Sunday, April 07, 2013

سن آنٽونيو جا جن - فيض کوسو


سن آنٽونيو جا جن
فيض کوسو
ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته آمريڪا جي شهر هوسٽن وڃڻ ٿيو. هونئن ته هوسٽن ڪيئي ڀيرا وڃڻ ٿيو آهي، پر هن دفعي ڪجهه ڳالهه ئي ٻي هئي، جنهن مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ته جن/ ڀوت يا انهن جو اثر اڪثر ماڻهن تي رهندو آهي، پوءِ اهي سچا هجن يا ڪوڙا، ليڪن شهر جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جن ۽ ڀوت ڪڍڻ وارا ٺڳ ۽ پيسا ڦرڻ وارا اوهان کي جٿي ڪٿي ملندا، ٺڳيون ڪري جاهل، اڻ پڙهيل ۽ غريب ماڻهن کان پيا پئسا ڦريندا يا انهن سان طرح طرح جون زيادتيون ڪندا. ليڪن سن آنٽونيو San Antonio جا جن ۽ ڀوت يا انهن کي ڀڄائڻ وارا اڃا اتي ڪو نه پهتا آهن. اچو ته اوهان کي انهن ڀوتن جو احوال ٻڌايان ته اهي ڇا ڪندا آهن ۽ ڪهڙي قسم جا ٿيندا آهن.

سن آنٽونيو San Antonio وڃڻ ته اڳ اٽڪل ۱۰ يا ۱۱ سال ٿيو هيو، ليڪن ان وقت اتي انهن کي ڏسي اچون ها يا انهن جي حرڪتن جو مشاهدو ڪري اچون ها ته بهتر ٿئي ها. مون کي ياد آهي ته ۲۰۰۳ع جي ڳالهه آهي جو منهنجي اکين جي ٺار ڌيءُ انيتا فاطمه کوسو ماسٽرز ڪرڻ لاءِ اتي داخلا ورتي هئي ۽ اسان سمورا گهر جا ڀاتي يعني مان منهنجي گهر واريءَ ۽ پٽ، ان کي ڇڏڻ لاءِ تياريون ڪيون هيون. مان ان وقت آذربائيجان ۾ سفير هيس. اسان سڀئي تيار ٿي هوسٽن لاءِ وڃون پيا. هدايت بلوچ جيڪو منهنجو سؤٽ آهي ۽ ننڍپڻ جو يار به، اهو ان وقت پي آءِ اي PIA ۾ مئنيجر هو. ان کي به صلاح ڪئي هئيسين ته هو به هوسٽن اچي. هن کي ٽڪيٽون مفت جون، نه ڪيائين هم نه تم، وڃي هڪڙي ٽڪيٽ حاصل ڪري اچي، ٻئي ڏينهن ٻڌايائين ته ادا آءٌ هوسٽن پهچان ٿو.
