، جيڪو اسان کي ويجهو آهي ۽ اسان جي اوڀر ۾ انڊيا، ان بعد بنگلاديش، برما ۽ ٿائلينڊ جي ڀرسان آهي. ٿائلينڊ جي ڏکڻ واري ڇيڙي کان هي ويسٽ ملائيشيا شروع ٿئي ٿو ته سنگاپور ٻيٽ سان وڃيو لڳي. ان بعد ڏکڻ چيني سمنڊ آهي جو اڳيان پئسفڪ وڏي سمنڊ سان وڃيو لڳي. جتان پئسفڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو، اتي فلپين جا ننڍا وڏا هزارين ٻيٽ آهن ۽ اتي ئي انڊونيشيا جو بورنيو نالي هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هن ٻيٽ جي اتر ۾ ٽي رياستيون آهن، جن مان ٻه وڏيون صباح ۽ سراوڪ ٻئي ملي مشرقي ملائيشيا سڏائين ٿيون ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي رياست ”برونائي“، 1984ع کان هڪ خودمختيار ملڪ آهي. ويسٽ ملائيشيا، ايسٽ ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا جي سڀني ٻيٽن (جاوا سماترا کان بالي تائين) هڪڙي ئي زبان ملئي ڳالهائي وڃي ٿي، پر ملائيشيا جا ماڻهو ان کي بهاسا ملائيشيا يعني ملائيشيا جي زبان (ڀاشا) سڏين ٿا ته انڊونيشيا وارا ان کي ”بهاسا انڊونيشيا“ سڏين ٿا. ڪٿي ڪٿي ڪجهه لفظن جي ٽون ۽ اچار ۾ فرق ضرور آهي، جيئن حيدرآباد پاسي جا ماڻهو کٽون يا ٽنگون چوندا ته شڪارپور پاسي جا کٽان ۽ ٽنگان چوندا. اسان ڇانهين ۽ آچار چونداسين ته ادل سومري ۽ اياز گل وارا ان کي هنداڻو ۽ سانڌاڻو سڏيندا.
سڄي ملائيشيا ۾ڪل 13 رياستون آهن، جيئن اسان وٽ چار صوبا آهن. انهن 13 رياستن مان 9 ۾ سلطان آهن، جيڪي اڄ به پنهنجي پنهنجي رياست جا ”ابا امان“ آهن. باقي چئن رياستن صباح، سراوڪ ۽ ويسٽ ملائيشيا ۾ پينانگ ۽ ملاڪا جو وڏو ”گورنر“ مقرر ڪيو وڃي ٿو. اهي چار رياستون شروع کان انگريزن حوالي هيون. ڪو زمانو هو جو  هر هڪ رياست هڪ الڳ الڳ ملڪ وانگر هئي، جنهن تي ڪنهن نه ڪنهن سلطان جو راڄ هو. پوءِ يورپ جون قومون آيون، جن مڪاني سلطانن کي ويڙهائي يا چَٺ ۽ لٺ ڏيکاري سنئون سڌو يا اڻ سڌي طرح حڪومت ڪئي. هن پاسي ڊچ، پورچو گالي ۽ ان بعد آخر ۾  انگريز آيا.
ملائيشيا جي تاريخي، ۽ ماضي ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکڻ واري رياست، ملاڪا تي به پهرين ڊچن جو، ان بعد پورچو گالين جو ۽ پوءِ انگريزن جو راڄ رهيو. آخر ۾ انگريزن ڊچن کي ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺي اڄ واري ملائيشيا پنهنجي حوالي ڪئي ۽ جنهن کي پاڻ انڊونيشيا سڏيون ٿا، ان جا ٻيٽ: جاوا، سماترا، بورنيو، بالي وغيره ڊچن حوالي ڪيا. انهن ڏينهن ۾ جيئن سنڌ الڳ هڪ ملڪ سمجهيو ويندو هو، تيئن جاوا، سماترا، ملاڪا، پيراق ۽ سلينگور وغيره الڳ ملڪ سمجهيا ويا ٿي. ان ڪري ته شاهه لطيف به پنهنجن شعرن ۾ انڊونيشيا يا يمن بدران جاوا ۽ عدن جو ذڪر ڪيو آهي. جيئن اڄ کان سؤ سال اڳ ”سعودي عرب“ ڪنهن نه ٻڌو هو. مڪي ۽ مديني واري علائقي کي حجاز سڏبو هو.
