Tuesday, April 16, 2013

ڏوهاري ٽولن کان محتاط رهجي - الطاف شيخ


ڏوهاري ٽولن کان محتاط رهجي
الطاف شيخ
هتي (آمريڪا ۾) امن امان آهي. پوليس سخت آهي. چور جي وٺ-پڪڙ لاءِ، حڪومت وڏو خرچ ۽ بندوبست ڪري ٿي. جيئن ڏوهاريءَ کي سزا ملڻ يقيني ٿي وڃي. سفارش تي ڪو ڏوهاري معافي نٿو حاصل ڪري سگهي. ملڪ جي (C.I.D) ۽ انٽيليجنس ڏوهن جي پاڙ تائين وڃيو پهچي ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ملن ٿيون. پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته، آمريڪا ۾ ڪو ڏوهه ڪو نه ٿو ٿئي ۽ هر وقت سُک ۽ شانتيءَ جي فِضا ڇانيل آهي. هيڏي سختي هوندي به آمريڪا ڏوهن جي دنيا کان مشهور آهي. بقول هڪ عالم جي؛ ان جو وڏو سبب شراب نوشي آهي. اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل گورو انگريز، يورپي يا آمريڪن به مڃي ٿو ته؛ شراب، جسماني بيمارين سان گڏ اخلاقي بيمارين کي به جنم ڏئي ٿو. سوشل جي پئسي تي پلجندڙ هڪ بيروزگار، هتي جو ڪارو (شيدي) ٺري جي بوتل چاڙهي، جڏهن هوش وڃائي ويهي ٿو ته، پوءِ هن کي ڪنهن جي به پرواهه نٿي ٿئي. يا نشي جي ٻاڙ کڻڻ تي هن وٽ جڏهن کيسي ۾ پئسو ناهي ته هو عورتن کان پرس به ڦُري ٿو، گاڏيءَ جا شيشا ڀڃي، ان جي ڊئش بورڊ جي به چڪاس وٺي ٿو ته ڪنهن بئنڪ يا پيٽرول پمپ جي به ڦُر ڪري ٿو. ڪيترا ته مريض يا خطرناڪ پاڳل، عادت کان مجبور ٿي، يا پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ڦر ڪن ٿا، عورتن کي اغوا ڪن ٿا ۽ جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا. ان ڪري هن ملڪ ۾ پوليس جي سختي ۽ امن امان جي حالت بهتر هوندي به هڪ عام ماڻهو، خاص ڪري ڌارئين آيل کي، ممڪنه وارداتن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو. بقول هڪ Email جي جيڪا هتي جي هڪ آمريڪن عورت ڪئي آهي، جيئن عورتون خبردار رهن. هن پنهنجي خط ۾  لکيو آهي ته؛ ”هي توهان پنهنجين زالن، ڀينرن ۽ مائرن کي پڙهايو ۽ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن کي به پڙهايو، جيئن انهن کي ڌيان ۾ رهي ته، هيءَ دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، ان ۾ ديوانن جي به کوٽ ناهي. اڳتي هلي افسوس جا هٿ ملڻا پون، ان کان بهتر آهي ته، محتاط رهجي ۽ پنهنجي بچاءَ جا اُپاءَ وٺجن.“