منهنجو ٻيو سؤٽ نعمت کوسو جيڪو نيويارڪ ۾ گهڻي عرصي کان رهندو آهي، جڏهن ان کي به خبر پئي ته اسان هوسٽن پيا وڃون، ته فون ڪري چيائين ته پهريان ته توهان سان ڳالهائڻ بند آهي، اوهان آمريڪا اچو ٿا ۽ مون کي خبر نه ڏني اٿو ۽ ٻيا پيا ٻڌائين. اهو ضد ڪيائين ته جيڪڏهن اسان نيويارڪ مان ٿيندا نعمت سان ملندا نه وياسين ته پوءِ اسان جي مٽي مائٽي يا ڀت ڀائپي ختم. همراهه کي گهڻو ئي سمجهايوسين ته ادا جهاز جي ٽڪيٽ ايڏانهن مهانگي ٿي پوي ۽ هتان سڌو هوسٽن ٽڪيٽ سستي آهي. پر جو هو ڪنهن جي ٻڌي. اهو به چيائين ته؛ نيويارڪ ۽ هوسٽن جي ٽڪيٽ هن تي، اسان رڳو اتي پهچون. آخرڪار قصو ڪوتاهه ته اسان وڃي پنهنجون ڀريل بيگون نيويارڪ لاٿيون. ايئرپورٽ کان آجا ٿي ٻاهر جو نڪتاسين، ته نعمت هيڊن ڪپڙن جي شلوار قميص، مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ پيرن ۾ پشاوري چپل پيل هجيس، اصل پاڪستاني پيو لڳي. اسان اهڙي سردي ۾ هن حالت ۾ هن کي ڏسي ڇرڪجي وياسين. ڀاءُ نعمت ڪو ڪراچي ناهي جو انهن ڪپڙن ۾ سو به جنوري مهيني ۾. بهرحال ڊڪي اچي ڀاڪر پاتائين. مان به ڳرو آهيان ۽ نعمت به منهنجي ڊبل جو آهي سو ڪهڙا ڀاڪرن جا مزا هوندا. ماڻهو پيا کلن پر وري مون کي سوٽ، ٽاءِ ۽ سمارٽ فيملي کي ڏسي ائين پيا سوچن ته ماڻهو ڪو چڱي کاڌي پيتي گهراڻي جا آهن. آخر اچي هڪڙي هوٽل تي پهتاسين. نعمت سان ڏاڍيون ڪچهريون به ٿيون ۽ سڄو نيويارڪ به گهمايائين. مان اڳ به ٻه ٽي دفعا نيويارڪ ويو آهيان، ليڪن هن دفعي ڪجهه مزو ئي ٻيو آيو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ هدايت به پي آءِ اي PIA جهاز ۾ شام جو پهچڻو هو. اعجاز جيڪو ادا عنايت بلوچ صاحب جو وڏو پٽ آهي ۽ ڪينٽيڪٽ ۾ رهندو هيو، ان به هوسٽن هلڻ جو پڪو پهه ڪيو. جيئن ته هدايت کي ايئرپورٽ تان وٺڻ لاءِ اتي بيٺا هئاسين ته اعجاز به اچي اتي ڪڙڪيو يعني پهتو. اسان ۽ نعمت اتي فيصلو ڪيو ته يار هينئر ٽڪيٽون مهانگيون ٿي ويون آهن، اٽڪل ۴۵۰۰ ڊالر هتان کان هوسٽن تائين، ستن ماڻهن جا ٿا ٿين ۽ اهڙي تڪڙ ته آهي ڪا نه، ڇو نه هڪڙي ڪرائي تي وين ڪريون ان ۾ سڀئي آرام سان ڪچهريون ڪندا هلنداسين. ان ڪري اسان هڪڙي ۱۰ ماڻهن واري وڏي وين ڪرائي تي وٺي ايئرپورٽ کڻي آياسين. هدايت جڏهن ايئرپورٽ پهتو ته مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ ڏاڍو پيار ۽ سِڪ سان ملياسين. چانهه ۽ ڪافي جو هڪ ڪوپ پي ٻاهر نڪتاسين. هدايت کان پڇيوسين ته يار هي وين وڻي ٿي. چيائين سائين واهه جي نئين نويلي زيرو ميٽر آهي. جڏهن هن کي اها خبر پئي ته هن وين ۾ اسان هوسٽن لاءِ نڪرون ٿا، ته هدايت جا ڪن ئي ڳاڙها ٿي ويا، يار هاڻي هاڻي هيڏي وڏي سفر کان مس مس پهتو آهيان ۽ هاڻي هوسٽن هلڻو آهي سو به باءِ وين VAN، مٿو ته نه ڦريو اٿو يا وري ٻروچ ته ناهيو. هدايت جي ڪنهن به نه ٻڌي، کڻي گاڏي ۾ کنڀيوسين. اهو وقت اٽڪل سج لهڻ وارو هو. هلڪو هلڪو مِينهن پئي پيو پر گهڻي سردي ڪو نه هئي. بسم الله ڪري، الله جي آسري تي، نيويارڪ کان هوسٽن لاءِ روانا ٿياسين. ماڻهو جڏهن گهڙي پل لاءِ سوچي ٿو ته اسان ٻروچ هميشه خطرن سان کيڏندا آهيون. نيويارڪ کان هوسٽن گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جو پنڌ هيو سو به اڻ ڏٺل ڏيهه ۽ نوان رستا. ليڪن يورپ يا آمريڪا ۾ انهن رستن جو ڪو مزو ئي الڳ آهي.