بهرحال اڄ واري ملائيشيا جون پيراق، سلينگور، پهانگ جهڙيون رياستون انگريز حڪومت جي هٿ چڙهي ويون. هنن نموني بازي ڪري سلطانن کي ئي وڏو ڪري رکيو، پر هلائي پنهنجي ٿي. انگريزن هر رياست ۾ پنهنجو برٽش ريزيڊنٽ رکيو هو ۽ هڪ عدد انگريز ايڊوائيزر هر سلطان کي ڏنو هو. انگريزن کي جيئن ٿي وڻيو، تيئن هنن عملدارن ذريعي سلطان کي چاٻي ڏئي پنهنجا ڪم ٿي ڪڍيا. پر پوءِ آهستي آهستي مڪاني ماڻهن ۽ سلطانن ۾ سجاڳي ۽ سياسي شعور اچڻ تي هنن پنهنجن رياستن کي گڏي هڪ فيڊريشن ٺاهي. هنن سڀني جي زبان ته ساڳي ”ملئي“ هئي سو هن فيڊريشن جو نالو رکيائون Federation of Malaya. اڳتي هلي هنن رياستن کي هڪ نالي ”ملايا“ سان سڏيو ويو. 1957ع ۾ انگريزن هن ملڪ کي خودمختياري ڏني ۽ پوءِ ڇهن سالن بعد 1963ع ۾ سباح ۽ سراواڪ به مَلايا سان ملايا ويا ۽ هي ملڪ مَلايا بدران  ”ملائيشيا“ سڏجڻ لڳو.
جڏهن هنن رياستن پاڻ ۾ ملي ”ملايا“ ٺاهيو ته ملايا جي گاديءَ جو هنڌ ڪئالالمپور مقرر ڪيو ويو، جيڪو سلينگور رياست جي به گاديءَ جو هنڌ هو. قلعي (Tin) ڌاتو جي کاڻين ۽ بندرگاهه جي ڪري ڪئالالمپور امير ترين ۽ سهوليتن وارو شهر هو. بهرحال 1963ع تي به ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ڪئالالمپور رهيو. جيئن پاڪستان جو ڪراچي هلندو رهيو. بعد ۾ ايوب خان پنجاب صوبي جي ڪجهه زمين کڻي اتي سڄي پاڪستان جي لاءِ گاديءَ جو شهر اسلام آباد ٺاهيو ۽ ڪراچي فقط صوبي سنڌ جي گاديءَ جو شهر رهڻ ڏنو ويو. هتي ملائيشيا ۾ به اهو سوچيو ويو ته جيئن ته سلينگور رياست ۽ سڄي ملڪ (ملائيشيا) جي گاديءَ جو ساڳيو شهر ڪئالالمپور آهي، ان ڪري رياست يا ملڪ لاءِ ڌار گادي جو شهر هجڻ کپي. آخر اهو فيصلو ٿيو ته سلينگور رياست جو مالڪ يعني ”سلطان“ ڪئالالمپور شهر جي قرباني ڏئي ته اهو سڀني رياستن جي وچ جي ملڪيت ٿئي ۽ پاڻ پنهنجي رياست جو ڪو ٻيو گادي جو شهر ٺاهي. چون ٿا ته ڪئالالمپور ڇڏڻ جو سلينگور رياست جي سلطان کي ڏک ضرور ٿيو. 1974ع ۾ هن پنهنجي رياست جي گاديءَ جو شهر ”شاهه عالم“ ڪيو، جيڪو ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ ڪيترا ڌاريان ماڻهو جيتوڻيڪ شاهه عالم شهر جي حدن ۾ رهن ٿا يا اتي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، پر هو سمجهن ٿا ته هو ڪئالالمپور ۾ رهيا پيا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪئالالمپور وارو بين الاقوامي اڏو ڪئالالمپور کان وڌيڪ شاهه عالم کي ويجهو آهي. ڪئالالمپور اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر شفيع مون کي ڪراچي فون ڪري چيو ته آئون چاهيان ته هو ايئرپورٽ تان اچي مون کي کڻي. مون سندس مهرباني مڃي چيومانس:
”آئون اتان بس يا ٽرين ۾ ڪئالالمپور هليو ويندس، تون اجايو شاهه عالم کان هيڏو پنڌ ڪري ڇو ٿو اچين.“
