Sunday, April 28, 2013

دنيا جون مختلف لنڊا بازارون - الطاف شيخ



دنيا جون مختلف لنڊا بازارون
الطاف شيخ
اسان جو ڊرائيور، مون کان اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي، پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ لاءِ صدر مان اسڪول بئگ وٺڻ لاءِ ٿي نڪتو ته، چيومانس؛ ”آچر بازار مان ڇو نه ٿو وٺين، جتان تو کي سستو به ملي ويندو ته مضبوط به.“
”نه سائين آئون لُنڊا جي شيءِ نٿو وٺڻ چاهيان.“ هن وراڻيو.

”پر اڄڪلهه ته وڏا وڏا ماڻهو ۽ فارينر لُنڊا جون شيون خريد ڪندي نظر اچن ٿا.“ مون کيس چيو پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو. اسان جو هڪ مائٽ آچر بازار مان فقط ڀاڄي ۽ ميوا وٺندو آهي، ڪڏهن به ڪا قميص، مفلر، جوراب يا سئيٽر خريد نه ڪندو آهي، چاهي اُهي شيون نيون وڪامجي رهيون هجن. هن جو چوڻ آهي ته، اهي ڪپڙا جيڪي ولايت مان اچن ٿا، انهن ۾ جراثيم ٿين ٿا، اتفاق سان ڪو رُومال يا جوراب وٺندو ته، اهو ٻه ٻه دفعا ڌوئي پوءِ استعمال ڪندو. حيرت ان ڳالهه جي آهي جو اهڙين آچر يا جمعي مارڪيٽن مان هزارين ماڻهو خريداري ڪندا رهن ٿا، جن ۾ مقامي ماڻهن کان علاوه اهي پاڪستاني به آهن، جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ موڪل تي وطن آيا آهن. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جيڪي هنن مارڪيٽن مان خريداري ڪري ولايت کڻي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊفينس جي آچر مارڪيٽ ۾ ته آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترا ئي فارينر به هوندا آهن.
پاڪستان جي هنن مارڪيٽن ۾ اوچين اوچين ڪمپنين (برانڊن) جون جئڪيٽون، ڪوٽ ۽ قميصون، سي به نيون نڪوريون تمام سستي اگهه ۾ مليو وڃن. توهان چوندئو ته ڪيئن خبر پوي ته اهي نيون ۽ اڻ استعمال ٿيل آهن؟ ان لاءِ انهن تي لڳل اليڪٽرونڪ Magnetic ٽئگ (نيلان جو چقمقي ڌاڳو) ڏسي سگهو ٿا. هيءَ اها شيءِ آهي، جيڪا ولايت جي دڪانن تي پئسن واري ڪائونٽر تي پئسا ڏيڻ بعد ڪَٽي وڃي ٿي. ائين نه ڪرڻ سان دڪان مان نڪرڻ وقت چوريءَ جو الارم وڄي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ لُنڊا جي سامان جو زور سٺ جي ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ ٿيو. پهرين پهرين مختلف امير ملڪن مان استعمال شده ۽ پراڻا ڪپڙا اچڻ لڳا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪپڙن جي معاملي ۾ يورپ وارن جا به حال هيڻا هئا. ٻي وڏي جنگ جا اثر اڃا موجود هئا. اسان وٽ وري به ڪاٽن جو ڪپڙو ۽ سلائي سستي هئي. گرم ڪپڙا ٻاهران وٺي پاڪستان ۾ اچي ڪوٽ سبرائبا هئا. اهڙيءَ طرح پتلونون پڻ، خريد ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃڻو پوندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪپڙن جي هر ڪمپني جي برانچ ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ کلي وئي جو يورپ کان ليبر سستو هجڻ ڪري سلائيءَ تي گهٽ خرچ اچڻ لڳو. هاڻ ته آفريڪا ۽ ايشيا جي هر ملڪ ۾ هر برانڊ ۽ هر ڪمپنيءَ جا ڪپڙا ٺهن ٿا، يورپ ۽ آمريڪا جي مارڪيٽن ۾ انهن شين سان دڪان اٿلن ٿا. موسم جي تبديليءَ تي اهي ڪپڙا ڪڍي وري نئين فيشن جا رکيا وڃن ٿا. پراڻي فيشن يا موسم جي تبديليءَ تي ڪپڙن مان جان ڇڏائڻ لاءِ دڪاندار اُڪو مال وڪڻن ٿا ۽ اهو يڪو سامان خريد ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر ملڪ ۾ اسان جا پاڪستاني خاص ڪري پٺاڻ، (هاڻ ڪجهه پنجاب پاسي جا به) نظر اچن ٿا. هو يڪو سامان خريد ڪري وڏا وڏا ڪنٽينر ڀرائي پاڻيءَ جي جهازن رستي پاڪستان موڪلين ٿا، جتان کانئن امير ميمڻ واپاري خريد ڪن ٿا. اهي ميمڻ واپاري ڪنٽينرن مان مال جي ڇانٽي ڪري ڪجهه اوچو سامان طارق روڊ ۽ ڪلفٽن وارن دڪانن تي وڪڻن ٿا، باقيءَ جون هڙون ٺاهي تور جي حساب سان ننڍن پٺاڻ واپارين کي وڪڻن ٿا، جيڪي وڏن شهرن جي آچر، جمعا ۽ منگل بازارن ۾ اهو سامان وڪڻن ٿا.
آچر بازاريون اسان وٽ ته هاڻ ٿيون لڳن پر دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ان قسم جون بازاريون سالن کان مشهور آهن. جيئن انگلينڊ ۾ پيني مارڪيٽ، ملائيشيا ۾ گئراج سيل، جپان ۾ جنڪ شاپ  وغيره، جتي هر قسم جون شيون وڪامجن ٿيون. ڪتاب خريد ڪرڻ جو آئون به شوقين آهيان ۽ هر ملڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اهڙين مارڪيٽن ۾ چڪر هڻان ٿو. سڀ کان بهتر مون کي سئيڊن جي لُنڊا مارڪيٽ لڳي، جيڪا LOPIS (يعني Low Price) مارڪيٽ سڏجي ٿي. هن مارڪيٽ ۾ نه فقط مختلف خالي ٿيل دڪانن جو مال اچي ٿو، پر ڪيتريون ئي ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهر جو سامان کڻي اچن ٿيون.
سئيڊن ۽ ڀروارن اسڪينڊينيوين ملڪن؛ ناروي، فنلينڊ ۽ ڊئنمارڪ ۾، طلاق تمام گهڻي ٿئي ٿي. بقول ”شادي رجسٽريشن کاتي“ جي سؤ مان نوانوي شاديون فيل وڃن ٿيون. مڪاني قانون موجب، طلاق مرد ڏئي يا عورت پاڻ حاصل ڪري، مرد کي ٽن ڪپڙن ۾ گهر ڇڏڻو پوي ٿو، جو طلاق وقت مرد جي هر شيءِ عورت جي ٿي وڃي ٿي. پوءِ پهرئين ئي آچر تي اهي طلاق واريون ڇوڪريون مُڙسن جا ڇڏيل سامان؛ ڪپڙن کان ڪتاب، ڪئميرائون ۽ ڪمپيوٽر کڻي اچيو هن مارڪيٽ ۾ نيڪال ڪن. هن مارڪيٽ ۾ سامان وڪڻڻ لاءِ هر هڪ کي ورتل اسٽال جي في ڏيڻي پوي ٿي ۽ سامان وڪامجي يا نه، هنن کي چئين بجي اسٽال خالي ڪرڻو پوندو آهي. پوءِ هو اهو سامان واپس گهر کڻي وڃڻ بدران مقرر جڳهه تي ڦٽو ڪري وڃن. اسان جي ملڪ جا، گهڻو ڪري پٺاڻ جيڪي سخت سرديءَ ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي ان سامان سان ڪنٽينر ڀري ڪراچي موڪلين ٿا.  