رات جا يارنهن ٻارنهن ٿيا. سڀني جو اهو خيال ٿيو ته هاڻي ڪٿي رات گذارجي ۽ ماني به کائجي. هڪ رستي واري Fast Food تي ويهي ماني کاڌي ۽ ان ئي ننڍي شهر جي هوٽل ۾ رات گذاريسين. ٿڪل هئڻ ڪري ڏاڍي ننڊ آئي. صبح جو نيرن ڪري وري اچي هاءِ وي تي پهتاسين. ٿوري پنڌ ڪرڻ کانپوءِ برف پوڻ شروع ٿي. اسان کي اچي ڀؤ ٿيو ته جيڪڏهن ڏاڍي برف پئي ۽ ڪٿي اسان کي رڪڻو به پيو ته پنڌ اڃان وڌيڪ ٿي ويندو، پر شڪر جو برف هلڪي هئي ۽ اسان هلندا رهياسين. ڪڏهن برف هجي ته ڪٿي وري مٿان سج پيو چمڪي. جڏهن برف پوندي رهندي آهي ته ان وقت جو ڪو ٻيو مزو نظر ايندو آهي. جيڪڏهن وري برف ختم ٿئي ۽ مٿان سج هجي ته سردين ۾ جنت جهڙي دنيا لڳندي آهي. سڀئي دوست، مٽ مائٽ سو به گهاٽا، ڀوڳ ٺڪاءُ ائين پيو محسوس ٿئي ته هي رستو ۽ وقت ڪڏهن به ختم نه ٿئي ۽ ماڻهو هلندو رهي. سموري سفر ۾ ڪنهن کي گهڙي پل لاءِ به ننڊ ڪو نه آئي. چوڏنهن ڪلاڪ مسلسل سفر کانپوءِ اهو گڏيل فيصلو ٿيو ته هاڻي اچي پيٽ ۾ گرڙاٽ ٿا ٿين. ڪٿي رات به رهجي ۽ ماني به کائجي. اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي State Alabama جي شهر برمنگهم Birmingham پهتاسين. پڇا ڳاڇا ڪرائي هڪ هوٽل ۾ اچي پهتاسين. اتان جو مئنيجر ديسي ڏسي خوشي ٿي. هن مرڪندي اچي good evening چيو، اسان به ان کي good evening ۾ ئي جواب ڏنو. خبر پئي ته هو ڀائو بنگالي آهي ۽ آمريڪا ۾ سالن کان پيو رهي. سو ڏاڍي خوش خير عافيت ڪري اسان کي ۳ / ۴ ڪمرا ڊسڪائونٽ تي ڏنائين. اسان ته ماني کائي وڃي بستري جي ڀر ورتي پر هدايت، نعمت ۽ اعجاز پنهنجي محفل کي ڄمايو. بنگالي بابو کي به کٽيءَ کنيون سو هدايت وارن جي ڪمري جو دروازو کڙڪائي اندر ويو، ته پڇان ته ڪا شيءِ جي ضرورت ته ڪانهي. ليڪن انهن جو کليل سامان ڏسي هن جي دل به هرکي پئي ۽ هدايت وارن جي دعوت کي رد نه ڪري سگهيو ۽ انهن جي محفل ۾ انهن جهڙو ٿي ويو. صبح جو اٿي تڙ وغيره ڪري نيرن جي ٽيبل تي پهتا ته هدايت، نعمت ۽ اعجاز پيا ڪنن ۾ سُس پُس ڪن، مرڪن ۽ وري کلن. اک کڻي مون ڏانهن نهارين ته مان پڇيو ته ڀائو ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪنهن تي پيا کلون ڪيو؟ پوءِ اچي ٽهڪن ۾ پيا ۽ سموري ڳالهه سربستي ڪري ٻڌايائون جيڪا هن ريت هئي.