* جيڪڏهن ڪو ڦورو توهان کان توهان جو ٻٽون يا هٿ ۾ جهليل ٿيلهو گهري ته، هن کي هٿو هٿ ڏيڻ بدران پري اڇلائي ڏجي. ٿي سگهي ٿو ته، هن جي دلچسپيءَ جو مرڪز توهان نه پر توهان جو ٻٽون يا پرس هجي ۽ هو جيئن ئي اهو کڻڻ لاءِ وڌي، توهان ٻئي پاسي جيترو تکو ڊوڙي سگهو، ڀڄي وڃو.
* ڪو توهان کي ڪار جي ڊِڪي ۾ وجهي کنيو پيو وڃي ته، پٺين بتين (Tail Lights) کي ٿڏا هڻي ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ ان مان پنهنجي ٻانهن ڪڍي لوڏيندا رهو. ڪار هلائڻ وارو ڌاڙيل توهان جي اها حرڪت ڏسي نه سگهندو پر توهان جي ڪار جي پٺيان ايندڙ هر ڪار وارو توهان جي هٿ لوڏڻ کي ڏسي وٺندو. ان طريقي سان ڪيترن اغوا ٿيندڙن جي جان بچي ويئي آهي.
* عورتن جي اها عادت آهي ته، خريداريءَ بعد يا پنهنجي آفيس مان موٽڻ تي، ڪار ۾ ويهي ڪجهه دير ڊئش بورڊ مان سامان ڪڍي پيون ٺاهينديون، چيڪ بڪ ڪڍي اهو پيون لکنديون يا خريداريءَ لاءِ لسٽ پيون ٺاهينديون. ائين هرگز نه ڪريو. توهان کي يا توهان جي ڪار کي، کڻڻ وارو توهان تي نظر رکيو ويٺو آهي ۽ هن لاءِ سڀ کان  بهترين موقعو ۽ گهڙي اها آهي. هو پئسينجر سيٽ واري پاسي کان توهان جي ڪار ۾ گهڙي، توهان جي مٿي تي پستول رکي توهان کي پنهنجي مرضي واري جاءِ تي وٺي هلڻ لاءِ چوندو. ان ڪري سياڻن جو چوڻ آهي ته، ڪار ۾ ويهڻ بعد دروازا يڪدم لاڪ ڪجن ۽ ڪار اسٽارٽ ڪري روانو ٿي وڃجي.
* جيڪڏهن ڪار ۾ ڪو موجود آهي ۽ توهان جي مٿي تي شاٽ گن رکي، توهان کي هلڻ لاءِ چوي ٿو ته، انجڻ بند ڪري بيهي نه رهو، ان جي بدران پنهنجي ڪار کي اڃا به تکي رفتار ڏيئي ڪنهن وڻ، ڀت يا ٿنڀي سان پنهنجي ڪار ٽڪرايو، ڪار ۾ موجود ايئر بئگن ڪري توهان جو ته بچاءُ ٿي ويندو پر  پٺين سيٽ تي ويٺل بندوق واري کي چڱا ڌڪ لڳي ويندا ۽ ماڻهو گڏ ٿي ويندا. (ياد رهي ته آمريڪا ۾ تقريباً سڀني ڪارن ۾ Air Bags ٿين ٿيا. ڪار جو ٽڪر ٿيڻ تي اهي هڪدم هوا سان ڀرجيو وڃن ۽ اڳئين سيٽن تي ويٺلن جي اڳيان وهاڻي جو ڪم ڏيئي بچائين ٿيون. بهرحال ڪار جي Crash ٿيڻ تي ٻاهر نڪري ڀڄي وڃجي، ڪار کي نقصان ضرور رسندو، جيڪو انشورنس ڪمپني به ڀري سگهي ٿي. ياد رهي ته، هتي آمريڪا ۾ اهڙا واقعا عام آهن، جن ۾ وحشي صفت انسان، عورتن سان جنسي ڏاڍائيءَ بعد، سندن لاش شهر کان ٻاهر ڪنهن گند جي ڍير تي يا گٽر ۾ اُڇلايو ڇڏين.
* ڪار ۾ ويهڻ وقت خبردار رهو، ڪار جو دروازو کولي ويهڻ کان اڳ، چوڌاري نظر ڊوڙايو. ڪار ۾ اندر ڏسو، پئسينجر سيٽ ۽ پوئين سيٽ واري فرش کي جانچيو ته ڪو توهان جي انتظار ۾ لڪل ته نه آهي.
* جيڪڏهن توهان جي ڪار جي ڀر ۾ ڪنهن ٽرڪ يا ٽرالر اچي پارڪ ڪيو آهي ته، توهان ان پاسي کان ڪار ۾ ويهڻ بدران پئسينجر سيٽ واري پاسي کان سوار ٿيو. ڪيترا عورتن کي اغوا ڪندڙ، پنهنجي وڏي ٽرڪ هن جي ڪار جي ڀرسان اچي بيهارين ٿا، پوءِ جيئن ئي هوءَ شاپنگ ڪري هڪ هٿ ۾ سامان ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي ڪار جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته، ٽرڪ وارو کيس ٻک ۾ وجهي مٿي پنهنجي ٽرڪ ۾ کڻي داخل ڪري ٿو ۽ ڪلورو فارم يا ڪنهن ٻي شيءِ ذريعي هن کي هڪدم، بيهوش ڪري وٺي ٿو.