”يار ڪمال آهي K.L جو هوائي اڏو اسان کان آهي ئي ڪيترو پري؟“ ڊاڪٽر شفيع چيو. ”اهو ائين آهي، جيئن اسلام آباد جو هوائي اڏو راولپنڊي کي ويجهو آهي.“
ڪئالالمپور (فيڊرل ڪئپٽل) هڪ ننڍڙو علائقو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ڪيترا ماڻهو ڪوهه مري کي اسلام آباد جو حصو سمجهندا آهن، تيئن ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ باتو غارون، گينتنگ هاءِ لئنڊ ۽ اسلامڪ يونيورسٽي جهڙيون شيون ڪئالالمپور ۾ سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ اهي سلينگور رياست ۾ آهن، جيئن ڪوهه مري اسلام آباد (فيڊرل ڪئپيٽل) جو حصو هجڻ بدران پنجاب صوبي  جو حصو آهي.
               
 
سلينگور رياست ملاڪا رياست وانگر سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جيڪو سمنڊ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) سڏجي ٿو. سلينگور رياست جي اتر ۾ پيراق رياست آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”اپوح“ آهي. اوڀر ۾ پهانگ نالي رياست آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”ڪئانتان“  Kuantan آهي. ان نالي سان ملندڙ هڪ رياست ڏکڻ چيني سمنڊ پاسي آهي، جنهن جو نالو ”ڪيلنتان“ Kelantan  آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو ڪئانتان ۽ ڪيلنتان ۾ ڀلبا آهن. بهرحال سلينگور رياست جي ڏکڻ ۾ جيڪا رياست آهي، ان جو نالو ”نينگري سيمبيلان“ آهي. ملئي زبان ۾ ”نينگري“ (Negri) معنيٰ ”رياست“ آهي ۽ ”سيمبيلان“ معنيٰ نون (9) جو انگ. هن رياست جي گاديءَ جو شهر ”سريمبان“ آهي. باقي اولهه بابت لکي چڪو آهيان ته سلينگور رياست جي اولهه  ۾ ڳچي سمنڊ (Strait) آهي. جاگرافيائي زبان ۾ ”ڳچي سمنڊ“ سمنڊ جي ان سنهي پٽيءَ کي سڏجي ٿو، جيڪا ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي. هي ڳچي سمنڊ جيڪو "Malacca Strait"  سڏجي ٿو، هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ڳنڍي ٿو.
مٿي لکي آيو آهيان ته ڪوالالمپور (ملائيشيا جو فيڊرل ڪئپيٽل) تمام ننڍو آهي. ملائيشيا جي تڪڙي ترقي سبب ڪوالالمپور هيڪاندو ڳتيل بڻجي ويو. هڪ دفعو وري سلينگور جي سلطان قرباني ڏني ۽ پنهنجي رياست مان ڪافي زمين جو حصو فيڊرل گورنمينٽ حوالي ڪيو، جتي 2001ع ۾ ڪوالالمپور جون ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسون، وزيرن ۽ وزيراعظم جي آفيس ۽ ڪجهه ڪورٽون شفٽ ڪيون ويون ۽ هن شهر جو نالو ”پترا جايا“ رکيو ويو. آفيسن جو هي شهر  Putra Jaya   ايڏو ته سهڻو ٺاهيو ويو آهي جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن نواب شاهه شهر جو نالو ”نواب شاهه“ ماڻهوءَ تان پيو تيئن ملائيشيا جي شهر ”شاهه عالم“ جو نالو سلينگور رياست جي ان وقت جي سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه (جنهن جي نالي شاهه عالم شهر جي بلو گنبذ واري مسجد آهي) پنهنجي والد سلطان شاهه عالم تان رکيو.