سائين اسان محفل کي ڄمايون ويٺا هئاسين، ته بنگالي بابو کي به کٽي کڻي آئي ۽ اسان جو مهمان ٿيو. ڪلاڪ کن جي ويهڻ کانپوءِ جڏهن هڪ ٻي سان فري ٿي ويا ته هدايت کي اچي بنگالين سان همدردي شروع ٿي ۽ بنگالي بابو کي چوڻ لڳو ته؛ ڀائو آءِ لو يو I love you ۽ بنگالي ڀاءُ اوهان سان اسان جي ڪامورن ڏاڍا ظلم ۽ زيادتيون ڪيون هيون. ان لاءِ هدايت هن کان پيرين پئي معافي جو طلبگار آهي، جيڪڏهن هن کي معاف ڪيو ويندو ته اڄ ان جا احسان هميشه لاءِ ڪڏهن نه چڪائي سگهندو. نعمت ۽ اعجاز کلي کلي ساڻا ٿي پيا هئا. هدايت اڃا به قدم وڌيڪ اڳتي وڌايو ۽ بنگالي بابو کي چميون ڏئي ڏئي ڳاڙهو ڪري ڇڏيائين. هن کي اهو به چيائين ته؛ جيڪڏهن تون معاف نه ڪندين ته پوءِ (منهنجي ڪمري ڏانهن اشارو ڪري) چيائين، اتي گورنمينٽ جو پٺو سمهيو پيو اٿئي حساب چڪتو ڪري ننڊ ۾ ننڊ ڏئي اچينس ته حساب برابر ٿي ويندو، پر هدايت کي معاف ڪري. سائين پوءِ ته ٽيبل تي ڪير هجي جو کلي کلي ساڻو نه ٿيو هجي. اسان سڀني کي کلي کلي پيٽ سور پئجي ويو ۽ سڄي واٽ هدايت جي ان بنگالي کان معافي وٺڻ تي کلندا آياسين. ليڪن ان ۾ڪو به شڪ ڪو نه هيو ته بنگالي بابو ماڻهو ڏاڍو خاشو هيو ۽ کلندو رهندو هو. اسان کي آخر صبح جو سٺو ناشتو ڪرايائين ۽ ٻاهر اچي خدا حافظ ڪري موڪلايائين. جڏهن هاڻي اسان سڀ گڏ ٿيندا آهيون ۽ بنگالي بابو ۽ هدايت جي معافي وارو قصو نڪرندو آهي ۽ کل بيهڻ جي نه هوندي آهي.
صبح تي نيرن ڪري ۱۰ وڳي ڌاران اچي VAN ۾ ويٺاسين. آمريڪا جا سهڻا ۽ سٺا رستا، نقشي مان پوري خبر پئي ته هاڻي ايڏو پنڌ ڏور ناهي. اچي هوسٽن جي ويجهي ٿيا آهيون ۽ اڄ ٻين ٽين وڳي اتي پهچي وينداسين. ممتاز ۽ فاروق سان اسان اڪثر لهه وچڙ ۾ هياسين ۽ نعمت انهن کي حڪم ڪيو ته ڪجهه هو به اڳتي اچن ۽ اسان جو اچي آڌر ڀاءُ ڪن. اهو طئي ٿيو ته اهي ٻئي اسان کي Louisiana State اچي، ڪنهن هنڌ ملندا. هاڻي ايئن پيو لڳي ته لوسيانا اڳيان بيٺي آهي.