* پارڪنگ ۾ موٽڻ وقت، پنهنجي ڪار جي ٻنهي پاسن ڏي نظر ڪجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيٺل نظر اچي ته، واپس شاپنگ سينٽر ۾ موٽي وڃجي ۽ اتي جي گارڊ سان گڏ پنهنجي ڪار ڏي موٽجي.
* شاپنگ سينٽرن ۽ پلازائن ۾ هميشه لفٽ استعمال ڪجي، ڏاڪڻ هرگز نه. ڇو جو ڏاڪڻ استعمال ڪرڻ وارن جي ڦر آسانيءَ سان ٿئي ٿي، خاص ڪري رات جي وقت.
* ڊوڙندڙ ٽارگيٽ لاءِ هڪ سؤ مان فقط چار چانس آهن، جو ان کي گولي لڳي وڃي ۽ جي گولي لڳي به ٿي ته، گهڻو ڪري دل جهڙي ڪنهن اهم عضوي ۾ گولي لڳڻ جا چانس تمام گهٽ آهن. ان ڪري بهتر آهي ته، ڀڄي جان ڇڏائجي ۽  سڌو ڊوڙڻ بدران انگڙ ونگڙ (Zigzag) ڊوڙجي.
* عورت فطرتًا نرم دل ۽ همدرد ٿئي ٿي. ڪنهن به اڻ ڄاڻ سان همدردي نه ڪريو، ڇو جو اها همدردي ئي ڦر، ريپ ۽ موت جو سبب بڻجي ٿي. ”ٽينڊ بنڊي“ نالي آمريڪا جي سيريل خونيءَ، عورتن جي همدردي حاصل ڪري کين قتل ڪيو ٿي، هو شڪل ۾ سهڻو ۽ پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿي. اڪيلي عورت ڏسي هن منڊڪايو ٿي ۽ هن کان سندس ڪار ۾ لفٽ ورتي ٿي يا هن کي پنهنجي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ مدد جو هٿ ورتو ٿي ۽ ويهڻ بعد هن ان عورت کي به زوريءَ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڇڪي ورتو ٿي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ان عورت جي قتل جي خبر اخبارن ۾ پڙهي ويئي ٿي.
* هڪ ٻي اهم ڳالهه، انهن عورتن لاءِ جيڪي گهرن ۾ اڪيليون رهن ٿيون، هڪ عورت جيڪا هيوسٽن ۾ اڪيلي رهي ٿي، تنهن ٻڌايو ته، هن کي هڪ رات ڪار پورچ ۾ ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز آيو، جنهن تي هن پهرين ته هڪدم دروازو کولي ڏسڻ ٿي چاهيو ته، ڪير هن ٻار کي سندس گهر ۾ ڦِٽو ڪري ويو آهي، پر پوءِ هن در کولڻ کان اڳ پوليس کي فون ڪيو، تنهن کيس خبردار ڪندي چيو: ”مئڊم! جيڪو وڻنئي سو ڪجانءِ پر متان دروازو کوليو اٿئي.“
هن عورت ٻڌايو ته، پوءِ ائين لڳو ڄڻ اهو روئندڙ ٻار سندس ڪمري جي دريءَ وٽان ٿيندو ٻاهر پيو وڃي. ”مون کي ڊپ لڳو ته ڪٿي معصوم ٻار روڊ ڏي وڃڻ تي ڪنهن گاڏيءَ هيٺان اچي چِپجي نه وڃي، پر پوليس مون کي خبردار ڪندي رهي ته، متان دروازو کوليو اٿئي. اسان جي موبائيل گاڏي پهچڻ واري آهي. پوليس گاڏيءَ جو پري کان آواز ٻڌي ٻار هڪدم چپ ٿي ويو، بعد ۾ پوليس کان خبر پيئي ته ڪيترا عادي قاتل، اڪيلي رهندڙ عورتن کي ڌتاري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻار جي روئڻ جو ٽيپ وڄائين ٿا، جيئن هوءَ همدرديءَ خاطر ٻاهر نڪري اچي ۽ هنن خونين جي حوس جو شڪار بڻجن.

No comments:

Post a Comment