مٿين ملڪن ۾ گهر ڇڏڻ وقت ميونسپالٽي وارن کان مسواڙ جي ٽرڪ گهرائي گهر جو سامان شهر کان ٻاهر اڇلڻو پوي ٿو. سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ ٻه سال رهي واپس موٽڻ تي اسان کي به ائين ڪرڻو پيو. وڌ ۾ وڌ ڪپڙن ۽ ضروري سامان جون ٻه ٽي بئگون کڻي آياسين. باقي ديڳڙا، ٽوال، فالتو ڪپڙا، پليٽون، ڪوپَ، چمچا، هنڌ بسترا، اوون، ٽوسٽر ۽ ٻارن جا رانديڪا ڪير کڻي اچي؟ جو انهن جي وزن جو ڀاڙو سامان جي قيمت کان وڌيڪ ٿو ٿئي. پر اهو آهي ته جنهن شهر مالمو ۾ اسين هئاسين اتي اسان کي ميونسپل جي گاڏي نه گهرائڻي پئي. اسان کي خبر پيئي ته ڪجهه پاڪستاني مفت ۾ سامان کڻيو وڃن. اسان پنج ڇهه ڄڻا هُئاسين جن کين فون ڪيو ۽ هو ٽرڪ ۾ اسان سڀني جو سامان کڻي ويا. هنن ٻڌايو ته هو ان سامان سان ڪنٽينر ڀري بحريِ جهازن ۾ ڪراچي موڪلين ٿا.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ولايت مان جيڪو جهازن ذريعي ڪپڙا يا ٻيو سامان اچي ٿو، ان جي اتان سخت قسم جي Fumigation (جراثيم مارڻ جو ڦوهارو) ٿئي ٿو. ان بنا جهاز بندرگاهه ڇڏي نٿو سگهي. ان کان وڌيڪ خطرو اسان جي درزين مان آهي جن جي دڪانن تي سبجڻ وارو ڪپڙن سندن پيرن ۾ پيو هوندو آهي. ڪي ته ان مٿان چڙهيو ويٺا هوندا آهن ۽ اڪثر ”خراب“ هٿ سلائيءَ جي ڪپڙن سان اُگهي ڇڏيندا آهن.  اڄڪلهه ڪراچي، لاهور ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ جيڪي آچر، جمعا ۽ منگل بازارون لڳن ٿيون، انهن جي اڌ کن ۾ ڀاڄيون، ميوا، ڪڪڙيون ۽ پاڪستاني شيون آهن ته، اڌ کان وڌيڪ ۾ لنڊا جو سامان. غريب توڙي امير، پاڪستاني توڙي فارينر اهو سامان کلئي عام وٺي ٿو. نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن لُنڊا جو سامان فقط لائيٽ هائوس سئنيما وٽ وڪامبو هو ته، وچولي ۽ مٿاهين طبقي جا ماڻهو لنڊا جو سامان خريد ڪندي شرمائيندا هئا. لڪ چوريءَ ۾ جيڪي وٺي ايندا هئا، ان بابت پنهنجن مائٽن توڙي دوستن کي اهوئي چوندا هئا ته، هنن طارق روڊ يا صدر جي دڪانن تان ورتو آهي، يا وري پنهنجي يا ڪنهن دوست جي نالي هڻندا هئا ته هن سندن لاءِ ٻاهران آندو آهي. ان وقت جي هڪ مشهور T.V پروگرام ۾ به ڏيکاريو ويو هو. لنڊا بازار ۾ هڪ عورت، شال جي قيمت ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪري دڪان جي مالڪ پٺاڻ کي چوي ٿي:
”خانصاحب! ائين ڀلا ڇو آهي جو ڀروارو دڪاندار ههڙي ساڳي شال ڏيڍ سؤ رپئي ۾ ڏئي ٿو ۽ تون ٻه سؤ رپين ۾؟“ پٺاڻ جواب ڏنس: ”اهو ان ڪري جو آئون ان شال سان گڏ تو کي تنهنجي مامي يا چاچي طرفان ٽائيپ ٿيل خط به ڏيندس ته ”هي شال مان تو کي لنڊن مان موڪلي رهيو آهيان.“

No comments:

Post a Comment