اسان کي اهو فڪر هيو ته انيتا فاطمه جيڪا اسان کان ڪڏهن هڪ پل به الڳ ڪو نه رهي هئي شايد اتي اڪيلي هزارن ڪوهن جي پنڌ تي ڏوراهين ڏيهه رهي به سگهندي الائي نه. اهو به وسوسو هيو ته اچڻ وڃڻ جو خرچ، فيسون وغيره ڀري اسان موٽي اچي آذربائيجان پهچون ته خبر پوي ته هن به واپسي جي ٽڪيٽ ڪٽرائي آهي. ليڪن جڏهن اهو قصو VAN ۾ نڪرندو هيو ته انيتا اسان کي دلجاءِ ڏيندي هئي، ته؛ ”بابا آءٌ سوچي سمجهي هتي داخلا وٺي، پڙهڻ آئي آهيان ۽ سڀئي ٻيڙيون ساڙي آئي آهيان. اوهان بلڪل منهنجي پرواهه نه ڪريو. بس دعائون ڏيندا رهندا ته سڀ ڪم آسان ٿي ويندا.“ ممتاز چوندو هو ته؛ ”ماما مان هتي آهيان. انيتا کي جيڪڏهن ڪا به شيءِ کپندي ته آئون ان وٽ هميشه حاضر هوندس. صرف ٽن ڪلاڪن جو پنڌ آهي.“ ۽ ڀوڳن ۾ چوندو هو ته؛ ”مين هون نا.“
آخر قصو ڪوتاهه، ته نعمت گاڏي کي جهاز جيان اڏاريندو پيو اچي. جڏهن لوسيانا جو بورڊ نظر آيو ته صرف ۱۰ ميل پري هيو، سڀني کڻي تاڙيون وڄايون. نعمت سڌو اچي اتان جي هڪ Casino تي بيٺو ۽ ڏٺوسين ته ممتاز ۽ فاروق به اتي پهچي چڪا هيا. ڏاڍا ڀاڪر پائي ملياسين Welcome ڪري اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيائون. جيئن ته منهنجي پٽ طارق جي عمر ننڍي هئي، ان ڪري هن کي هڪ ريسٽورينٽ ۾ ويهاري اسان سڀئي Casino ۾ گهڙي وياسين. ڇا ڏسون ته اتان جي دنيا ئي الڳ ۽ نرالي هئي. سڀڪو ئي پنهنجي پنهنجي راند ۾ لڳو پيو هجي. ٽيبل تي هڪ روپيو به نظر نه آيو هر ڪو پيو Chips چپس ڪائونٽر تان وٺي اچي ۽ کيڏي. اسان وارن شاهينگن به پٺتي ڪو نه گهٽايو. جڏهن ڪلاڪ کن کانپوءِ ڪن جا کيسا خالي ٿيا ۽ ڪن جا وري ڀريا ته ريسٽورينٽ ۾ اچي پيٽ پوڄا ڪئيسين. بل کٽندڙن جي حوالي ٿيو. لوسيانا کي الوداع ڪري، هوسٽن ڏانهن هلڻ شروع ڪيوسين. اٽڪل اڍائي ڪلاڪن ۾ اچي ممتاز جي گهر بيگون لاٿيونسين. حالي حوالي ٿي اهو طئي ڪيوسين ته سڀاڻي سمهي ڏاڍيون ننڊون ڪنداسين. ٻئي ڏينهن صبح جو انيتا جي يونيورسٽي هلنداسين ۽ اتان جون ضروري ڪارروايون پوريون ڪري اينداسين. اچو ته هاڻي هلون Ghost of San Antonio سڀني اهو فيصلو ڪيو ته ايندڙ هفتو وڏو Weekend آهي ۽ هالوئين به آهي. ڏاڍو لطف ايندو جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾ San Antonio پهچي اتان جي جنن ۽ ڀوتن جو ديدار يا انهن کي ويجهي کان ڏسي اچجي ته اهي ڇا ڇا ڪن ٿا؟ ڏسڻ ۾ اڇا يا ڪارا آهن يا پورا جن يا وري انگريز آهن. آخر اهو ڪهڙو کيل آهي جو San Antonio انهن کان مشهور آهي. انيتا کي مون ياد ڏياريو ته؛ بابا جيڪڏهن اڳ تو کي خبر هجي ها ته هتي جن هوندا آهن ته تون ڪڏهن به اتي جي يونيورسٽي ۾ داخلا نه وٺين ها. کلندي چيائين ته؛ بلڪل صحيح آهي. انيتا ٻن شين کان ڏاڍو ڊڄندي آهي. هڪ ته جنن کان ۽ ٻيو وري ڪاڪروچن کان. اگر گهر ۾ ڪاڪروچ نظر ايندو ته ان گهر کي کليل ڇڏي ڀڄي ويندي، پوءِ ڇا به ٿئي. جيستائين اهو يقين نه ٿيندس ته اهو ڪاڪروچ ماريو ويو آهي.