شاهه عالم شهر پڻ ڪوالالمپور وانگر بيحد ماڊرن ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڏا وڏا سپر مال ۽ مارڪيٽون آهن. هتي جي ڪار ”پروٽان“ جو ڪارخانو به شاهه عالم ۾ آهي. ان کان علاوه يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا جهڙيون يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي تعليمي ادارا شاهه عالم ۾ آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان ڪجهه سال اڳ ڪراچي جي سيونٿ ڊي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ جا والدين مون وٽ آيا ته هنن کي جتي اها خوشي ٿي آهي ته هنن جي ڌيءَ کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي آهي، اتي هنن کي اهو افسوس آهي ته هن کي ڪوالالمپور شهر ۾ نوڪري نه ملي سگهي، جنهن لاءِ اسان انٽرويو وٺندڙن کي بار بار عرض ڪيو هو ته هو کيس ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي رکڻ بدران ڪوالالمپور يا ان جي آسپاس ۾ رکن. مون کين ٻڌايو ته هو دلجاءِ ڪن شاهه عالم سمجهو ته ڪوالالمپور ئي آهي. سو پڙهندڙ هاڻي سمجهي ويا هوندا ته شاهه عالم ۽ ڪوالالمپور جي ڇا جاگرافيائي پوزيشن آهي. ٻئي شهر هڪٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن، ايتريقدر جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ته اها به خبر نٿي پوي ته ڪٿي ڪوالالمپور جون حدون ختم ٿيون ۽ ڪٿان کان شاهه عالم جون شروع ٿيون. البت هاءِ وي تي هڪ هنڌ وڏو دروازو ٺهيل آهي، جنهن تي ”دارالاحسان“ لکيل آهي، يعني اتان کان سلينگور رياست شروع ٿئي ٿي. سلينگور رياست کي دارالاحسان به سڏين ٿا، جيئن سنڌ کي ”باب الاسلام“ چون ٿا.
اڄڪلهه سلينگور رياست جو سلطان شرف الدين آهي، جيڪو سلطان ادريس شاهه به سڏجي ٿو. اسان جي ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ جڏهن مون ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ نوڪري ڪئي ٿي يا ان کان اڳ ستر واري ڏهي ۾ جڏهن مون هن علائقي ۾ جهاز هلايا ٿي، انهن ڏينهن ۾ سلينگور جو سلطان اڄ جي سلطان ادريس شاهه جو پيءُ ”سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه“ هو، جنهن جي نالي شاهه عالم واري مسجد پڻ آهي. منهنجي ساڻن ٻه دفعا ملاقات هن مسجد ۾ جمعي نماز تي ٿي. اڄ به هيڏي سيڪيورٽي جي باوجود اڄ جو موجوده سلطان ”ادريس شاهه“ هن مسجد ۾ جمعي ۽ عيد نماز تي اچي ٿو ۽ عام ماڻهن سان ملي ٿو. ڊاڪٽر شفيع نظاماڻيءَ ٻڌايو ته هو پڻ هن مسجد ۾ ساڻن ڪيترائي دفعا ملي چڪو آهي.