آچر موڪل جو ڏينهن هو. اعجاز کي چيوسين. اهو به آيو. هڪ وين VAN ڪرائي تي ڪري سڀئي نڪتاسين San Antonio جو سير ڪرڻ. اتان جا جن ۽ ڀوت ڏسڻ. فيصلو اهو ٿيو ته پهريان ڀوتن ڏانهن هلبو ۽ پوءِ وري St. Marry University جتي انيتا Post Graduate ڪئي هئي، يادون تازيون ٿي وينديون. ان کان Centre of City جتي River walk مشهور آهي. هيءَ هڪڙي ندي آهي، جيڪا شهر جي اندران ئي اندران پئي هلندي آهي ۽ ٻيڙين وارا ان کي ملائي، پنهنجو روزگار ڪندا آهن. ماڻهو به شهر جو سير ڪري وٺندا آهن ۽ ڪيترا ماڻهو وري پيدل ان جو مزو وٺندا آهن.
بغير ڪنهن جي پڇڻ جي، اچي جنن ۽ ڀوتن وٽ پهتاسين. اسان کي جن ڀوت ته ڪو نه نظر آيا البته انهن جا ايڪشن سو ضرور ڏٺاسين. اهو ته اوهان کي ٻڌايون ته اتي ڇا ٿيندو آهي. هن جڳهه تي هڪڙو روڊ آهي، جيڪو ريلوي ٽريڪ جي مٿان ٿي ۽ پوءِ سامهون روڊ کي بند ٿو ڪري ۽ اهو روڊ ريل جي ٽريڪ سان لڳو لڳ پيو هلي. اتي اهو مشهور آهي ته ۸۰/ ۷۰ سال اڳ، هڪڙي اسڪول بس، ٻارن کي کنيو اسڪول پئي وئي. جڏهن اها ريلوي ٽريڪ تي پهتي ته ريل اچي اسڪول بس کي لڳي. جتي اٽڪل ۱۵/۱۰ اسڪول جا ٻار مري ويا. هاڻي اها ريل بند آهي ۽ ريل ٽريڪ ويران. ڪا به ٽرين ان ٽريڪ مٿان ڪو نه ٿي هلي. اتان جي رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته؛ جيڪڏهن رات ٿيندي آهي ته ٻارڙن جي دانهن ۽ رڙين جو آواز، انهن کي چڱيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڪا به گاڏي اتي بيهاربي آهي ته اها گاڏي ان ٽريڪ ڏي خود به خود هلڻ شروع ڪندي آهي. اهو اسان کي به يقين ڪو نه پئي آيو، جڏهن ان رستي ۽ ٽريڪ تي پهتاسين ته هڪ وين ۾ ڪيترا ئي ماڻهو اٿي بيٺا هئا. انهن کي ديسي ڏسي هيلو هاءِ ڪيائون. انهن مان هڪ ڇوڪري ٻڌايو ته؛ اسان سڀن کي اڳ ته يقين ڪو نه ٿي آيو پر هاڻي يقين ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
ممتاز گاڏي کي اٽڪل ۲۰/۱۵ فوٽ ٽريڪ کان پري بيهاريو. ڪجهه منٽن کان پوءِ بريڪ تان پير هٽايائين ته VAN پنهنجو پاڻ، ان ٽريڪ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي ان جي اسپيڊ وڌندي وئي. ٽريڪ ڪراس ڪري، وري اها گاڏي ٽريڪ تان موٽائي روڊ تي بيهاري. جيڪا وري به اٽڪل ۲۵/۲۰ فوٽ ٽريڪ کان پري هئي. هاڻي گاڏيءَ جو منهن ٽريڪ ڏانهن ابتڙ هو. اهو به اوهان کي ٻڌائجي ته جيڪڏهن اوهان روڊ جي جوڙجڪ کي ڏسندا ته روڊ ڪجهه ٽريڪ طرف مٿانهون آهي ۽ ابتڙ طرف هيٺاهون آهي. هجڻ ته ائين کپي ته گاڏي هيٺاهين ڏانهن هلڻ کپي نه وري مٿانهين ڏانهن. ليڪن گاڏي کي بلڪل بند ڪري چاٻي ڪڍي، هينڊ بريڪ هڻي، سڀئي ٻاهر نڪري آياسين. مان وڃي گاڏي ۾ چاٻي ۽ هينڊ بريڪ هلڪو ڪيو ته گاڏي ٽريڪ واري مٿانهين ڏانهن هلڻ شروع ٿي. اهو تجربو هڪ هڪ ماڻهو ڪيو ته هر ڀيري گاڏي پٺتي ٽريڪ ڏي پئي هلي. توڙي VAN کي سڌو بيهارجي يا الٽو. سڀئي ماڻهو اچرج ۾ هجن ته هي ڇا پيو ٿئي ۽ اهو ته Law of Nature جي برخلاف آهي ته گاڏي کي هيٺانهين ڏي وڃڻ کپي نه ڪي مٿانهين ڏانهن. انڊين ماڻهن اهو به ٻڌايو ته؛ اسان پاڻي جي ڀريل بوتل وچ ٽريڪ تي هاري هئي ته پاڻي ٽريڪ جي مٿانهين ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. اسان وٽ به پاڻي جي بوتل هئي ۽ جڏهن پاڻي روڊ تي هاريوسين ته اهو پاڻي به ان ٽريڪ ڏانهن هلي خشڪ ٿيڻ لڳو. انهن انڊين ماڻهن مان هڪ Scientist هيو. ان چيو ته؛ هو انهن ڳالهين تي بلڪل يقين ڪو نه ڪندو هو. ليڪن اڄ هتي اچي يقين ڪرڻو پوي ٿو ته ڪا طاقت ضرور آهي جيڪا گاڏين کي هيٺانهين نه پر مٿانهين پٺتي ٽريڪ طرف ڌڪي ٿي. انهن انڊين اهو به ٻڌايو ته جڏهن گاڏي بيٺي هجي ۽ ان جي شيشن تي پائوڊر ڇٽڪايو وڃي ته پوءِ گاڏي جڏهن ٽريڪ تان گذري ويندي ته ٻارڙن جي هٿن جون آڱريون ان پائوڊر تي نظر اينديون، پوءِ اسان اهو به ڪيو ۽ انهن انڊين به ڪيو، پر اهي آڱرين جا نشان اسان کي نظر نه آيا.
سو جيڪڏهن اوهان جو به San Antonio وڃڻ ٿئي يا وري ڪو اوهان جو اتي دوست يا مٽ مائٽ رهندو هجي ته اهو وڃي اکين سان مشاهدو ڪري اچي، اوهان سان ان جو احوال اوري ته ڇا هيءَ جيڪي مون لکيو آهي حقيقت آهي يا افسانو.

No comments:

Post a Comment