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز 1926ع ۾ ڄائو ۽ سلينگور جو اٺون سلطان هو. پاڻ ملائيشيا جو بادشاهه به ٿيو ۽ يارهون نمبر بادشاهه هو. اڄڪلهه ملائيشيا جو تيرهون بادشاهه پنهنجي بادشاهت جو مدو پورو ڪرڻ وارو آهي. سلطان صلاح الدين ڀائرن ڀينرن ۾ وڏو هو. بنيادي تعليم ڪلانگ واري ”پينگڪلان باتو ملئي اسڪول“ ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار مان حاصل ڪرڻ بعد هن اعليٰ تعليم يونيورسٽي آف لنڊن جي ”اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز“ مان حاصل ڪئي. انگلنڊ کان واپسي تي هن ڪيتريون ئي سرڪاري نوڪريون ڪيون. هو 8 سال کن انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿي رهيو ۽ ان کان اڳ سلينگور سروي ڊپارٽمينٽ ۾ به ڪم ڪيو. 1952ع ۾ مليٽري جي ٽريننگ حاصل ڪري انگريز فوج ۾ ڪئپٽن ٿيو، جنهن بعد هن جي ميجر رئنڪ ۾ ترقي ٿي. هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان، جيئن منهنجي پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ وانگر پيري مريدي يا وڏيرڪو سسٽم ضرور هو ۽ آهي، پر ڀوتار وڏيرا نه فقط عام ماڻهن ۾ تعليم پکيڙيندا رهن ٿا، پر پنهنجي ٻارن کي به اعليٰ کان اعليٰ تعليم ڏئي مهذب پڻ بنائين ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به پير، مير، وڏيري، سردار ۽ ڀوتار جو اولاد صحيح طرح تعليم حاصل نٿو ڪري، جنهن جو مثال اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته اسان جا ڪيترائي چونڊيل نمائندا اخلاقي طرح ڪمزور آهن. هو نه فقط اڻ پڙهيل آهن پر ڪوڙ ڳالهائي قوم سان دوکو ڪن ٿا ته هنن وٽ يونيورسٽين جي ڊگري آهي ۽ اسان جي، خاص ڪري سنڌ جي وڏيري ۽ پير، مير، سردار جو اولاد ته ايڏو عياش آهي جو هو فوج ۾ وڃڻ کان ڀڄي ٿو جو اتي جي زندگي سخت آهي، جيڪا ملائيشيا جي سلطانن، وڏيرن، بادشاهن جا ٻار خوشي سان قبول ڪن ٿا. ويندي راڻي ايلز بيٿ پنهنجي پٽ کي فوج ۾ موڪليو، جتي هن هڪ عام ڪئڊٽ وانگر ٽريننگ حاصل ڪئي. پر اهو آهي ته ملائيشيا جا ملئي مسلمان مرد چاهي سلطان ۽ بادشاهه هجن يا عام ماڻهو، شادين جا شوقين آهن ۽ جيڪو پاڻ ۾ جيتري همٿ ساري ٿو ته ٻي يا ٽين به شادي ڪري ٿو، پر بقول اسان جي ملئي دوست ابراهيم بن معروف جي هو زنا ڪرڻ يا ٻئي جي زالن ۾ اک وجهڻ بدران هڪ اخلاقي ۽ قانوني ڪم ڪن ٿا ۽ زال ۽ ٻارن جي جوابداري کڻن ٿا. اهو آهي ته هتي جي وڏيري سلطان يا مير پير جو اولاد پيءُ جي مرڻ بعد ملڪيت پويان وڙهي جڙهي نٿو ۽ نه وري هنن وڏن ماڻهن جو اولاد نشئي ۽ چور ڌاڙيل ٿئي ٿو، جيئن اسان وٽ عام آهي. اهو ان ڪري جو ملائيشيا ۾ اخلاقي توڙي انگريزي تعليم عام آهي ۽ سلطانن، بادشاهن، وڏيرن جا پٽ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ٿي پنهنجن ڳوٺن ۾ پنهنجا ڪارخانا، اسپتالون ۽ آفيسون هلائين ٿا، جن مان هنن جي ايڏي ڪمائي ٿئي ٿي جو هنن کي پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت جو سهارو ته وٺڻو نٿو پوي بلڪ پنهنجي ڪمائي ۽ بزنيس مان ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ به روزگار مهيا ڪن ٿا.
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز گهٽ ۾ گهٽ چار شايون ڪيون، پهرين زال ”نور“ جيڪا شاهي خاندان جي هئي ۽ سندس سوٽ ٿئي، جنهن کي هن بعد ۾ طلاق ڏئي ڇڏي، ڇهه ٻار ٿيا. هن مان وڏو پٽ سلطان شريف الدين ادريس شاهه اڄ ڪلهه سلينگور رياست جو سلطان آهي. سندس ٻي زال ”چي ماهيرم“ مان هڪ ٻار ۽ ٽي زال ”رحيمان“ مان ٻه ٻار ٿيا، جيڪا 1993ع ۾ گذاري وئي. ان بعد هن مرحوم سلطان نه فقط پيريءَ ۾ (1990ع ۾) 64 ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، پر پاڻ کان بيحد ننڍي عمر جي هڪ خوبصورت ۽ رعيت مان (Commoner) سان شادي ڪئي. هونءَ ملائيشيا جا سلطان شاهي خاندان مان ئي شادي ڪن ٿا، پوءِ سندن ڪا سوٽ ماسات ناهي ته ٻي رياست جي سلطان جي ڌيءَ يا ڀائٽي ڀاڻيجي سان شادي ڪن ٿا، پر ”سيتي عائشه“ هڪ عام ڇوڪري هئي، جنهن سان سلينگور جي هن سلطان شادي ڪئي. ان وقت عائشه جي عمر 19 سال هئي، يعني سلطان کان 45 سال ننڍي هئي. پورن نون سالن بعد 1999ع ۾ سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه جو سڄي ملڪ (ملائيشيا) جو بادشاهه (Yang di Partuan Agong) ٿيڻ جو وارو آيو. ملئي زبان ۾ ملائيشيا جي بادشاهه کي ”ينگ دي پرتئان اگونگ“ سڏجي ٿو. ملائيشيا جي تخت تي جيڪي بادشاهه ويٺا آهن انهن ۾ هي پوڙهو چيو وڃي ٿو جو هن جي ان وقت 1999ع ۾ 73 سال عمر هئي ۽ عائشه ننڍي ۾ ننڍي راڻي چئي وڃي ٿي جو هن جي ان وقت 29 سال کن عمر هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن انگريزيءَ ۾ هر رايل هائينيس يا ايڪسيلنسي فرسٽ ليڊي سڏيو وڃي ٿو تيئن عائشه جي راڻي ٿيڻ تي هوءَ هِن خطاب سان سڏجڻ لڳي:
”دُلِي ينگ مها مُوليا پادُوڪا باگندا راجا پرميشري اگونگ تئانڪو سيتي عائشه بنت عبدالرحمان“. هونءَ فقط راڻي لفظ لاءِ ملئي لفظ ”راجا پرميشوري اگونگ“ آهي. ملئي زبان ۾ راجا لفظ مذڪر توڙي مؤنث لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ راني مذڪر آهي. (اسان جي نيول اڪيڊمي جي هڪ ملئي دوست جو نالو ڪمانڊر راني هو.)
سيتي عائشه نومبر 1971ع ۾ ڪوالالمپور ۾ ڄائي ۽ اتي ئي وڏي ٿي. بنيادي تعليم هن جالان گرني واري پرائمري اسڪول مان ورتي، ان بعد هن ”يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا“ جي ڪيلنتان رياست واري برانچ مان بئنڪنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ يونيورسٽي ڪيلنتان رياست جي گادي واري شهر ڪوٽا بارو ۾ آهي.
سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه 11 سيپٽمبر 1999ع تي ملائيشيا جي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جو پنجن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ 21 نومبر 2001ع تي گذاري ويو. سندس سيتي عائشه سان شادي وقت هيءَ شادي دنيا جي ميڊيا ۾ پاپولر ٽاپڪ رهيو ۽ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبار هڪ پوڙهي بادشاهه جو ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان گڏ فوٽو  ۽ ان سان گڏ خبرون ڏئي خوب سنسني پکيڙي. ان بعد 2006ع سال جي نيو ييئر ڊي تي سابقه راڻي سيتي عائشه هڪ دفعو وري ميڊيا جو هاٽ ٽاپڪ رهي، جڏهن هن ملائيشيا جي هڪ انگريزي اخبار The Star  کي ڏنل تفصيلي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته مڙس جي وفات بعد هوءَ ڪو چاهيندڙ ڳولي رهي آهي، جنهن سان هوءَ شادي ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ هن کي پنهنجي والدين جي صلاح مشوري ۽ دعائن جي ضرورت آهي. هن وقت هوءَ چاليهه سالن جي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ اهو پيو اچي ته هوءَ شادي ڪري چڪي آهي. بهرحال هُن کي هن وقت به Yang Amat Mulia (هر رايل هاءِ نيس) چئي مخاطب ڪيو وڃي ٿو ۽هوءَ  Uitm Alumni سلينگور وومين ايسوسيئيشن، سلينگور گرل گائيڊس ۽ جنتنگ هاتي ڪُو سوسائٽي جي سرپرست آهي.
سيتي عائشه جي مڙس يعني سابق بادشاهه سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه نالي سندس رياست سلينگور ۾ توهان کي ڪيترائي رستا ۽ عمارتون نظر اينديون. شاهه عالم جي مسجد کان علاوه سبانگ وارو هوائي اڏو، جيڪو  ڪوالالمپور واري هوائي اڏي کان اڳ بين الاقوامي هوائي اڏو هو، ان جو هاڻ نئون نالو ”سلطان عبدالعزيز ايئرپورٽ“ آهي. سلينگور رياست جي سيڪريٽريٽ بلڊنگ جو نالو به ”سلطان صلاح الدين عبدالعزيز بلڊنگ“ آهي، جيئن سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي واري بلڊنگ جو نالو ”تغلق هائوس“ آهي. شاهه عالم جي گولف ڪلب جو نالو پڻ ”سلطان عبدالعزيز شاهه گولف ڪلب“ آهي.
ڪوالالمپور يا شاهه عالم ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني شاگردن ۽ نوڪري ڪندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي هر رياست ضلعن ۾ ورهايل آهي. ڪوالالمپور ۽ پترا جايا _ ٻئي شهر سلينگور رياست جي بلڪل وچ ۾ آهن ۽ پر انهن جو هاڻ سلينگور رياست سان واسطو ناهي جو فيڊرل شهر سڏجن ٿا. باقي بچيل سلينگور رياست نَوَ کن ضلعن ۾ ورهايل آهي. ڪوالالمپور جي اتر ۾ گومباڪ ضلعو آهي، جنهن ۾ باتو غارون آهن. اولهه ۾ پتالنگ ۽ ڪلانگ ضلعا آهن. شاهه عالم شهر پتالنگ ضلعي ۾ آهي (جيئن ميرپورخاص شهر ”ٿرپارڪر ضلعي“ ۾ آهي) ۽ ڪلانگ ضلعي ۾ بندرگاهه ’پورٽ ڪلانگ‘ آهي، جنهن کي اسان ڪوالالمپور جو بندرگاهه سڏيون ٿا، پر اهو دراصل سلينگور رياست ۾ آهي ۽ شاهه عالم شهر جو بندرگاهه سڏجڻ کپي. ڪوالالمپور جي اوڀر ۾ هولو لنگات ضلعو آهي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ سيپانگ ۽ ڪئالا لنگات ضلعا آهن. پترا جايا سيپانگ ضلعي ۾ آهي. انهن ضلعن کان علاوه باقي ٽي ضلعا ڪئالا سلينگور، هُولو سلينگور ۽ ساباڪ برنام آهن. بهرحال پاڪستان ۾ ويٺي ويٺي توهان کي انهن نالن وارن شهرن ۾ وڃڻو پوي ته سمجهو ته ڪوالالمپور کي بلڪل ويجها آهيو. هونءَ سلينگور رياست جو وڏو شهر شاهه عالم آهي، پر آدمشماري جي لحاظ کان سبانگ جايا، ڪلانگ ۽ ائمپنگ جايا اڃا به وڏا شهر آهن. پتالنگ جايا، چيراس، ڪاجانگ، روانگ ۽ سيلا يانگ بارو به سلينگور رياست جا شهر آهن.

No comments:

Post a Comment